Home / افيئر / افغانستان جو انقلاب ثور ترهڪي: امين ۽ڊاڪٽر نجيب: تخت کان تختي تائين!
above article banner

افغانستان جو انقلاب ثور ترهڪي: امين ۽ڊاڪٽر نجيب: تخت کان تختي تائين!

يوسف سنڌي

افغانستان ۾ 27 اپريل 1978ع تي آيل سوشلسٽ انقلاب هڪ اهڙو سماجي ۽ سياسي زلزلو هو، جنهن صدين کان ماضي جي غارن ۾ سرندڙ افغان سماج جي سڀني پرتن، قبيلن ۽ نسلي گروهن کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ سوشلسٽن ان پٺتي پيل سماج جي قديمي توازن کي ته ڪڍي ڦٽوڪيو، پر هو ان کي نئون محور ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان ان دور جي ٻنهي طاقتن جي وچ ۾ جنگ جو ميدان بڻجي ويو. ان گهرو ويڙهه دوران 50 لک افغان بي وطن ۽ بي گهر ٿيا. ان انڌي جنگ ۾ قتل ۽ معذور ٿيندڙ بدنصيبن جو تعداد ڏهن لکن کان به وڌيڪ هو، آزادي، انقلاب، اسلام ۽ جهاد جي نالي ۾ افغانستان کي رت ۾ وهنجاريو ويو.

افغان انقلاب جي اها ڪهاڻي ڊگهي رتوڇاڻ ۽ انقلابين جي اندروني جهيڙن جي ڪهاڻي به آهي. مورخ ته اهو به لکن ٿا ته سوويت يونين جي زوال جي پويان به اهو ئي انقلاب آهي. افغانستان ۾ سوويت فوجي مداخلت ۽ ڊگهي جنگ ۽ عالمي طاقت طور آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي انقلابي دشمنن سان سهڪار ۽ مدد سويت يونين جي اقتصادي طور چيلهه چٻي ڪري ڇڏي.

27 اپريل 1978ع جي شام جي ستين بجي ريڊيو ڪابل تان هيٺيون اعلان نشر ٿيو: “افغانستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بادشاهت جو خاتمو ڪري نادر شاهي باقيات کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ويو آهي. عوام کي سندن اختيار سونپيا ويا آهن. هاڻ ملڪ جا هڙئي معاملا مڪمل طور تي افغانستان جي هٿيار بند فوج جي انقلابي ڪائونسل جي هٿن ۾ آهن. افغانستان جي انقلابي ڪائونسل ۾ سرفهرست جنرل عبدالقادردوگروال، ليفٽينٽ ڪرنل محمد رافع ۽ ميجر محمد اسلم وطن يار هئا. 

انقلاب واري ڏينهن پرچ ۽ خلق جا سڀ وڏا اڳواڻ جهڙوڪ، نور محمد ترهڪي، حفيظ الله امين ۽ ببرڪ ڪارمل وغيره جيل ۾ هئا. جن کي سردار دائود خان جي حڪومت هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ڪري ورتو هو. انقلاب کانپوءِ هٿيار بند فوج ۽ پي، ڊي، پي، اي (PDPA ) جي انقلابي ڪائونسل پاڻ ۾ ضم ٿي گڏيل فيصلي تحت 30 اپريل 1978ع تي نور محمد ترهڪي کي افغانستان جو صدر ۽ وزيراعظم نامزد ڪيو ويو ۽ 21 ڄڻن تي ٻڌل ڪابينا پڻ جوڙي وئي. پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان جو بنياد جنوري 1965ع ۾ رکيو ويو، جنهن جو سيڪريٽري جنرل نور محمد ترهڪي چونڊيو ويو ۽ پارٽي جي انهن 67 ڄڻن ۾ ببرڪ ڪارمل، سلطان علي ڪشتمند، دستگير پنجشيري، ڊاڪٽر صالح محمد زيري، شهر الله شاهپور، ظاهر شاهه بدخشاني شامل هئا. بعد ۾ نور محمد نور اڪبر خيبر، حفيظ الله امين ۽ ڊاڪٽر نجيب الله جهڙيون وڏيون شخصيتون پارٽي ۾ شامل ٿي ويون.

ان دوران نور محمد ترهڪي ويش زليمان (سرحدي جيالا) جي نالي سان نوجوان انقلابين جي هڪ تنظيم ٺاهي.سيپٽمبر 1965ع ۾ ببرڪ ڪارمل اسوالي (عوامي) جرگي جي نهايت اهم ۽ پارليامينٽ جي سگهاري رڪن جي حيثيت سان پي ڊي پي اي جي مقصدن ۽ منشور جي وضاحت ڪئي. پارٽي پروگرام جي پرچار لاءِ اپريل- مئي 1967ع ۾ نور محمد ترهڪي “خلق” ۽ جولاءِ 1967ع ۾ ببرڪ ڪارمل “پرچم” جي نالي سان اخبارون شروع ڪيون. ان نسبت سان پي ڊي پي اي جا ٻئي حلقا خلق ۽ پرچم سڏجڻ لڳا. پرچم جي ادارت جا فرض مشهور افغان دانشور سلمان لائق ۽ ميراڪبر خيبرجهڙن وڏين شخصيتن سرانجام ڏنا.

انقلابي حڪومت جو صدر نور محمد ترهڪي آڪٽوبر 1917ع ۾ غزني جي “سور ڪلئي” نالي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ هڪ غريب ڌنار جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن وڏي مشڪل سان پرائمري تعليم حاصل ڪئي ۽ ننڍي هوندي کان ئي روزي روٽي جي لاءِ محنت ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو. کيس 1932ع ۾ قنڌار جي هڪ ڪمرشل ڪمپني ۾ نوڪري ملي، ڪجهه وقت کانپوءِ کيس ممبئي موڪليو ويو، جتي هن شام وارن ڪلاسن ۾ داخلا وٺي مئٽرڪ جي برابر تعليم حاصل ڪئي. اتي ئي سندس مارڪسزم سان شناسائي ٿي. 1937ع ۾ هو ڪابل موٽي آيو ۽ معاشيات جي اڀياس سان گڏ لکندو به رهيو. هو سٺو ناول نگار پڻ هو. سندس پشتو ۾ ٽي ناول پڻ ڇپيل آهن. جن جو ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. 1953ع ۾ ظاهر شاهه کيس واشنگٽن جي افغان سفارتخاني ۾ پريس اتاشي جي حيثيت سان موڪليو ويو، پر شاهه مخالف طرز عمل سبب ڇهن مهينن کانپوءِ واپس گهرائي نوڪري مان ڪڍيو ويو.

جنوري 1965ع ۾ پي ڊي پي اي جي 67 ميمبرن 7 ميمبرن نور محمد ترهڪي، ببرڪ ڪارمل، سلطان ڪشتمند، دستگير پنجشيري، ڊاڪٽر صالح محمد، شهر الله شاهپور ۽ ظاهربد خشاني کي پارٽي جي بانين طور چونڊيو. حفيظ الله امين ان اجلاس کانپوءِ پارٽي ۾ ميمبرن جي حيثيت سان شموليت اختيار ڪئي، جيڪا خلق پارٽي جي نالي سان مشهور آهي. حفيظ الله امين، ترهڪي کي استاد اعظم، رهبر اعظم ۽ باباءِ انقلاب جي لقبن سان ياد ڪندو هو.

نور محمد ترهڪي صدر ۽ وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ 28 مارچ 1979ع تي حفيظ الله امين کي وزيراعظم مقرر ڪيو، پر جلد ئي ترهڪي ۽ امين وچ ۾ اختلاف شروع ٿي ويا. ان جو سبب اهو هو ته 10 سيپٽمبر 1979ع تي ترهڪي ماسڪو ۾ سوويت يونين جي صدر ليونڊ برزنيف سان ترجمان سان گڏ اڻ ڄاتل هنڌ تي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ترهڪي کانسواءِ ٻيو ڪو به افغان نمائندو شامل نه هو. 11 سيپٽمبر تي ڪابل پهچڻ جي ٻي ڏينهن ترهڪي وزيرن ۽ اعليٰ عهديدارن جي گڏجاڻي سڏائي. گڏجاڻي ۾ امين برزنف سان ڌار گڏجاڻي جو سبب پڇيو، جنهن تي سخت گرما گرمي ٿي. ترهڪي سخت ڪاوڙ ۾ اچي حفيظ الله امين کي وزيراعظم جي عهدي تان هٽائڻ جو دڙڪو ڏنو، جنهن تي گڏجاڻي ختم ٿي ويئي. پارٽي ۽ حڪومت ۾ سخت ڦوٽ پيدا ٿي پئي. امين کي وزيرن ۽ پارٽي جي اڪثريت حاصل هئي فقط ٽن وزيرن اسلم وطن يا تشير خان فردور يار ۽ سيد ردور يار ۽ سيد محمد گلانر ئي ترهڪي جو ساٿ ڏنو. 14سيپٽمبر تي امين وزيراعظم جي حيثيت سان ٽنهي وزيرن کي هٽائي ڇڏيو. جلد بازي تي ٻڌل اهو قدم ترهڪي کي ڏاڍو ناگوار لڳو. اهو ئي قدم پارٽي ۾ ڦوٽ ۽ جلد ئي ٻنهي جي حڪومت ۽ زندگين جي خاتمي جو سبب بڻيو.

لاٿل وزيرن ۽ ڪجهه اڳواڻن ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي پرناڪامي ٿي. ترهڪي سڌو فون ڪري، امين کي صدارتي محل اچڻ لاءِ چيو، پر امين انڪار ڪيو. ٻيهر روسي سفير اليگزينڊرياونوف جي موجودگي ۾ غلط فهميون دور ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جيڪا امين قبول ڪئي. پر امين جيئن ئي صدارتي محل جي ٻي دروازي کان اندر گهڙيو ته فائرنگ شروع ٿي ويئي جنهن ۾ميجر توران، پوليس حفاظتي دستي جو سربراهه نواز ۽ ٽي ٻياهمراهه مارجي ويا. امين ڏکيائي سان جان بچائي گاڏي ۾ ويهي دفاع واري آفيس پهتو ۽ صدارتي محل تي حملي جو حڪم ڏنائين. صدارتي محل کي ٽئنڪن گهيري ڇڏيو ۽ فائرنگ جي مختصر ڏي وٺ کانپوءِ محل جي حفاظتي دستي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. نور محمد ترهڪي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس صدارتي محل ۾ ئي رکيو ويو. 16 سيپٽمبر تي امين، وزيرن ۽ پارٽي عهديدارن جي گڏجاڻي سڏائي ترهڪي کي سڀني عهدن تان لاهي ڇڏيو. هن نه رڳو صدر ۽ وزيراعظم، پر پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو به پاڻ سنڀالي ورتو. هن انهن ٽن وزيرن کي ٻه حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو، جن ترهڪي جي حمايت ڪئي هئي.

اڄ ڏينهن سوڌي اڻ ڌرين ٺوس ذريعن کان ان ڳالهه جي تصديق ٿي نه سگهي آهي ته صدارتي محل مان امين تي فائرنگ ڪنهن ڪرائي. ان ۾ ترهڪي يا ڪو ٻيو ملوث هو. ڇو ته ان کانپوءِ نه وري ڪنهن سان ترهڪي جي ملاقات ٿي ۽ نه ئي وري ٻاهرين دنيا کيس ڏٺو. هو ان ڏينهن ئي گم ٿي ويو. ترهڪي جي باري ۾ اها ڳالهه مشهور ڪئي وئي ته هو صحت جي خرابي سبب حڪومت ۽ پارٽي ذميوارين کان سبڪدوش ٿي ويو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ جڏهن امين کان ترهڪي جي بيماري جي نوعيت پڇي وئي ته هن ڪاوڙ ۾ چيو ته “ آئون ڊاڪٽر نه آهيان” ترهڪي جي اوچتي بيماري ۽ سبڪدوشي بابت جواب مطمئن ڪندڙ نه هئا.

ان کانپوءِ ترهڪي جو ڇاٿيو، کيس ڪنهن ۽ ڪڏهن قتل ڪيو” ڪٿي دفنايو ويو، اڄ ڏينهن تائين انهن سوالن جا مطئمن ڪندڙ جواب ملي نه سگهيا آهن، البت اها ڳالهه چٽي آهي ته “ جيڪو ڪجهه به ٿيو، اهو سڀ امين جي سڌين هدايتن تي ٿيو. ان سلسلي ۾ هڪ اها ڳالهه چئي وڃي ٿي ته هو صدارتي محل تي حملي دوران مارجي ويو. ٻي اها ڳالهه، جيڪا درست ٿي لڳي ته ترهڪي ۽ سندس ڪٽب کي صدارتي محل جي باغ ۾ قيد ڪري رکيو ويو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس ڪٽنب کي ڇڏيو ويو.

8 آڪٽوبر 1979ع تي ٽي ليفٽيننٽ روزي، التبال ۽ ودود جيڪي صدارتي محل جي حفاظتي دستي جا نگران هئا، ترهڪي جي خواب گاهه ۾ ويا ۽ کيس پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چيائون. ترهڪي سمجهي ويو ته سندس وقت پورو ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل سرڪاري گهڙي لاهي کين ڏيندي چيو ته “ هيءَ نئين صدر امين کي ڏني وڃي” ۽ ڪجهه پئسا ۽ پارٽي ڪارڊ به کين ڏنو ۽ چيو ته “ هي سندس زال کي ڏنا وڃن. جيڪڏهن هوءَ جيئري آهي ته!” هو ٽيئي ترهڪي کي ٻي ڪمري ۾ وٺي ويا ۽ کيس بستري تي ليٽائي سندس هٿ ٻڌا ۽ پوءِ سندس منهن تي تيستائين ويهاڻو ڏئي ويٺا رهيا، جيستائين هن جو ساهه نه نڪتو. ترهڪي سگهاري هڏ ڪاٺ وارو همراهه هو، تنهن ڪري هو ڪافي دير تائين تڙپندو رهيو. پوءِ هن جو لاش هڪ ڪمبل ۾ ويڙهي ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ ۾ دفنايو ويو، جتي اڳ ۾ ئي سندس ڀاءُ کي قتل ڪري دفنايو ويو هو. امين جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ روزي ۽ ودود کي موت جي سزا ڏني وئي ۽ اقبال پاڪستان ڀڄي ويو، جتي هو مجاهد ڪمانڊر بڻيو، امين کي آخر تائين اهو شڪ رهيو ته کيس قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ روسي سفير شامل هو يعني روس”!

ترهڪي ۽ سندس ڀاءُ جي قتل جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پاڪستان ٽي وي، افغانستان ٽي وي جي هڪ مختصر فلم ڏيکاري. جڏهن ته ترهڪي جي چاليهن سالن جي ڀيڻ، جنهن کي اسڪرٽ پاتل هئي، ڪنهن وڏي شاهراه تي غم ۽ ڏک سبب روئيندي زور زور سان فارسي ۾ چئي رهي هئي. “ واءِ برادم ،واءِ برادرم (هاءِ منهنجو ڀاءُ!)

حفيظ الله امين 1929ع ۾ پغمان ۾ پيدا ٿيو، سندس واسطو هڪ دانشور ڪٽنب سان هو. هن ڪابل يونيورسٽي مان تعليم پرائي استادي پيشو اختيار ڪيو، سندس پيءَ وچولي قسم جو سرڪاري ملازم هو، امين جو تعليمي قابليت کي نظر ۾ رکندي حڪومت 1956ع ۾ کيس وڌيڪ تعليم جي لاءِ آمريڪا موڪليو. جتي هن تنظيمي معاملن ۾ آرگنائيزيشن ۽ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي. واپس ورڻ تي کيس ڪابل يونيورسٽي ۾ استاد مقرر ڪيو ويو. ان وقت اڃا هو سياست ۾ نه آيو هو، پر هن آمريڪا ۾ رهڻ دوران 1960ع ۾ هن افغان شاگردن جي هڪ ننڍي تنظيم ٺاهي هئي. 1962ع ۾ کيس ٻيهر تعليم جي لاءِ آمريڪا موڪليو ويو. 1960ع ۾ پي ڊي پي اي ۾ شامل ٿيو. ترهڪي ۽ امين “عوامي جمهوري“ يعني خلق پارٽي ۽ بيرڪ ڪارمل” قومي جمهوريت” يعني پرچم پارٽي جو علمبردار رهيو.

انقلاب ثور کانپوءِ امين جي صدر بڻجڻ جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو. کيس پارٽي ۾ ٻيو درجو حاصل رهيو. ببرڪ ڪارمل کي انقلابي ڪائونسل جو نائب صدر، نائب وزيراعظم اول جڏهن ته حفيظ الله امين نائب زويراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا عهدا ڏنا ويا. جنهن تي امين کي ڌچڪو لڳو.

روسي حڪومت جي بار بار پڪ ڏيارڻ باوجود، ڪابل ۾ رهندڙ روسي سفير سندس اهو شڪ ختم ڪري نه سگهيو ته صدارتي محل ۾ مٿس ٿيل فائرنگ ۽ کيس مارڻ جي ڪوشش ۾ روسي سفير به شامل هو.

امين جي حڪومت جي خاتمي ۽ سندس قتل جي سببن ۾ سندس ڪجهه غير ذميواراڻا قدم پڻ شامل هئا. هن پنهنجي پارٽي جي ڪيترن ئي اهم اڳواڻن کي سفير بڻائي ٻاهرئين ملڪ موڪلي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته کيس ڊپ هو ته متان هو سندس خلاف سازشون نه ڪن. جيتوڻيڪ کين ملڪ ۾ راضي ڪري کانئس ڪم وٺي ٿي سگهيو. هن بيرڪ ڪارمل، ڊاڪٽر نجيب الله، نور محمر ثور، ڊاڪٽر عناير،عبدوالڪيل، فدا محمد دانشين بريالي، عبدالمجيد سربلند ۽ ڊاڪٽر نظام الدين تهذيب کي سندن عهدن تان هٽائي ڇڏيو. وزير دفاع، دائود خان جو تختو اونڌو ڪندڙ جنرل عبدالقادر دوگراوال، چيف آف اسٽاف جنرل مير اڪبر، يونس سرور ۽ سلطان علي ڪسنتمند کانسواءِ پرچم پارٽي جي لڳ ڀڳ 3200 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري “ پل چرخي جيل” ۾ سخت اذيتون ڏنيون. انهن مان سندس قتل يعني 27 ڊسمبر 1979ع تائين فقط چوڏنهن سئو جيئرا بچي سگهيا، جيڪي ڪارمل جي دور حڪومت ۾ آزاد ڪيا ويا. امين فوج جي ڪيترن ئي اعليٰ آفيسرن جون غلط بدليون ڪيون ۽ من پسند آفيسرن کي مراعتون ڏنيون، جنهن سبب فوج ۽ وزيرن ۾ سخت بي چيني پيدا ٿي. 27 ڊسمبر 1979ع تي فوج صدارتي محل کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو . وطن يار ۽ نردور يار، به فوج جي حمايت ۾ پهچي ويا ۽ رات جو ساڍي ڏهين وڳي حملو شروع ٿيو. ويڙهه ۾امين سندس ڀاءُ ۽ سندس پٽ مارجي ويا ۽ سندس لاشن کي ڪنهن اڻ ڄاتل هنڌ تي اڇلايو ويو.

امين جي ڪيترن ئي غير ذميوار قدمن سبب نه رڳو افغانستان ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿي، پر پارٽي جا ٻئي ڌڙا خلق ۽ پرچم به هڪ ٻئي سان وڙهندا رهيا. امين پنهنجي هڪ سئو ڏينهن جي حڪومت دوران انهن ئي ڳالهين ۾ الجهيل رهيو. 10 سيپٽمبر 1979ع تي ترهڪي ۽ برزنيف جي وچ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون. ان بابت ڪڏهن به خبر پئجي نه سگهي. جيڪڏهن روسي فوجي جي آمد جي ڳالهه هجي ها ته اهي نور محمد ترهڪي جي قتل کانپوءِ هڪدم پوءِ افغانستان ۾ داخل ٿي وڃن ها.

حفيظ الله امين جي قتل جي ٻي ڏينهن جي حمايت کانپوءِ ببرڪ ڪارمل 28 ڊسمبر 1979ع تي پنهنجي نشري تقرير ۾ امين جي حڪومت جي خاتمي ۽ پنهنجي اقتدار سنڀالڻ جي وضاحت ڪئي. ان ئي ڏينهن افغانستان ۾ روس جي 85 هزار فوج داخل ٿي وئي. ڪارمل 24 نومبر 1986ع تائين اقتدار ۾ رهيو. هو ڪٽر روس نواز ۽ مارڪسٽ هو. سندس اها تربيت مارڪسٽس دانشور مير اڪبر خيبر ڪئي. جنهن نه رڳو کيس سوشلزم جا سبق پڙهايا، پر هڪ پڪو سوشلسٽ به بڻائي ڇڏيو.

ببرڪ ڪارمل کانپوءِ ڊاڪٽر نجيب الله حڪومت سنڀالي. هو 1947ع ۾ پيدا ٿيو هو هن ڊاڪٽريٽ جي اعليٰ ڊگري حاصل ڪئي هئي. هن جي ئي حڪومت دور ۾ هڪ معاهدي تحت روسي فوجن جي افغانستان مان واپسي عمل ۾ آئي نجيب الله هڪ قابل ۽ دلير حڪمران هو کيس سڌارن ۽ ٻي ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي نه سگهيو. روسي فوج جي واپسي کانپوءِ به افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ۽ رتو ڇاڻ جو عمل جاري رهيو. نيٺ ڊاڪٽر نجيب الله 16 اپريل 1992ع ۾ تو ڇاڻ کي روڪڻ لاءِ اقتدار ڇڏي ڏنو ۽ ڪابل ۾ گڏيل قومن جي مشن ۾ پناهه ورتي.

جڏهن 26 سيپٽمبر 1996ع طالبان تي ڪابل تي قبضو ڪيو ويو ته هنن ڊاڪٽر نجيٽ ۽ سندس ڀاءُ کي گڏيل قومن جي مشن جي آفيس مان جهلي، سرعام ڦاهي ڏيئي ڇڏي ۽ ٻن ڏينهن تائين لاش جي بي حرمتي ڪندا رهيا.

نوٽ: هي مضمون تيار ڪرڻ ۾ ليکڪ هيٺ ڄاڻايل ڪتابن مان مدد ورتي آهي، قبر ڪي آغوش، راجا انور، افغان حڪمرانون ڪي تاريخ- الهيار يوسفزئي، افغان انقلاب-عبدالله ملڪ، ٽريجڊي آف افغانستان- راجا انور)

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو