Home / افيئر / بي نظير قتل ڪيس: 6 ورهين کان پوءِ به قاتل آجا!
above article banner

بي نظير قتل ڪيس: 6 ورهين کان پوءِ به قاتل آجا!

امداد سومرو
شهيد محترمه بي نظير ڀٽو جي قرباني جي نتيجي ۾ اقتداري ايوانن تائين پهتل پيپلز پارٽي اڳواڻ طرفان لڳايل وڏا بل بورڊ ۽ پوسٽر جنهن ۾ شهيد محترمه کي سرخ سلام پيش ڪيل آهي پر جيڪي سواءِ ڏيکاءُ جي ڪجهه به نه آهن. پ پ حڪومت طرفان 6 سال اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود بي نظير ڀٽو قتل ڪيس کي وائکو ڪرڻ لاءِ سنجيده قدم نه کڻڻ سان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي ان قتل ڪيس ۾ عدم توجه ڏسجي ٿو. ڄاڻو ذريعن جو چوڻ آهي ته 2007ع ۾ جڏهن عالمي طاقتن جي مداخلت سبب بي نظير ڀٽو ۽ پرويز مشرف وچ ۾ ٺاهه ٿيو ته ان ۾ طئي ڪيو ويو ته پرويز مشرف ملڪ جو صدر رهندو ۽ 1988ع جي سيٽ اپ وانگر اندروني سلامتي، دفاع ۽ خارجي معاملا (صدر پرويز مشرف) جي حوالي رهندا. ان شرط عيوض بينظير ڀٽو جو ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ وارو شرط اڳوڻي دور حڪومت ۾ داخل ڪيس ختم ڪرڻ وارو شرط مڃيو ويو. جنهن کانپوءِ قومي مفاهمتي آرڊيسنن (NRO) لاڳو ڪيو ويو
. اين آر او ذريعي 1993ع کان 2007ع تائين سياسي اڳواڻ ۽ آفيسرن خلاف داخل ڪيس ختم ڪرڻا هئا. انهن ڪيسن جو انگ صرف 168 هئو جنهن سان 223 پيپلز پارٽي اڳواڻن ۽ انهن جي منظور نظر ماڻهن کي فائدو پهچڻو هو، پرويز مشرف ان معاملي ۾ 1988ع کان 2007ع تائين داخل سمورا ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. ان ئي اين آر او جي ذريعي پيپلز پارٽي جي ته 223 ماڻهن کي فائدو پهتو پر لساني ڌر سان لاڳاپيل 4 هزار کان وڌيڪ دهشتگردن جا ڪيس به ختم ڪيا ويا. 18 آڪٽوبر تي بينظير ڀٽو وطن پهتي جتي لکين ماڻهن ان جو استقبال ڪيو ڪارساز وٽ بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا. ان وقت اپوزيشن جي پارٽي پيپلز پارٽي زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏيو هئو خود پارٽي جي ان وقت جي صدر قائم علي شاهه ان ڪيس ۾ عدالت مان حڪم حاصل ڪري فريادي ٿيو پر پوءِ ساڳيو قائم علي شاهه 6 سال سنڌ جو وزير اعليٰ رهيو پر ان سميت پوري پيپلز پارٽي مارجي ويل ماڻهن کي 2 لک امداد ڏئي ۽ هر سال ورسي ملهائي سمجهيو ته شايد انهن پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. 18 آڪٽوبر سانحي جي پيپلز پارٽي جي 6 سال حڪومت رهندي ڪا به سنجيده تحقيقات نٿي 18 آڪٽوبر 2007ع کان پوءِ 27 ڊسمبر 2007ع تي ڪاري رات راولپنڊي ۾ بي نظير ڀٽو هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ شهيد ٿي وئي.
بينظير ڀٽو پنهنجي فيصلي ۽ خواهش مطابق پنهنجي ور آصف علي زرداري کي سياست کان پري رکيو هئو پر ان جي شهادت کانپوءِ اهو ئي آصف علي زرداري پهريان پيپلز پارٽي بعد ۾ بي نظير جي شهادت سبب ملڪ ۽ حڪومت جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن عالمي طاقتن وسيلي بينظير ڀٽو ۽ مشرف وچ ۾ جن نقطن تحت ٺاهه ٿيو هئو، بينظير ڀٽو ملڪ ۾ پنهنجي عوامي حمايت ڏسي ان جي ڪجهه نڪتن تان ڦڙي وئي، جنهن تي انهن عالمي قوتن ۽ خود پرويز مشرف کيس وارننگ ڏني هئي. بينظير ڀٽو خود آن دي رڪارڊ اها ڳالهه ڪئي هئي ته کيس پرويز مشرف ڌمڪي ڏني آهي ته منهنجي ( بينظير ڀٽو جي) جي سلامتي جو دارو مدار مشرف سان ٺاهه تي قائم رهڻ ۾ آهي. جڏهن بي نظير ڀٽو مشرف ۽ عالمي قوتن جي ڳالهه نه مڃي ته پلان تحت آصف علي زرداري سان ڳالاهيو ويو .
ڄاڻو ذريعن جي دعويٰ آهي ته 20 کان 30 ڊسمبر تائين دبئي ۾ ايمريش ايئرلائين جون ٽڪيٽون بڪ ٿيل هيون ۽ دبئي جي شهر العين جي “بلوچ ٽيلر” معرفت 20 ڪارا وڳا به تيار ڪرايا ويا هئا. پوءِ ڏسندڙ ڏٺو ته 27 ڊسمبر تي بي نظير شهيد ٿي آصف علي زرداري ملڪ پهچي “ پاڪستان کپي“ جو نعرو لڳائي پهرين پارٽي ۽ پوءِ اقتدار حاصل ڪيو. بي نظير ڀٽو جي خون ۾ مجرمانه ڪردار ادا ڪندڙ رحمان ملڪ اڇي ڪاري جو مالڪ ٿيو. راتو رات ٰ وصيعت تيار ڪئي وئي. ان سڄي عمل ۾ جيڪي به ماڻهو پيپلز پارٽي خاص طور تي صدر آصف علي زرداري مان اها توقع ڪري رهيا هئا ته هو ڪو بينظير قتل ڪيس حل ڪرائيندا ۽ قاتلن کي سزا ڏيارنيدا ته اها سندن سادگي چئبي. ڇو ته طئي ٿيل معاملن ۾ اهو به شامل هئو ته بي نظير ڀٽو قتل ڪيس ۽ 18 آڪٽوبر ڪارساز سانحي ڪيس تي ڪا به سنجيدگي پيش رفت ناهي ڪرڻي ۽ باقي اقوام متحده پاران تحقيقات ۽ راولپنڊي دهشتگر روڪ عدالت جون ڪارروايون صرف عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر آهن.
هن مهل تائين جي تحقيقات ۾ هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته بينظير ڀٽو کي راهه تان هٽائڻ لاءِ مبينه طور آمريڪن حڪومت ۽ مشرف ۾ معاملا طئي ٿيا ان وقت جي آمريڪي نائب صدر ڊڪ چيني جي سڌي ريت ڪمان ۾ ڪم ڪندڙ خفيه تنظيم جي قاتل دستي جي شارپ شوٽر ليزر گن جي وسيلي بينظير کي شهيد ڪيو. پرويز مشرف سيڪيورٽي نه ڏئي سهولت فراهم ڪئي جڏهن ته ڳجهن ادارن جي هٿ هيٺ رهندڙ طالبان جي هڪ گروپ کي ڏوڪڙ ڏئي ان موقعي تي هڪ ڌماڪو به ڪرايو ويو ته جيئن تحقيقات جو رخ تبديل ڪري سگهجي.
اهو ئي سبب آهي ته واردات کي هڪدم ڌوئي صاف ڪيو ويو. هن سڄي پلان ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت کي خاموشي سان اقتدار سنڀالڻ جو چيو ويو.
اهو ئي سبب آهي جو پويان پنج سال ۽ هلندڙ ڇهين سال ۾ حڪومت جي باوجود نه بينظير قتل ڪيس حل نه ٿيو ۽ نه وري 18 آڪٽوبر سانحي وارو معاملو حل ٿي سگهيو. پيپلز پارٽي حڪومت جي بديانتي جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي آفيسر چوڌري اسلم جيڪو 27 ڊسمبر واري واقعي ۾ زخمي ٿيو هيو. سپريم ڪورٽ ۾ حڪومت جي عدم دلچسپي واري ڪردار کي سامهون رکندي، رحمان ملڪ ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي مشڪوڪ ڪردار کي بناد بڻائي بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي سندس جي مدعيت ۾ نئين ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي درخواست ڪئي ته ان وقت حڪومتي سطح تي پيپلز پارٽي جي وڪيلن سپريم ڪورٽ ۾ ان درخواست جي مخالفت ڪئي، نتيجي ۾ اها درخواست رد ٿي وئي. اڄ جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي ڇهين ورسي ٿي رهي آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي وزيرن مشيرن ۽ اڳواڻن جا ٺاٺ باٺ ڏسي آرٽس ڪائونسل چوڪ، ڦوهارا چوڪ ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻن جا شهيد بينظير ڀبٽو کي خراج تحسين پيش ڪندڙ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ سابق وزير جا بل بورڊ ڏسي سندس پاران 2 سال اڳ نجي محفل ۾ چيل لفظ ياد اچي رهيا آهن ته“ اسان کي ڪهڙو لاچار آهي، جو بينظير ڀٽو جي قتل جي صحيح جاچ ڪرائي پنهنجي حڪومت وڃايون، خود بينظير ڀٽو پنهنجي اقتدار ۾ پنهنجي پيءُ ذوالفقار ڀٽو ۽ ڀاءُ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس جي صحيح جاچ ڪرائي هئي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو