Home / افيئر / جنگي جنون: ماحوليات ۽ حياتيات
above article banner

جنگي جنون: ماحوليات ۽ حياتيات

ممتاز ڪنڀر
هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي جتي جوهري طاقت جو استعمال ڪيو ويو. 6 ۽ 9 آگسٽ 1945ع تي جڏهن انهن بمن جو استعمال ڪيو ويو تڏهن چند سيڪنڊن ۾ ئي انساني آبادي ختم ٿي وئي. ايڪيويهين صدي ۾ افغانستان، عراق ۽ شام جهڙن ملڪن ۾ جنگي جنون ماحوليات سان گڏ سموري حياتيات لاءِ خطري پيدا ڪري ڇڏيا آهن. دنيا ۾تيزي سان وڌندڙ ماحولياتي گدلاڻ انسان توڙي حيوانيات ۽ نباتات لاءِ خطرا پيدا ڪري رهي آهي هڪ ته اهي عمل جيڪي روز مره جي زندگي سان واڳيل آهن اهي گدلاڻ کي وڌائي رهيا آهن جن سان انساني زندگي واڳيل آهي ۽ ٻيا اهي عمل جيڪي ”جنونيت“ جي حدن ۾ اچن ٿا اُهي دنيا ۾ تيزي سان وڌندڙ جنگي جنون.
پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر ۽ ڪتابن جي مصنفه ڪونوي ڊبليو هينڊرسن موجب 3500 قبل مسيح کان ويهين صدي تائين 14500 جنگيون وڙهيون ويون.هي انگ انساني بربادي جو ڏيک ڏيڻ سان گڏ ماحولياتي تباهي جا وڏا منظر پيش ڪن ٿا، جن بابت سوچڻ ۽ انهن وڻن ۽ ٻوٽن جي تعداد بابت سوچڻ به مشڪل ٿو لڳي.اهي جنگيون جيڪي انسانن پنهنجي آزاديءَ ۽ بقا لاءِ وڙهيون تن ماحولياتي تباهي جا اڻ ڳڻيا مثال قائم ڪيا، انساني ۽ نفسياتي مسئلا پيدا ڪيا. اڄ ٿرڪول پراجيڪٽ تي بريڪ ٿرو تي ٻين سان گڏ آمريڪا به اعتراض انهي ڪري واريو بيٺو آهي ته جيڪڏهن زمين اندرئي انهي ڪوئلي مان گئس پيدا ڪجي جنهن سان ماحولياتي آلودگي پيدا ٿيندي پر آمريڪا بهادر جيڪو انڌي گهوڙي تي سوار آهي، اهو دنيا ۾ ڪوئلي کي گهڻي ۾ گهڻو پڻ استعمال ڪري ٿو ۽ ڪوئلي ذريعي توانائي حاصل ڪري صنعتي ترقي جي حوالي سان جاپان ۽ چيني کان گوءِ کڻڻ واري چڪر ۾ آهي.
ماحولياتي تباهي جو وڏو ذميوار آمريڪا پاڻ آهي جنهن ويٽ نام واري تباهي آندي جتي سندس فوجين 21،36،000 گيلن ايجنٽ اورنج هر سائيڊ (جنهن سان زمين تي موجود نباتات ختم ٿي وڃي ٿي) ۽ ڊيفو لينٽ رهي دوا وڻن جي پنن کي وقت کان پهرين ڇاڻي ڇڏي ٿي) اها اسپري ڪئي جنهن سان هزارين ميلن ۾ پکڙيل وڻ ۽ ٻوٽا ڪيتري ئي تعداد ۾ ختم ٿي ويا. اڄ جنت جهڙي وادي ڪشمير ۾ سالن کان هلندڙ ويڙهه ۾ جتي ڪيترائي انسان، مرد عورتون توڙي معصوم ٻارڙا قتل ٿيا آهن اتي جي ماحوليات کي پڻ نقصان پهتو آهي. گذريل ڏينهن هڪڙي تصوير نظر مان گذري هئي شايد توهان به ڏٺي هجي جنهن ۾ ٽي ٻارڙا هڪڙي روڊ تي ڊوڙندي نظر اچي رهيا آهن، جيڪي تشد ۽ موت جي ڊپ کان ڊوڙي رهيا آهن ۽ سندن پويان فوجي سپاهي آهن جيڪي کين جهلڻ چاهين ٿا ۽ ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ ڪي شڪاري هجن، ۽ ٻارڙا رڙيون ڪندا ڊوڙي رهيا آهن.
هوا جا رُخ ۽ انداز بدلجڻ سان گڏ، دنيا سطح تي جيڪي ٿڌا ڏينهن ۽ ٿڌيون راتيون جن جو تعداد ماهر 90 ڏينهن تائين ٻڌائن ٿا اهي پڻ گهٽجي رهيا آهن. ماهرن موجب 20 سالن ۾ گرم ترين ڏينهن ايندو هو اُهو هاڻي هر ٻن سالن بعد اچي ٿو. هندو ڪش ۽ هماليه جبلن جي سلسلن ۾ موجود گليشئرز تيزي سان پگهرجڻ شروع ٿي ويا آهن، درياهن ۾ چاڙهه سب ٻوڏون آڻي رهيا آهن ۽ دنيا جي مختلف ٻيٽن ۾ موجود ملڪن کي ٻڏڻ جا خطرا چٽا نظر اچي رهيا آهن.انهي پسمنظر ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ايندڙ ٻوڏون زلزلا ۽ طوفان ڪهڙا نتيجا ۽ حالتون پيدا ڪنديون جن بابت اسان سوچي به نه ٿا سگهون. ۽ وري سنڌ ۾ جيڪا صورتحال ٿيندي اها اڳين حالتن جي آئيني ۾ ڏسي سگهون ٿا.
گذريل ٻوڏ دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ جيڪو ٻين ضلعن جي اعليٰ عملدارن توڙي اين جي اوز جي ماڻهن جيڪي سڻڀن ڪرسين تي هئا تن وڏا ٺٺ ڪيا.بهرحال ماحولياتي آلودگي ايندڙ وقت جو گلو بل اشو آهي ۽ روزانه دنيا ۾ ”ڪاربان“ گئس، نامياتي زهريلن مادن سم ۽ ڪلر، سمنڊ جو زرعي زمينن کي ڳڙڪائڻ وارو عمل، تيزي سان گدلو ٿيڻ ۽ روزانه دنيا ۾ گاڏين جو تيزي سان وڌڻ جهڙا موضوع بحث هيٺ آهن. دنيا ۾ هن وقت “گرين ٽئڪس” وارو رجحان وڌي رهيو آهي، آسٽريليا، برطانيه، آمريڪا، هانگ ڪانگ، فرانس، جرمني آئرلينڊ ۽ جاپان اهڙا ملڪ آهن جتي گرين ٽئڪس تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو. جنهن موجب هڪ سر چارج گاڏي موجب معيار تي پورو لهندڙ گاڏيون استعمال ڪجن ۽ جيتري گاڏي پراڻي ان تي اوترو ئي وڌيڪ ٽئڪس. انڊيا ۾ انهي مد مان ملندڙ ٽئڪس واري رقم گاڏين جي چڪاس وارن مرڪزن، اپر ڪوالٽي ٽيسٽنگ جي مرڪزن، آلودگي کان پاڪ توانائي ۽ شمسي توانائي ۽ (Hybird) ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ترغيب وغيره جهڙن منصوبن تي خرچ ڪئي وڃي ٿي. اسان جي ملڪ ۾ انهن گاڏين جو تعداد وڌيڪ آهي جيڪي پراڻيون آهن.
پيٽرول، ڊيزل، گئس وڌيڪ کائيندڙ ۽ ماحول ۾ ٽنن جي حساب سان دونهون ڇڏي ماحول کي گدلو ڪندڙ اهي گاڏيون جن جو تعداد لکن ۾ آهي ۽ اسان وٽ اها سهولت بُري طرح استعمال ٿئي ٿي. جيڪي ٽرانسپورٽ ريزيڊنس ۽ تحفا اسڪيمن تحت آنديون وڃن ٿيون جيڪي ريڪينڊيشنڊ آهن ۽ ملڪي صعنت کي وڏو ڌڪ رسائين ٿيون. گاڏيون خريد ڪندڙ کي توڙي جو معمولي فائدو پهچي ٿو جيڪي ڪنهن به ٽيسٽ مان نٿيون گذرن ۽ روڊن تي خطرن جون وڏيون نشانيون آهن ۽ انهن جا ٽائر به انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ اڪثر ناڪام رهن ٿا. سامونڊي آلودگي جو سبب بڻجندڙ سامونڊي جهازن جو تيل، خراب مادا به سامونڊي حيات توڙي تمر جي ٻيلن لاءِ خطرا آهن. 25 نومبر 1999 ع تي جڏهن پاڪستان ۾ موجود سامونڊي حصي ۾ هڪ جهاز مان تيل وهي ويو هو ، جنهن سان سمنڊ جي سطح تي آئل سلڪ جي چادر وڇائجي جي ويئي هئي.
جنهن ڪري سمنڊ ۾ موجود بيضن ۾ هزارين ٻچا مري ويا هئا مڇين جي ساهه کڻڻ ۽ ترڻ واري صلاحيت کي نقصان پهتو هو ۽ سامونڊي خوراڪ تي خراب اثر پيا هئا ۽ اڃا تائين اها آلودگي خراب اثر وجهي رهي آهي. ڪيميائي مادا جن کي سائنسدانن تيار ڪيو هو ۽ انهن کي عام انسان به وڌائي رهيا آهن. جيڪي هوا، خوراڪ، پاڻي ذريعي پهچن ٿا. جيڪي جگر، دل، ڦڦڙ، مدافعتي نظام ۽ توليدي نظام متاثر ٿي رهيا آهن سنکيو، سيڪرين، ڊائي آڪسن، ريڊان، ڊي اي ايس وغيره گندگي جي نالن، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جي ٻاهران موجود آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو