Home / اسپيشل افيئر / کوکڙو پار _ موڻا بائو ريل رستو کولڻ ۾ آمريڪي دلچسپي ڇو؟
above article banner

کوکڙو پار _ موڻا بائو ريل رستو کولڻ ۾ آمريڪي دلچسپي ڇو؟

Naseer Ejazآمريڪا سرڪار سنڌ ۽ ھند وچ ۾ کوکڙو پار _ موڻابائو ريلوي رستو کولڻ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي آھي. سندس اِھا دلچسپي اوچتي يا نئين ته ڪانھي پر منظرِعام تي ھاڻي اچڻ شروع ٿي آھي. تازو ڪراچيءَ واري آمريڪي قونصلخاني جي سينئر اِڪنامڪ آفيسر رچرڊ بيڪويل خاص طور ان لاءِ حيدرآباد جو دورو ڪيو ۽ سنڌ آبادگار بورڊ، حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس، ھول سيل فروٽ مرچنٽس اينڊ ڪميشن ايجنٽس ائسوسيئيشن جي اڳواڻن ۽ ٻين شخصيتن سان گڏجاڻيون ڪيون. ھڪ اخباري اطلاع موجب آمريڪي عملدار جو چوڻ ھو ته ھُو کوکڙو پار_موڻابائو ريل رستو کولڻ جي حوالي سان ماڻھن جي راءِ معلوم ڪرڻ آيو آھي. ھُو فرمائي ٿو: “آمريڪا جي سدائين ڪوشش رھي آھي ته پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ بھتر واپاري لاڳاپا رھن ۽ ٻنھي ملڪن جي معيشت مضبوط ٿئي.” آمريڪي عملدار جو خيال ھو ته اھو بارڊر کولڻ سان ٻنھي ملڪن کي فائدو ٿيندو.

کوکڙوپار واري ريل رستي ۾ آمريڪا جي دلچسپي ڏسي انگريز سرڪار جو زمانو ياد اچي ٿو جنھن پنھنجي اقتصادي مفادن خاطر ريلوي لائينون وڇائي سنڌ کي اُن مھل ڀارت جي ڪُنڊ ڪُڙڇ سان ڳنڍي ڇڏيو ھو جڏھن اڃا ڪنھن به مسلمان کي پاڪستان جو خواب نظر ڪونه آيو ھو ۽ اھي انگريز سرڪار جا نه رُڳو سلامي ھئا پر “ساري جھان سي اڇا، ھندستان ھمارا” جھڙا گيت ڳائيندا وتندا ھئا.

سنڌ ته ھونئن به تاريخي طور ھندستان، چين، سينٽرل ايشيا، روس ۽ يورپ لاءِ ڪاروبار واسطي “گيٽ وي” جي حيثيت رکندي آئي آھي. سنڌ جا بندر، سنڌو ندي، اُن جا ٻئي ڪنارا آبي ۽ زميني لنگھه ھئا جتان اُٺن ۽ ٻيڙن رستي پنجاب، افغانستان، چين، سينٽرل ايشيائي ملڪن ۽ روس تائين ڪاروبار ھلندو ھو. اھڙي طرح ٿر واري پاسي کوکڙو پار ھندستان جي ڏورانھن علائقن تائين واپار جو اھم رستو ھو. سنڌ جي انھيءَ اھميت بابت ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي عملدار ٽِي پوسٽنس پنھنجي ڪتاب “پرسنل آبزرويشنس آن سنڌ” ۾ 1839 ۾ لکيو ھو ته “سنڌ، انڊيا ۽ سينٽرل ايشيا لاءِ واپار جو وڏو لنگھه آھي ۽ انھن ملڪن جا واپاري مفاد ھتي ئي پورا ٿين ٿا.” ھن پنھنجي ڪتاب ۾ ان زماني ۾ سنڌ ذريعي ٿيندڙ ڪاروبار جا مڪمل تفصيل ڏنا آھن. کوکڙو پار رستي بابت به ھو لکي ٿو ته: ھندستان جي مختلف علائقن لاءِ ھن رستي کان گيھه ۽ ٻيو سامان ويندو ھو. may-15-2014 (34)

تاريخ ٻُڌائي ٿي ته سنڌ کي سندس ان ڪاروباري لنگھه واري حيثيت سبب “سِلڪ رُوٽ” جو اھم حصو قرار ڏنل ھو. تازو سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ پاران ڪرايل بين الاقوامي سيمينار “سنڌ صدين کان” ۾ انڊيا مان آيل خاتون اسڪالر سُمن سونڪر به “سنڌ ذريعي سِلڪ رُوٽ جي بحالي” جي موضوع تي ھڪ مقالو پڙھيو ھو جنھن ۾ ھن تاريخ جا حوالا ڏيندي ٻڌايو ھو ته ٻُڌ واپارين چين کان سنڌ جي سمنڊ رستي ريشم جو واپار ڪري قديم سِلڪ رُوٽ کي ترقي وٺرائي ھئي. “سِلڪ رُوٽ يا روڊ جون ٻه شاخون ھيون. ھڪ اُتر پاسي يورپ ڏانھن ويندي ھئي ۽ ٻي ڏکڻ پاسي سنڌ تائين،” سُمن تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ھو ۽ اڄ به ان لنگھه جي ساڳي اھميت ھئڻ بابت ويچار ونڊيندي چيو، “گلوبلائيزيشن جي نتيجي ۾ ايشيا ھڪ نھايت اھم اقتصادي قوت طور ٻيھر اُڀري آيو آھي ۽ دنيا کي ھتي بھتر مواصلاتي ذريعا گھرجن. ان سان علائقائي ۽ بين الاقوامي ڳانڍاپا وڌندا ۽ سرحدن پار سامان جي تيز ۽ بنا روڪ اچ وڃ ٿي سگھندي. بھتر ٽرانسپورٽيشن نيٽ ورڪ ذريعي ھن خطي جا ملڪ ڳنڍجي ويندا ۽ انھن جا مارڪيٽ وسيع ٿي ويندا جنھن سان معيشتون ترقي ڪنديون.” انڊين اسڪالر واپاري لنگهه جي حوالي سان ٿر واري رستي جو به حوالو ڏنو ھو، جنھن تي اجلاس جي خاص مھمان سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاھه پنھنجي تقرير ۾ چيو ھو ته سنڌ ڪاروبار جي مقصد سان کوکڙوپار رستي کي کولڻ جي حق ۾ آھي جو ان سان صوبي جي معيشت کي فائدو ٿيندو. ھن بھرحال افسوس ڏيکاريو ھو ته پاڪستان جي پاسي کان کوکڙوپار سرحد تي ڪابه سھولت ڪانھي. ايتريقدر جو نه اميگريشن جي سھولت آھي ۽ نه ئي مسافرن جي ويھڻ لاءِ ڪو انتظام، جڏھن ته ھندستان واري پاسي اھي سڀ سھولتون موجود آھن.

سنڌ جي کوکڙو پار واري سرحد کولڻ بابت سنڌين جي مختلف راءِ آھي. ھڪڙا ان کي کولڻ جا مخالف آھن ته ٻيا ان جا حامي. مخالفن کي تمام گنڀير قسم جا انديشا آھن جو ان رستي کان ھندستان مان غيرقانوني ماڻهن جون وڏيون لوڌون اينديون رھيون آھن جنھن جي ڪري سنڌ جي آباديءَ جو توازن به خراب ٿيو ته سنڌين جي معاشي وسيلن ۽ روزگار تي به اثر پيو. جڏھن مشرف جي زماني ۾ 2006 ۾ ريلوي لائينن جي مرمت ڪري ڪراچيءَ کان کوکڙو پار تائين ٽرين سروس شروع ڪئي وئي ته ان وقت به سنڌ جي قومپرست ڌرين ان جي سخت مخالفت ڪئي ھئي. ھي اھو رستو آھي جنھن ذريعي ھندستان مان لکين ماڻھو آيا. حڪيم سعيد ۽ ڊاڪٽر عبدالقدير خان به ان رستي کان سنڌ آيا ھئا. پر ان جي اُبتڙ سنڌ جي ڪاروباري ماڻھن جا مطالبا ھئا ته ان رستي کان ھندستان سان واپار جي به اجازت ڏني وڃي. مثال طور ايوانِ زراعت سنڌ مارچ 2013 ۾ ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ ٺھراءُ پاس ڪري گھُر ڪئي ھئي ته کوکڙو پار رُوٽ کوليو وڃي ته جيئن سنڌ جا آبادگار انڊيا سان زرعي شين جو ڪاروبار ڪري سگھن. سال 2012 ۾ ته سنڌ جي روينيو بورڊ وفاقي سرڪار کي تجويز موڪلي ھئي ته کوکڙو پار ريلوي اسٽيشن تي ٽريڊ ٽرمينل قائم ڪيو وڃي پر اُھا تجويز منظور نه ڪئي وئي. ان تجويز ۾ اھو به چيو ويو ھو ته لاھور واري واھگه بارڊر وانگر کوکڙو پار کان اڳتي زيرو پوائنٽ تي پاڪ_ انڊيا گيٽ ٺاھيو وڃي. جڏھن مرحوم محمد خان جوڻيجو وزير اعظم ھو ته سندس حڪومت به کوکڙو پار ۾ اميگريشن آفيس قائم ڪرڻ جو سوچيو ھو پر جنرل ضياءَ ان پلان کي رد ڪري ڇڏيو ھو. ھاڻي وري وفاقي سطح تي کوکڙوپار ريلوي رستي کي کولڻ جو چوٻول آھي. سيپٽيمبر 2013 ۾ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ به ٻڌايو ويو ھو ته واپار جي لاءِ حڪومت اھو رستو کولڻ جو فيصلو ڪيو آھي ۽ جلد ئي ڳالھيون شروع ڪبيون ته جيئن ڪو مڪينزم تيار ڪري سگھجي.

انگريزن 1858 ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين وڇائڻ شروع ڪئي ھئي ۽ 1861 ۾ پھرين ٽرين ھلڻ شروع ٿي. ان کانپوءِ اھو ريلوي نيٽ ورڪ وڌندو ويو. ان وقت کوکڙو پار ذريعي سنڌ کي ھندستان سان ڳنڍڻ جا مطالبا به ڪراچيءَ جي واپارين ڪيا ھئا جو ڪراچيءَ کان لاھور ۽ اُتان ھندستان ڏانھن مال موڪلڻ تي وڏو خرچ ٿي آيو. واپارين جو خيال ھو ته ريلوي لائين کي کوکڙو پار رستي جوڌپور، گجرات ۽ راجستان تائين وڇايو وڃي. ايئن انگريز سرڪار اھا ريلوي لائين وڇائي ۽ 1870 ڌاري کوکڙو پار ۾ ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي. ھندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ 1965 واري جنگ تائين ٻنھي ملڪن وچ ۾ ريل گاڏين جي اچ وڃ جاري ھئي. ان کانپوءِ ته ريلوي لائينون ئي تباھه ٿي ويون جو نيٺ مشرف جي حڪومت انھن جي مرمت ڪرائي ھفتي ۾ ھڪ ٽرين ھلائڻ شروع ڪئي. سنڌ جي قومپرستن جا انديشا ان وقت به صحيح نڪتا جو ھر ھفتي ھندستان مان لوڌون سنڌ ڏانھن اينديون رھيون آھن.

ڌارين جي لوڌن سبب سنڌ ان ريل رستي جي کولڻ واري معاملي تي ورھايل آھي. سنڌ جي ماڻھن کي کوکڙو پار رستو کولڻ تي اعتراض نه ٿئي ھا جيڪڏھن پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھيل تائين غيرقانوني لوڌُن کي روڪڻ جا ڪي جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن ھا، ڇو ته باقي ھر لحاظ کان پاڙيسري ملڪ سان مواصلاتي رابطو فائديمند ئي ثابت ٿئي ھا. ھاڻي به سنڌ جا آبادگار ۽ واپاري اھو ريل رستو کولڻ جي حمايت ڪن ٿا، ان جو ڪارڻ به معاشي مفاد ئي آھن. پر جيڪا ڳالھه ڇرڪائي ٿي، سا آھي عالمي قوتن جو انھن معاملن ۾ پوڻ. مثال طور چين گوادر ۽ ڪراچيءَ کي ھاءِ وي رستي ڪاشغر سان ڳنڍڻ گھري ٿو ته جيئن اُلھندي چين کي ترقي وٺرائي سگھي. چين جو علائقو ڪاشغر سندس ئي پنھنجي اُڀرندي سمنڊ کان 3500 ڪلوميٽر پري آھي. جڏھن ته گوادر ۽ ڪاشغر وچ ۾ ڪل 1500 ڪلوميٽرن جو پنڌ آھي. اھڙي طرح شنگھائيءَ وارو بندر چين جي صنعتي علائقن کان 4500 ڪلوميٽر پري آھي. چين ھاءِ وي جي ان سڄي رٿا تي پئسو خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آھي. ھُو ته پاڪستان تائين ريلوي لائين به وڇائڻ گھري ٿو جنھن سان پاڪستان جو ڳانڍاپو نيپال ۽ تبت تائين ٿي ويندو. ان صورتحال ۾ ھاڻي آمريڪا کوکڙو پار ريلوي رستي ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي آھي ۽ لازمي طور ان ۾ پنھنجي اقتصادي مفادن کي آڏو رکي پوءِ ئي اھي سرگرميون شروع ڪيون آھن. ڪراچي بندر توڙي قاسم بندر اڳ ئي آمريڪا جي ڪنٽرول ۾ آھن جتي جنرل ضياءَ جي زماني کان وٺي بندرن جا اھم حصا آمريڪي انتظام ھيٺ آھن جتي پاڪستان جي ڪسٽم اختيارين کي به مداخلت جي اجازت ڪانھي. جيتوڻيڪ حيدرآباد ۾ آمريڪي عملدار صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سندس ملڪ کي کوکڙو پار _ موڻا بائو ٽريڊ ڪاريڊور کولرائڻ لاءِ ٻنھي ملڪن وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ جي ضرورت ناھي، پر حقيقت ھيءَ آھي ته پندرھن ويھه ورھيه اڳ ھڪ آمريڪي اداري جي ٽاسڪ فورس پنھنجي رپورٽ ۾ آمريڪي حڪومت کي انڊيا ۽ پاڪستان لاءِ نئين پاليسي ٺاھڻ واسطي جيڪي سفارشون ڏنيون ھيون تن ۾ واضح طور چيو ويو ھو ته ننڍي کنڊ ۾ آمريڪا جا اقتصادي مفاد آھن ۽ ايندڙ وقت ۾ انڊيا ۽ آمريڪا وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا اڃا به وڌنڌا. اقتصادي قوت طور چين جي وڌندڙ اثر سبب به آمريڪا کي انڊيا سان لاڳاپا وڌائڻا آھن جڏھن ته سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ انڊيا ۽ چين وچ ۾ لاڳاپا سڌرڻ جي باوجود انڊيا کي پنھنجن مفادن جو به خيال رکڻو آھي.

تازو انڊيا ۾ به اقتصادي ماھرن ۽ صحافين کوکڙو پار موڻا بائو ريل رستو کولڻ جي حمايت ۾ لکڻ شروع ڪيو آھي. فنانشل ٽائمز ۽ دي ھندو اخبارن ۾ ڇپيل مضمونن موجب اھو رستو کولڻ سان ٻنھي ملڪن جو واپار (صرف سنڌ _ راجستان رستي) ساليانو چاليھه ارب ڊالرن تائين وڌي سگھي ٿو. ان ٽريڊ ڪاريڊور کُلڻ سان نه رُڳو انڊيا کي فائدو ٿيندو پر سنڌ کي به ٿيندو جو ھتان جي بصر، پٽاٽن، ٽماٽن، ميون، ٽيڪسٽائيل ۽ ٻين شين جي انڊيا ۾ گھڻي گھرج آھي. 1965 جي جنگ تائين انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ستر سيڪڙو ڪاروبار زميني رستن ذريعي ٿيندو ھو جڏھن ته ھاڻي ڪراچيءَ کان سامونڊي رستي ڪجھه ڪاروبار انڊيا سان جاري آھي. ڏسڻو اھو آھي ته پاڪستاني اختياريون ۽ عالمي قوتون ڪھڙو فيصلو ڪن ٿيون، ڇو ته فيصلو ڪرڻ جي سگھه ۽ اختيار سنڌين وٽ ڪونھي.

ليکڪ سينيئر صحافي ۽ دانشور آهي، هي ليک خاص طور “افيئر” لاءِ لکيائين

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو