Home / افيئر / الطاف حسين جو بيان
above article banner

الطاف حسين جو بيان

متحده ۽ پ پ هڪ سڪي جا ٻه پاسا!
نصير ميمڻ
ايم ڪيو ايم سربراهه پنهنجي ڇهه ماهي مشق برقرار رکندي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ورجايو ۽ هن ڀيري ته اهو به چتاءُ ڏنو ته سندس مطالبو الڳ ملڪ تائين به پهچي سگهي ٿو. معمول موجب هن ٻئي ڏينهن تي پنهنجي بيان تان ڦرندي چيو ته سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي ۽ هن سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو نه ڪيو هو.
ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ هميشه سنڌ جي وحدت سان مسخري ڪنديون آهن. هڪ پاسي ڏينهن رات پاڻ کي سنڌ جا سپوت سڏائڻ ۽ سنڌ کي ماءُ سڏائڻ جا دعويدار سنڌ کي ورهائڻ جا مطالبا ڪندا آهن ته ٻئي طرف پنجن سالن تائين سندن سمورن ڪرتوتن تي اکيون ٻوٽيندڙ پيپلز پارٽي جا وزير ۽ عهديدار رات وچ ۾ مها قومپرست ٿي پوندا آهن. سنڌي ماڻهن جي جذباتي ڪمزوري جو فائدو وٺندي پ پ اڳواڻ ڪڏهن به هوشو جا نعرا ورجائيندا آهن ته ڪڏهن وري لغڙ ڪاٽا ڪرڻ جا سطحي بيان ڏئي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهندا آهن گذريل پنجن سالن دوران پيپلز پارٽي پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ ان ساڳي ڌر سان ڪهڙا ڪهڙا ڀال نه ڀلايا. سندن چوڻ تي سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جا بنياد رکندڙ، ٻٽو مڪاني نظام متعارف ڪرايو، ارباب رحيم جي دور ۾ سندن آزاد ڪيل خطرناڪ دهشتگردن خلاف ڪو به قدم نه کنيو. آدمشماري ۾ بدترين ڌانڌلي تي اکيون ٻوٽيون ڪراچي ۾ هفتن تائين الڳ صوبي جي هلندڙ مهم کي بنا رنڊڪ هلڻ ڏنو. ٻئي طرف سنڌ جي وارثي جي دعويداري جي باجود سڄي سنڌ ۾ ڪرپشن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي. ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو، سڄي سنڌ جي ترقياتي رٿائن کي مال ڪمائڻ جو ذريعو بڻايو ويو ۽ سنڌ ۾ اقربا پروري کي نئين اوج تي پهچايو ويو. اهڙي طرح انهن ٻنهي ڌرين گڏجي پنجن سالن تائين سنڌ جي ڀيل ڪئي.
2013ع جي چونڊن کان اڳ پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي ساک بچائڻ لاءِ مڪاني ادارن وارو تڪراري نظام واپس ورتو پر ان جي پٺيان ٺاهه اهو هئو ته پيپلز پارٽي جيئن ئي ٻيهر چونڊونن کٽي اتحاد سان گڏ مرڪز ۽ صوبي ۾ حڪومتون ٺاهيندي ته وري پراڻو يا ان جهڙو ڪو قانون بحال ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي جون مرڪز ۾ حڪومت ٺاهڻ واريون سموريون اميدون مٽي ۾ ملي ويون ۽ سنڌ ۾ هنن اڪثريت جو بندوبست ڪري ورتو ته صورتحال بلڪل مختلف ٿي وئي. پيپلز پارٽي ڏٺو ته مرڪز ۽ باقي ٽن صوبن ۾ حڪومت نه ملي ۽ باقي بچي آهي سنڌ جيڪڏهن اتي به ٿا ايم ڪيو ايم جي فرمائش وارو پراڻو نظام بحال ڪريون ته پوءِ سنڌ جا ماڻهو به باغي ٿي ويندا. ان نئين صورتحال سبب پيپلز پارٽي چونڊن کان اڳ بحال ڪيل 1979ع واري نظام ۾ ڪجهه ترميمون ڪري نئون قانون متعارف ڪرايو. ايم ڪيو ايم لاءِ پنهنجي ووٽرن کي ان صورتحال ۾ راضي ڪرڻ مشڪل هو، تنهن ڪري ان مڪاني حڪومتن واري نئين نظام جي مخالفت ۾ پيپلز پارٽي کان ڀڄي نواز ليگ سان ويجهڙائپ شروع ڪري ڏني. ان سان پيپلز پارٽي ۾ وڌيڪ ڪاوڙ پيدا ٿي ۽ ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. پيپلز پارٽي هاڻي صوبي ۾ پنهنجي پوزيشن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هر طرح جا جتن ڪري رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان ڪراچي ۾ پنهنجو ميئرآڻڻ لاءِ تڪ بندين جي جوڙ جڪ ۾ اهو ئي ڪجهه ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو 2001ع ۾ ايم ڪيو ايم جنرل مشرف جي سرپرستي هيٺ ڪيو هو. ايم ڪيو ايم وڏي مهارت سان ان دور ۾ ٽائون اهڙي ريت ٺهرايا جو سواءِ ٽن چئن ٽائونز جي باقي هر ٽائون ۾ سندس ناظم اچي ويا ۽ سٽي ناظم به سنن پارٽي جو ٿي ويو.
پيپلز پارٽي گذريل پنجن سالن جي اقتدار دوران پڙهيل لکيل ۽ تعصب کان آجي سوچ رکندڙ اردو ڳالهائيندڙن سان رشتا بحال ڪري منجهن سياسي سيڙپڪاري ڪرڻ بجاءِ مفاهمت جي نالي هيٺ ڪراچي مڪمل طور ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪيل رکي. هاڻي ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ پيپلز پارٽي جون پاڙون عملي طور نه رهيون آهن. جهڙي طرح پيپلز پارٽي پاڻ کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي پاڻ کان الڳ رکيو ۽ ايم ڪيو ايم کي کي سندن اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو ان جي نتيجي ۾ اڄ پيپلز پارٽي ڪراچي ۽ حيدآباد ۾ ايم ڪيو ايم اڳيان سياسي طور بنهه ڪمزور آهي. ان حقيقت کي ڄاڻيندي ان ڪراچي ۾ تڪ بندين ڪرڻ وقت شارٽ ڪٽ ڳولڻ شروع ڪيا ۽ ان لاءِ مڪاني ادارن واري قانون ۾ هڪٻئي پٺيان ترميمون ڪيون. پيپلز پارٽي جا ڪي همراهه اڄ ان کي سنڌين جي سڃاڻپ جو ڊرامو بڻائي پيش ڪن ٿا پر درحقيقت پيپلز پارٽي کي ڪراچي ۾ ميئر سنڌين لاءِ نه پر پنهنجي اقتدار لاءِ گهرجي. هنن کي ڪراچي جي سنڌين ۽ بلوچن جي آبادين سان ڪا همدردي هجي ها ته انهن پنجن سالن ۾ انهن آبادين جي شڪل ايئن بدلائي پئي سگهي جيئن ايم ڪيو ايم مشرف جي دور ۾ پنهنجي آبادين جي بدلائي هئي. ڪراچي جا سنڌي ته ڇڏيو باقي سنڌ ۾ به ترقي جو جنازو نڪري ويو. اها ڳالهه چٽي آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ پنهنجو ميئر سنڌين جي حڪمراني يا ترقي لاءِ آڻڻ نه ٿي گهري ان جي پٺيان ان جا ڪي ٻيا سياسي ۽ اقتداري مفاد آهن. سنڌين جي ترقي حق حڪمراني جو کين ايڏو فڪر هجي ها ته اهو باقي سنڌ ۾ پنجن سالن دوران ڪري ڏيکارين ها. ساڳي طرح ايم ڪيو ايم کي به ڪراچي تي پنهنجي هڪ هٽي بين الاقوامي سياسي جي شطرنج کي هلائيندڙ ڌرين کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ گهرجي ڇو ته ان طرح سان سندن باقي سمورن ڪرتوتون کي ڍڪ رکڻ سولو ٿي پوي. ڪراچي تي سياسي قبضي جو مقصد ملڪي اقتدار ۾ ڀائ ٽيواري جون راهون هموار رهڻ ۽ هن خطي اندر مٿين سطح تي ٿيندڙ فيصلي سازي ۾ هڪ مضبوط ڌر بڻجي رهڻ آهي. جنهن ڪري ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي حڪمراني جي ضرورت آهي. پيپلز پارٽي کي پنج سال هڪ موقعو مليو هو ته اها ڪراچي ۾ مثبت سوچ رکندڙ اردو ڳالهائيندڙ ۽ ٻين آبادين کي ترقي جي عمل ۽ سياس ڪارونهوار ۾ گڏ کڻي هلي ها. ان کانسواءِ ڪراچي ۾ آباد کين غير قانون پرڏيهين کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي ڪري ها ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ سنڌين واسين کي پنهنجي راڄڌاني ۾ پير کوڙڻ لاءِ موقعا فراهم ڪري ها. ان طرح سان ايم ڪيو ايم کي سياسي طور اڪيلو ڪرڻ آسان ٿي ها. ان جي ابدتڙ پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٻين ڌرين اندر هٿيار بند ۽ ڪرملنز جا ٽولا پيدا ڪري ڀتي گيري، ۽ اغوا ۽ ٻين ڪرائمز کي ويتر وڌايو.
نتيجي ۾ ڪراچي جو امن مڪمل طور برباد ٿي ويو ۽ ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندڙ شهر ۾ ڪاروباري ۽ معاشي ڪارونهوار مڪمل طور مفلوج ٿي ويو. پرڏيهي سيڙپڪاري ٺپ ٿي وئي ۽ مقامي واپاري ۽ صنعتڪار ملڪ ڇڏي ٻين علائقن ڏانهن موڙي منتقل ڪرڻ لڳا. نواز شريف جيئن ته بنيادي طور سرمائيدار ۽واپاري طبقي جو نمائندو آهي، تنهن ڪري سندس حڪومت لاءِ ڪراچي جو امن اولين ترجيح بڻجي ويو. ساڳي طرح جيئن ته اقتداري سياست ۾ سنڌ اندر سندس حڪومت تي ٻيو ڪو گهڻو اثر ٿيڻو نه هو، تنهن ڪري هن سخت قدم کڻڻ آسان هو. نه هن کي ايم ڪيو ايم جي حمايت جي گهرج آهي ۽ نه سندس سخت قدمن سان سنڌ ۽ سندس ووٽن تي ڪو اثر پوندو. تنهن ڪري هن ڪراچي ۾ ڪرائيم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو. صوبائي سطح تي جئين ته ان آپريشن ۾ روز ز مره جو ڪنٽرول صوبائي حڪومت وٽ آهي، تنهن ڪري ان صورتحال ۾ ايم ڪيو ايم تي جيڪو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، ان سبب به اها پيپلز پارٽي کي جوابي دٻاءُ هيٺ رکڻ گهري ٿي ته جيئن ان تي هٿ هلڪو رکيو وڃي.
ان کانسواءِ ايم ڪيوا يم اندر تنظيمي سطح تي ٽڪراءُ ۽ ڀڃ ڊاهه به اوج تي آهي. ڪراچي جو اڳوڻو ناظم ملڪ ڇڏي ايم ڪيوا يم مان استعفيٰ ڏئي هليو ويو آهي. اهو به چيو وڃي ٿو ته گورنر عشرت العباد جا به تنظيمي قيادت سان اختلاف آهن. ٻئي طرف برطانيا ۾ ايم ڪيو ايم سربراهه خلاف جاچ جو گهيرو سوڙهو ٿي رهيو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ به ايم ڪيو ايم تمام گهڻي دٻاءُ جو شڪار آهي. مجموعي طور ڏسجي ته ڪراچي آپريشن، اندروني گروهه بندي ۽ برطانيه ۾ هلندڙ جاچ سبب ايم ڪيو ايم قيادت گهڻي دٻاءُ هيٺ آهي ۽ ان صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ان کي ڪو اهڙو وڏو تماشو ڪرڻ جي گهرج آهي، جنهن سان اردو ڳالهايئندڙ آبادي ان ڏانهن ڇڪجي اچي ۽ ان جا ڪارڪن اندروني ڏڦيڙ مان نڪري هڪ نئين ڊارمي ۾ مصروف ٿي وڃن. ان ماحول ۾ ايم ڪيو ايم قيادت لاءِ الڳ صوبي ۽ سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو جهڙا ڊراما ڪرڻ ضروري ٿي پيا آهن. اهو سمورو ڊارمو سنڌ ۾ پيپلز پارٽي حڪومت کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ آهي.
ٻئي طرف خود پيپلز پارٽي جيئن ته اقتدار دوران نه اڳ ۾ سنڌ جي ترقي لاءِ ڪو عملي ڪم ڪيو ۽ نه هاڻي ڪرڻ جي موڊ ۾ آهي. تنهن ڪري پنهنجي نااهليت تان ڌيان هٽائڻ ۽ سنڌ واسين پاران بهتر حڪمراني ۽ ترقي جي مطالبن کي ٽارڻ لاءِ هلڪن ۽ داٻن وارا ناٽڪي بيان ڏيئي سنڌ جي اڳواڻي جو تاج برقرار رکڻ جو بهترين بهانو کين حاصل ٿي ويو آهي. سنڌ جي ترقي جو ٻيڙو ٻوڙي ، ان کي بهتر حڪمراني ڏيڻ بجاءِ مال غنيمت ڪري لٽڻ لاءِ ضروري آهي ته عوام جي اکين تي ڪا نه ڪا پٽي ٻڌل هجي. شهيدن جا نعرا پراڻا ٿي وڃن ته پوءِ هوشو جا نعرا کڻي ڪم هلائجي، ٻنهي صورتن ۾ سنڌ سندن ڪمائي جو مستقل ذريعو بڻيل رهندي. سنڌ بچي يا ورهائجي ان سان ٻنهي ڌرين تي ڪو به اثر نه ٿو پوي. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي لاءِ سنڌ هڪ ڪاروبار آهي، جنهن ۾ آخري گهڙي تائين نفعو ڪمائڻو آهي. باقي سنڌ جي وحدت ۽ ان جي ترقي جي گهرج آهي انهن سنڌ ڌڻين کي جن لاءِ سنڌ تاريخ جو ورثو ۽ ايندڙ نسلن جي امانت آهي. اهي سنڌ واسي جيڪي ٻنهي ڌرين جي خسيس سياسي مفادن پٺيان سنڌ کي گهرو ويڙهه جو ٻارڻ بڻجندي نه ٿا ڏسڻ گهرن انهن لاءِ سنڌ جي ترقي ۽ وحدت جو اڪيلو رستو ٽڪراءُ نه پر امن آهي. ايم ڪيو ايم البت سنڌ جي ورهائي جا ورجايل اعلان ڪري اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي هڪ انڌي کاهي ڏانهن ڌڪي رهي آهي. آبادي جي هاڻوڪي توازن ۾ سنڌ اندر ڪا به گهرو ويڙهه ٿي ته سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن ٻنهي جا مفاد برباد ٿيندا. اردو ڳالهايئندڙ آبادي ان غلط فهمي جو شڪار آهي ته ايم ڪيو ايم کين پليٽ ۾ رکي الڳ صوبو پيش ڪندي جنهن کي هو ڏهن سالن اندر هانگ ڪانگ يا سنگاپور بڻائي ڇڏيندا. اهو ٽڪراءُ ايترو ته ڀيانڪ نتيجا آڻيندو جو هي خطو ڊگهي مدي تائين ساهه کڻڻ جهڙو نه رهندو. ان صورتحال ۾ ضروري آهي ته ڪراچي ۾ رهندڙ باقي ٻوليون ڳالهائيندڙ ڌرين سان گڏجي ڪا اهڙي حڪمت عملي جوڙي وڃي جيڪا سنڌ ۾ ٽڪراءُ ۽جي ماحول کي ختم ڪري سگهي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي اهواحساس ڏياري ته ايم ڪيو ايم جي سياست جي وقتي جذباتي جو شڪار ٿي پاڻ کي اڪيلو ڪرڻ بجاءِ ساڃاهه کان ڪم وٺي.
nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو