Home / افيئر / بلوچستان اسيمبلي: رئيساڻي ڀوتاڻي کي آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب !
above article banner

بلوچستان اسيمبلي: رئيساڻي ڀوتاڻي کي آئوٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب !

ارشاد مستوئي

                        بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي ميمبرن پاران اسپيڪر بلوچستان اسيمبلي جي برطرفي جي گذيل قرارداد صنعت جي صوبائي وزير سيد احسان شاهه ايوان ۾ پيش ڪندڙ چيو ته 13 نومبر 2012 تي حڪومت جي صلاح سان گورنر طرفان گهرايل اجلاس ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. قائم مقام گورنر رڳو وفاق يا صدر باڪ طرفان مليل اختيار روزانو جي بنياد تي انٽر معاملا اڪلائڻ لاءِ آئين جي پاسداري يقيني بڻائيڻ جو خصور وار هوندو آهي. اهڙي صورتحال م هڪ علامتي گونر هڪ  مجان اٿارٽي جو استحقاق مجروح ڪري اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو حڪم رد ڪرڻ جو مرتڪب ٿيو جنهن سان صوبائي حڪومت جي آئين ادارن ۾ بي اعتمادي ۽ منفي تاثر عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.. هي ايوان متفقه طور اسپيڪر محمد اسلم ڀوتاڻي کي سندس عهدي تان فوري طور هٽائڻ جي سفارش ڪري ٿو.

                        مذڪوره قرارداد تي سينيئر صوبائي  وزير مولانا عبدالوسع، انجنيئر زمرڪ خان اچڪزئي ۽ صوبائي قانون واري وزير مير عبدالرحمان جمالي، حاجي مدد علي چت ۽عزاله گوتو خيالن جو اظهار ڪندي ٺهراءُ جي حمايت ڪئي ۽ اسپيڪر محمد اسلم ڀوتاڻي جي روئي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته موصوف غير جمهوري ڪردار ادا ڪوي. جيتري قدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڳالهه آهي ته سپريم ڪورٽ سميت سمورا ادارا احترام لائق آهن ليڪن امن امان جو مسئلو رڳو بلوچستان جو ناهي، هاڻوڪي حڪومت ريڪوڊڪ مسئلي تي اصولي موقف اختيار ڪيو ۽ بلوچسان جي حقن وجود دفاع ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي. اين ايف سي ايوارڊ اسانجي جدوجهد جو ثمر آهي، جيڪي ڪم 65 ورهين ۾ نه ٿيا اسان جي حڪومت پنجن سالن ۾ ڪري ڏيکايا. اسان اين ايف سي ايوارڊ ۾ 65 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ڪئي، ان کانپوءِ  اسان جو گهيرو تنگ ڪري اسان جي چوڌاري رڪاوٽون وجهڻ جي ڪوش ڪئي ويئ، ڪڏهن اسپيڪر ته ڪڏهن چيف سيڪريٽر طرفان مسئلا پيدا ڪيا ويا. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي جواز بڻائي اسانجي خلاف مسئلا پيدا ڪيا ويا حالانڪه سپريم ڪورٽ واضح طور چيو هو ته ان اسيمبلي نه پر حڪومت جي ڳالهه ڪئي هئي، ليڪن ان کي به هڪ بهانو بڻايو ويو.

                        هن کان اڳ قرارداد پيش ڪرڻ جي موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ نوابزاده طارق مگسي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن کيس ڊپٽي اسپيڪر ڳالهائن جو موقعو نه ڏنو. اسيمبلي ميمبرن صادق عمراڻي ۽ جان علي چنگيزي اٿي بيهي پوائنٽ آف آرڊر  تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته حڪومتي ميمبرن زور زور سان ديسڪون وڄايون ۽ ڪجهه ميمبرن هڪ ئي وقت ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو جنهن ڪري گهڙي پل لاءِ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. پهرين اپوزيشن ليڊر طارق مگسي ۽ ان کانپوءِ مير صادق عمراڻي ۽ جان علي چنگيزي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، جنهن کانپوءِ برطرف جي قرار داد تي ڳجهي ووٽنگ جو سلسلو شروع ٿيو، مجموعي طرح 48 ميمبرن پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪيو. 11 ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ته ڪئي جڏهن ته ٽن ميمبرن اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو.

                        پ پ جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر حاجي مدد علي خشڪ چيو ته پارٽي کي اعليٰ قيادت طرفان عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ وزير اعليٰ بلوچستان جو ساٿ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي پر پارٽي جي صوبائي صدر ۽ هڪ ميمبر ان جي ڀڃڪڙي ڪئي جڏهن ته ٻين 12 اسيمبلي  اسپيڪر جي برطرفي جي حق ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ان کانپوءِ اسان پ پ جا 12 اسيمبلي ميمبر شريڪ چيئرمين ۽ صدر آصف علي زرداري کان مطالبو ٿا ڪريون ته صادق عمراڻي خلاف ترت ڪارروائي ڪندي کيس عهدي تان هٽايو وڃي.

                        اسپيڪر بلوچستان اسيمبلي محمد اسلم ڀوتاڻي پنهنجي خلاف پيش ڪيل عدم اعتماد جي تحريڪ جي طريقيڪار کي آئين ۽ قانون جي خلاف قرار ڏيندي چيو ته “ جيڪڏهن منهنجا دوست عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪرڻ کان اڳ مون سان رابطو ڪن ها ته آءُ کين  صحيح رستو پڻ ڏيکاريا ها. پيار محبت ۾ عهدو ڇڏڻ ته پري جي ڳالهه آهي سِر به گهرن ها ته ڏئي ڇڏيان ها، ليڪن ڪير جيڪڏهن اکيون ڳاڙهيون ڪري ڳالهائي ته پوءِ مقابلو ڪيو ويندو آهي. منهنجي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻيندڙ دوستن جلدبازي ۾ تمام گهڻيون آئين غلطيون ڪيون آهن. اهو اسيمبلي ميمبرن جو حق آهي ته اهي ڪنهن کي به اسپيڪر چونڊين  يا کيس هٽائي ڇڏين ليڪن منهنجي خلاف جيڪا عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي وئي. ان ۾ آئيني ۽ قانون جهول موجود آهن. وزير اعليٰ يا سندس دوستن طرفان منهنجي خلاف جيڪا عدم اعتماد جي تحريڪ آندي وئي آهي اها هڪ وزير طرفان پيش ڪئي وئي آهي. اسيمبلي رولز ۾ وزير ۽ ميمبر جي وضاحت واضح  طور تي موجد آهي، جنهن ۾ اها ڳالهه واضح آهي ته وزير اعظم اسپيڪر ڊپٽي اسپيڪر يا وزيرن مان ڪو به ميمبر ناهي ۽ اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ميمبرن طرفان اچڻ گهرجي. ٻي ڳالهه اها ته عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪرڻ ۽ ووٽنگ وچ۾ ستن ڏينهن جو وقفو هجڻ گهرجي. ان دوران اسيمبلي ميمبرن کي اسيمبلي جي سيڪريٽري طرفان نوٽيس سندن ايدريسن تي ڊسپچ ڪئي ويندي آهي، جيڪي اڃا تائين نٿي سگهي آهي، منهنجي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ تي 22 اسيمبلي ميمبرن جون صحيحون موجود آهن.ايئن اڌ کان وڌيڪ ميمبرن کي عدم اعتماد جي تحريڪ بابت ڪا خبر ئي ناهي.

                        ياد رهي ته اسپيڪر اسلم ڀوتاڻي ۽ وزير اعليٰ بلوچستان اسلم رئيساڻي وچ ۾ اختلاف ان وقت سامهون آيا جڏهن اسپيڪر بلوچستان اسيمبلي گڏيل اسيمبلي اجلاس بابت خدشا ظاهر ڪيا هئا. بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي 9 ۽ 10 نومبر تي بلوچستان جي ڏاکڻي شهر گوادر ۾ اجلاس گهرايو هو. اسلم ڀوتاڻي جو چوڻ هو ته بلوچستان جي مسئلن جي باري ۾ درخواست جي شنوائي دوران سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل ريمارڪس مطابق اجلاس گهرائڻ توهين عدالت ٿي سگهي ٿي . ٻئي طرف اسپيڪر اسلم ڀوتاني عدم اعتماد جي تحريڪ خلاف بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو رخ پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته چيئرمين نيب پڻ بلوچستان اسيمبلي ۾ ووٽ ڏيکارڻ جي مامري جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ستن ڏينهن اندر رپورٽ گهرائي ورتي آهي.

                        ياد رهي ته 26 دسمبر تي بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس جي دوران اسپيڪر محمد اسلم ڀوتاڻي جي خلاف پيش ڪيل برطري واري قرار داد تي ڳجهي ووٽنگ دوران اسيمبلي ميمبرن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ اتي موجود ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز ڪامران اسد ۽ وزير اعليٰ بلوچستان جي پرسنل  سيڪريٽري حافظ عبدالباسط کي پنهنجو ووٽ ڏيکاريندا رهيا.

                        بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڊپٽي اسپيڪر مطيع الله آغا ۽ سيڪريٽري اسيمبلي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، ليڪن جن عورت ميمبرن جا ڦوٽو اخبارن جي زينت بڻيا، ان حوالي سان اسلم ريئساڻي جو چوڻ آهي ته هڪ انگريزي اخبار جي پهرين صفحي تي شايع ٿيندڙ تصور قانون اسيمبلي ميمبر غزاله گولو جي آهي جنهن 13 نومبر تي وزير اعليٰ خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ۾ حصو نه ورتو هو بلڪ پ پ جي صوبائي ڪائونسل جي اجلاس م ويهي نواب رئيساڻي جي بنيادي ميمبرشپ معطل ڪرڻ واري فيصلي جي حمايت ڪئي هئي جنهن تي ضابطهي جي ڪارروائي ڪندي وزير اعليٰ سندس فنڊ روڪي ڇڏيا هئا. جڏهن ته ٻي تصوير راحيلا دراني جي آهي، جنهن جا 30 ڪروڙ روپين جا فنڊ روڪيا ويا هئا. منهنجي خلاف عدم اعتماد جو ووٽ ڏيڻ  کانپوءِ اميد ته سندن فنڊ بحال ٿي ويا هوندا.

                        ٻئي پاسي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز ڪامران اسد اسيمبلي ميمبرن جون تصويرون ڇاپيندڙ اخبارن خلاف انتقامي ڪارروائي ڪندي سندن اشتهار بند ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ ساڻس راطبو ڪيو ويو پر هن ڪو به موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو