Home / اسپيشل افيئر / اميرن جي بجيٽ غريبن جي نانءُ
above article banner

اميرن جي بجيٽ غريبن جي نانءُ

هshojaر سال وانگر هن سال به وفاقي سرڪار جي ايندڙ مالي سال لاء بجيٽ ۾ ڪيترا ئي وڏا وڏا وعدا ڪيا ويا آهن، گھڻا آسرا ڏنا ويا آهن ۽ هميشه وانگر اهي دعوائون پڻ ڪيون آهن ته بجيٽ جي ڪري عام ماڻهوجي کيسي تي ڪوبه اثرڪونه پوندو. پر،ٽين جون 2014 تي اسلام آباد جي قومي اسمبلي ۾ پيش ٿيندڙ بجيٽ کان صرف هڪ ڏينهن پهريائين حڪومت سالياني اقتصادي جائزي ۾ اهواعتراف پڻ ڪيو هئو ته ملڪ جي اڌ کان به وڌيڪ آبادي غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي بسر ڪري رهي آهي ۽ ايڏي وڏي انگ جي بدحالي کي بهتر بنائڻ لاءايندڙ سال جي بجيٽ ۾ ڪي به جوڳا اپاء يا مناسب فنڊ تجويز نه ڪيا ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ انهن غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گذاريندڙ اڪثريت واري آبادي لاء هن بجيٽ ۾ ڪجھ به فائدو بظاهرنظر ڪونه ٿو اچي. اقتصادي ماهرن هن بجيٽ کي ڪاروباري ڌرين جي مفاد واري بجيٽ قرار ڏنو آهي يعني ته پهريائين ڍايلن کي اڃا به گھڻو ڪجھ ڏنو ويوآهي، باقي عام ماڻهو کي رڳو آسرا۽ ڏٺا. وڌ ۾ وڌ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ماهوار ملندڙ رقم 1200 روپين مان وڌائي 1500 روپيه ڪئي وئي آهي، جيڪا هاڻي 4.1 ملين خاندانن بدران 5.3 ملين خاندانن کي ملندي، باقي مڙئي خير.

حڪومت دعوا ڪئي آهي ته پرڪيپيٽا انڪم يا في ماڻهو جي سالانا ڪمائي 1386 ڊالر ٿي وئي آهي، جيڪا گذريل سال 1339 ڊالر هئي. وفاقي وزير خزانا اسحاق ڊار، جنهن وفاقي بجيٽ ۽ قومي اقتصادي جائزي جي رپورٽ پيش ڪيون آهن، گذريل سال وانگر غريبن جي همدرد بجيٽ پيش ڪرڻ جو دعوا ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ 90 ملين ماڻهو غربت جي ليڪ کان هيٺ زندگي گھاري رهيا آهن ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ جوڙڻ مهل ان طبقي جي ڀلائي کي مد نظر رکيو ويو آهي.

اگرايندڙ سال جي بجيٽ جي انگن اکرن تي هڪ سرسري نظر ڊوڙائجي ته ايندڙمالي سال يعني 2015_2014 لاء پاڪستان جي ڪل سالياني بجيٽ 3936 ارب روپين جي آهي، جيڪا هلندڙ سال جي بجيٽ کان 7.9 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ايندڙ سال لاء حڪومت پنهنجي آمدني ۾ مختلف ذريعن مان 405 ارب روپين جي واڌاري جي اميد رکي ٿي، جيڪا رقم ٽيڪسن جي اڳاڙي، سبسڊي ۾ گھٽتائي ۽ گيس جي انفراسٽڪچرجي واڌاري لاء لڳايل ٽيڪس ۾ ٽيڻو اضافو ڪرڻ ذريعي جمع ٿيڻ جي اميد آهي. ٽيڪسن مان آمدني جو اندازو230 ارب روپيا آهي، جڏهن ته عوام کي ملندڙ مختلف قسم جي سبسڊي يا ڇوٽ کي ختم ڪرڻ جي صورت ۾ حڪومت کي 120 ارب روپين جي بچت ٿيڻ جو آسرو آهي. ايندڙ سال لاء وفاقي سرڪار پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمنٽ پروگرام لاء 525 ارب روپيا رکيا ويا آهن. اها رقم هلندڙ سال جي ترقياتي پروگرام کان پڻ گھٽ آهي، جيڪو 540 ارب روپيا هئي. بپلڪ سيڪٽرڊيولپمينٽ پروگرام جي رقم دفاع لاء رکيل رقم کان 27 سيڪڙو گھٽ آهي. ملڪ جي دفاعي بجيٽ ۾ ايندڙ سال لاء 11 سيڪڙو واڌارو ڪيو ويو آهي ۽ دفاع لاء ڪل رقم 700 ارب روپيا رکيا ويا آهن.

JUNE-15-2014   26

پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام جو سڀ کان وڏو حصو ملڪ ۾ جاري بجلي جي بحران کي حل ڪرڻ لاء مختلف بجلي پيداوار جي منصوبن لاء رکيو ويو آهي، جيڪوڪل 205.71 ارب روپيا آهي. ان رقم مان پاڻي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ وارن منصوبن جھڙوڪ ڊيمن جي تعمير لاء 81.42 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ٿرمل پاور ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ وارن منصوبن لاء 23.40 ارب روپيا شامل آهن. پن بجلي جي سڀ کان وڏي منصوبي يعني ديامير ڀاشا ڊيم لاء زمينون خريد ڪرڻ خاطر 10 بلين روپيا هلندڙ سال لاء رکيا ويا هئا، جڏهن ته ايندڙ سال لاء 15 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ڪراچي_لاهور موٽر وي پروجيڪٽ لاء 30 ارب روپيا پڻ رکيل آهن.

صوبن، فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ وفاقي پروگرام تحت ڪميونٽي ڊيولپمينٽ جي پروجيڪٽن لاء 82.03 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ريلوي جي ترقياتي ڪمن لاء 39.36 ارب روپيا، ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي منصوبن لاء 51.47 ارب روپيا، صحت جي شعبي جي ترقياتي پروگرامن لاء 26.81 ارب روپيا رکيا ويا آهن. اعلي تعليم يعني هاير ايجوڪيشن لاء 63 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال لاء رکيل رقم کان 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

وفاقي حڪومت جي سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۽ پينشنن ۾ صرف 10 سيڪڙوواڌارو ڪيو ويو آهي جيڪو انتهائي ناڪافي آهي. ان گھٽ واڌري تي احتجاج ڪندي سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ڪلارڪن اسلام آباد ۾ لٺيون ۽ ڳوڙهن وارن گئس جي گولن کي برداشت ڪيو. هنن جو چوڻ هئو ته هلندڙ سال دوران مهانگائي جي ڳاٽي ٽوڙ واڌاري سبب اهو واڌارو انتهائي گھٽ آهي، سندن پگھارن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 20 سيڪڙو جو اضافو هئڻ گھرجي. گريڊ هڪ کان 15 تائين جي سرڪاري ملازمن جي ڪنوينس الائونس ۾ البته 5 سيڪڙو واڌ پڻ ڪئي وئي آهي.

اهڙي طرح سان نجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ غير هنرمند مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ ماهوار پگھار 10000 روپيا مان وڌائي 12000 روپيا ڪئي وئي آهي. بدقسمتي سان اهڙن اعلانن سان نجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جون پگھارون ڪڏهن به ڪونه وڌيون آهن. گذريل سال ڪيل 10000 روپيا ماهوار پگھار جي اعلان تي پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ عمل درآمد ڪونه ٿي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ صوبائي حڪومتن جي ليبر کاتن جون ذميداريون وڌي وڃن ٿيون، پر ان سلسلي ڪي جوڳا انتظامي قدم ڪونه کنيا ويا آهن. سرڪاري رٽائر ملازمن جي گھٽ ۾ گھٽ پينشن 5000 روپيا ماهوارمان وڌائي 6000 هزار روپيا ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي.

هن بجيٽ جي سڀ کان اهم ڳالھ سرمائيدارن ۽ مالدارن کي ملندڙ سهولتن ۽ ٽيڪسن ۾ ڇوٽ آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپ ڪاري ڪندڙن ۽ بروڪرن تي لڳندڙ ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۾ ايندڙ سال لاء ڪوبه واڌارو نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حڪومت گذريل جنوري ۾ اعلان ڪيو هئو ته ڪيپيٽل گين ٽيڪس 10 سيڪڙو مان وڌائي 17.5 سيڪڙو ڪيو ويندو. مگر سرمائيدارن جي طاقتور اثر سبب هن ڀيري اهوواڌارو نه ڪيو ويوآهي. اهو ٽيڪس البته انهن سيڙپڪارن لاء 12.5 سيڪڙو هوندو جيڪي خريد ڪيل شيئر 12 مهينن کان گھٽ عرصي لاء پاڻ وٽ رکندا.

گھرن ۽ عمارتن جي اڏاوت ڪندڙن تي ڪارپوريٽ ٽيڪس جيڪو پهريائين 33 سيڪڙو هئو ان کي گھٽائي 20 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، وزير خزانه موجب اهو اگھ انهن شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيارڻ لاء سال 2017 تائين برقرار رهندو. شادين جي فنڪشنن تي لڳندڙ ٽيڪس جيڪواڳ 10 سيڪڙو هئو ان کي گھٽائي 5 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.

ان کا علاوه ڪسٽم ڊيوٽي ۾ پڻ لاٿ آندي وئي آهي، جيڪا هاڻي 30 سيڪڙو بدران رڳو 25 سيڪڙو هوندي. ڪسٽم ڊيوٽي جي اٺن سليبن بدران هاڻي صرف 6 سليب هوندا.

ملڪ جي پرڏيهي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاء پڻ ڪيتريون ئي سهولتون۽ ٽيڪسن ۾ نرمي ڪئي وئي آهي. ملڪ جي ايڪسپورٽ يعني برآمد وڌائڻ لاء ھڪ نئين اگزم بينڪ آف پاڪستان جي نالي سان ترقياتي بئنڪ قائم ڪئي پئي وڃي، جنهن لاء شروعاتي سوٿي 10 ارب روپيه حڪومت پاڪستان خود مهيا ڪندي. بند ڪيل ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ کي ٻيهر رائج ڪيو ويندو ۽ پاڪستان لينڊ پورٽ اٿارٽي جي نالي سان هڪ نئون ادارو قائم ڪيو ويندو، جنهن جو ڪم ملڪ ۾ سامان ۽ انسانن جي اسمگلنگ کي ٻنجو ڏيڻ هوندو. ايڪسپورٽن لاء قرض تي وياج جي موجوده شرح 9.4 سيڪڙو مان گھٽائي 7.5 سيڪڙو ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ايڪسپورٽن طرفان ورتل ٽن کان ڏھ سالن جي ڊگھي عرصي لاء ورتل قرضن جي شرح پڻ 11.4 سيڪڙو مان گھٽائي 9 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

جيئن ته موجوده حڪومت اچڻ شرط آئي ايم ايف کان قرض وٺي حڪومت هلائڻ شروع ڪئي هئي، مگر ان قرض سان لاڳاپيل شرط پڻ پورا ڪرڻا اٿس، جن مان سڀ کان اهم شرط سبسڊي يعني رعايتن جو خاتمو آهي. حڪومت بجلي ۽ ڪجھ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي خاطر ڪجھ خرچ خود برداشت ڪندي آهي جنهن کي سبسڊي جي کاتي ۾ وڌي ويندو آهي. آئي ايم ايف جي شرطن کي مڃيندي ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ حڪومت سبسڊي جي رقم ۾ گھڻي قدر گھٽتائي آندي آهي. گذريل سال جي بجيٽ ۾ حڪومت 240.43 ارب روپيا سبسڊي لاء رکيا هئا، مگر ملڪ ۾ بجلي جي بحران ۾ شدت اچڻ ڪري اها رقم وڌي 323 ارب روپين تي وڃي پهتي، پر آئي ايم ايف جي دڙڪن کي ذهن ۾ رکندي حڪومت پاڪستان اها رقم گھٽائي 203 ارب روپيا رکي آهي، جيڪا گذريل سال لاء رکيل اصل رقم کان 37 سيڪڙو گھٽ آهي. ايندڙ سال لاء رکيل ان سبسڊي مان سڀ کان وڏي رقم يعني 156 ارب روپيا بجلي جي مد ۾ واپڊا، ڪراچي اليڪٽرڪ ۽ پيپڪو لاء آهي. اهڙي طرح سان 7 ارب روپيا يوٽلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي ڏنا ويندا ته عوام کي ضروري شيون سستن اگھن تي وڪرو ڪري سگهي. ان ۾ 3 ارب روپيا رمضان پيڪيج جا پڻ شامل آهن، جنهن جو وفاقي ڪابينا اڳ ۾ ئي اعلان ڪري چڪي آهي. اهڙي طرح ڪڻڪ جي خريداري ۽ ان کي اسٽور يا ذخيرو ڪرڻ لاء ايندڙ خرچن لاء 9 ارب روپيا رکيا ويا آهن. باقي سبسڊي گلگت، بلتستان ۽ فاٽا ۾ رهندڙ عوام کي سستي اگھ تي ڪڻڪ مهيا ڪرڻ ۽ انهن علائقن جي عوام لاء آيوڊين مليل لوڻ مهيا ڪرڻ لاء خرچ ڪئي ويندي.

وفاق طرفان اڳاڙيل ٽيڪسن ۽ صوبن کي اين ايف سي تحت فنڊن جي منتقلي لاء 1852 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جيڪي هلندڙ مالي سال دوران صوبن کي ملندڙ 1558 ارب روپين جي رقم کان 18.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. نيشنل فائنانس ڪميشن يا اين ايف سي تحت صوبن کي ملندڙ رقمن مان سنڌ جو حصو 24 سيڪڙو ٺهي ٿو، بجيٽ تقرير ۾ ناڻي جي وفاقي وزير ٻڌايو ته 464 ارب روپيا منتقل ڪيا ويندا، جڏهن ته پنجاب کي 812 ارب روپيا، خيبر پختونخواھ کي 283 ارب روپيا ۽ بلوچستان کي 159 ارب روپيا ملندا.

زرعي شعبي کي ملندڙ قرضن جي سلسلي ۾ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ آبادگارن ۽ ننڍن زميندارن کي ڪجھ سهولتن ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير اسحاق ڊار موجب حڪومت پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان ڪمرشل بئنڪن کي زرعي قرض ڏيڻ لاء همٿائي رهي آهي، ان سلسلي ۾ بئنڪن طرفان جاري ڪيل قرضن ۾ نقصان جي صورت ۾ ڪمرشل بئنڪن کي اسٽيٽ بينڪ 50 سيڪڙو نقصان ڀري ڏيڻ جي گارنٽي ڏيندي. هاڻي اهي زرعي قرض 5 ايڪڙ آبپاشي ذريعي آباد ٿيندڙ زمين ۽ 10 ايڪڙ غير آبپاشي ذريعي آباد ٿيندڙ زمين رکندڙ ننڍن آبادگارن کي پڻ ڏنا ويندا. ان اسڪيم تحت 3 لک خاندانن کي فائدو پهچڻ جي اميد آهي، جن کي هڪ لک روپين تائين جا زرعي قرض ڏنا ويندا. جڏهن ته ان اسڪيم لاء حڪومت ڪل 30 ارب روپيا رکيا ويا آهن. ان کان علاوه حڪومت کنيل زرعي قرضن جي انشورنس تي ايندڙ پريميم کي واپس ڪرڻ واري اسڪيم جو دائرو 25 ايڪڙ رکندڙ آبادگارن تائين وڌائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. اها اسڪيم اڳ صرف 12.5 ايڪڙ رکندڙ آبادگارن لاء هئي. حڪومت کي توقع آهي ته ان اسڪيم مان 7 لک ننڍا آبادگار ڪٽنب لاڀ حاصل ڪري سگھندا. ان اسڪيم لاء حڪومت ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ اڍائي ارب روپيا رکيا آهن.

سنڌ صوبي جي بجيٽ

13 جون تي سنڌ جي وڏي وزيرسيد قائم علي شاھ، جنهن وٽ خزاني جو قلمدان پڻ آهي، سنڌ صوبائي اسيمبلي ۾ ايندڙ سال يعني 2014.15 جي 686.179 ارب روپين جي بجيٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ 14 ارب روپين جو خسارو پڻ ڏيکاريل آهي. صوبائي حڪومت وفاق کان 381.38 ارب روپيا، 82.623 ارب روپيا ڊائريڪٽ ٽرانسفر، 10.253 ارب روپيا آڪٽراء ٽيڪس جي خاتمي کان پوءِ وفاق کان ملندڙ ان جي اجوري طور وصول ڪندي. جڏهن ته صوبائي حڪومت پنهنجن ذريعن ۽ ٽيڪسن مان 125.06 ارب روپيا حاصل ڪرڻ جي اميد ڏيکاري آهي. حڪومتي خرچن جو اندازو 436.09 ارب روپيا ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 22 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

سنڌ صوبي جي بجيٽ جي سڀ کان اهم ڳالھ سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي، هلندڙمالي سال لاءِ 185لاءِ ارب روپيا رکي وئي هئي، پرايندڙ سال لاءِ ان ۾ گھٽائي آندي وئي آهي، جيڪا هاڻي 168 ارب روپيا يعني 17 ارب روپيا گھٽ هوندي. هڪ طرف سنڌ ۾ غربت، بي روزگاري ۽ بدحالي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي، ته ٻئي طرف صوبائي حڪومت سنڌ جي ترقياتي بجيٽ ۾ گھٽتائي آڻي پئي، جنهن جو مطلب ته غربت ۾ اڃا به واڌارو ايندو. ٻئي طرف سنڌ ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ بجيٽ ۾ تمام گھڻو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي ترجيحن جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سنڌ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ 55 ارب روپيا رکيل آهن، جيڪي گذريل سال جي رکيل رقم 44.86 ارب روپين کان 20 سيڪڙو وڌيڪ آهن. سنڌ جي روڊن لاٰءِ سالياني ڊيولپمينٽ پلان ۾ 9.7 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جيڪي 305 ڪلوميٽر نون روڊن جي اڏاوت 470 ڪلوميٽر ٺهيل روڊن جي مرمت ۽ 11 نين پلين جي اڏاوت تي خرچ ڪيا ويندا.

تعليم لاءِ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ 134 ارب روپيا ۽ صحت لاءِ 34.58 ارب روپيا رکيا ويا آهن.

ڪراچي شهر جي ترقيائي پروجيڪٽن لاءِ 42 ارب روپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ وڏا پروجيڪٽ جهڙوڪ ايس_ ٿري (سيوريج) ۽ ڪي_ فور پاڻي جي فراهمي جا منصوبا شامل آهن. بجيٽ پيش ڪندي وڏي وزير وفاقي سرڪار جي طرفان هلندڙ سال لاءِ واعدو ڪيل رقمون جاري نه ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان رويي جي ڪري ڪراچي لاءِ ٻه وڏا پروجيڪٽ گريٽر سيوريج پلان (ايس_ٿري) ۽ پاڻي جي فراهمي جو پروجيڪٽ ڪي فور رولڙي جو شڪار آهن. ڪراچي لاءِ وفاق طرفان وڏا پروجيڪٽ ڪراچي سرڪيولر ريلوي ۽ لياري ايڪسپريس وي جهڙا وڏا منصوبا به وفاقي حڪومت جي ان رويي سبب رولڙي جو شڪار آهن.

وڏي وزير ٻڌايو ته 7.98 ارب روپيا جي لاڳت سان ٺهندڙ ايس ٿري پروجيڪٽ لاءِ وفاقي سرڪار 3.99 ارب روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هئو مگر ان مان هلندڙ سال لاءِ صرف 200 ملين (20 ڪروڙ) روپيا جاري ڪيا ويا آهن. ايندڙ سال لاءِ سنڌ حڪومت ان منصوني لاءِ هڪ ارب روپيا رکيا آهن. اهڙي طرح ڪراچي کي روزانو260 ملين گيلن پاڻي مهيا ڪرڻ واري 25.55 ارب روپين جي رٿا ( ڪي فور پروجيڪٽ) لاءِ وفاقي سرڪاري ان منصوبي جي اڌ قيمت ڏيڻ جو واعدو ڪيو هئو، هن سال پهريائين ڪابه رقم نه رکي وئي هئي، مگر سنڌ حڪومت جي احتجاج کان پوءِ ان منصوبي لاءِ وفاقي حڪومت صرف 200 ملين روپيا ئي بجيٽ ۾ رکيا آهن.

رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ پڻ 10 سيڪڙو جي حساب سان واڌارو ڪيو ويو آهي، پر پينشن جو گھٽ ۾ گھٽ اگهه 5000 روپيا ماهوارمان وڌائي 6000 روپيا ڪيو ويو آهي.

سنڌ حڪومت به وفاق ۽ ٻين صوبائي حڪومتن وانگر سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 10 سيڪڙو واڌارو آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ کان پندرهين گريڊ جي ننڍن سرڪاري ملازمن لاءِ ڪنوينس الائونس ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. نجي شعبي جي مزدورن جي گھٽ ۾ گھٽ ماهوار پگھار 10،000 روپين مان وڌائي 11،000 روپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت اها پگھار 12،000 ماهوار ڪرڻ ۽ پنجاب حڪومت 13،000 روپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي جو ڪابه حڪومت ان تي عمل درآمد ڪرائڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه وئي آهي.

موجوده صوبائي حڪومت گذريل پنجن سالن جي پي پي حڪومت جو تسلسل آهي. وڏي وزير دعوا ڪئي ته سندس صوبائي حڪومت گذريل 6 سالن ۾ صوبي اندر سرڪاري ادارن ۾ 2 لک ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون آهن اميد ٿي ڪجي ته ان ۾ غير قانوني ڀرتي ٿيل تعليم کاتي جا ماستر شامل ڪونه هوندا)، جڏهن ته ايندڙ سال لاءِ 25000 وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

سنڌ سرڪارخدمتن تي جنرل سيلز ٽيڪس جي اڳاڙي ڪندي آهي، ان ٽيڪس جي شرح ۾ هڪ سيڪڙو جي گھٽائي آندي وئي آهي، جيڪو اڳ 16 سيڪڙو هئو، پر ايندڙ سال کا اهو 15 سيڪڙو ٿي ويندو. اهڙي طرح سنڌ حڪومت ڳرين فيئن وٺندڙ اسڪولن، اسپتالن ۽ ليبارٽرين کان به 5 سيڪڙو جي حساب سان جي ايس ٽي اڳاڙڻ جو ارادو رکي ٿي. سنڌ ۾ جائدادن ۽ ملڪيتن جي منتقلي تي لڳندڙ ٽڪلين جي اگهه ۾ پڻ واڌارو ڪيو ويو ويو آهي، جيڪو اڳ 1 سيڪڙو هئو، پر هاڻي ٻه سيڪڙو هوندو.

سنڌ صوبي جي بجيٽ جي سڀ کان اهم ترقياتي منصوبا پبلڪ_پرائيويٽ پارٽنرشپ شروع ٿيندڙ منصوبا آهن، جن مان خاص ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ٿر جي ڪوئلي تي ٺهندڙ ۽ ٻيا بجلي جي پيداواري منصوبا شامل آهن. ڪراچي جو عوام پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هجڻ ڪري تمام وڏين پريشانين جو شڪار آهي. ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ سنڌ حڪومت پبلڪ_پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪراچي جي ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پيلي ۽ سائي (يلو ۽ گرين) لائين نالن سان بس ريپڊ ٽرانسٽ اسڪيمون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پيلي لائين منصوبو پرائيوٽ سيڪٽر جي تعاون سان مڪمل ڪيو ويندو. جڏهن ته گرين لائين منصوبي لاءِ صوبائي حڪومت ايندڙ سال لاءِ 3 ارب روپيا رکيا آهن. اهو منصوبو اميد آهي ته ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو ۽ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ پڻ ايتري رقم رکڻ جي اميد آهي.

بجلي جي منصوبن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته ٿر جي ڪوئلي سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي منصوبن لاءِ صوبائي حڪومت 20 ارب روپيا سيڙهائيندي، جن ۾ 7 ارب روپيا پاور سيڪٽر جي ترقي لاءِ مخصوص هوندا. ان موقي تي هن سنڌ پاور پاليسي 2014 جوڙڻ جو پڻ اعلان ڪيو، جنهن تحت نجي شعبي ذريعي ڪوئلي، گيس، تيل ۽ سولرتي هلندڙ بجلي جي منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ويندو. پبلڪ_پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت نوري آباد ۾ لڳندڙ گئس سان هلندڙ 100 ميگا واٽ جو پاور پروجيڪٽ، روهڙي ڪينال جي وهڪري تي لڳندڙبجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ، خيرپور ۾ ڪچري ذريعي بجلي پيدا ڪندڙ پلانٽ ذريعي 20 ميگا واٽ بجلي ۽ 5 سولر پاور پروجيڪٽن ذريعي 20 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ منصوبا پڻ شامل آهن.

ٿر جي ڏڪار کان متاثر علائقن جي ترقي ۽ ٿري عوام کيِ رليف ڏيڻ لاءِ، صوبائي حڪومت ٿر ڊيولپمينٽ پلان جي نالي سان 50 ڪروڙ روپين جوهڪ اسپيشل پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان کان علاوه 40 ڪروڙن جو ٿرپارڪر ڊيولپمينٽ پيڪيج پڻ ڏنو پيو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو