Home / افيئر / آتم ڪٿا ڊاڪٽر مبارڪ علي جي دنيا !
above article banner

آتم ڪٿا ڊاڪٽر مبارڪ علي جي دنيا !

حميد سبزوئي

                        عالم، دانشور ۽ تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي جي سڃاڻپ ڪرائڻ ڄڻ سج کي آئينو ڏيکارڻ جي برابر آهي. هن سنڌ يونيورسٽي کي پنهنجي حياتي جا 27 سال ڏنا آهن پر علم ۽ دانائي جي ڳولا ۽ ڦهلاءَ لاءِ سڄي حياتي ارپي ڇڏي آهي ۽ پنهنجي ڄاڻ، ڏاهپ ۽ تاريخ شناسي واري دانائي جي سخاوت ڪندي اسان کي لڳ ڀڳ سٺ ڪتاب ڏنا آهن. نورنچوئڻ، اوجاڳا ڪرڻ ۽ دانش جي اهڙي سخا کي لک سلام.

                        ڊاڪٽر مبارڪ جي آتم ڪهاڻي “ منهنجي دنيا ” هن جي حياتي ۾ جهاتي پائڻ جو ٻيون جلد آهي. ان کان اڳ هن “ دردر ٺوڪر کائي ”  جي سري سان ان جو پهريون جلد لڳ ڀڳ پندرهن سال اڳ لکيو هو. اهو ڪتاب به پڙهڻ جهڙو آهي ۽ جيئن عنوان مان پڌرو آهي، دلين ۾ جهير وجهي ڇڏي ٿو. بيشڪ 60 -65 سالن کان پوءِ به ورهاڱي جا وڍ نه ڇٽا آهن. جنهن ۾ زمين سان گڏ، انسانن، رشتن، ناتن ۽ محبتن کي به ڪرٽ سان ٻه اڌ ڪيو ويو هو.

                        ڊاڪٽر مبارڪ علي چواڻي  ته هن هي ڪتاب هن پنهنجي ننڍي ڌيءَ “نين تارا” جي چوڻ تي لکيو آهي، ڇاڪاڻ جو آتم ڪهاڻي جي پهرين جلد ۾ ان جو ذڪر نه هو، انهي ڪري هن چاهيو ته مان ان جو ٻيو جلد لکان، جنهن ۾ سندس جو ذڪر هجي، ۽ هن ڪتاب جو انتساب به ساڳي ڌيءَ جي نالي ڪيل آهي.

                        ڪتاب جا 12 باب آهن، جيڪي پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته هن پنهنجون يادگيريون نهايت ايمانداري سان ، دل ۽ روح جي روشنيءَ ۾ ويهي لکيون آهن، جنهن ۽ “بيقراريءَ” واري باب ۾ ڏاڍي ڀلي ڳالهه ڪئي اٿس ته ” شايد قرار ان وقت اچي ٿو جڏهن سوچڻ ڇڏي ڏجي، اگر ذهن سوچڻ ۾ رڌل هجي ته پوءِ قرار ڪٿي…. ايئن موت جو ذڪر به  پنهنجي ڍنگ سان ڪيو اٿس، لکي ٿو ” موت جو خيال عمر جي پختگي کان پوءِ اچي ٿو……. ڇو جو زندگيءَ ۾ ڪجهه ڏٺو نه هوندو آهي، انهي ڪري زندگي ۽ موت جو فرق گهڻو اهم نه هوندو آهي، پر جيئن جيئن عمر وڌي ٿي، زندگي ۾ پختگي اچي ٿي، ايئن زندگي سان لڳاءُ وڌندو وڃي ٿو، ان وقت موت جو شعور به پيدا ٿئي ٿو پر انسان زنده رهڻ چاهي ٿو. موت جي خواهش ان وقت جنم وٺي ٿي، جڏهن پيري ان حد تائين پهچي، جو انسان ٻين جو محتاج ٿي وڃي، ان وقت موت سڀني مامرن جو حل هوندو آهي، پنهنجي لاءِ به، ته خاندان لاءِ به !!

                        ايئن کوڙ ساريون سٽون آهن جيڪي نه رڳو انڊر لائين ڪرڻ جهڙيون آهن ، پر پنهنجي ڊائري ۾ لکڻ ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جوڳيون آهن.ان کان پوءِ اسان “کي منهنجي دنيا “ وارو مضمون ملي ٿو، جنهن ۾ به سادي ٻولي ۽ دل جي سوجهري ۾ ڪيل ڳالهيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. ان ۾ شايد هڪ ميار يا شڪايت به ملي ٿي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته “ اهو به هڪ مفروضو  آهي ته محنت سان سڀ ڪجهه پلئه پوي ٿو. ڪيترا ماڻهو آهن، جيڪي محنت ڪن ٿا پر انهن کي سازگار حالتون نه ٿيون ملن ۽ سندن پورهيو اجايو وڃي ٿو” ۽ پوءِ سماج يا معاشري جو درست تجزيو ڪندي ڪيترا نه اهم جملا لکيا اٿس .“ جڏهن سماج ۾ دولت، عزت، وقار ۽ مرتبي جو بنياد بڻجي وڃي ته فرد جي ايمانداري ۽ ديانت جي اهميت نه رهي ته پوءِ ماڻهو ان صورت ۾ هر جائز ۽ ناجائز طريقي سان دولت حاصل ڪري باعزت ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ ان ڊوڙ ۾ جيڪي ڪامياب ٿي ويندا آهن، اهي ماڻهن لاءِ “ رول ماڊل” بڻجي ويندا آهن” اتان پوءِ هن  سماج جو ڀرپور تجزيو ڪيو آهي، جڏهن ايمانداري ۽ ڪردار ماڻهو جي پريشاني جو سبب بڻجي پون ٿا ۽ سماج انهن سان هڪ معذور انسان جهڙو سلوڪ ڪري ٿو  ڪتاب پڙهندي کوڙ سارن هنڌن تي احساساتي جملا ماڻهو جي ذهن ۽ ضمير کي جهنجهوڙي جڏين ٿا ۽ ماڻهو سوچي ٿو ته ، انتهاپسندي، رشوت، اقرباپروري ۽ قدرن جي زوال وارو هي سماج ڇا رهڻ جي لائق رهيو آهي !؟ ايئن هو پنهنجي مشاهدي ۽ تجربي سان گڏوگڏ تاريخ بابت پنهنجي مطالعي جي نچوڙ سان به اسانجي سڃاڻپ ڪرائي ٿو.

                        سندس“ ملازمت وارو باب ڏاڍو دل ڏکوئيندڙ آهي سماج جو سوچيندڙ، باضمير ۽ داناع“ انسان ڪيئن پنهنجي روزاني جي جستجو ۾ سوين پريشانيون پلوَ ۾ ٻڌي ٿو.منهنجي خيال ۾ ان باب مان هڪ سٽ لکڻ ئي ڪافي ٿيندو، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته “ “منهنجي ويجهو هڪ ملازم ۽ ملزم ۾ ڪو گهڻو فرق ڪونهي، ٻئي ڊنل رهن ٿا ته انهن کي به ڪٿي مجرم نه بڻايو وڃي” هن ڪيتريون ملازمتون ۽ ڪم ڪيا آهن جو ڏاڍو دلچسپ احوال بيان ڪيو اٿس.

                        ان بعد اسان کي هڪ ڀلوڙ باب دوستي پڙهڻ لاءِ ملي ٿو، جنهن ۾ هن سنڌ جي سٻاجهي فرزند ظفر حسن کي دل سان ياد ڪيو اٿس، ايئن پنهنجي سڀني وڇڙي ويل دوستن جا نالا کڻي انهن جون ساروڻيون سڪ مان ويهي بيان ڪيون اٿس. نامور عالمي دانشور حمزه علوي کي پنهنجي سخاوت واري مزاج سميت ياد ڪيو اٿس، ته هو ڪيئن سندس بيروزگاري واري زماني ۾ پرگهور لهندي هن جي کيسي ۾ چاليهه يا پنجاهه هزار وجهي ڇڏيندو هو . حمزه علوي سنڌ جو اهو گهڻ پڙهيو ۽ سڄاڻ عالم هو جنهن جا ڪتاب سنڌ جي سڀني سياسي ڪارڪنن کي پڙهڻ گهرجن، جهڙي ريت هن رياست جو دانشوراڻو تجزيو ڪيو آهي، اها جرئت به تمام ٿورن ماڻهن ۾ هوندي. ڊاڪٽر مبارڪ علي چواڻي ته حمزه علوي جو مارڪسزم تي ڏاڍو گهرو مطالعو هو پر هو ان کي تجزئي جي طور تي استعمال ڪندو هو ۽ ان جي ثبوت طور سندس اها ڳالهه لکي سگهجي ٿي ته هن ڊاڪٽر مبارڪ علي کي چيو هو ته ڪائوٽڪي جو مارڪسزم تي لکيل ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي ۽ ان ڪتاب واسطي جيڪڏهن جرمني ٻولي به سکڻي پوي ته سکڻ گهرجي. ان بعد هو اسانکي پنهنجي علمي سفر ۾ شامل ڪري ٿو ۽ علم جي جستجو ۽ ڪتاب جي مطالعي ۽ انهن جي اثرن بابت ڄاڻ ڏئي ٿو، جنهن ۾ هو علم جي جستجو ۾ سچائي  حق جي تلاش ۽ حاصلات بابت ڏاڍو ڀرپور جملا لکي ٿو “ جڏهن سچائي جي ڳولا ڪئي وڃي ۽ اها اوهان کي نه ملي ته توهان گهڻو مايوس ٿي وڃو ٿا ۽ جيڪڏهن سچائي کي حاصل ڪري وٺو ۽ عمل نه ڪريو ته توهان اڪيلائي جو شڪار ٿي وڃو ٿا، علم اوهان جو سڪون ۽ اطمينان کسي وٺي ٿو. تمام گهٽ ايئن ٿيندو آهي ته ڪو ڏاهو سچائي حاصل ڪري وٺي ۽ پرسڪون ٿي وڃي، ورنه اهو نه ختم ٿيڻ واري جستجو جو سلسلو آهي ” ۽ هو هن باب ۾ پنهنجي شعوري ۽ علمي سفر جي ارتقا، ڪتابن، ليکڪن، ناولن ۽ ڏاهپ ڀريل تفصيلن ۾ اسان کي شامل ڪري ٿو، سچ ته اهو باب ڏاڍو ڀرپور ۽ علم جي اڃايلن لاءِ نون علمي ذخيرن جي دريافت جو ڏس پتو آهي.

                        ان کان پوءِ “ منهنجي تاريخ نويسي ” تاريخ جا اثرات”  “هندستان، سان رابطو” “آمريڪا جي دنيا” تلخ نوائي” ۽ تاثرات” آهن جيڪي سڀ جا سڀ هڪ عالم ۽ جهانديده انسان جي قلم مان نڪتل سٽون آهن، جيڪي نه رڳو سندس زندگي جي چئوطرف ڦرندي ان بابت اسان کي ڄاڻ ڏين ٿيون پر هن دنيا ۽ ان ۾ رهندڙ انسانن، انهن جي مزاج ۽ روين کي پروڙ ڻ ۾ به وڏي مدد ڏين ٿيون. آخري ڳالهه ته ڊاڪٽر مبارڪ علي جي جهان ۾ جهاتي پائيندي اوهان کي گهڻو ڪجهه پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ملي وڃي ٿو.

                        ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا اڄوڪي ڏڪار واري زماني ۾ هڪ ايماندار، پرخلوص ۽ ڀلوڙ انسان جي جڳ بيتي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي شعوري ارتقا ۽ زندگي جي مختلف پرتن، لڳ لاڳاپن ۽ ذهني ڪيفيتن جو بي باڪيءَ سان احوال ڏنو آهي. هڪ هنڌ پنهنجي ڪتاب جو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ وڪري تي تجزيو ڪندي لکيو اٿس ته شايد محروم ۽ استحصال جو شڪار، انسان وڌيڪ ڄاڻ جي ڳولا ۾ هوندا آهن. ايئن شيخ اياز واري پنهنجي حياتيءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ هڪ ٻي شڪايت ڪئي هئي ته اڄڪلهه سنڌي نوجوان منهنجي ڪتابن ڏانهن گهڻو ڌيان نه ٿا ڏين شايد مان انهن جي مسئلن ۽ مونجهارن بابت نٿو لکان !؟ ايئن قيمتي ۽ درست ڄاڻ جي ڏڪار وارن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ علي جا ڪتاب گهڻو اتساهه حو ۽ اعتماد بخشين ٿا. هن جي آتم ڪٿا جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان ۾ هڪ قسم جي نماڻائي ۽ نهٺائي آهي، جيڪا سنڌي صوفياڻي مزاج جي دين آهي، هن رضا علي عابدي وارو اهو جملو ته ناهي لکيو ته “ آتم ڪهاڻي لکڻ کان مان انهي ڪري ڊڄندو آهيان جو ان ۾ “ مان” تمام گهڻي هوندي آهي جي  پر جي ڪٿي “ مان آهي به سهي ته پڙهندڙ کي محسوس نه ٿي  .سچ ته نه ته رضا علي جي آتم ڪٿا ۾ “ مان” آهي ۽ نه وري ڊاڪٽر مبارڪ علي آتم ڪهاڻي ۾ آهي ۽ ٻيو آ پ بيتي ، لاءِ اهو به چيو ويندو آهي ته ان ۾ يا ته “ آه” هوندي، واهه” پر ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا انهن  ٻنهي عيبن کان آجي آهي ۽ ان ۾ نه ته ڪوش ڪائيتي لهجو آهي ۽ نه وري پاڻ پڏائڻ واري ماجرا آهي. سچ ته سيبتين ڳالهين جي ڀريءَ جهڙو هي ڪتاب ويجهڙ ۾ ڇپيل سٺي آتم ڪٿا آهي. جنهن ۾ نه علمي هام آهي ۽ ڪا منجهس ڊاڙ آهي ۽ نه ڪي ڪنهن جي غيبت جي ڀرمار آهي. جيڪڏهن ڪاشڪايت به آهي ته ان جو انداز ڏاڍو اڻلکائتو آهي. زندگي، دوستن، پنهنجن ۽ زماني کان بي نياز ٿي اهڙي ڪٿا سرجڻ وڏي ڳالهه آهي ۽ مصلحت کان پرڀري، ڏوراپن کان ڏور ۽ محبت سان سرتار اهڙي جيون ڪٿا لکي وڃجي اهڙو اهل دل ڊاڪٽر مبارڪ علي ئي ٿي سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو