Home / افيئر / تعليم جي تباهي جو ذميوار ڪير؟
above article banner

تعليم جي تباهي جو ذميوار ڪير؟

ڪنهن قوم جي لاءِ تعليم جي حيثيت ڪرنگهي جي هڏيءَ وانگر هوندي آهي. اسان جي موجوده تعليم جي تباهي جو اهو ئي سبب کڻي چئجي ته جڏهن چار ٽنگن واري ڪرسي تي ڪنهن ٻن ٽنگن واري شخص کي ويهڻ جو موقعو مليو آهي  ته ان تعليمي ادارن ۽ تعليم جي تباهي ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. تعليم ئي ڪنهن معاشري جي ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندي آهي. ماضي ۾ ۽ سماج جي ترقي ۾ تعليم وارو سرشتو ۽ تعليم جي قدرشناسي وارا اقدار هوندا هئا. موجوده دور ۾ اهي شيون نه رهيون آهن. قومن جي عروج ۽  زوال جي ڪهاڻين ۾ تعليم جو ڪردرا وڏي اهميت جو حامل رهيو آهي. ڪنهن مهذب سماج جو سڀ کان وڏو اهڃاڻ اتان جي تعليم وارو سرشتو ۽ تعليمي ترقي رهي آهي. ڀوتارڪي فرسوده ڪلچر هتان جي ماحول تي درازي عمر جي ڪري ڪجهه اهڙا اثرات ڇڏيا آهن جو هن سماج ۾ هاڻي استاد ٿيڻ به ڏوهه بنجي پيو آهي. اسان کي اهو وسارڻ نه کپي ته جيستائين تعليم جي صورتحال ۾ ڪا مثالي اوسر نه ٿي ٿئي تيستائين سماج کي جمود جي چنبي مان آجپو ڏيارڻ ايترو آسان ناهي جيترو سمجهيو وڃي پيو……..!

جيڪڏهن چوڌاري نظر ڦيرائبي ته اسان جا تعليمي ادارا محفوظ نه رهيا آهن. تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست رڪاوٽ جو منار بڻجي وئي آهي. اسان کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته تعليم شخصيت جوڙي ٿي. اخلاقيات جا سگھارا بنياد مهيا ڪري ٿي. پر اسان جي معاشري ۾ ان جو ابتڙ ٿئي پيو. انسان وڌيڪ پڙهي ٿو اوترو ئي مٿي چڙهي ٿو. انساني گڻن کان اعلي ۽ عاري ٿيندو ڃي ٿو. انسان جي انسانيت منجهه وڏو غرور پيدا ٿيو پوي. منهنجي ذاتي تجربي ۾ به اها ڳالهه محسوس ڪئي اٿم ته ماڻهو پڙهن ته ٿا پر ڪڙهن ڪونه ٿاـ……!

هاڻ سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته تعليمي بهتري ڪيئن اچي سگھي ٿي..؟ ان لاءِ حڪومت کي گھرجي ته سڀ کان اول اسيمبلي ۾ اهو بل پاس ڪري ته سرڪاري ملازم پنهنجا ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پڙهائيندو. ايئن ڪرڻ سان هڪ ته اسڪولن  جي مالڪي ٿيندي ۽ تعليم جو معيار بهتر ٿي پوندو. موجوده دور ۾ اسان جو تعليمي نظام تڪڙو ۽ اڇاترو نه رهيو آهي.  اختيارن کي گذارش ڪجي ٿي ته خدارا…..! تعليم جهڙي مسيحائي کاتي سان وڌيڪ ويساه گهاتيون بند ڪري انهي ڏس ۾ سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي جيئن  ڏتڙيل ۽ تعليمي اعتبار سان پسماندگي جو ڏيک ڏيندڙ سنڌ کي مستقبل جا سٺا معمار ملي پون. پرائمري کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين تعليم جي هڪ جهڙي پاليسي ڪئي وڃي تعليم ۾غريب جي ٻار کي اوترائي حق فراهم ڪيا وڃن جيترا حق ڪنهن سرمائيدار جي ٻارن کي حاصل هوندا آهن. گڏوگڏ سنڌ جي راڄڌاني واري شهر جي تمام تعليمي ادارن جا دروازا سنڌ جي باصلاحيت نوجوانن لاءِ کوليا وڃن. معياري يونيورسٽين جا مختلف علائقن ۾ ڪئمپس کوليا وڃن. تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا سسٽم جو مڪمل طور خاتمو ڪري ڪنهن قابل اعتماد ۽ غيرجانبدار ڌر جي توسط سان ميرٽ تي استادن کي ڀرتي ڪيو وڃي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ گذريل سالن کان جن ڪمزورين جي نشاندهي ڪيئي پئي وڃي انهن تي سنجيدگي سان ويهي سوچيو وڃي ۽ هن اداري کي متضاد ۽ جانبدار ٿيڻ کان بچايو وڃي. تمام تعليمي بورڊز کي گورنر جي اختيار کان واپس وٺي وزيراعليٰ جي ماتحت ڪيا وڃن جيئن ڪنهن خاص ڌر جي تعليمي ادارن تي اجاره داري ۽ هڪ هٽي ختم ٿي سگهي .تعليم جي پوري سسٽم مٿان چيڪ اينڊ بيلينس سسٽم رکيو وڃي. ايئن ڪرڻ سان ر سنڌ جي تعليم جي حوالي سان بهتري ڏانهن ڪي وکون ضرور کڻي سگهجن ٿيون.

امجد منگي-سانگهڙ

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو