Home / اسپيشل افيئر / اديبن جي مالي امداد، ادبي سنگت ۽ ثقافت کاتي وچ ۾ انائن جي جنگ جي ور چڙهي وئي
above article banner

اديبن جي مالي امداد، ادبي سنگت ۽ ثقافت کاتي وچ ۾ انائن جي جنگ جي ور چڙهي وئي

Naseem Bukhariجرمني جي جڳ مشهور اديب هنرخ هائن جو خيال آهي ته هر دور جڏهن نوان خيال حاصل ڪري ٿو ته ان سان گڏ نيون اکيون به حاصل ڪري ٿو. مان ان خيال ۾ پنهنجي طرفان ان راءِ جو اضافو ڪريان ٿو ته نه رڳو نيون اکيون، پر نوان ڪن، نئين دل، نئون دماغ حاصل ڪري ٿو جنهن وسيلي وقت جي للڪار کي منهن ڏيڻ ۾ آساني ميسر ٿئي ٿي. جدت کان جدت تائين وارو جوش انسانن ۽ ادارن کي اعليٰ کان اعليٰ بڻائي ٿو.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي قومي تهذيبي، تاريخي عملي ثقافتي سفير رهندي آئي آهي ۽ گهڻ رخن مورچن کان سنڌ جو ڪيس پورو ايمانداري سان وڙهندي آئي آهي. هن ادب ۽ اديبن جو وقار بلند رکيو آهي. غير تڪراري رهي آهي ۽ محب الوطن ڪردار نڀايو آهي. ماضي جو اهو سمورو ساراهه جوڳو ڪردار هاڻ سواليه نشان تي ڇو آهي؟ سنگت ۽ ثقافت کاتي وچ ۾ جيڪا ڄنڊا پٽ هلي رهي آهي تنهن سنڌي اديبن کي ادب واري تعارف کان هٿ کڻائي ڇڏيو آهي. سنڌي اديبن جي سهائتا واري نعري سان ادبي سنگت جنهن احتجاج سان اڳتي وڌي آهي ان ۾ ڪيترائي نوان ۽ نرالا نياپا به نرورار ٿيا آهن جنهن سنگت جي ساک پت کي خراب ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صرف سنڌ ۾ بيمار اديبن، آرٽسٽن، فنڪارن لاءِ فنڊ قائم ٿيو آهي جيڪو ٻين صوبائي حڪومتن نه رکيو آهي. سنڌ سرڪار جي بيمار اديبن لاءِ مخصوص فنڊ رکڻ واري عمل مان ان اميد جنم ورتو هو ته اهو سلسلو اڳتي هلي جنهن تسلسل جي تجلي پسائيندو سو پڪ سان هڪ مثبت ۽ صحتمند ماحول جو سج اڀاريندو پر ان ڏس ۾ ادبي سنگت جيڪو “فرمائشي“ ناز نخرو ڪرڻ لڳي آهي ان مان نه ٿو لڳي ته مستقبل ۾ ڪي گهربل نتيجا نڪرندا. ان ماحول سان 29 مئي 2014ع جي تاريخ تي هڪ اخبار ۾ لڳل هڪ خبر ادبي سنگت جي موجوده قيادت تي سواليا نشان هڻي ڇڏيا آهن. اخبار ۾ لڳل خبر ۾ باروزگار ادبين کي ثقافت کاتي پاران علاج ۽ سار سنڀال واسطي معاوضو ملڻ ۽ انهن معاوضن جي سلسلي ۾ اڌو اڌ رقم ثقافت کاتي کي رشوت طور جبر ٿيڻ جي معلومات ڏني وئي آهي . ان ئي خبر ۾ اها سڌ به ڏني وئي آهي ته ثقافتي کاتي بيمار اديبن جي سهائتا واري معاملي کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي ۽ چاق چڱن ۽ نون اديبن تي مهربانين جا مينهن وسايا آهن. جڏهن ته ان سڄي عمل سان مستحق ماڻهن جي حق تلفي ٿي آهي.

JUNE-15-2014   32

“افيئر” جڏهن رپورٽ ڪندڙ صحافي سان رابطو ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ثقافت کاتي جو چوڻ آهي ته اها خبر ۽ اهو خيال بدنيتي تي مشمل آهي ۽ صحافي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ اهو حربو استعمال ڪيو آهي ته هن چيو ته گذريل ڏهن سالن کان پنهنجي ڪيريئر ۾ نه ته مون ذاتي طور تي ڪو فائدو ورتو آهي نه ڪنهن ڀاءُ ۽ دوست کي ڪجهه وٺرائي ڏنو آهي. ثقافت کاتي کان سچ هضم نه ٿو ٿئي ان ڪري ان کي اهو عمل نه وڻيو آهي.

ان حوالي سان هڪ سنڌي ٽي وي چئنل ادبي سنگت جي اعتراض ۽ لاڳاپيل ڌرين جو جواب تي مشتمل هڪ سنئون سڌو پروگرام نشر ڪيو آهي جنهن ۾ ثقافت کاتي پاران اديبن جي سهائتا واري ڪميٽي جي اڪثر ميمبرن جا رايا رڪارڊ تي آندا ويا آهن. ان سڄي بحٽ مباحثي ۾ ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل جو مؤقف دليل کان هٽيل جذباتي ڏسڻ ۾ آيو جنهن ڪيترائي بحث ڇيڙي ڇڏيا آهن ۽ ماڻهو پڇڻ لڳا آهن جنهن سطح جي ذميوار عهدي تي ڊاڪٽر صاحب آهي کيس اهڙي بردباري جو ثبوت به ڏيڻ کپي ها.

هو چوي ٿو ته : “بارورزگار زبير سومرو کي پئسا ڇو ڏنا ويا. ادبي سنگت ٻولي ڪانفرنس لاءِ ثقافت کاتي کي ڀاڱي ڀائيوار جي لاءِ رابطو ڪيو ته سهڪار نه ڪيو ويو. زاهد آخوند ڪهڙي کاتي ۾ ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ ويهي ٿو؟ اها ڪميٽي غير آئيني آهي تڪرار آهي ثقافتي کاتي وارن غريب اديبن جي سهائتا وارن پئسن مان ڪار ورتي ۽ اها وري چوري به ڪرائي ڇڏي.”

ان سڄي تناظر ۾ ثقافت کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل منظور قناصرو چوي ٿو ته : “مشتاق ڦل کي خبر ئي ناهي ته ڪميٽي جي جوڙجڪ جا قائدا ۽ قانون ڪهڙا آهن ۽ خبر ناهي ته ڪار جي خريداري ۽ چوري جون خبرون ڪير ٿو ڏئي، جيڪڏهن اهو الزام ثابت ٿي وڃي ته مان استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. زاهد آخوند وٽ درخواستون اينديون آهن ان کي ان ڪري ميٽنگ ۾ ويهاريندا آهيون ته جيڪڏهن ڪا درخواست هيٺ مٿي ٿي هجي ته اهو اسان کي ان بابت آگاهي ڏئي سگهي. نصير مرزا ريڊيو جي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ميمبر آهي نه ڪي شاعر، اديب جي حيثيت ۾ . اعتراض ڪرڻ ۽ آڱر کڻڻ ڏاڍو سولو ڪم آهي. مشتاق کان اڳ وارا سيڪريٽري رابطي ۾ هوندا هئا هن ٻن سالن ۾ ڪنهن اديب جي سهائتا لاءِ ڪجهه نه ڪيو ۽ نه وري ڪنهن جو فارم موڪليو آهي هو جنهن تنظيم جو اڳواڻ آهي ان جي حيثيت کي ته سڃاڻي، اهي فرض ته نڀائي؟”

اديبن جي سهائتالاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ مصطفيٰ قريشي، صلاح الدين تنيو، حسينا معين، سرفراز راڄڙ، نصير مرزا، فهميده حسن، حميد سنڌي شامل آهن. اهي ئي حقدار جو حق طئي ڪندا آهن. ثقافتي کاتي جي پنهنجي مرضي ناهي هلندي؟

مشتاق ڦل ۽ منظور جا موقف پنهنجي جاءِ تي پر عوامي ۽ ادبي حلقن ۾ ادبي سنگت پاران پنهنجي مرضي ۽ خواهش موجب ثقافت کاتي جا معاملا هلائڻ واري معصوم خواهش ٻين جي ڪمن ۾مداخلت تصور ڪئي پئي وڃي. ادبي سنگت ڪن غريب ۽ مستحق اديبن جي سفارش ڪري سگهي ٿر پر اها جڏهن فرمائشون ڪرڻ لڳي ٿي ته فلاڻي کي ڏيو ٽيري کي نه ڏيو سچ پچ اها ضدي ۽ ٻار جهڙي ٿي لڳي..

ادبي سنگت ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي فورم جي دعويدار آهي. اها خود پاڻ پنهنجا وسيلا پيدا ڪري سگهي ٿي. ان جو سيڪريٽري پاڻ ڀرو ماڻهو آهي. اديب خود دار هوندا آهن جڏهن ان جي لاءِ سرڪار آڏو هٿ ٽنگجي ٿو ته ڇا ان جي اتان عزت نفس مجروح نه ٿي ٿئي؟ ثقافتي کاتو ساڃاهه وندن جي سار لهي يا نه پر ساڃاهه وندن جي سرواڻي ڪندڙ سنگت ان ڏس ۾ هيل تائين ڪهڙو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪيو آهي؟ سو ڏيڍ سئو شاخون رکندڙ ادبي سنگت جيڪڏهن منظم طريقي سان متحرڪ ٿي ته نه فقط ادبين جي معاشي پر سندن روزگار جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. پر جتي رٿابندي بدران رڙين ڪرڻ جو رواج هجي اتي ڪنهن مان ڪهڙي آس رکجي؟

سنڌي ادبي سنگت سڄي سنڌ ۾ ثقافتي کاتي خلاف احتجاجي مظاهرن جا سڏ ڏنا پر ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته ويهه پنجويهه شاخن به ان سڏ تي ڀرپور موٽ نه ڏني آهي. شڪارپور شاخ مرڪز جي ان سڏ جو بائيڪاٽ ڪيو آهي. شاخ جي سيڪريٽري سلمان سومرو جو چوڻ آهي ته مرڪز جي متڀيد ۽ تڪراري روش سان ان جو ڪو واسطو ناهي. اسان مرڪز جي غير سنجيده ۽ غير ضروري احتجاجن کي فضول سمجهون ٿا. شڪارپور ئي نه پر ٻين به انيڪ شاخن ۾ مرڪز خلاف آواز اٿڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جيڪو وڃي ڪٿي هڻي هنڌ ڪندو ان بابت ته ڪا اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگهجي پر ايترو ضرور آهي ته اها صورتحال سنگت جي سرگرمين کي مفلوج ۽ تڪراري بڻائي رهي آهي سو اها سنگت جيڪا ثقافت کاتي کي سوڙهو ڪرڻ جو ارادو ٿي رکي خود اندروني طور تي تضاد جو شڪار ٿي رهي آهي ۽ ان جو بنياد نوجوان شاعر زبير سومرو کي ثقافت کاتي پاران مليل ڏيڍ لک امداد آهي.

ڪتاب “سامي مَٽَ اُپَٽيا” ۽“ پوءِ به چنڊ اڪيلو آهي” جي خالق زبير سومرو کي دل جي عارضي سبب ثقافت کاتي علاج لاءِ ڏيڍ لک منظور ڪيو جيڪا خبر اخبار ۾ رپورٽ ٿي ۽ ان جو حوالو مشتاق ڦل به ڏيندو آيو آهي. جنهن کانپوءِ احتجاج طور زبير سومرو ثقافت کاتي جي امداد وٺڻ کان انڪار ڪندي اهي پئسا، “ثقافت کاتي سار نه لڌي” واريون خبرون ڏيندڙ ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي صلاح سان ڪنهن مستحق بيمار اديب کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. زبير جو چوڻ آهي ته :

“هن زندگي ۾ ڪڏهن ڪنهن ذاتي دوست کان به اڌور نه ورتي آهي زندگي ۾ پهريون ڀيرو دوستن جي مشوري سان مجبوري جي حالت ۾ ثقافت کاتي ڏانهن ڏٺو آهي پر ادبي صحافتي روين دل آزاري آهي. خبرن ۽ ٽاڪ شوز ۾ ايندڙ حوالن نه رڳو هن جي دل واري عارضي ۾ اضافو ڪيو آهي پر سندن عزت نفس به مجروح ٿي آهي.”

هو سوال اٿاري ٿو ته ڊاڪٽرمشتاق مون لاءِ چاليهه پنجاهه هزار پگهار رکندڙ ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪندڙ شاعر لکي ٿو پر اڻويهه گريڊ جي آفيسر۽ لک سوا پگهار کڻندڙ مهر النساءِ لاڙڪ تي ڪو اعتراض ناهي جنهن کي ثقافت کاتي پاران ٽي لک رپيا مليا آهن ۽ جنهن لاءِ ڊاڪٽر مشتاق وارن وڏا وس هلايا ته کيس ٻارنهن لک ڏنا وڃن. ڇا اها رڳو ان ڪري جو هو انهن جي ڪئيمپ جي آهي؟ مان کين ان ڪري ڏکيو لڳو آهيان جو ٻي ڪئمپ سان تعلق آهي؟ مون کي اسپتال ۾ علاج دوران ايتري تڪليف نه ڏٺي جيترو ان کانپوءِ ادبي ۽ صحافي دوستن جي تلخ لهجن سبب ٿيو آهي.

ان حوالي سان ساس جي سيڪريٽري جنرل سان “افيئر” رابطو ڪيو ته هن مهر النساءِ لاڙڪ جي مدد سان اپيل ۽ زبير تي اعتراض وارڻ جو اعتراف ڪيو ۽ زبير پاران ثقافت کاتي کان پئسا نه وٺڻ واري عمل جي واکاڻ ڪئي ۽ کائنس جڏهن پڇيو ويو ته ڇا مهر النساءِ لاڙڪ کي به پئسا واپس ڪرڻ کپي ته هن چيو ته سڀني باروزگار ماڻهن کي واپس ڪرڻ کپن. “افيئر” جڏهن اهوسوال اٿاريو ته انهن ۾ ته مهر النساءِ لاڙڪ به شامل آهي ته هن جواب ڏنو ته مان ڪنهن هڪ فرد نه پر سڀني لاءِ چوان ٿو. جڏهن اهو پڇيو ويو ته پوءِ اوهان کي زبير مان ڪهڙي تڪليف هئي جو ان کي نشانو بڻايو ان سوال تي ڊاڪٽرمشتاق ڦل فون ڪٽي ڇڏي. کائنس جڏهن ٻيهر رابطو ڪيو ويو ته ۽ چيو ويو ته سائين ڪاوڙجو ڇو ٿا وڏي تنظيم جا اڳواڻ آهيو توهان کي ته بردبار هئڻ کپي سوال جو جواب ڏيو ان ۾ ڪهڙو حرج آهي، ان تي چيائين توهان جهڙي قسم جي جواب جي توقع مون مان رکو ٿا ۽ جيڪو چوائڻ چاهيون ٿا اهو نه چوندس. هڪڙو تاثر اهو به آهي ته ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ثاقب سومرو جي شڪارپور سان تعلق ۽ ان پاران مشتاق ڦل کي ان جي خواهش جيترو مان نه ڏيڻ ۽ زبير جو به ثقافت کاتي جي سيڪريٽري ثاقب سومرو جو ذات ڀائي ۽ ڳوٺ ڀائي هئڻ سبب ادبي سنگت جي سيڪريٽري کي ان سڄي لقاءِ ۾ اڻ وڻندڙ شيون نظر آيون.

ان پس منظر ۾ جڏهن ساس جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو سان “افيئر” رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته :“ مشتاق ڦل سرڪاري جي آڏو فنڊ لاءِ جهول جهلڻ جو رواج وڌو جيڪو اڳ ڪڏهن به سنگت جي شاخن ۾ نه رهيو، جيڪو ادبي وقار جي ابتڙِ آهي. سسئي پليجو جي دور ۾ مختلف حوالن سان پئسا وٺڻ ۽ اسٽيجن تي ويهارڻ جون تقاضائون مڃرايون ويون هاڻ ثقافت کاتو مشتاق ڦل جي مرضي تي هلڻ بدران هڪ سسٽم سان ڪم هلائڻ لڳو آهي ته اهو هن کان برداشت نه ٿو ٿکي. ڊاڪٽر مشتاق ذاتي دوستن نه پر سڀني اديبن لاءِ آواز اٿاري. اهڙي ڪوشش نه ڪري جو اديبن جو علاج لاءِ پيدا ٿيل اميد ختم ٿئي سنگت جو احتجاج جو هاڻوڪو طريقو ان جي شان وٽان ناهي. هڪڙن لاءِ ايلاز ۽ ٻين تي اعتراض اهو منصفاڻو عمل نه آهي. جنهن کان سنگت کي پاسو ڪرڻ گهرڻ تاج چوي ٿو ته ادبي سنگت پنهنجي ابتدا کان ذوالفقار سيال جي دور تائين ڏاڍي متحرڪ ۽ منفرد رهي آهي پر هاڻي ان جو تعارف ڏاڍو تڪراري بڻايو ويو آهي.”

سنڌ جي اڪثر اديبن“ افئير” سان رابطو ڪري چيو ته مستحق ادبين جي نشاندگي ۽ انهن سان سهڪار ته سنگت جو فرض آهي باقي پنهنجي نواز پاليسي تحت سرڪار جا پئسا پنهنجي حلقي تائين پهچائڻ واري ناڪام ڪوشش سنگت جي ذميواري ناهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته جڏهن پ پ جي اربين کربين واري ڪرپشن تي سنگت جي اک ناهي ته اتي چئن ادبين سان جيڪڏهن کا چڱائي ٿئي ٿي ته ان سان سنگت جي ڪهڙي گرهه تي لت پئي اچي؟ مان سمجهان ٿو ته اڄ صورتحال اها آهي ته مرڪزي قيادت حڪومت ڏانهن واجهائي رهي آهي. حڪومت آهي جا کين لفٽ ئي نه ٿي ڪرائي. هاڻ به جيڪڏهن سسئي پليجو واري دور جيان سنگت تي شفقت جو هٿ ثقافت کاتو رکندو اچي ها ته جيڪر اهي جهيڙا جهٽائي نه ٿئين ها.پر ڇا ڪجي وقت وقت جي ڳالهه آهي باقي ادبي سنگت ته بينر سجايو ويٺي آهي. پر ثقافت کاتو ان جي ڪهڙي به پروگرام لاءِ پارٽنر ٿيڻ آماده نه ٿو ڏسجي. خبر ناهي ته ثقافت کاتي جي سنگت کان ڪي شڪايتون آهن يا ادبي سنگت جي سرواڻ کين بيزار ڪري ڇڏيو آهي.

Bukharinaseem@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو