Home / افيئر / جمهوريت ۽ بنگلاديش جون جهيڙاڪ بيگمات
above article banner

جمهوريت ۽ بنگلاديش جون جهيڙاڪ بيگمات

مظهر

فليش بيڪ…………

اها لسٽ ان ڊائريءَ مان ملي جيڪا هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ڪارروائي کان اڳ ميجر جنرل رائو فرمان علي ڍاڪا جي گورنر هائوس ۾وساري آيو هو. اها لسٽ ڍاڪا، کُلنا، راجشاهي ۽ چٽاگانگ جي چار ڊويزنن جي 19 ضلعن مان پڪڙي ماريل 1195 ماڻهن جي نالن تي ٻڌل هئي جن کي مختلف جاين تي آرمي ۽ ٽارگيٽ ڪلر اسڪواڊ البدر قتل ڪيو هو. مارجي ويلن ۾ 991 ماڻهو ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا استاد، 13 صحافي، 49 ڊاڪٽر، 42 وڪيل ۽ 200 شاعر، اديب ۽ آرٽسٽ هئا. هي 200 آرٽسٽ ۽ اديب ڍاڪا جي مختلف علائقن مان پڪڙيا ويا هئا ۽ کين اکين تي پٽيون ٻڌي ميرپور، محمد پور، نکل پاڙا ۽ راجرباغ جي ٽارچر سيلن ۾ رکيو ويو. 14 ڊسمبر 1971ع تي انهن سڀني کي رائر بازار ۽ ميرپور آڻي فائرنگ اسڪواڊ اڳيان بيهاري گولين مان ڪڍيو ويو. قتل ٿيندڙن ۾ ٻين سان گڏ مشهور ناول نگار شاهدالله قيصر ۽ ڊراما رائٽر منير چوڌري به شامل هئا.گهڻو پوءِ بنگلاديش جي انڪوائري ٽربيونل فائنڊنگ ڏني ته هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان فقط ٻه ڏينهن اڳ چونڊي چونڊي انهن ماڻهن کي اهڙي ريت مارڻ جو مقصد آزاد ٿيندڙ بنگالي قوم کي نظرياتي ڊائريڪشن ڏيندڙ ماڻهن کان محروم ڪرڻ هو. 14 ڊسمبر کي هاڻي بنگالي دانشورن جي شهادت جي ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو.

ورهين پڄاڻان جڏهن هو جنرل ضياءُالحق جي حڪومت ۾ شامل هو ته ان لسٽ جي وجود جي تصديق رائو فرمان علي پاڻ به ڪئي. ساڳيءَ ريت ايوب خان جي ساٿي ۽ مبينه طور سندس آتم ڪٿا جي اصل ليکڪ الطاف گوهربه ان لسٽ جو ذڪر ڪيو. الطاف گوهر ٻڌايو ته هن رائو فرمان کي هڪ بنگالي دوست جو نالو ان لسٽ مان ڪڍڻ لاءِ چيو هو ۽ هن مهرباني ڪري سندس روبرو ان دوست جو نالو لسٽ مان ڪٽي ڇڏيو.

فاسٽ فارورڊ…………………..

5 فيبروري 2013 تي بنگلاديش جي انٽرنيشنل ڪرائمز ٽربيونل البدر جي قاتل اسڪواڊ جي ميمبرن کي ميرپور جي قتل عام لاءِ ڏوهاري قرار ڏيئي سزائون ٻڌايون جن ۾ عبدالقادر ملا به شامل هو. قانوني فارملٽيون پوريون ٿيڻ کان پوءِ قادر ملا کي 12 ڊسمبر تي ڦاسي ڏني وئي. پاڪستاني پارليامينٽ 16 ڊسمبر تي ان سزا خلاف ٺهراءُ منظور ڪري قادر ملا کي ”شهيد پاڪستان“ قرار ڏنو. (هن ٺهراءُ جو عڪس ٽي وي اسڪرينز تي ڏيکاريو ويو جنهن تي اردوءَ ۾ عنوان لکيل هو ”قرارداد مذمت“ پر سموري اردو قومي ميڊيا ان کي ”قرارداد تشويش“ رپورٽ ڪيو.) بنگالي ميڊيا ملا قادر کي قابض قوت جو ساٿي بدنام خوني درندو قرار ڏنو. 

پاڪستان جي پيپلز پارٽي هن ٺهراءُ جي منظور ٿيڻ واري ڪارروائيءَ جو بائيڪاٽ ڪري صحيح فيصلو ڪيو. هن پارٽيءَ جو ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو پنجاب ۾ جلسا ڪري بنگالين کي گبر سنگهه جي اسٽائيل ۾ ”سوئر ڪي بچي“ سڏيندو هو. ان ڀٽي 1974 ۾ شيخ مجيب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرائڻ لاءِ مائوسٽ بنگالي ليڊر عبدالحق کي ڊالر به موڪليا هئا. )حوالي لاءِ ڏسو:(Stanley Wolpert: “Zulfi Bhutto of Pakistan”

فيبروري 1974 ۾ لاهور ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ مجيب جي شرڪت کان پوءِ جون 1974 ۾ ڀٽو جڏهن ڍاڪا ويو ته پروگرام موجب کيس سوار ۾ آزاديءَ جي جنگ جي سپاهين جي يادگار تي وڃڻو پيو. بنگالي تاريخدان سندس رويي کي insulting سڏين ٿا جو هن پنهنجي مائو ڪيپ به ڪانه لاٿي ۽ جڏهن ڪمينٽس لکڻ لاءِ وزيٽرس بوڪ سندس آڏو رکيو ويو ته هن اهو چئي ان کي پاسيرو ڪري ڇڏيو ته “Enough of this nonsense!”

اهو ڀٽو جنهن 1975 تائين بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو. هو ۽ سندس حڪومت بنگلاديش جو ذڪر”ڊاڪا اٿارٽيز“ طور ڪندا هئا.15 آگسٽ تي جڏهن فوجي بغاوت دوران مجيب کي ٻارن ٻچن سميت ماريو ويو ته ذوالفقار علي ڀٽي ڄڻ ته خوشيءَ وچان فوري طور بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ ”برادر اسلامي ملڪ“ جي ماڻهن لاءِ هزارين ٽن چانورن جي امداد به موڪلي.

ڀٽي کي ڦاهيءَ تي چاڙهيندڙ جنرل ضياءُ 1985 ۾ جڏهن ڍاڪا جي دوري دوران سوار ۾ آزاديءَ جي جنگ جي سپاهين جي ساڳي يادگار تي گل رکڻ آيو ته بنگالي صحافين کانئس سوال پڇيو ته هو ڇا محسوس ڪري رهيو آهي.جنرل ضياءُ ساده دل حرامپائيءَ سان جواب ڏنو ته:“Your freedom fighters are our freedom fighters!”

پاڪستان جي چوٿين محسن ۽ مسيحا پرويز مشرف ڍاڪا ۾ 1971 ۾ جيڪي بنگال سان ٿيو تنهن لاءِ “apology”بدران “regret”جو لفظ استعمال ڪيو ته پاڪستاني ميڊيا ۽ لاهوري دانشورن آسمان مٿي تي کڻي ڇڏيو ته هن ڪيڏي فراخدلي ڏيکاري آهي. 

”قرارداد تشويش“ جي منظوريءَ کان اڳ ۽ پوءِ محب وطن پنجابي دانشور، ليڊر ۽ جماعت اسلاميءَ جا اڳواڻ باربار ملا قادر کي ڏنل سزا کي ”مجيب ــ ڀٽو“ معاهدي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندا رهيا جنهن ۾ هنن جي چوڻ موجب ڄاڻايل هو ته 1971 واري سانحي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ تي ڪنهن به شخص کي ماريو نه ويندو ۽ نه ئي ڪا سزا ڏني ويندي. پر اهو هڪ مروٽو ڏنل سچ آهي. اصل ۾ اپريل 1974 ۾ پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ ٽه ـ ڌريو معاهدو ٿيو هو جنهن موجب ڌرين فيصلو ڪيو هو ته پاڪستان ۾ ڦاٿل سڀني بنگالين کي بنگلاديش واپس وڃڻ ڏنو ويندو ۽ اهي واپس هليا ويا. معاهدي ۾ چيل هو ته ڀارت جي مختلف علائقن اندر ڪيمپن ۾ قيد پاڪستاني جنگي قيدين کي آزاد ڪري پاڪستان موڪليو ويندو ۽ اهي به آزاد ٿي پاڪستان اچي ويا. ڀارتي ڪيمپن ۾ جنگي قيدي بنايل فوجين مان 195 فوجي آفيسر اهڙا هئا جن خلاف بنگلاديش سرڪار جنگي ڏوهن جو ڪيس هلائڻ ٿي چاهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي منٿ ميڙ تي معاهدي ۾ لکيو ويو ته ڀارت جڏهن جنگي قيدين کي آزاد ڪندو ته انهن ۾ شامل 195 فوجي آفيسرن خلاف پاڪستان اندر جنگي ڏوهن جو ڪيس هلايو ويندو.195 فوجي آفيسر آزاد ٿي پاڪستان پهچي ويا پر ذوالفقار علي ڀٽي مٿن ڪيس نه هلايو.ميجر جنرل رائو فرمان علي انهن مان هڪ هو.



1972 ۾ شيخ مجيب جي ڏنل آئين جي مهاڳ ۾ رياست جا چار بنيادي اصول سيڪيولرازم، قومپرستي، جمهوريت ۽ سوشلزم ڄاڻايا ويا هئا. 1975 ۾ جنرل ضياءُالرحمان مارشل لا نافذ ڪري آئين ۾ ترميم ڪئي ۽ سيڪيولرازم جي جاءِ تي ”الله تعالي جي ذات پاڪ تي ڪامل يقين ۽ ايمان“ جا لفظ شامل ڪيا ويا ۽ اهو به ڄاڻايو ويو ته رياست جو مذهب اسلام هوندو. هي آرٽيڪل 2A تحت قرارداد مقاصد کي پاڪستاني آئين ۾ شامل ڪرڻ وانگر هو.

26 مارچ 1996 تي بنگلاديش جي آئين ۾ تيرهين ترميم ڪئي وئي جنهن تحت اليڪشن ڪرائڻ لاءِ نگران حڪومت قائم ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو. ترميم ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي تازو ريٽائرڊ ٿيل ٻن ججن مان ڪوبه هڪ ان نگران حڪومت جو سربراهه هوندو جنهن جو عهدو وزيراعظم بدران چيف ايڊوائيزر هوندو ۽ هو اليڪشن واري مدي دوران صدر کي رپورٽ ڪندو. 

فيبروري 2010 ۾ بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏيندي چيو ته جيئن ته پارليامينٽ کي آئين کي معطل ڪرڻ جو اختيار ناهي تنهن ڪري ان کي مارشل لائن جي نفاذ ۽ فوجي آمرن پاران آئين معطل ڪرڻ جهڙن عملن کي جائز قرار ڏيڻ جو به اختيار ناهي. ان فيصلي آئين سان ماضي ۾ ڪيل هٿ چراند کي درست ڪري رياست کي وري سيڪيولر قرار ڏيڻ جو رستو کولي ڇڏيو. جولائي 2010 ۾ هڪ ٻئي فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ 1979 ۾ آئين ۾ شامل ڪيل انهن فقرن کي غير آئيني قرار ڏيئي ڇڏيو جن تحت اهڙين سياسي جماعتن کي به ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي جن جو ميني فيسٽو مذهبي مقصدن تي ٻڌل هجي. 4 آڪٽوبر 2010 تي هاءِ ڪورٽ باضابطي فيصلو ٻڌايو ته بنگلاديش هاڻي هڪڙي سيڪيولر رياست آهي.



عدالتي فيصلن وزيراعظم شيخ حسينه واجد کي همت ڏياري ۽ هن پهرين جولاءِ 2011 تي پارليامينٽ مان پندرهين آئيني ترميم پاس ڪرائي ملڪ جي سياسي ۽ آئيني تاريخ ۾ سڀ کان وڏي تبديلي آندي. پندرهين ترميم ۾ ان فقري کي ته نه ڇيڙيو ويو ته رياست جو مذهب اسلام هوندو، پر ترميم وسيلي 1972 ۾ آئين ۾ شامل ڪيل رياست جا چار بنيادي اصول سيڪيولرازم، قومپرستي، جمهوريت ۽ سوشلزم جيئن جو تيئن بحال ڪيا ويا ۽ ان ڳالهه تي بندش وڌي وئي ته آئين جي مهاڳ ۾ شامل بنيادي اصولن ۾ هاڻي ڪابه پارليامينٽ ترميم نه ڪري سگهندي. بنيادي اصولن ۾ پهريون ڀيرو بانگابانڌو شيخ مجيب الرحمان کي باباءِ قوم سڏي اهو به لکيو ويو ته سڀني سرڪاري آفيسن ۽ سفارتخانن ۾ سندس تصوير لڳائڻ لازمي هوندو.پندرهين ترميم تحت نگران حڪومت وارو آرٽيڪل به آئين مان ختم ڪيو ويو ۽ پارليامينٽ ۾ عورتن جي سيٽن جو تعداد 45 مان وڌائي 50 ڪيو ويو. 1972 جي ان اصل آئيني آرٽيڪل کي بحال ڪيو ويو جنهن تحت مذهبي منشور وارين پارٽين جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي بندش وڌي وئيهئي. ترميم ۾ اهو به شامل ڪيو ويو ته حڪومت پاران قائم ڪيل انٽرنيشنل وار ڪرائمز ٽربيونل جيڪي به فيصلا ڏيندو سي حتمي هوندا ۽ انهن کي ڪنهن به عدالت ۾ چيلينج نه ڪري سگهبو.

بنگلاديش جي پارليامينٽ ۾ 300 سيٽون آهن. پندرهين ترميم کي هڪ (آزاد) ميمبر جي مخالفت واري اڪيلي ووٽجي مقابلي ۾ 291 ووٽن جي اڪثريت سان منظوري ملي. حڪومتي اتحادي پارٽين حسين محمد ارشاد جي جاتيا پارٽي ۽ ورڪرز پارٽي ترميم جي حمايت ڪئي، جڏهن ته بيگم خالده ضياءُ جي بنگلاديش نيشنل پارٽي اجلاس ۾ شرڪت ئي نه ڪئي. بي اين پي کي سڀ کان وڏو اعتراض نگران حڪومت وارو آرٽيڪل ختم ڪرڻ ۽ رياست کي سيڪيولر بنائڻ تي هو. ياد رهي ته هن وقت تائين ملڪ ۾ ٽي اليڪشنون نگران حڪومتن ڪرايون آهن.

پندرهين ترميم جي منظوريءَ کان پوءِ عوامي ليگ سرڪار تيزيءَ سان ان تي عمل درآمد ڪرايو ۽ اليڪشن ڪميشن مذهبي پارٽين بشمول جماعت اسلاميءَ جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي. سگهوئي پوءِ قادر ملا وارو ڪيس شروع ٿيو. خالده ضياءُ جنهن جي دور حڪومت ۾ بنگلاديش جو سيڪيولر اثاثو ننڌڻڪو ٿي ويندو آهي، رابيندر ناٿ ٽيگور ۽ نذرل جو نالو وٺڻ کان لنوايو ويندو آهي بلڪه انهن کان لاتعقلي جهڙو رويو رکيو ويندو آهي، تنهن اهو به چيو ته هڪ ڀيرو وري کيس حڪومت ۾ اچڻ ڏنو وڃي ته هو اصل جنگي ڏوهارين خلاف ڪيس هلائيندي. هن جو تاثر اهو آهي ڄڻ قادر ملا ڏوهاري ئي نه هجي

بي اين پي اڳ ئي اهڙا اشارا ڏيئي رهي هئي ته ان کي نگران بدران عوامي ليگ جي سرڪار پاران ڪرايل اليڪشن قبول نه هوندي. جيئن ته موجوده اسيمبلي جو مدو 24 جنوري 2014 تي ختم ٿيڻو هو، حڪومت آڪٽوبر 2013 ۾ نين چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ڪيو جيڪي 5 جنوريءَ تي ٿيڻيون هيون. اليڪشن جي اعلان ٿيڻ شرط جماعت اسلامي ۽ بي اين پي ايجي ٽيشن شروع ڪيو جنهن ۾هن وقت تائين 150 ماڻهو مارجي ويا آهن. هي ٽين اليڪشن آهي جنهن جو خالده ضياءُ بائيڪاٽ ڪيو. بنگلاديش ۾ هن کي ”بائيڪاٽ بيگم“ به سڏيو وڃي ٿو..

وڏين پارٽين پاران بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ اليڪشن ون وي ٿي وئي، نتيجي ۾آمريڪا، يورپين يونين ۽ ڪامن ويلٿ وارن اليڪشن جي عمل کي سوال جوڳو قرار ڏيئي اليڪشن آبزرور اماڻڻ کان نابري واري ڇڏي.

هٿ کڻڻ جي تاريخ گذرڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن 300 مان 154 سيٽن تي بيٺل اميدوارن کي بنامقابلي ڪامياب قرار ڏيئي ڇڏيونتيجي ۾ باقي 146 سيٽن تي اليڪشن ٿيڻي هئي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته عوامي ليگ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڪثريت ته اليڪشن واري ڏينهن کان اڳ ئي ملي وئي. 154 سيٽن تي اليڪشن نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ ملڪ اندر ڪل ووٽرن جو اڌ يعني 9.19 ڪروڙ ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال نه ڪري سگهيا جيڪو عمل ڪنهن به ريت جمهوري نٿو چئي سگهجي. ان کان پوءِ باقي سيٽن تي اليڪشن بس فارملٽي ئي رهجي وئي.پر بيگم حسينه واجد کي اندازو آهي ته اها فارملٽي ڪيڏي اهم آهي ڇو جو ان کان سواءِ اڳ ئي سوال بنيل اليڪشن کي ڪنهن به ريت جائز پڻو نه ملي سگهي ها. 

هڪ طرف بي اين پي ۽ ٻيون پارٽيون تشدد وسيلي اليڪشن کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جي ڪوشش ۾ لڳل رهيون ته ٻئي طرف بيگم حسينه واجد جي سرڪار به ڏاڍ ۽ دٻڙ ڌونس جا حربا هلايا. جيڪڏهن ڏسجي ته نظرياتي طرح صحيح رخ ۾ هجڻ جي باوجود بيگم حسينه واجد مخالفن سان اها ڪار ڪئي آهي جيڪا ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ڄام صادق ڪئي هئي. چئي نٿو سگهجي، ته بيگم حسينه واجد جي سرڪار کي اٽڪل سٽڪل سان مليل حاصلاتون sustainable به هونديون يا ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ ڪو طوفان پنهنجي پٺيان ڪاريءَ وارا ڪک ڇڏي ويندو.

سڀ کان پهرين ته سرڪار بيگم خالده ضياءُ کي اڻ اعلانيه طور گهر ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. ون وي اليڪشن ۾ جڏهن حڪومتي اتحادي جاتيا پارٽيءَ جي سربراهه حسين محمد ارشاد ايڊجسٽمينٽ وسيلي 100 سيٽون ڏيڻ جي گهر ڪئي ته حسينه واجد کيس 60 سيٽون ڏيڻ جي آڇ ڪئي. جڏهن حسين محمد ارشاد اها آڇ نه مڃي ۽ بائيڪاٽ گروپ جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ته ريپڊ ايڪشن بٽالين کيس کڻي وئي ۽ کيس ڪمبائنڊ ملٽري هاسپيٽل ۾ اهو چئي بند ڪيو ويو ته سندس طبيعت ناساز آهي. بعد ۾ سرڪاري فوٽوگرافر سان حڪومت جي هڪ ايڊوائيزر کيس گلدستو پيش ڪري تصوير به ڪڍائي جنهن تي ملڪ سڄي ۾ کل متل آهي. 

حالت اها هئي ته بايئڪاٽ جي اعلان جي باوجود خود حسين محمد ارشاد پنهنجو فارم واپس وٺڻ نه وڃي سگهيو ۽ تاريخ گذري وئي.جاتيا پارٽيءَ جا ڪجهه اميدوار ته فارم واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا پر حسين محمد ارشاد سميت جاتيا پارٽيءَ جي 64 اميدوارن سان اهڙيون اٽڪلون ڪيون ويون جو اهي فارم واپس وٺي نه سگهيا. 

هڪ طرف ارشاد اسپتال ۾ قيد هو ته ٻئي طرف بيگم حسينه واجد جاتيا پارٽيءَ ۾ گروپنگ ڪرائي انور حسين منجو جي قيادت ۾ جاتيا پارٽيءَجو نئون گروپ ٺهرائي ڇڏيو ۽ اليڪشن ڪميشن ارشاد جي اصل جاتيا پارٽيءَ پاران اعتراض وارو ليٽر ملڻ جي باوجود ان نئين گروپ کي جاتيا پارٽيءَ جو اليڪشني نشان ”هر“ الاٽ ڪري ڇڏيو. ساڳئي وقت هٿ کڻڻ جي تاريخ کان اڳ حسينه واجد جاتيا پارٽيءَ جي ان گروپ جي 20 اميدوارن سامهون بيٺل پنهنجي اميدوارن کان هاسيڪار هٿ کڻرايو ۽ ايئن اهي بنا مقابلي چونڊجي اچي ويا.رڳو ايترو ئي نه، پر اليڪشن کي اليڪشن بنائڻ لاءِ 100 کان وڌيڪ سيٽن تي عوامي ليگ پنهنجي ئي ماڻهن کي آزاد اميدوار طور پنهنجي پارٽي اميدوارن جي سامهون بيهاريو آهي ته جيئن اليڪشن اليڪشن نظر اچي. هن وقت تائين بنامقابلي ڪامياب ٿيندڙ 154 ميدوارن مان 127عوامي ليگ جا آهن جڏهن ته عوامي ليگ جا باقي 119 اميدوار انجنيئرنگ ڪيل ”مقابلي“ کان پوءِ آسانيءَ سان کٽي ايندا.

ان سڀ ڪجهه جي باوجود اليڪشن سواءِ اليڪشن جي ٻيو سڀ ڪجهه نظر اچي ٿي. پس منظر ۾ معاملا ٺيڪ ڪرڻ جون ڪوششون به جاري آهن پر اڃا تائين ڪاميابي نه ٿي سگهي آهي. هن کان اڳ 28 آڪٽوبر 2013 تي بيگم حسينه واجد خالده ضياءُ سان فون تي ڳالهائي معاملا ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان ڳالهه ٻولهه دوران ٻئي بيگمات پاڻ ۾ وڙهي پيون هيون. ان فون ڪال جي ريڪارڊنگ ليڪ ٿي يوٽيوب تي پهچي ملڪ جو سڀ کان وڏو سياسي لطيفو بڻجي چڪي آهي. 

اطلاعن موجب معاملا ٺيڪ ڪرائڻ لاءِ صدر عبدالحميد ٽياڪڙي ڪرائي رهيو آهي ۽ اصولي طور ان ڳالهه تي اتفاق ٿي به ويو آهي ته نئين سر ”شراڪتي“ چونڊون ڪرايون وڃن. پر بيگم حسينه اهو مطالبو مڃڻ لاءِ تيار ناهي ته چونڊون نگران سيٽ اپ تحت ڪرايون وڃن. هو چوي ٿي ته پندرهين ترميم کانپوءِ نگران سيٽ اپ جي آئين ۾ گنجائش ئي ڪانهي ۽ هڪ غيرآئيني مطالبو مڃي نٿو سگهجي.

عوامي ليگ سرڪار جي ناڻي واري وزير موهت مڃيو آهي ته جيتوڻيڪ 5 جنوري جي چونڊن جي آئيني حيثيت تي ڪي به سوال ڪونه ٿا اٿي سگهن پر اپوزيشن جي پارٽين جي شريڪ نه ٿيڻ سان اهو مزو ڪونه آيو آهي جيڪو عام طوراليڪشن ۾ اچڻ کپي. هن اشارو ڏنو آهي ته 24 جنوري تي پارليامينٽ جي مدي ختم ٿيڻ سان پهرين نئين پارليامينٽ اچي وڃي، پوءِ اهو بلڪل ممڪن آهي ته ان پارليامينٽ کي تحليل ڪري نيون چونڊون ڪرائجن. 

پر يقين سان نٿو چئي سگهجي ته اليڪشن جي نڪري ويل ٽرين بي اين پي ۽ ٻين پارٽين لاءِ هاڻي واپس پليٽ فارم تي ايندي.

ٽيل پيس:

5 جنوريءَ واريون چونڊون ڪل 300 سيٽن مان 146 سيٽن تي ٿيون ڇو جو 154 اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي چونڊجي چڪا هئا. هن اسٽوريءَ جي فائيل ٿيڻ تائين 146 سيٽن مان 136 جا نتيجا اچي چڪا آهن جن مان 102 سيٽون عوامي ليگ کٽيون آهن، جڏهن ته جاتيا پارٽي 12، جاتيا سماج تنترڪ دل 2، ورڪرز پارٽي 4، آزاد اميدوارن 12 ۽ عوامي ليگ کان منحرف ٿيل اميدوارن 2 سيٽون حاصل ڪيون آهن. 

بنامقابلي چونڊجي آيل عوامي ليگ جي 127 اميدوارن سان مقابلي وسيلي کٽيل 102 سيٽون شامل ڪجن، ته ڪل ملائي عوامي ليگ 300 مان 229 سيٽون حاصل ڪري ايوان ۾ حتمي (Absolute) اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو