Home / افيئر / تعليم جي تباهي- نيٺ ڇا ڪجي؟
above article banner

تعليم جي تباهي- نيٺ ڇا ڪجي؟

عبدالغني
. منهنجي خيال ۾ تعليمي تباهي جا هيٺيان فيڪٽر ذميوار آهن.
1. حڪومت: ڪهڙي به سياسي پارٽي حڪمران هجي، فوجي هجي يا سياسي
2. حڪومتي مشنري: يعني تعليمي سيڪريٽري، ڊائريڪٽرس، ڊسٽرڪٽ آفيسرس، پرنسپال ۽ هيڊ ماستر صاحبان وغيره
3. استاد صاحبان: ٻارن يا شاگردن سان گهر کان پوءِ سڌو سنئون تعلق رهي ٿو.
4. والدين: جن جي ٻارن جو سڌو سنئون نقصان ٿئي ٿو.
5. معاشرو: اڄوڪو ٻار جڏهن ورتل تعليم جو اهل ثابت نه ٿو ٿئي ته معاشرو سنڍ بڻجي وڃي ٿو. سماج ترقي ڪرڻ بدران پٺتي گهلجڻ شروع ٿئي ٿو. اڄ سنڌ جي حالت اهڙي ئي آهي جنهن مان ڪا بهتري جي اميد نه ٿي رکي سگهجي. هاڻي هر نڪتي جو تفصيلي طرح جائزو ٿا وٺون.
1. حڪومت: يورپ، آمريڪا، آسٽريليا، چين ۽ جاپان وغيره فلاحي رياستون آهن، جتي تعليم کي اوليت حاصل آهي. اهي ملڪ صحت ۽ تعليم جي حساب سان گهڻو اڳتي آهن، پر اسان ته ترڪي، سريلنڪا بنگلاديش ۽ ملائيشيا کان به گهڻو پٺتي ٿي ويا آهيون. 1947ع کان وٺي ايوب خان ۽ يحيٰ خان جي دورن تائين جيڪي اسان وٽ تعليمي معيار هيو، هاڻي ان جي برابر به نه رهيا آهيون. مطلب ته تعليمي گراف ستر واري ڏهاڪي ۾ بهتر هو ۽ هاڻي بدترين سطح تي پهچي چڪو آهي.
جمهوريت هجي يا ڊڪٽيٽر شپ سڀني حڪومتن جا اعلان هڪ طرف پر عملي طور تعليمي صورتحال، لاعلاج مرض بڻجي چڪي آهي. يونيورسٽيز، ڪاليجز، هائير اسڪولن، هاءِ اسڪولس ۽ پرائمري اسڪولن جي ڀرمار آهي، پر تعليم جو معيار بهتر ٿيڻ بجاءِ ناقص نظر اچي ٿو. اسٽاف جي ڀرمار، پر هڪ ته ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ استاد حاضر ڪو نه هوندا، جي هوندا ته هنن کي پڙهائڻ اچي ئي ڪو نه! اهي پگهارون کڻندا آهن. پر پڙهائڻ هنن جي وس جي ڳالهه ئي نه هوندي آهي. ايئن شرمساري ۾ هو پگهارون کڻندا رهندا آهن ۽ پروموشن ماڻيندا رهندا آهن.
ناني ورهائڻ واري پوٽا ۽ پوٽيون، ڏوهٽا ۽ ڏوهٽيون کائڻ واريون، واري مثال وانگر حڪومتون تعليمي کاتي ۾ نوڪريون ورهائيندي ورهائيندي. موجوده صورتحال پيدا ڪئي آهي. جنهن جي ڪا دوا درمان ٿيڻ ممڪن نظر نه ٿو اچي.
تعليم کاتي ۾ هنگامي نه پر جنگي بنيادن تي اصلاح جي ضرورت آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن حڪمرانن جا پنهنجا ٻار به هنن تعليمي ادارن ۾ پڙهن. ايترا ڊالرز جا فنڊس آهن جو حڪومتي صلاح تي انهن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ باقاعدي پلاننگ ڪرڻي پوندي آهي. وزير، سيڪريٽري ۽ آفيسرس هٿ ڪڍي، انهن کي ٺيڪا ڏنا ويندا آهن.
جڏهن حڪومت اهڙي نموني تعليم کي هلائيندي ته سڌارو ڇو ايندو ؟ هڪ تعليمي اداري جي سربراهه کي چيو ويو ته “… لکن جو چيڪ ڏيو. هن چين ته سڀاڻي اچجو. تان جو هن عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ پاڻ صرف پگهار تي پڙهائڻ لاءِ خوش ٿي سڪون جي ننڊ ڪرڻ لڳو. سنڌ يورنيورسٽي سان سنڌ سرڪار ڪيتري جٺ ڪئي آهي. وي سي صاحب کي عهدي تي برقرار رکندي سڄي سنڌ جي سول سوسائٽي طرفان ڪيل مطالبن جي مڃتا نه ڏيندي رهي آهي. اڃا ٻيا ڪهڙا مثال ڏجن. حڪومتي Think Tank پنهنجي سوچ بدلائي ته پوءِ بهتر تعليم لاءِ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ڪجهه به نا ممڪن نه آهي.
2. حڪومت کي اختيار آهي ته سيڪريٽري کان وٺي سڀ تعليمي آفيسر مقرر ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪري. جڏهن حڪومت چاهي ئي نه ٿي ته تعليم سڌارڻي آهي ته رڳو پنهنجا ڪاراوا ۽ ڪمدار مقرر ڪري، فائيلن جا پيٽ ڀري پنهنجا ڀڀ ڀرڻا آهن، تڏهن ايماندار، محنتي ۽ جفا ڪش آفيسر ڪُنڊائتا ٿي ويندا آهن. اهي آفيسر نمايان پوسٽن تي مقرر ٿيندا آهن جيڪي پاڻ پگهار کان وڌيڪ ڪمائيندا آهن ۽ مالڪن کي گهر ويٺي بريف ڪيسون ڀري پهچائيندا رهندا آهن. تازو نيب سنڌ ۾ تعليمي آفيسرن خلاف وٽ وٺان ڪئي ته لاڙڪاڻي مان ئي آفيسرس جا ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جي پنن تي سرخين سان هنن جي ڪرپشن جا تفصيل پڙهڻ لاءِ مليا. ان کان پوءِ باقي آفيسرن سڄي سنڌ مان اندر ئي اندر ڪروڙين روپيا ڏئي تماشو ٿيڻ کان بچي ويا. چرٻٽ راجا وارو دورو آهي جنهن کي ڦاهي پوري آئي. حمام ۾ سڀ ننگا هوندا آهن. اهڙي طرح تعليم کاتي ۾ سڀ رڍون ٻوٿ ڪاريون جاوا ڪري رهيون آهن گذريل پنج سال پيرمظهرالحق کي سڄي سنڌ ڪجهه ڪو نه ڪري سگهي ڇو ته حڪومت جي واڳ وارا هن مان خوش هئا تنهن ڪري علم جي نالي هو جهالت عام ڪندو رهيو.
3. استاد جڏهن ذميوار بڻبو آهي ته سريلنڪا، بنگلاديش ۽ ملائيشيا وانگر قوم پيرن تي بيهڻ سکي ويندي آهي، جيڪڏهن استاد ڊسڙ ۾ پير هڻندو آهي ته سنڌ واري صورتحال سامهون ايندي آهي.
استادن کي مقرر ڪرڻ وارا حڪومتي ڪامورا آهن ۽ پاليسي حڪمران ٺاهيندا آهن. سنڌ ۾ 1971ع تائين مئرٽ تي جڏهن مقرريون ٿينديون هيون تڏهن اسان جو استاد سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ بهترين علم رکندڙ ۽ با اخلاق هو. استادي پيشو جز پيغمبري هو. بعد ۾ اهو پوليس جمعداري کان به بدترين ثابت ٿيو. ڪاڪو سپاهي صرف چور جو گهر ويران ڪندو آهي، پر استاد ڳوٺ، شهر ۽ پوري قوم کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. غريبن جا ذهين ٻار جن لاءِ استاد، والدين ۽ مرشد بڻيا هئا. هنن استادن انهن معصومن کي جا هل، نشائي ۽ ڏوهاري بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. اسان واري دور ۾ اسان جي والدين کي خبر ئي ڪو نه هوندي هئي ته ٻار ڇا ٿا ڪن. پرائمري استاد ۽ سيڪنڊري استاد جو ذمو هوندو هو ته هي ٻار جيڪي صبح کان منجهند تائين اسان جي حوالي آهن انهن جي زندگي سنوارڻ اسان جو فرض آهي. جيڪڏهن ڪو ٻار نه پڙهندو هو ته ان جي پيءُ کي گهرائي هن کي چيو ويندو هو ته هن کان پڙهڻ زور آهي، ڪو هنر يا هارپو ڪرايوس.
هاڻي هر شاگرد سال پوري ٿيڻ کانپوءِ پروموشن وٺي مٿئين ڪلاس ۾ اچي ٿو. استاد هن کي انٽر تائين ته ڪاپي ڪرائي سرٽيفڪيٽ هٿ ۾ ڏئي ٿو. حڪمران ۽ آفيسر سفارشي ۽ پئسن جي آڌار تي اڳ ۾ ان “ڊفر” کي نوڪري ٿا ڏين. ذهين ۽ حقدار، يونيورسٽي جا ڊگري حاصل ڪندڙ حيران، پريشان ۽ ڊپريشن ۾ وٺجيو وڃن ته هي ڪهڙو انڌير آهي، عقل جي جڏن ۽ مڏن ماڻهن ۾ اهل اميدوارن کي پڇڻ وارو ڪو نه آهي. ايئن غريب مسڪين ۽ شريف والدين جي ٻچن جي مستقبل تي راتاها لڳا پيا آهن. ايئن چاليهه سال گذري چڪا آهن. هاڻي ته نااهل استادن اهڙيون تنظيمون ٺاهيون آهن. هنن کي پنهنجي حقن جو علم آهي پر قوم جا مٿن ڪهڙا “فرض” آهن. اهو ڪتاب هو کولڻ لاءِ تيار نه آهن. هو “نيشنل بلڊر” ته سڏرائي ٿو پر اسڪول ۾ اچڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ تيار نه آهي.
1. استاد ڪيترن ئي قسمن جا آهن. گورنمينٽ آف سنڌ مان پگهار کڻڻ، يونين جا عهديدار بڻجي پنهنجا خانگي ڪاروبار ڪندا رهندا آهن.
2. پرائيويٽ اسڪولن ۾ سرڪاري پگهار رکندڙ، پابندي سان ڪلاس وٺندا آهن ۽ پئسا ڪمائيندا آهن پرائيوٽ اسڪول به اهي هلائيندا آهن.
3. اسڪول ۾ ريگيولر استادن جو ڪاروبار ٽيوشن جي صورت ۾ هلي ٿو. جن کي پڙهائن ٿا، اهي وري ساڳي اسڪول ۽ پنهنجي اوطاق ۾ مسواڙ جي جاءِ ۾ ٽيوشن جي نالي تي ڌنڌو ڏينهون ڏينهن عروج حاصل ڪندو رهي ٿو.
4. يونين ۽ آفيسرن جي معرفت پنهنجي پگهار مان بي روزگار مقرر ڪري ان کي ڪجهه ونڊ ڪرائيندڙ استاد مقرر ڪن ٿا. يونين ۽ آفيسرن کي علم هوندو آهي، انهن کي منٿلي به ملندي رهندي آهي.
5. وڏيرن ۽ آفيسرن جي چوڻ تي اسڪول نه وڃڻ صرف بنگلن تي ڪمداري ڪرڻ وارا استاد.
6. پگهار، اڪائونٽ ۾ هر مهيني پابندي سان ويندي پر استاد اسڪول ڇا ملڪ ۾ ئي نه هوندو.
7. ٺهي ٺڪي اسڪول ويندڙ استاد کي به پڙهائڻ کان ٻرو چڙهندو.
ايئن انيڪ قسم جا استاد آهن، جو ٻڌندي ۽ ڏسندي حيرت پئي ٿئي. جعلي استادن جو ايترو تعداد آهي جيترو اسلام آباد جي گذريل پارليامينٽ جي جعلي ڊگرين وارا پارليمامينٽ ميمبر هئا.
ڪڏهن اوڀر پاڪستان جي استادن جون ڳالهيون پڙهندا ۽ ٻڌندا هئاسين، پر هاڻي ته تعليم سڱ وٺڻ لاءِ پنهنجا ڪن ڪپائي ويٺي آهي. اهو صرف استاد جو ئي ڪارنامو آهي. هو استاد ٿيڻ بجاءِ، پ پ پ، مسلم ليگي ۽ جيئي سنڌ وغيره جو ٿي پيو آهي. قوم جو سڄو ٻيڙو استاد ٻوڙيو آهي جرڳو ڪري هنن کي ميڙ منٿ ڪرڻ گهرجي ته سڌرن ڪورٽن ۾ وٺي هلجي، اهي بلڪل ٿورا آهن پر منظم هجڻ جي صورت ۾ اڪثريت کي هاءِ جيڪ ڪري ويٺا آهن. جيئن خبير پختون خواهه ۾ طالبان تعليم تباهه ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ پنهنجي مفادن خاطر استادن تعليم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي.
4. والدين: اچو ته والدين کي ڪئٽيگريز ۾ ورهايون.
1. سياستدان ۽ بيورڪريٽ: هنن جا ٻار بهترين پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، تنهن ڪري بحث کان خارج آهن.
2. مڇي ماني کائڻ وارا والدين (مڊل ڪلاس) هي ڌيان ڏين ٿا ته ٻارن جي تعليم تي ڪافي خرچ به نه ٿا. حرام حلال جي دولت هنن وٽ آهي.
3. نوڪري پيشه ۽ دوڪاندار: پنهنجي حال آهر، ٻارن کي سنڀالين ٿا. تڪليفون ڪري ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائن ٿا.
4. عام ماڻهو: چوندا آهن ته گدرو ڪري چاقوءَ تي يا چاقو ڪري گدري تي نقصان مڙئي گدري کي، عام والدين تقريبن ستر سيڪڙو ٿئي ٿو. سڀ کان وڌيڪ. ٽئڪس اهو ڏئي ٿو. سڄو ڏينهن محنت مزدوري به اهو ڪري ٿو. مستقبل به ان جو غير يقيني آهي.
جڏهن حڪمران جاگيردار ۽ صنعتڪار هجن ته ايئن ٿيندو جيئن “گوشت جا واهي ٻلا هجن” هتي اسلام ۽ جمهوريت جا نالا آهن، پر معاشري ۾ رڳو ظلم ۽ ناانصافي آهي.
عام والدين، گهر جي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ ۾ پورو ڪو نه ٿو پوي ته ٻارن جي تعليم تي هو ڪهڙو ڌيان ڏئي. ايئن سنڌ جي ذهانت تباهه برباد ٿي رهي آهي. چانورن جي اٽي ۽ سبزي، اسان جي اڪثريت کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. جيئڻ مسئلو بڻجي پيو آهي. قدرتي آفتن به هن طبقي کي بيوس ۽ لاچار ڪري ڇڏيو آهي. بيمارين مان جند ڪو نه ٿي ڇٽي ماسترن کان وڌيڪ ڊاڪٽر بي رحم بڻجي چڪا آهن انهي حالتن ۾ هڪ غريب ڇا ڪري.
“خوشيون ۽ خريد وئي ويچارن وسري”
5. معاشرو: سول سوسائٽي سنڌ جي دانشور، سنڌ جو هاري ۽ پورهيت سنڌ جو، عام پڙهيل لکيل سنڌ جو، واپاري دوڪاندار، ٺيڪيدار، صوبيدار، تپيدار، مختيار ڪار، آفيسر، چور، ڌاڙيل، پاٿاريدار، بيمار، ڊاڪٽر شاگرد استاد ۽ حڪمران وغيره هن معاشري جو حصو آهن. هن معاشري کي بهتر ڪرڻ لاءِ قانون جي حڪمراني امن امان ۽ انصاف گهرجي. اهي ڳالهيون گذريل سالن کان اسان جي معاشري ۾ ناپيد آهن. پوءِ ڇا ٿيڻ گهرجي ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي؟
اسان جي معاشري کان وڌيڪ خراب معاشرا پنهنجو وجود برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. جن ننڊ ڪئي آهي اهي مٽجي ويا آهن. ڇو ته الله به انهن جي مدد ڪري ٿو جيڪو پنهنجا هٿ، پير ۽ دماغ استعمال ڪري جيئري جنت ٺاهين ٿا. نه ته جيئري پيا، دوزخ ۾ سڙن.
نيٺ ٿيڻ ڇا گهرجي؟ منهنجو خيال آهي ته سنڌ جي Think Tank جيڪا پاڻ کي سنڌي معاشري ڏانهن جوابده سمجهي ٿي ۽ پنهنجي ضمير جي هٿان ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي سياست کي خير آباد چوڻ گهرجي. هيترا سال نعريبازي ڪئي آهي ورتو ته ڪجهه به ڪونه آهي. اڳي کان وڌيڪ ننڌڻڪا ٿي ويا آهيون. تنهن ڪري ليڊرن بدران ورڪر تيار ڪرڻ گهرجن. اسان چاهيون ٿا ته سڀني ڇڙوڇڙ ماڻهن، پ پ کان گذريل دور ۾ لوڪل باڊيز جو بل واپس وٺرايو. اهڙي نموني تعليم جي نڪتي تي متفق ٿي جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
هر ضلعي ۾ وڪيلن جو پنئل هئڻ گهرجي. اهڙي نموني استادن، پروفيسرن، ڊاڪٽرن ۽ انجيئرن وغيره کي سوشل ورڪ ڪرڻ لاءِ تيار ڪجي. ڇا هر ضلعي مان ڏهه ماڻهو ملڻ مشڪل آهن؟ سڄي سنڌ مان اسان تقريبن هڪ سئو ماڻهن جي فورم اسيمبلي ٺاهي سگهون ٿا. هر هڪ پنهنجو خرچ پاڻ برداشت ڪرڻ جي بنياد تي سال ۾ ٻه دفعا ڪٿي گڏ ٿي سگهون ٿا. هي خيال افسانوي لڳي ٿو پر ڪم ۾ هٿ وجهبو ته ڪجهه ڪري سگهبو. علم کانسواءِ ڪجهه نه آهي. مٺ جيترن انگريزن، اسان سنڌين کان صرف آٽو ميٽڪ هٿيارن جي زور تي آزادي کسي ورتي هئي. دنيا وارو اهو علم اسان جي قوم جي هٿ نه ايندو ته فنا جي ڪن ۾ غرق ٿي وينداسين ڪو به اسان کي بچائي ڪو نه سگهندو.
اڄوڪي دور ۾ هي مضمون ۽ مقابلا تقديرون ۽ تحريرون سڀ سنڌي پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ڄاڻن ٿا. اسان کي سنڌ ۾ ايئن ڪم ڪرڻ گهرجي جيئن حضرت عيسيٰ عليه سلام جي پروڪارن “مشنري” جي نالي دنيا جي هر ڪنڊ ۾ انسانيت جي خدمت ڪئي ۽ غلامي کي ختم ڪرايو.
اسان کي ڪنهن نظريي تي هلڻو پوندو. اها آهي سنڌين جي خدمت ۽ عظمت. سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ تعليم کي سڌارڻ لاءِ حڪمنانو ڏنو آهي. عمل ته حڪومت ڪرائيندي نه، ڪو به سڌارو اچڻو نه آهي. جيستائين “سول سوسائٽي” پاڻ ڪجهه نه ٿي ڪري. هر تعلقي نه ته ضلعي ۾ تعليمي آفيسرن، يونين جي عهديدارن ۽ استادن کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ گهرجي. اهو ڪم سياست کان وڌيڪ مقدس آهي. حيدر بخش جتوئي اڪيلي ڪورٽن جي آڌار تي هارين کي بٽئي مان حصو وٺي ڏنو هو. هو با اخلاق ماڻهو هو، ته ڪجهه ڪري ويو. سائين جي ايم سيد سڄي عمر ڪشالا ڪڍيا، نتيجي ۾ مرڪز واري سياسي پارٽي ٽوپي، اجرڪ ۽ گيتن کي پنهنجو ڪيو پر اصل نظريي جا اڄ به ايترا مخالف آهن جيترا ڪالهه هئا. اهو نظريو آهي. سنڌين جي خوشحالي، حق وارثي، تاريخ تمدن ۽ اقتصادي وسيلا سنڌي ماڻهن لاءِ هئڻ گهرجن. سنڌ پنهنجي اصلي حيثيت وڃائي ويٺي آهي. پراسان کي سياست کان پاسيرو رهڻو پوندو. سنڌ “لاڙڪاڻي بئڪري” جو فروٽ ڪيڪ نه آهي جو هر ڪو پنهنجي ڌرتي جو لوڌيل کائيندو وتي. پير ۽ مير واري واري سان انهن جا اتحادي بڻجي وڃن ٿا. ڪارلائل چيو ته “نانگ کل تيستائين نه مٽائيندو آهي جيستائين هن جي اندران ٻي کل پچي راس نه ٿيندي آهي.” تعليم جي تباهي ۾ اسين سڀ هوش وارا ذميوار آهيون. تعليم جي سهڪاري دنيا پنهنجو وجود بچايو آهي ۽ ترقي ڪئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو