Home / افيئر / جيڪڏهن بينظير سياستدارن نه ٿئي ها ته صحافڻ هجي ها!
above article banner

جيڪڏهن بينظير سياستدارن نه ٿئي ها ته صحافڻ هجي ها!

ثنا عباس دشتي

ڪنهن شاعر هن لاءِ لکيو هو،”تون اسانجو سج آهين ۽ اسين تنهنجا سورج مُکي“ اڄ ان موئن جي دڙي جي عظيم سج کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.هي اهو ئي سج آهي جنهن لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي تاريخي خط My Dearest Daughter ۾ لکيو هو: پنڪي تون سال جي وڏي ۾ وڏي ڏينهن(21جون) تي پيدا ٿي آهين،تنهنجي پيدائش واري ڏينهن جو سج ڪو به ضياءَ لاهي نٿو سگهي.مائي بختاور کانپوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ عورت مزاحمت جو وڏو حوالو آهي، شهيد بي بي. بينظير کي بينظير ڪٿا هن جي بهادري بنايو،هڪ اهڙو خطو جتي عورت جو ٻاهر نڪرڻ ئي ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي،اتي مولوين ۽ وردي وارن جي سياسي ٻٽڙ هوندي به هن ڪٿي به همت نه هاري،ان ڪري ئي هن کي ”مارئي ملير“ جي جو لقب به ڏنو ويو. بينظير نه رڳو علمي ميدان ۾ دنيا ۾ پاڻ مڃرايو پر هن سياست ۽ مزاحمت جي ميدان ۾ به سنڌ ۽ ايشيا جي عورت جي نئين تاريخ رقم ڪئي.هن جي عزم ۽ ولولي کي ڏسي حبيب جالب به لکيو هو؛ ڪانپ رهي هين بندوقون والي ايڪ نهتي لڙڪي سي.“ ڀٽو جي اها لاڏلي پنڪي پاڻ هر ميدان ميدان ماري ثابت ڪري وئي ته،عورت ڪمزور رڳو مردن جي تعصب ڀريل دماغي تصور ۾ آهي باقي عورت ڪمزور ناهي.
بي بي جهڙي دردناڪ ڪٿا شل ڪنهن جي نه ٿئي هن، پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ جيڪي پنهنجا درد رقم ڪيا آهن،اهي هن ملڪ جي دهشت ڀري تصوير ڏيکارڻ لاءِ ڪافي آهن.هن لکيو جڏهن مون آخري ملاقات دوران ڏاڍيون منٿون ڪيون ته مونکي اجازت ڏيو ته آئون بابا کي آخري ڀاڪر پائي وٺان انهن ظالمن مونکي بابا کي آخري ڀاڪر به پائڻ نه ڏنو. هڪ هنڌ بينظير انٽرويو ڏيندي چيو هو: آئون ملڪ جي وزيراعظم هئس،پوءِ به پنهنجي ڀاءُ مرتضيٰ کي ٻه ٽانڪا به وقت تي نه لڳي سگهيا ۽ رت وهي وڃڻ ڪري منهنجي ڀاءُ جو موت ٿي ويو. هو پنهنجي ڀاءُ تي ٿيل فائرنگ جو ٻڌي پيرن اگهاڙن ڪراچي جي اسپتال پهتي هئي،پر تيستايئن مير صاحب زندگي جي جنگ هارائي چڪو هو.هڪ اهڙي عورت جنهن پنهنجي ڦوهه جواني ۾ پيءُ کي ڦاسي چڙهندي ڏٺو هجي،ٻن نوجوان ڀائرن کي سازشي قتلن بعد لحد ۾ لهندي ڏٺو هجي،ماءُ تي لاٺي چارج ٿيندي ڏٺي هجي،ماءُ جي مٿي مان رت ٺينڊيون ٿي وهندي ڏٺو هجي. ان جي اندر ۾ ڪيڏا نه اڌما هوندا ڪيڏي نه آگ پيدا ٿئي هوندي پر هن عظيم عورت پاور ۾ اچي ڪڏهن به ڪنهن کان ڪو انتقام نه ورتو،اهائي هن جي اصل بهادري ۽ ڪردار جي بلندي هئي جو جڏهن هن تي حملو ٿيو ته هر فرد ان حملي کي پاڻ تي حملو سمجهيو اهڙي ڪهڙي دل هئي جتي بي بي جي غم جو تڏو نه وڇايو ويو هجي!؟
بينظير پنهنجي سياسي بصيرت سان وردي وارن ۽ انهن جي ساٿارين کان عوام ڏانهن حڪمراني منتقل ڪرائڻ لاءِ پر امن سياسي جدوجهد ڪئي هن گانڌي ۽ نيلسن منڊيلا وانگر پر امن طريقي سان ئي عوام کي حق وٺرائي ڏيڻ جو رستو اختيار ڪيو،اها ٻي ڳالهه آهي ته، هو پر امن هئي پر هن جا مخالف هٿيارن سان هئا.بينظير جي جدوجهد ئي هئي جو آنگ سانگ سوڪي کي ڪافي ماڻهو برما جي بينظير سڏڻ لڳا.تازوئي جڏهن منڊيلا سان گڏ بينظير شهيد جا فوٽو سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ اچڻ لڳا ته سچ پچ دل ۾اهو خيال آيو ته،پاڪستان مان بينظير کانسواءِ ٻيو ڪهڙو اهڙو ليڊر هو،جيڪو منڊيلا سان گڏ هڪڙي ئي سوفي تي ويهڻ جي لائق هو؟ اها بينظير ئي هئي جيڪا منڊيلا جي جدوجهد مان اتساهه وٺڻ جهڙي هئي،منڊيلا جي Reconciliation Truth Commission مان سبق حاصل ڪرڻ جهڙي هئي جو هِن ڀيري ايندي ئي پاڪستان ۾ مفهامت جي ڳالهه ڪئي مشرف جهڙي آمر کي ڳالهين ۾ هارائي اقتدار کان پري ڪري ڏيکاريو. اهو به بينظير جي ئي سياسي ڏاهپ جو ڪمال آهي جو اڄ هڪ جنرل ائين قيد پيو ڪاٽي نه ته اسانجي تاريخ ۾ ائين به ڪڏهن ٿيو؟
بينظير آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ بطور شاگردياڻي به نالو ڪمايو ته وري جڏهن هو مختلف موقعن تي اتي ليڪچر ڏيڻ وئي ته اتي به پنهنجا ڪئين مداح ٺاهي آئي.صحافي ٿيڻ بينظير جي پهرين خواهش هئي،جيڪڏهن بيرحم ملڪي حالتون هن کي سياست جي گورک ڌنڌي ۾ نه ڌڪي اچن ها ته شايد بينظير اوريانا فلاسي جي معيار جي صحافڻ هجي ها پر ان هوندي به جن بينظير جون لکڻيون پڙهيون هونديون ان کي ضرور خبر هوندي ته هو بهترين نثر نويس سان گڏ شاعره پڻ هئي،هن جو جلاوطني وارن ڏينهن ۾ لکيل هڪ شاهڪار طويل نظم محمد ابراهيم جويو ترجمو پڻ ڪيو هو جيڪو اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي. اڄ اسان بينظير صاحبه کي گلن ۽ لفظن جي ڀيٽا ڏئي ديس جي ڏاهي ڌيءَ کي ياد ڪريون ٿا،ٽيگور سوڀي گيانچنداڻي کي Man of Moen Jo Daro جو سڏيو هو ائين بينظير اسان لاءِ women of Moen Jo Daroآهي. بينظير جي چادر هن ملڪ جي عوام جي مٿي تان کسجڻ کانپوءِ واقعي به هن ملڪ جا ماڻهو هڪ عظيم ڀيڻ جي رئي جي ڇانو کان محروم ٿي ويا آهن.
,sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو