Home / افيئر / انڌي ٻلهڻ جي وجود کي خطرا ۽ تحفظ جي ضرورت!
above article banner

انڌي ٻلهڻ جي وجود کي خطرا ۽ تحفظ جي ضرورت!

ناصر علي پنهور

گذريل ڪجهه سالن کان آيل ٻوڏن جي ڪري جتي معاشي، سماجي  ۽ بنيادي ڍانچي کي نقصان پهتو آهي اتي وري ڪجهه ماحولياتي فائدا پڻ ٿيا. ان ۾ خاص ڪري سنڌو درياءَ ۾ موجود انڊس ڊولفن (انڌي ٻلهڻ) آهي. ٻوڏ سبب درياءَ ۾ پاڻي جي گهڻائي ڪري انڌي ٻلهڻ کي ترڻ ۽ پنهنجي خوراڪ ڳولڻ ۾ سولائي ٿي. مجموعي طور تي ٻوڏن مان انڌي ٻلهڻ کي فائدو پهتو. ڊبليو ڊبليو ايف پاران تازي ڪيل هڪ تحقيق موجب ٻوڏن کان پهرين انڌي ٻلهڻ جي آبادي درياءَ جي هڪ مخصوص علائقي مان ملندي هئي،  اهو مخصوص علائقو گڊو ۽ سکر بئراج جي وچ واري ايراضي تي مشتمل هو پر هاڻي ان جي آماجگاهه واري علائقي ۾ واڌ آئي آهي. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته تازو ڪيل تحقيق دوران تونسا ۽ گڊو بئراج جي وچ ۾ 465 ٻلهڻيون رڪارڊ ڪيون ويون. جڏهن ته 2001ع واري سروي موجب ان علائقي  ۾ 259 ٻلهڻون رڪارڊ ٿيون هيون. ساڳي ريت سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي وچ واري علائقي ۾ 2006ع ۾ ڪيل سروي موجب صرف چار ٻلهڻيون رڪارڊ ٿيون جڏهن ته هاڻي واري سروي موجب ان علائقي ۾ 34 ٻلهڻيون رڪارڊ ٿيون آهن.

2006ع ۾ ڪيل سروي موجب اٽڪل 1600 ٻلهڻيون رڪارڊ ٿيون جڏهن ته هاڻي واري سروي موجب ٻهلڻين جو تعداد 1452 آهي، جنهنجو ڊبليو ڊبليو ايف موجب هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻلهڻيون درياءَ جي آبپاشي وارن علائقن ۾ لڙهي ويون هجن. هي سروي درياءَ ۾ ان وقت ڪئي ويندي آهي جڏهن درياءَ ۾ پاڻي گهٽ هوندو آهي ۽ ٻلهڻ ڏسڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن،  پر 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ درياءَ جو پيٽ به وڌيو آهي ۽ پاسن مان نڪرندڙ چينل به وڌيا آهن تنهن جي ڪري ٻلهڻ جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون. بهرحال ذريعن موجب نئين سروي مطابق ٻلهڻ جي تعداد جي حوالي سان سنڌ جي جهنگلي جيوت واري کاتي کي ڪجهه تحفظات آهن.

ماضي ۾ درياءَ جي پاڻي ۾ کوٽ دوران ٻلهڻيون بئراجن مان نڪرندڙ واهن جي دروازن ۾ ڦاسي پونديون هيون يا وري واهن ذريعي نڪري مختلف کڏن ۾ پهچنديون هيون ۽ مڇي جي ڄار ۾ ڦاسي پونديون هيون، ايئن ڪيتريون ئي ٻلهڻيون مري ويون آهن. اهڙيون خبرون اڪثر ميڊيا رپورٽ ڪندي رهي آهي. ان سلسلي ۾ ڊبليو ڊبليو ايف پاران جهنگلي جيوت کاتي جي سهڪار سان سکر ۾ انڊس ڊولفن ريسڪيو سينٽر به قائم آهي ۽ هاڻي اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم طريقي سان ڦاٿل ٻهلڻ کي ريسڪيو ڪري واپس درياءُ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو. هن وقت انڌي ٻلهڻ کي سڀ کان وڌيڪ خطرو مهاڻن جي مڇي مارڻ جي غلط ۽ غير پائيدار طريقن مان آهي. جنهن تحت مهاڻا مڇي مارڻ لاءِ پاڻي ۾ زهريليون دائون اڇلائن ٿا ۽ گڏوگڏ سنهو ڄار استعمال ڪن ٿا. بئراج ٺهڻ کان پهرين مهاڻا ۽ ٻلهڻ آزاد درياءَ جي وهڪرن سبب بنا ڪنهن رنڊڪ جي پنهنجو جياپو حاصل ڪندا هئا. پر 19 صدي ۾ برطانيا جي راڄ دوران سنڌو تي بئراج ۽ ڊئم ٺهڻ جو سلسلو شروع ٿيو جنهن سان ٻلهڻ جي چرپر تي اثر پيو. هن وقت ٻلهڻ جو وڏو تعداد گڊو ۽ سکر بئراج جي وچ تائين محدود ٿي ويو آهي. 170 ڪلوميٽرن جي ان علائقي کي 1974 ۾ “انڊس ڊولفن رزرو”  قرار ڏنو ويو هو.

 انڌي ٻلهڻ ٻن سببن ڪري ٻي آبي مخلوق کان مختلف ۽ منفرد هوندي آهي. هڪ ته هو ٿڻائتو جانور آهي ٻيو ته هي تقريبن انڌي ٿيندي آهي. ٻلهڻ جو هي قسم صرف سنڌو دريا ۾ ملي ٿو. ٻلهڻ جو هڪ قسم هندستان جي دريائن گنگا ۽ برهمپترا ۾ به ٿئي ٿو. پر اهو سنڌي ٻلهڻ کان مختلف آهي. هزارين سال اڳ ٻلهڻ سمنڊ ۾ رهندي هئي جتان نڪري سنڌوءَ  درياءَ  ۾ اچي وئي. سنڌو درياءَ جي لڙي پاڻي سبب، سمنڊ جي شفاف پاڻي ۾ رهندڙ هن جانور جون اکيون ڌنڌليون ٿينديون ويون.

قدرت ان کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ وري هن جي ٻڌڻ جي سگهه تيز ڪري ڇڏي آهي. جنهن کان هو ڀرپور فائدو وٺندي آهي، هن جي جسم ۾ هڪ اهڙي قوت پيدا ٿي وئي آهي جنهن ذريعي هي پنهنجي جسم مان هڪ خاص قسم جون لهرون خارج ڪندي رهندي آهي، جيڪي سندس چوڦير پکڙجي وينديون آهن ۽ ڀرپاسي ۾ ڪنهن به شيءَ جي موجودگي جي صورت ۾ ان سان ٽڪرائجي واپس ٻلهڻ ڏانهن اينديون آهن.

جنهن مان هو ان شيءِ جي قسم ۽ فاصلي بابت پوري ڄاڻ حاصل ڪري وٺندي آهي. انڌي ٻلهڻ هڪ انسان دوست جانور آهي ۽ پوءِ ماڻهن سان جلد هريو مريو وڃي ۽ مختلف شين سان راند روند کي پسند ڪندي آهي. آءِ يو سي اين جي ريڊ لسٽ مطابق انڌي ٻلهڻ جو نسل ختم ٿيڻ جي خطري هيٺ آهي.

سنڌو درياءَ خاص ڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ اڪثر ڪري زيرو وهڪرو رهي ٿو ۽ زيرو وهڪري جي مد ۾ مسلسل واڌ سبب انڌي ٻلهڻ جي چرپر واري علائقي ۾ گهٽتائي ايندي پئي وڃي. گهٽ وهڪرن جي ڪري جڏهن دريائن مان ڪئنالن ڏانهن وهڪرا بلڪل بند ٿي وڃن ٿا ته ٻلهڻ جي آبادي مخلتف حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿي.

گڊو ۽ سکر بئراج جي وچ واري علائقي ۾ ٻلهڻ جي مرڻ جا واقعا وڌيڪ ٿين ٿا. جنهن جو مکيه سبب  مڇي مارڻ جي غير قانوني طور طريقن سان آهي. ان ڏس ۾ مڇي مارڻ جي قانون ۽ ماحول دوست طريقن کي هٿي وٺرائڻي پوندي ۽ اهو صرف تڏهن ممڪن آهن جڏهن مهاڻا رضاڪارانه طور اڳيان اچن ۽ انهن اصولن تي عمل ڪن.

فشريز جي لاڳاپيل قانون تي به نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مجموعي طور مٺي پاڻي جي ماحولياتي نظام ۽ اتي موجود مختلف جيوت کي فائدو پهچي سگهي. سنڌو درياءَ جي ڪنارن سان آباد مهاڻن کي ٻلهڻ جو تحفظ ۽ خاص ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪئنالن ۽ ڪچي ۾ ٻهلڻ جي نظر داري کي وڌيڪ موثر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻلهڻ کي بروقت ريسڪيو ڪري واپس درياءَ ۾ ڇڏي سگهجي ۽ سنڌ جي هن انمول جانور جو تحفظ ڪري سگهجي.

ليکڪ ماحولياتي ماهر ۽ ڊيولپمينٽ سيڪٽر سان لاڳاپيل آهي.

                                                                         napanhwar@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو