Home / افيئر / بلوچستان: هزاره ڪميونٽي جي قتلام کان گورنر راڄ تائين !
above article banner

بلوچستان: هزاره ڪميونٽي جي قتلام کان گورنر راڄ تائين !

عديل مهر

                        بلوچستان ۾ هڪ وڏي قتلام تي انتهائي احتجاج کان پوءِ رئيساڻي جو راڄ ختم ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو. ڪوئيٽا ۾ عملدار چوڪ تي احتجاج واري هنڌ اڌ رات پڄاڻان پنهنجي سر پاڻ پهچي وزير اعظم اهو اعلان ڪيو. اهو احتجاج جنهن ٽن ڏينهن اندر پوري ملڪ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. ويجهي تاريخ ۾ اهو پهريون احتجاج آهي جنهن پوري ٿيڻ کان اڳ۾ پنهنجو مقصد حاصل ڪيو.

                        هزاره ڪميونٽي جي 86 ماڻهن جو قتلام به اڳي جيان آيو ويو ٿي وڃي ها جيڪڏهن احتجاجي ڌرڻو ايڏي پئماني جو نه ٿئي ها، جنهن پئماني ۾ پورو ملڪ اچي ويو ۽ تعداد ۾ پورا ٽي ڏينهن ٿي ويا. هڪ ته ڪوئيٽا ۾ قيامت جهڙي سردي تي اها گرمي حاوي ٿي وئي جيڪا بي گناهن جي شهادت تي غصي ۾ پيدا ٿي. 86 لاش پٿرجي ويا يا انهن جي چوڌاري ماڻهو ويهي رهيا،.. نه جنازو نه تدفين، ضروري اهو ٿي پيو ته اول ان انتظام جو جنازو نڪري جنهن جي ناڪامي جو اهو نتيجو آهي. عام طور تي احتجاجن جي عمر ٿوري هوندي آهي تڏهن ان بي حسي جي عمر وڏي ٿيندي آهي جيڪا انياءَ جي ذميوار هوندي آهي پر هي جيڪو احتجاج هو ان پنهنجو وقت وڌائي ڇڏيو. ڪلاڪن جي جاءِ ڏهاڙن ورتي، مرڻي هڪ ڌرڻي جي صورت اختيار ڪئي.

                        وقت جو وڏي ۾ وڏو اهو ڌرڻو هو جنهن پورو ملڪ بلاڪ ڪري ڇڏيو، رستن تي زندگي مفلوج ٿي، روڊن تي اهڙا ڌرڻا لڳا جو جيڪو جتي هو اتي رُڪجي ويو. مسافر بيوسي ۽ بک ۾ پاهه ٿيڻ لڳا، پوڙها، عورتون ۽ ٻار عذاب هيٺ اچي ويا، ايئن ڪڏهن به نه ٿيو هو. جيئن ٿيو ته ان جو ڪو نتيجو به نڪتو. ڪوئيٽا کان پوءِ وڏو ڌرڻو ڪراچي ۾ ان هنڌ لڳو جتي حڪمراني اچي آرامي ٿيندي آهي، انهي هنڌ سنڌ جي ٻن وزيرن کي مار به ملي، صورتحال تيزيءَ سان خراب ٿي رهي هئي. قادري جو لانگ مارچ ته هڪ هنڌ جو مسئلو هو پر هي ڌرڻا شهر شهر جي حالت بڻجي رهيا هئا، سڀ کان وڌ ڌيان طلبي رهيا هئا. احتجاج جڏهن اهڙي صورت اختيار ڪندا آهن ته ڏينهن ٿيڻ نه ڏيندا آهن حڪمرانن کان آڌي رات جو اعلان ڪرائيندا آهن. عدليا جي بحالي کان پوءِ هي ٻيو فيصلو هو جيڪو عوام اڌ رات جو حڪومت کان ڪرايو.

                        رئيساڻي جي حڪومت اهڙي نااهل هئي جو سپريم ڪورٽ 31 آڪٽوبر 2012 تي چيو هو ته بلوچستان حڪومت حڪمراني جو حق وڃائي ويٺي آهي ! عدليا تي آڪڙيل حڪمران جماعت ان آبزرويشن جي مذمت ڪئي هئي ۽ بلوچستان جي عوام جي مينڊيٽ جي توهين سان تعبير ڪيو هو. پر هڪ ڏينهن اهڙو آيو (13 جنوري) جو اها توهين پاڻ حڪومت کي ڪرڻي پئي جڏهن 120 ماڻهن جي قتل کانپوءِ هزاره قبيلي جا ماڻهو ڪوئيٽه جي چوڪ تي 86 لاشن رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ ان کي 3 ڏيهن ٿي ويا. جڏهن اهو احتجاج ملڪ گير ٿي ويو ۽ ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي وئي ته آخر گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو.

                        نواب اسلم هن عوامي راڄ جو رئيساڻي راڻو هو،2008 جي اليڪشن جي بيلٽ باڪس مان نڪتو هو،هن جي پارٽي اقتدار جوڙڻ جي پوزيشن ۾ نه هئي. هن جڳاڙي جهان ٺاهيو. مولوين جي جماعت ۽ ق ليگ جي ڪل ميمبرن کي ملائي 9 اپريل 2008 تي حڪومت ٺاهي ورتي هئائين. اهو ڏينهن ۽ 13 جنوري جو ڏينهن پوڻا پنج سال رئيساڻي بلوچستان کي چنبڙيل رهيو. ماڻهو مرندا رهيا، قتل ٿيندا رهيا پر هن پنهنجي اتحادين کي اهڙو راضي رکيو جو سپريم ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ ۽ حڪم ڏيڻ جي باوجود بهتري نه آئي.

                        بلوچستان ۾ گورنر راڄ به مسئلي جو پنهنجي ليکي حل ناهي. بلڪه حل لاءِ هڪ قدم آهي سو به ٻن مهنن لاءِ، رئيساڻي جي جاءِ تي مگسي جو بااختيار بڻجڻ تڏهن ڪارائتو قدم ثابت ٿيندو جڏهن ان قتلام جا جوابدار سزا  ڀوڳيندا ۽ آئيندي لاءِ اهو عمل رڪجي ويندو. 15 تاريخ تي معطل صوبائي اسيمبلي پنهنجو اجلاس ڪري گورنر راڄ جي مذمت ڪئي آهي پر هاڻي اگر ڪرڻو آهي ته گورنر کي ڪجهه ڪري ڏيکارڻو آهي. گورنري اگر رئيساڻي ريت ۽ راڄ جا داغ نٿي ڌوئي ته پوءِ ايندڙ اليڪشن ۾ ماڻهو ڪو ٻيو بندوبست ڪندا. اگر گورنر ذوالفقار مگسي به ان ئي مشينري تي ڀاڙيندو جيڪا رئيساڻي جي رکيل آهي ته پوءِ هو شيعه ۽ هزاه کي قتل ڪندڙ انتهاپسند گروپ لشڪري جهنگوي کي ڪيئن جهلي سگهندو ؟ هي گور نر به  انهي حڪمراني جو حصو آهي جيڪا هرطرح فيل ٿي آهي. هن به پنهنجي حصي جو ڪردار اهڙو ادا ناهي ڪيو تڏهن ته واقعي پڄاڻان اعتراف ڪيائين ته حقيقت ۾ اسين حڪمراني ۾ ناڪام ٿيا آهيون، ٻي ڪا حڪومت اچي ۽ حالتن کي ڪنٽرول ڪري. اهو گورنرآخر ٻن مهينن ۾ اهو ڇا ڪري سگهندو جيڪو پوڻن پنجن سالن ۾ جمهوري حڪومت ۽ اسيمبلي نه ڪري سگهي ؟ هي ناڪامي رڳو ان قدم سان نظر انداز نه ٿي سگهندي.. ناڪاره ماڻهن کي ناڪامي بلڪه نااهلي جو به ۽ نقصان جو به هڪ ته حساب ڏيڻو پوندو ٻيو ازالو ڪرڻو پوندو.

                        رئيساڻي جي راڄ ۾ جيڪو ٿيو تنهن جو حساب ڪير ڏيندو ؟ ڇا هن تي ڪيس داخل ڪري مٿس ڪيس هلايا ويندا ؟ يا هر ڳالهه کي ڇڏي وري ڪنهن نئين رئيساڻي کي بلوچستان جو مقدر بڻايو ويندو ؟ بلوچستان ۾ فقط هزارا جا هي ماڻهو قتل ناهن ٿيا، اڳ به انتهاپسنديءَ انهن جا ويڙها ويران ڪيا آهن، نه فقط اها ڪميونٽي پر بلوچستان جي سَنڌ سَنڌ ۾ بارود ڀري ڌماڪا ڪيا ويا آهن ۽ بي حساب انسان ماريا ويا آهن. وڏي عرصي کان بلوچستان جون ماضي جون سڀ حڪومتون پنهنجي مٿان حساب چاڙهينديون رهيون آهن. زخم ڀرڻ بجاءِ زخم ڏينديون رهيون آهن. جڏهن جڏهن به رئيساڻي جهڙا راڄ ڌڻي ٿيا آهن بلوچستان فرد فرد ٿي قبيلو قبيلو ٿي قتل ٿيو آهي.

                        جڏهن سپريم ڪورٽ اها آبزرويشن ڏني ته بلوچستان جي حڪومت هر طرح ناڪام ٿي آهي ۽ حڪمراني جو حق وڃائي وئي آهي تڏهن ان نااهل کي هٽايو وڃي ها ۽ هائوس ۾ ڪنهن چڱي شخص جو انتخاب ڪيو وڃي ها پر پوءِ به انهيءَ  شخص تي اعتماد برقرار رهيو ۽ هن مولوين جي مدد سان بادشاهي برقرار رکي بلڪه ان اسپيڪر کي هٽايو ويو، جنهن عدليا جي آبزرويشن ڏانهن ڌيان ٿي ڇڪايو، پر هر ڳالهه جي ڪا انتها به ٿيندي آهي، 86 ماڻهن جو قتل اها انتها بڻي جنهن نااهل حڪومت کي لوڙهي ڇڏيو.

                        افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ايڏي وڏي واقعي کي به تبديلي لاءِ ضروري نه ڄاتو ويو. وفاق کان اونو ٿيو ته ايڏي وڏي ناڪامي تي بلوچستان جي بيڪار حڪومت کي بدلايو وڃي. ان جو به مطالبو احتجاج وارن کي ڪرڻو پيو. ان مطالبي واري ڌرڻي به ٽي ڏينهن ورتا، شايد ايترا ٻيا ڏينهن به گذري وڃن ها جيڪڏهن  ڌرڻو پوري مُلڪ جو رُخ نه وٺي ها. ملڪ جا روڊ بلاڪ ٿي ويا، زندگي جي حرڪت بند ٿي وئي تڏهن ٿيو اهو قدم جيڪو خود آئين جي آرٽيڪل 234 مطابق آهي. آئين مطابق عمل ۾ به ايڏي پڪائي ڪئي وئي جو ملڪ جو عوام مونجهه محسوس ڪرڻ لڳو. جڏهن ڪم وقت تي نه ٿيندا آهن ته تڪليف ڏاڍي ڏيندا آهن، جڏهن ڪم غلط ٿيندا آهن ته نتيجا بُرا ڏيندا آهن. بُرن نتيجن جي ڀري ٻڌي عوام ۾ سُرخرو نٿو ٿي سگهجي. ڳالهه کي هن سوال تي کٽايون ٿا ته ڇا اهڙي صورتحال، اهڙو قتلام ڪراچي ۾ ناهي ٿيو ؟ ڇا فيصلا وڏين انتهائن کانپوءِ ٿيندا ؟ ڇا قدم انتهائي ڌرڻن کانپوءِ کڄندا پيا ؟ ڇا تبديليون تڏهن اينديون جڏهن وڏي تعداد ۾ لاش خود دفنائجڻ کان انڪار ڪري ڇڏين ؟!!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو