Home / افيئر / ادب جي درٻار سڏ کي ڪي هڏ نه آهي!
above article banner

ادب جي درٻار سڏ کي ڪي هڏ نه آهي!

شوڪت لوهار

ادب جي درٻار جا رنگ، ڍنگ نرالا ۽ ادب جي درٻار جا قانون تمام سخت آهن. ادب جي درٻار ۾ غلامي جو شرف حاصل ڪرڻ ايترو آسان ڪونه آهي. هنن هَر اکر تي پهريدار بيهاري ڇڏيا آهن، هر لفظ جي نڙي ۾ طوق وجهي ڇڏيو آهي. هر فقري جي زبان کي گونگو بڻائي ڇڏيو آهي. هر جملي تي بندوقن جا فائر ڪري ان جا ڦڦڙ ڦاڙي ڇڏيا آهن.

ادب هنن جي قيد خاني ۾ واڙيل آهي. ڪال ڪوٺين ۾ عقوبتون سهي پيو، ادب جي ڪنهن به صنف تي ڪنهن به عام ماڻهو،ڪنهن به ڳوٺاڻي، ڪنهن به ٻڪرار، ڌنار، سگهڙ جي پهچ نه آهي. ڀلا ادب سان اٻوجهه ماڻهن جو ڪهڙو واسطو؟؟؟ ادب جون سڀئي ڌارائون شاعري، ناٽڪ، نثر سڀ ڪجهه سندن ڪروڙن سالن کان نسل در نسل غلام بڻيل آهن. هتي سندن مرضي کان سواءِ ڪو به شاعري نٿو ڪري سگهي، جي ڪرڻ به گهري ٿو ته پهريائين اچي مريدي ۾ پيش پوي. پهريائين سندن درن تي مٽيون ڀري سندن سڀني ڳالهين، دعوائن ۽ ادب لاءِ ڪيل سندن اڻ ٿڪ محنتن جي مان ۾ سيس نوائي سجدو ڪري، نڪ رڳڙي، پوءِجناب پوتيفار ۽ پيروڪارن جي گڏجاڻي ٿيندي، ڪميٽي ويهندي ۽ اها توهان جي ڪيل شاعري جو گهيراءُ ڪندي. توهان جي هر نظم جي تلاشي ورتي ويندي. توهان جي هر غزل جا ڪپڙا لاٿا ويندا. توهان جي سڀئي ترائلن کي ٽانڊن جي باهه تان پيرين اگهاڙي چرٻيلي تان گذرڻو پوندو، توهان جي هر چوسٽي جي ٻانهن ڀڳي ويندي، توهان جي هر هائيڪي کي منڊو ٽنڊو ڪيو ويندو. توهان جي هر نثري نظم جا ننهن پلاس سان آڱرن کان ڌار ڪيا ويندا. توهان جي هر آزاد نظم جي نڙي ۾ اسٽيل جا ڪوڪا هنيا ويندا ۽ پيرن ۾ گهوڙاوان نيل هنيا ويندا.

هو طئي ڪندا ته اوهان جي خيال جي پنڇي جا پر ڪيتري سائيز جا هجڻ گهرجن؟ انهن کي طئي ڪرڻو آهي ته اوهان جي خيالن کي ڪيتري اڏام ڀرڻي آهي؟

توهان جي خيال کان پوءِ توهان جي جذبن جو وارو ايندو، حقيقت اها آهي ته هنن وٽ ڪو به ڪم نه آهي پر جيڪڏهن اوهان پنهنجي شاعري ۾ جذبن کي ڀرڻ جي ڀل ڪري به ويٺا آهيون ته پوءِ انهن جو رت چڪاسيو ويندو ۽ انهن جي گرمي پد کي ماپڻ لاءِ جناب پوتيفار جي پيروڪارن جي الڳ ويهڪ ڪئي ويندي. اوهان جي شاعري ۾ ڀُل ۾ ڀريل جذبن کي زائلوڪوئن جون انجيڪشنون هڻڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويندا. اوهان جي شاعري کي ڪلورو فارم جي نيلون رومالن سان سندن ساهن جي ساهر Desensitize ڪئي ويندي.

اوهان جي غزل، نظم، وائي ۽ ٽيڙو جو وزن ڪيترو آهي؟ اهو سندن منشي طئي ڪندا. اوهان جي غزلن کي تورڻ لاءِ وڏن وڏن ٽيڪاٽپڻين جي ساهمين ۾ توريو ويندو ۽ ان ۾ جيڪڏهن وزن کٽل هوندو يا ضرورت کان وڌيڪ هوندو ته اوهان جي غزلن جو ڳاٽو ڀڳو ويندو يا انتظار ۾ بيٺل جلادن کي ڏيئي ڦاسي چاڙهيو ويندو. اوهان جي هر وائي جي ويڪر ۽ ڊيگهه ماپي ويندي. اوهان جي هر نظم جو قد ڪاٺ ڪڇيو ويندو. جيڪڏهن خدا نه خواسته توهان جي نظم جو قد ٿورو ڊگهو آهي ته ان کي مچ ڏيئي الٽر(alter)ڪيو ويندو. جيڪڏهن قد ننڍو آهي ته ان تي رحم کائي ان کي ڪمپلان پيارڻ جو مشورو ڏنو ويندو.

اوهان جي شاعري کي صحت جو ٽڪو هڻڻ به انهن جي سِر آهي. هو اوهان جي هر صنف کي جاچيندا ۽ ان کي پنهنجي غلامي ۾ وٺڻ لاءِ ان کي غلامي جا ٽڪا هڻندا، اگر ڪجهه ڪمزور ۽ ڏٻريون صنفون آهن ته انهن لاءِ نيوروبيان ۽ گلوڪوز جي ڊرپن جو بندوبست به ڪيو ويندو.

اوهان جي شاعري جي ٻولي ۽ گرامر کي به نظر مان ڪڍيو ويندو. اوهان جي ٻولي کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا به پياريا ويندا ۽ جيڪڏهن اوهان جي ٻولي کي پهريائين پوليو آهي ۽ اها منڊڪائي ٿي ته ان کي ٻرندڙ اوڙاهه ۾ اڇلايو ويندو ۽ اوهان جي ٻولي ڪباب بڻائي جناب پوتيفار هِڪ ئي ڳيت ۾ ڳڙڪائي ويندا.

اوهان جي شاعري جي گرامر کي گرامون فون ۾ وڌو ويندو ۽ ان جي سر ۽ لئه کي چيڪ ڪيو ويندو، غلطي جي صورت ۾ ان کي ڇتن ڪتن جي منهن ۾ اڇليو ويندو. اوهان جي شاعري ڪيتري پاڻي ۾ آهي. ٻڏل آهي، غوطا پئي کائي يا صرف ٽنگن تائين ڀنل آهي، اهو طئي ڪرڻ اوهان جو نه سندن پيروڪارن جو ڪم آهي.ا وهان جي شاعري ڪٿي بيٺي آهي، ڇاڇري ۾ واهي پانڌي وٽ ڪورين جي کوهه وٽ يا ڪنهن ريلوي پليٽ فارم تي، ان جي حفاظت هو ڪندا. اوهان جي شاعري کي برقعو پاتل آهي، نقاب لڳل آهي، هٿن تي ڪارا دستانه اٿس، جي اوهان جي شاعري باپرده ۽ پاڪيزه آهي ته هن کي سندن ادب جي درٻار ۾ اچڻ جي اين او سي ملندي جي اوهان جي شاعري مٿي اگهاڙي آهي ۽ ان کي چمڪيلا ڪپڙا پاتل آهن ۽ جنهن سان ماڻهن جا جذبا مجروح ٿين ٿا ته اها ادب جي درٻار ۾ اچڻ جي لائق نه آهي ۽ مجروح سلطان پوري. ۽ لڪشمي ڪانت پياري لعل وٽ سام طور ڇڏي سگهجي ٿي. جتي کيس ادب جي درٻار ۾ اچڻ ۽ اتان جي پردي جي سختي ۽ طور طريقن بابت سيکاريو ويندو. ۽ اوهان جي شاعري کي ادب جي درٻار تائين رسائي لاءِ دنيا جي وڏن وڏن فلسفين جو لوڻاٺو جهارو پيڻو پوندو. اوهان جي شاعر کي يونان جي شاعري جي ديوتا ميوز (muse)کان وٺي روسي چيني، يورپي ڏاهن، هسريل، هيڊيگر، ڊريڊا، سوسيئر ۽ چومسڪي جي تنقيدي تلوارن جي پلصراط تان گذاريو ويندو.

پوءِ جي اتان پار پيؤ ته ٺيڪ آهي، اوهان کي به شاعري جو ٽڪو لڳائي درٻار ۾ غلامي ۾ ورتو ويندو. متان اوهان نثر لکڻ جي جرئت به ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هي رستو عام ماڻهن لاءِ نه آهي. اهو رستو صرف ۽ صرف جناب پوتيفار لاءِ مختص ٿيل آهي. ان رستي جي چوڌاري ڪنڊيدار تارون آهن، هر گام ۽ گس تي بندوق ڀريل سندن مخلص، ايماندار، نمڪ خوار سپاهي ۽ بندوق بردار توپچي ويهاريل آهي، تنهن ڪري ان رستي تي اچڻ جي غلطي متان ڪجو؟

ڇا ڪندا؟

اگر ڪئي آهي؟

اگر ڪئي آهي ته پوءِ اوهان جو خير نه آهي. اوهان پنهنجي موت کي دعوت ڏني آهي؟ ڇو ککرن ۾ کڙو هنيو آهي؟ ڇو نانگن جي ٻرن ۾ آڱر وجهڻ جي گستاخي ڪئي آهي.؟ توهان چريا ٿي ويا آهيو ڇا؟ اوهان کي ڪهڙي ڇتي ڪتي چڪ پاتو آهي. اوهان کي ڀؤ نٿو ٿئي؟ اوهان جا ننڍا ٻچا ناهن ڇا؟ اوهان کي گهر گهاٽ ناهي ڇا؟ اوهان کي زندگي پياري ناهي ڇا؟ اوهان ڇو اچي پنهنجي زندگي جي ڪڍ پيا آهيو. ٻيلي سياڻا ٿيو. اوهان کي خبر ناهي ته جناب پوتيفار انهي ڳالهه تي سخت چڙندا ۽ ناراض ٿيندا ته ڪو سندن رستي تي هلي؟ هنن جي جاهه جلال جي اوهان کي خبرنه آهي، هو اگر ڪاوڙ ۾ اچي ويا ته اوهان جي نثر جو ٻچو ٻچو مارائي ڇڏيندا.

توهان چريا ٿيا آهيو جو ڪهاڻي لکڻ جي غلطي ڪري ويٺا آهيو، مضمون لکي ويٺا آهيو ۽ ڪنهن شاعر تي تاثر لکڻ جي جرئت ڪئي اٿو ته تيار ٿي وڃون. توهان جي ڪهاڻي کي مٿي ۾ ڪهاڙو هنيو ويندو، ۽ ان جي رت جا ڇنڊا درٻار جي وڏي دروازي تي وڃي ڪرندا. اوهان جي مضمونن کي مٿي اگهاڙو ڪري انهن جي ڳٽن تي چماٽون وهايون وينديون. اوهان جي نثري ٽڪرن کي اٿ ويهه ڪرائي ويندي. اوهان جي تاثرن کي تيرن سان رتو رت ڪيو ويندو. اوهان جي ڪالمن کي سندن فوج شوٽنگ اسڪواڊ تي بيهاري پروڻ ڪري ڇڏيندي. اوهان جي سڀني ناولن کي اجتماعي قبرن ۾ زنده دفنايو ويندو. سياڻا ٿيو مڙي وڃو ادب جي درٻار جا قانون تمام گهڻا سخت آهن. اهو مشغلو اوهان جي لاءِ نه آهي. اهو توهان کي نٿو سونهين، اوهان ٻچڙي وال ڇو ٿا هنن اکرن جي ايٽم بمن ۾ هٿ وجهو. اوهان لاءِ منع ٿيل آهي. اوهان لاءِ اکرن جا ڳوٺ نقطن جا شهر ۽ ادب جي گلستان ۾ اچڻ لاءِ منع ناما جاري ٿيل آهن. اوهان لاءِ هي نوگو ايرياز آهن.

ڏسو هو ڀٽائي به هنن کان برداشت ڪونه ٿيو، ان کي به هنن معاف نه ڪيو، هنن کي سخت ڪاوڙ آهي ته ڀٽائي ايڏانهن ڪيڏانهن وڃي ڄائو. هتي سندن ادب جي درٻار ۾ ڇو نه ڄائو؟

تڏهن ئي ته هنن پلاند وٺڻ لاءِ هر آماجگاهه تي ڀٽائي جو نالو رکي ڇڏيو آهي. جيئن ڀٽائي سي اين جي، ڀٽائي پڪوڙا، ڀٽائي ڊراءِ ڪلينر، ڀٽائي چاول ڇولا وغيره، هنن کي ڏاڍو غصو آهي ته جمن دربدر پنهنجي لولين ۾ آواگون جو نظريو هنن کان پڇي پوءِ ڇو نه استعمال ڪيو. هنن کي باغي تي به ڏاڍي ڪاوڙ آهي ته هن ڄامشوري کي اڙي شهر جانان ڪهڙن بنيادن تي چيو. ڪنهن کان اجازت وٺي چيو. ڄامشوري جي هوائن ۾ زلف اڏاريندڙمحبوبائن جو ذڪر هن ڪنهن جي اين او سي سان ڪيو. ڄامشوري جي سڄي زمين سندن قبضي هيٺ آهي ته پوءِ هو پنهنجي محبوبا جي دڳ تي هلڻ ۽ آنچل جي اڏارن جون ڳالهيون ڪيئن ڪري ويو. هي اياز تي به تمام گهڻا تپيل ۽ ڏمريل آهن. ته هن اڃايل مورن جا گيت ڪيئن لکيا ۽ ڪنهن کان پڇي لکيا؟ هن ڪاري چڳ تي رات کٽڻ ۽ ڳاڙهي ڳل تي باک ڦٽڻ جي ڳالهه ڪيئن ڪئي. پر هي اياز کان ڪجهه انهي ڪري به اک هڻن ٿا جو اياز انهن جي سڀني درٻارين، منشين ۽ فيلسوفن کان سرس پڙهيل هو. تڏهن ئي ته هن شايد انهن لاءِ ئي ڪٿي لکيو هو ته:

”سڏ کي ڪي هڏ ناهن

جو ٽوڙي سگهين

shoukatali.lohar@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو