Home / اسپيشل افيئر / ايمان داري ءَ جو دِق
above article banner

ايمان داري ءَ جو دِق

Irshad Memonزندگي جي ڊگهي تجربي ۽ ڌڪا کائڻ کانپوءِ راوي تنهن نتيجي تي پهتو آهي ته ايمانداري کي هڪ نفسياتي بيماري ڪوٺجي. اهڙي مرض وڪوڙيل جو علاج ٿيڻ کپي. گهٽ ۾ گهٽ اسان جهڙي سماج ۾ ڏوريندي سو ڪرڻ گهرجي. ان طرح جي روڳ جو شڪار نه فقط پاڻ عذاب ۾ هجي ٿو پر ساڻس لاڳاپيل سڀ ماڻهو اڌ چريا لڳندا. عقلي نموني معاملي جو ڇيد ڪنداسين ته هن نُڪتي کي به نظر ۾ رکڻو پوندو.

نارمل ڪير آهي، نارملسي ڇا کي ٿو سڏجي؟ اٽينمينٽ آف ميجارٽي ٺيڪ هئڻ جو پهريون معيار آهي. چاق چڱ ڀلائيءَ واري روش لاءِ لازم آهي ته اوهان ايئن ئي ڪيو جيئن ٻيا هڙئي ڪري رهيا هجن. تعليم پرايو يا هنر سکو. شادي ڪري ٻار ڄڻيو، پاليو، گهر ٺاهيو ۽ ان کي سينگاريو سنواريو. زماني جي خوشي، غم ۾ شريڪ هجو. آسپاس جي انسانن سان ڪلهو ملائي بيٺل ڏسڻ ۾ اچو. انهن مڙني ڪمن ڪاڻ پئسو گهربل آهي. اوهان پڻ ڏوڪڙ ڪمايو. بلڪل تنهن ريت، جنهن نموني ٻيا ماڻهو رزق ڳولهي رهيا هجن. سڌي سنواٽي نيم کي اختيار ڪري يا ٽڪي پنجي وسيلي. پاڻ پاري معاشري ۾ جتي پورهيو پگهر وهائڻ کان سرس ٽڪساٽ ڪرڻ کي سمجهيو وڃي، ايمانداري جي هام هڻي ڪوئي جيڪڏهن پيٽ پٺي لڳائڻ خاطر آتو هجي. تنهن منش کي دماغي لنجهڻ ماريو نه ته ڇا چئجي؟

نوڪري ۽ ان کان ٻاهر سماجي جياپي کي ڀوڳيندي ليکڪ انيڪ آدمي ڏٺا. شودا، ڪوڙ ڳالهائيندڙ. ٻئي کي پيٽ ۾ ٺونٺ وهائي اڳتي وڌڻ جي جنون ۾. ڪي وري اشراف، سادا، ڪنهن کي بنهه نه آزاريندڙ ماڻهو. پوئين جنس ٿورائي ۾ ملندي. گهڻائي بشني، ٻه نمبري ارواحن جي. ذهني بيماري سا ڪيفيت آهي جڏهن اوهان ان رستي تان ٿڙي وڃو جيڪو اڪثريت، قافلي، ميجارٽي جو دڳ هجي، اٽينمينٽ آف ميجارٽي جو شرط. باقي سڀ پولو ڳهي رهيا پسجن ۽ توهان حلال، اچاريندا وتو، ڪير آهي جو سالم دماغ ڪوٺيوَ! انت ته، نه حرام کي هٿ لائيندؤ ۽ نه وري حلال حاصل ڪري سگهندا. بکن ۾ پاهه ٿي، جيئندان تاراج ڪري خود به لوڪ جي لتن ۾ هوندا ۽ پاڻ سان لاڳاپيل ٻين کي پڻ بربادي جي اوڙاهه ۾ ڌڪي ڇڏيندا. ايماندار ماڻهو جو انجام برو، تمام برو. لاچار ٿي، جياپي جي سک ، آسائشن، لذت ۽ مزي ڪاڻ آخر جو اتنظار ڪندا. مون جهڙا ناستڪ ٿي ويا ته ڍينگوئي ڍير. حياتي اجائي.

اڻپوريون حسرتون اوهان جي سيني ۾ نانگ ٿي گهمنديون. هر ويل چڪ هڻي زهر پيون اوتينديون،. بيمار انا کڻي توهان ايمانداري جي نالي ۾ ڪيل بيوقوفين تي پاڻ پيا پڏائيندا. خود مٿان خلق کلائيندا. وقت هٿان مان نڪري چڪو هوندو. مڇلائپ جا چار سال اوهان کي ڪروڙ پتي ڪري ڇڏين ها. توهان اجائي تَڏ ۾ رهيا. ٿورڙي هيٺاهين ڪرڻ ۾ حرج هئو ڇا؟ وهنوار ۾ معمولي تبديلي ڏوڪڙن جا ڍير کڻي اچي ها. ٽيڪيل شخص جي سامهون ليڙون ٿيل لٽا پاتل، پيرن اگهاڙي اڀو بيٺل همراهه مسخرو ئي لڳندو نه. اوهان پنهنجي ٻارن آڏو ذلت ڀوڳيندا. ايمانداري جي ڏياٽي، تنهن عذاب کان بچائي ڪين سگهندو.”

سچي، کري انسان ويچاري وٽ رڳو ڳياڙي هوندي آهي. پئي وڄندي اٿس، هر هميشه، ساڳيون ڪهاڻيون. بيزار ڪندڙ ورجاءُ . وري وري پيو سڻائيندو ته پاڻ مانواري، ڪيئن فلاڻي هنڌ فلاڻي ماڻهو پاران اڳتي وڌايل سڻڀي آڇ ٿڏي ڇڏيائين. خيال هوندس ته ٻڌندڙ خانصاحب سندس واهه واهه ڪندي، خود به اهڙي چريائپ جو شڪار ٿيندو.

JUNE-15-2014   46

ايماندار منش ڄاڻي نه سگهندو ته ڀرسان ويٺل معتبر جي من ۾ هوريان هوريان سندس ڪل ٿڙيل هئڻ ۾ اعتبار گهر ڪندو ويندو. هڪ صبح جو سوير، هو ۽ هن جهڙا ٻيا ابابيل مٿس اڇلائڻ خاطر پٿرين جا جهول ڀري ايندا. کيس سماج جو ناسور ڪوٺي، گدو اپستال ۾ واڙي واپس ورندا. دنيا جي ڪاروبار تي ڪو اثر نه پوندو. ڪيئي صاف دلين وارا هينئر به اتي قابو آهن. حيدرآباد ايئن جو ايئن پيو هلي. نه ٺڙڪ ٺڳي ۾ گهٽتائي آئي، نه ڀتي وري ۾.

اصول، اصول ڪري جيئندڙ چرياڻن جي منزل اهائي آهي. کين بيابان ۾ ڊاٻو ڪرڻو پوندو. سجهندي ئي راهه مٽائين. اٽينمينٽ آف ميجارٽي جي مول کي قابو ڪري ، گپ ۾ ويهي رهن. سڀ اتي ويٺا آهن. گندي پاڻي ۾ هٿڙا ملي، منهن تي پيا گهمائين. سڀني جو چهرو مبارڪ بليڪ رنگ جو هجي ته ڪير ڪنهن تي ٺٺولي هوندو؟ سندن وچ ۾ اوهان، قبلا ڪانڊيرا خان، پيشانيءَ کي صاف، اڇو رکڻ لاءِ آتا هجو، ٻيا توهان کي ڇڏي ڏيندا ڇا؟ ضرور ڪا ته ڪارروائي هو به ڪندا اهو، اوهين گدو بندر تي- هو جمالو!

اڪثريت مطمئن آدم جي آهي. هيڏانهن هوڏانهن ڪري، هر طرح جا هٿ پير هڻي ڀڀ ڀري کائڻ وارا. بچت سچت اچاري مال ملڪيت ۾ واڌ آڻڻ ڪاڻ بيچين آتم. اسر ويٺل اٿي شام تائين پئسي حاصل ڪرڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪندڙ.

اهو مرض فقط وچولي ۽ مٿين طبقن جي ڏاج جو ڀاڱو ناهي هوندو. ڏيهاڙي تي پورهيو ڪرڻ وارا پڻ ڪنهن نه ڪنهن جڳاڙ جي تاڙ ۾ هوندا. ڌپياري ۽ ڍونڍ ڀري زندگاني گهاريندڙ ماڻهو. سانحهيءَ ڌاري گڏ ڪيل وٿ کي ڀاڪر پائي چميون ڏيندڙ. ٻيو ڪهڙي به ڏچي ۾ پوي، پنهنجو الو سڌو ڪرڻ جن جو دير ۽ ڌرم البت. آزمائش مهل مڇ وانگر ڪوڙا ڳوڙها ڳائيندڙ. اڻ ڏٺن آسماني ديوتائن آڏو نڪ گسائي گيسيون ڪرڻ جا شوقين. اجل ڪاڻ وات ڀري خبرون ڪندڙ پر اضافي ٻه ساهه ڪرڻ لاءِ جڳ سموري کي ڪک پن ڪري به پاڻ بچائڻ جي انڌ ۾.

ايماندار منش جي کل تي هلڪي ڏڏر ناهي هوندي جو سندس مرض ڏانهن گهڻو ڌيان ڇو ڏجي. ماليخوليا جي بيماري چئجيس. باقي آدم کان هٽي ڪري ڪنهن ٻئي ٻني هلندڙ. خود سندي ذات جي تباهي لاءِ سامان گڏ ڪرڻ ۾ رڌل ان انسان کي دنيا جي وهنوار خاطر هاڃو ڄاڻي آسپاس پساهه کڻندڙ کيس هنڌائتو ڇڏي اچڻ ڪاڻ ويچارين ته غلط نه چئجن.

ايئن اهڙو همراهه حياتي جي رنگ بزنگي وهڪري کان پاسائتو اونداهين جي اوڙاهه جي خوراڪ ٿي پاتال ڀيڙو هجي، عجب نه وٺي. سائنس جا شاگرد منجهس جينياتي نقص ڳولهين. نفسيات جا ڄاڻو نيورو ٽرانسميشن تي مغزماري ڪن. نيون دوائون، ڦڪيون ٺاهيو پيش ڪندا پسجن. هڻ هڻي ٿڪجن. ايماندار انسان سماج لاءِ ناسور آهي ۽ رهندو پاڻ هن کي وچ ۾ سانڍي ڏچي ۾ آهيون.

وقتائتي صلاح آهي ته اسان مان هر هڪ اٽينمينٽ آف ميجارٽي جي قائدي طرف ڌيان ڏئي. خود کي گهڻائي جي شجر سان پيوست رکي. پونئيرن جي تربيت مان ايمانداري جا احوال ڪڍي ڇڏي. اڪثريت، تاريخ جي ڪهڙي به دور ۾ سچائي ۽ کرائپ جي طرف بيٺل ناهي رهي. ساڻن سلهاڙجي هلڻ ۾ فائدو آهي.

لوڪ کان ڪناري ٿيڻ سان جي آزار اوهان جو آتم ڳاريل تن کان موڪلاڻي چڱي. معصوم ٻارڙي کان پوڙهي پڪي تائين سان ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو