Home / افيئر / جمال قادري قتل ڪيس جو ڪير نوٽيس وٺندو !
above article banner

جمال قادري قتل ڪيس جو ڪير نوٽيس وٺندو !

سمير منڌرو

جمال لطيف قادري ۽ حيدر لطيف قادري تي دهشتگردن 2 جنوري تي آگراتاج ڪالون جي ڪُنڊ تي انهي وقت حملو ڪيو جڏهن هو پنهنجي گاڏي ۾ هوا ڀرائڻ لاءِ اُتي بيٺا هئا. ڊسمبر جي آخري هفتي کان شروع ٿيندڙ بي ڪام پارٽ ٽو جي سپليمينٽري جي ٽن پيپرن ۾ انهن سان گڏ سندن امڙ به ويندي هئي. جيتوڻيڪ گهر کان ڪامرس ڪاليج سلطان آباد ايترو پري نه آهي ته به هو گهران ٺيڪ 12 وڳي نڪرندا هئا. هو ٻئي جاڙا هئا. زندگي جون 23 بهارون هنن گڏ ڏٺيون هيون. هنن جا دوست به گڏيل هئا ته شوق به ساڳيا. هنن جو اباڻو ڳوٺ قمبر آهي پر هو ڄاوا ۽ نپنا ڪراچي جي اُن علائقي ۾ جيڪو ڏوهارين جي ڪري جڳ جهان ۾ مشهور آهي يعني لياري. هو ڊاڪٽر ظفر قادري جا سڪيلڌا هئا. هي اهو ئي ڊاڪٽر ظفر قادري آهي جنهن لياري جنرل اسپتال ۾ بلوچن، ڪڇين، ميانوالين، بنگالين، پٺاڻن ۽ پنجابين جي خدمت ڪندي 20 سال کان مٿي گذاريا. هن ڪتاب لکيا، مضمون ۽ پنهنجي طرز زندگي ۾  قلندري اسٽائل اپنايو هن شهر ۾ رڪشا ڊرائيور،ٺيڪيدار۽ پوءِ سياستدان بڻجيو وڃن ،، جڏهن ته گٽڪا کپائيندڙ ارب پتي، اُتي ڊاڪٽر ظفر قادري جهڙو ماڻهو لياري جي بهار ڪالوني ۾ هڪ عدد 3 ڪمرن جي فليٽ کان سواءِ ڪجهه به ٺاهي نه سگهيو. ڀلا  انهي کان وڌيڪ انهي جي ايمانداري ۽ خلوص جو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو ؟ هن لياري جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي. هن ذات، رنگ ، نسل ۽ مذهب کان بالاتر ٿي صُبح جو لياري جنرل اسپتال ۽ شام جو فاضل ڪلينڪ تي پنهنجو مسيحائي ڪردار انتهائي ايمانداري سان نڀايو، جنهن جي گواهي لياري جا عام ماڻهو ڏين ٿا. هن جا ڪيترا ئي ڪلاس فيلوز ۽ جونيئر ڊاڪٽرز ڪک  پتي مان لک پتي بڻجي ويا پر هن ڪڇين ۽ بلوچن جي خدمت کي شايد پنهنجو مقصد بڻائي رکيو هو. هن شايد ايئن ڪڏهن به نه سوچيو هوندو ته هو لياري کي انتهائي ڏک ۽ رنج سان ڇڏيندو !!!

                        جمال، حيدر کان صرف هڪ ڪلاڪ ننڍو هيو، انهي ڏينهن هنن جي امڙ هنن سان گڏ وڃڻ تي زور به ڀريو پر جمال جي چوڻ تي هوءَ انهن سان گڏ نه وڃي سگهي. ڏاڪڻيون لهندي نه ڄاڻ ڪهڙي خيال تحت جمال گهر ڏانهن واپس موٽيو، درکوليندي هن جي ماءُ حيران ٿيندي پُڇيو“ پُٽ ڪا شيءَ ته نه وساري اٿئي يا مونکي وٺڻ آيو آهين ؟” هن پنهنجي گهر کي ايئن ئي بي ساخته ڏٺو ۽ جواب ڏنائين “ اَمان ڪُجهه نه، بس چڪر لڳائڻ آيس” اهي جمال جا آخري  لفظ هئا جيڪي هن جي جيجل ٻُڌا. هو هيٺ لهي آيو ۽ ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي صرف ٽي منٽس ئي مس هليا هئا ته روٽين مطابق ٽائرن ۾ هوا ڀرائڻ لاءِ بيٺا. انهي وقت ٻن موٽرسائيڪلن تي چار نقاب پوش انهن جي تاڙ  ڪندا هُنن جي ڀرسان آيا ۽ انتهائي مهارت سان جمال کي مٿي ۾ هڪ گولي هنيائون ۽ ٻي سندس ڀاءُ حيدر کي جيڪا هن کي ڪنڌ کان ٿيندي ڳل مان نڪري وئي. دهشتگرد بغير هوائي فائرنگ ڪندي واپس موٽي هليا ويا. صرف ڏهن کان ٻارنهن قدمن جي مفاصلي تي بقول دڪاندارن جي ته هڪ عدد موبائل به بيٺل هئي، جن به شايد عام ماڻهن جيان تماشو ٿي ڏٺو. جمال جو ڪنڌ حيدر طرف جهڪي آيو ۽ هُن نيم بيهوشي جي حالت کيس سهارو ڏيندي موبائيل تي نمبر ملايو ۽ دڪاندار کي اشاري سان چيائين ته ڳالهائي..

                        جمال رستي ويندي شهيد ٿي ويو، حيدر زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش مان نڪري موت کي شڪست ڏئي چڪو آهي ۽ ڊاڪٽر ظفر لياري ڇڏي ڪنهن اڻڄاتل هنڌ تي پنهنجي وڏي پٽ فاضل ۽ زخمي پُٽ حيدر سان منتقل ٿي چُڪو آهي. لياري جي هن علائقي ۾ نسلي ويڙهه صرف ڪڇين ۽ بلوچن يا متحده ۽ بلوچن جي وچ۾ آهي ڀتاخوري لاءِ ڊاڪٽر ظفرکي ڪڏهن ڪا چٺي يا فون ناهي آيو، قمبر کان لياري تائين ڊاڪٽر ظفر جي ڪنهن سان ڪا به ذاتي دُشمني ناهي، جڏهن ته بقول حيدر ۽ جمال جي دوستن ۽ پاڙيوارن جي ته هنن جي سڀني سان سُٺي دعا سلام هئي، انهي ڏينهن يا ڪجهه ڏينهن اڳ هنن جي ڪنهن سان تلخ ڪلامي يا جهيڙو وغيره به نه ٿيو هو. پوءِ اهي ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا جنهن لاءِ پروفيشنل ڪلرز جو استعمال ڪيو ويو ؟ شايد حيدر نالو ؟ شايد گذريل محرم ۾ ڪاراڪپڙا پائڻ ۽ کارادر ۾ مجلسن ۾ شريڪ ٿيڻ ؟ شايد محرم ۾ مومني رنگ ! هن مُلڪ ۾ اهي سڀ ڏوهه آهن ته سنڌي قوم جي اڪثريت انهي ڏوهه جي مرتڪب آهي. اها مذهبي انتهاپسندي نه صرف ناقابل برداشت آهي بلڪه قابل نفرت پڻ، پر اها ته پوليس کي جاچ ڪرڻي آهي ته هنن خوبصورت ڌرتي ڄاون جو قصور ڪهڙو هو ۽ ڏوهي ڪير هئا ؟

                        ڪلري ٿاڻي تي 2013 جي پهرين ايف آءِ آر قادري ڀائرن تي حملي جي آهي. جڏهن ته پوليس روايتي طور اڃا جاچ ڪري پئي. “ اسان گواهن جي مدد سان قاتلن جا خاڪا تيار ڪري ورتا آهن. جلد کين گرفتار ڪري وٺبو” هي جواب هو اسلام گل جو جيڪو هن ڪيس جو انويسٽيگيشن آفيسر آهي، بهار ڪالوني ۾ اڪثريت به پٺاڻن جي ٿي ڏسجي ۽ مذهبي جنونيت ۾ پٺاڻ ڀائرن کان گوءِ کڻڻ ڪنهن قوم جي وس جي ڳالهه ناهي ۽ وري جاچ به اسلام گل کان ! حملي کان ٻه ڪلاڪ پوءِ پوليس جاءِ واردات جي ڀرپاسي مان 2 ڊزن کن دڪاندار ٻڌي ٿاڻي تي ويهاريا جيڪي آڏي پڇا (گارين سميت) کان بعد رات جو دير سان ڇڏيا ويا. هڪ دڪاندارتي ان ڪري تشدد ڪيو ويو ته انهي گولي جو آواز ڇو نه ٻڌو ! پهرين پنجن ڏينهن ۾ پوليس اها به تڪليف گوارا نه ڪئي ته ڪو ڊاڪٽر ظفر کان پڇاڪري ته ڪا دشمني وغيره ته ناهي جو کيس سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. پوليس کي اها به خبر نه هئي ته زخمي حيدر ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي !

                        “ سائين ماڻهو  ته صرف ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ رهندا آهن” ڊاڪٽر صاحب جي ڪنهن دوست ڪاوڙ، رنج ۽ بي وسي مان چيو. هن چيو ته شهر جي پوش علائقي ۾ هڪڙو قتل ٿيو آهي ته سڄو مُلڪ کڻي مٿي تي رکيو اٿن ۽ سپريم ڪورٽ جي آرڊر کان پوءِ مبينا قاتل رات پيٽ ۾ گرفتار ڪيا ويا آهن. ڊي ايس پي پيءُ ٿي سگهي ٿو ڪو ڊاڪٽر نه ؟ شاهه زيب جي قتل تي هزارين ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ، سراج ٽالپر ۽ شاهه رخ جتوئي کي بغير ڪنهن جاچ مڪمل ٿيڻ جي قاتل قرار ڏيندي گرفتاري جو مطالبو ڪندا رهيا. جيڪڏهن واقعي قتل ڪندڙن جا نالا سراج ۽ شاهه رخ آهن ته پوءِ ٽالپر ۽ جتوئي لکڻ جو مقصد ڇا ؟ جيڪڏهن ذات لکڻ ضروري  آهي ته اهو به لکو ته شاهه زيب جي ذات / قوم ڪهڙي آهي ؟ جيڪڏهن ٽالپر ۽ جتوئي خاندانن جو تعلق سياسي ماڻهن سان آهي ته اهو به دنيا کي ٻڌايو وڃي ته شاهه زيب ۽ سندس پيءُ جو تعلق ڪهڙي لساني پارٽي سان آهي ؟ پاڪستان ميڊيا جي مستي کان پوءِ رڪارڊ ڏسو ته ڪنهن به سول سوسائٽي جي هلچل کي ايتري ڪوريج ملي آهي ؟ ايترا منظم مظاهرا ٿي سگهيا آهن جن تي سُپريم ڪورٽ ايترو تڪڙو نوٽيس وٺي ؟انصاف جي تقاضا  آهي ته شاهه زيب جي قاتلن کي سزا ملڻ گهرجي . جڏهن ادارا بهتر نموني ڪم نه ڪندا آهن ته ماڻهن  کي قتل جهڙي سنگين ڏوهه لاءِ به روڊن تي نڪري مظاهرا ڪرڻا پوندا آهن ۽ سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻو پوندو آهي . سُپريم ڪورٽ ويجهي ماضي ۾ ڪيترن ئي مسئلن تي ازخود نوٽيس ورتا آهن پر جيتري Performance شاهه زيب قتل ڪيس تي ڏيکاري وئي آهي ايتري ته رينٽل ڪيس تي به نه ڏيکاري وئي آهي ! شاهه زيب لاءِ ٿيندڙ سڀني مظاهرن ۾ شهري ڌر صفِ اول ۾ رهي آهي ۽ جڏهن هي ڌر ڪنهن ۾ هٿ وجهندي آهي ته منطقي انجام تي پهچائيندي  آهي.

                        پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان سواءِ شاهه زيب قتل ڪيس ۾ سوشل ميڊيا کي انتهائي منظم ۽ بهتر نموني سان استعمال ڪيو ويو ۽ روايتي مظاهرن کان وٺي هن اشو لاءِ پڙهيل لکيل طبقي کي استعمال ڪيو ويو. جيڪي ڪنهن حدتائين وڏيرن جي ٻارن جا ڪيڙايل آهن پر انهي جي ابتڙ قادري ڀائرن جي مسئلي تي نه صرف پوليس بلڪه ميڊيا به ڪو ڌيان نه ڏنو، شايد رياستي ادارن لاءِ لياري يا ڪو ٻيو گنجان آباد ۽ پٺتي پيل علائقو ۽ انهي ۾ رهندڙ انسانن ۽ جانورن ۾ ڪو فرق ناهي. شايد پاڪستان ۾ هڪ کان وڌيڪ نظام ۽ قانون آهن. اهو ئي ته سبب آهي جو انهي ڏينهن صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي هڪ مائٽ جي قتل کان پوءِ وڏي وزير ۽ پوليس آءِ جي فوري طور نوٽيس ورتو. نوٽيس قتل تي وٺڻ گهرجي شخصيت تي نه. هي ته ٻٽو معيار آهي، جيڪو انتهائي خطرناڪ آهي پر انهي کان به خطرناڪ رويو سنڌي پڙهيل لکيل طبقي جو به آهي جيڪي پنهنجن مسئلن کي Own نٿا ڪن. بقول ڊاڪٽر ظفر جي ته هاڻ انصاف جي توقع سان هُن جو جمال واپس موٽي نه ايندو پر ڪنهن ٻي کي بيگناهه قتل نه ڪيو وڃي. جيڪڏهن قاتل بي نقاب نه ٿيا ۽جمال جي والدين کي انصاف نه مليو ته اسان سڀ انهي جنونيت جي زد ۾ آهيون. باقي مجموعي طورتي ، اسان جي قومپرستن۽ سياستدانن جا حال ته پاڻ کي ساريا پيا آهن. جمال ۽ حيدر تي حملي کان پوءِ مون کي اُهو ڏاڙهي وارو پٺاڻ سيڪيورٽي گارڊ اکين آڏو تري آيو جنهن محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جي پيراندي ڏانهن اشارو ڪندي انتهائي ڪاوڙ ۽ حقارت وچان چيو هو ته چادر تي مقدس لفظ لکيل آهن ۽ خبثن انهي جو خيال به ناهي رکيو. هن جي هٿ ۾ ڪلاشنڪوف ۽ اکين ۾ ڪاوڙ ڏسي مون کي سموري پيپلز پارٽي جي قيادت خطري ۾ محسوس ٿي ۽ سوچيم ته ڪٿي سلمان تاثير جو مثال نه دهرائجي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو