Home / پروفائيل / حليم دي گريٽ!
above article banner

حليم دي گريٽ!

Haleemمان به حليم صاحب جيان پاڻ کي چوٽي جو بدنصيب سمجهندو آهيان، ڇو ته مون جيڪو ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيو آهي اهو مون کي نه مليو ۽ جيڪو مون نه چاهيو سو وري سدائين منهنجي مٿي ۾ لڳو آهي. شايد حليم صاحب ۽ ان جهڙا ٻيا سمورا ڌڪاريل، تعصب ۽ جهالت جا شڪار ماڻهو خراب آهن يا ته اسان جي ڪلچر ۾ ڪا وڏي خوفناڪ قسم جي گڙٻڙ آهي جو اهڙن ذهين، محبت ڪندڙ، حساس دل رکندڙ ولين جو ڪو قدر ڪونهي. پيداگير، ٺڳ، ڪوڙا ۽ منافق تمام گهڻو خوش آهن ۽ وتن ٿا پستيون هڻندا. اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي ڪرسي ۽ عهدي بچائڻ لاءِ گڏهه کي ابو چون اهي سدائين خوش ۽ خوشحال هوندا آهن.

حليم بروهي صاحب گهڻو تڻو کل ڀوڳ واري حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ چيو ويندو آهي ته تمام گهڻو ڏکويل ۽ واهيات روين جو شڪار ماڻهو ئي وڃي مزاح جو سهارو وٺندو آهي، گورڪي لينن تي لکيل هڪ خاڪي ۾ لکيو آهي ته “جنهن ماڻهو ۾ جيتري ڏاهپ هوندي آهي اهو اوترو ئي گهري ڏک جو شڪار هوندو آهي” . خود لينن گورڪي کي چيو ته “زندگي ۾ جيترو ڏک آهي اوترو مزاح به آهي”. حليم بروهي صاحب جي مزاح ۾ هڪڙي ڳالهه آهي ته هو کلائي به ٿو ۽ سوچڻ تي مجبور به ڪري ٿو. بروهي صاحب جي مزاح ۽ جاسوسي ڪهاڻين پٺيان هڪ تمام ذهين ۽ اهل دل مفڪر ۽ سنجيده تواريخ نويس هميشه موجود نظر اچي ٿو. هو چوندو آهي ته “ مان فقط قدرت جي اڳيان جهڪيو هوندس، ڪنهن به ماڻهو اڳيان نه”. جيڪو قدرت جي قانون کي مڃيندي به ڪڏهن ڪڏهن ان خلاف جلوس ڪڍڻ جي دل ۽ جرئت رکي ٿو. بروهي صاحب چوندو آهي ته “بابا قدرت جو پلاند تمام خطرناڪ هوندو آهي. ”

may 31-2015       11

حليم صاحب سنڌ ۾ واحد سنجيده مفڪر آهي جيڪو چوي ٿو ته سنڌ سنڌ ڪرڻ ۽ سنڌي سنڌي ڪرڻ ۽ ان جي تسبيح پڙهڻ سان ڪجهه ڪو نه ٿيندو. جيستائين سنڌ ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو اصل تاريخي حقيقتون نه ٿا سمجهن، بروهي صاحب هونئن ته تمام گهڻو لکيو آهي پر سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهت نالي ڪتاب لکي هن اسان کي ٻڌايوته موجوده سنڌ ڪڏهن ۽ ڪيئن سنڌ سڏي وئي ۽ تاريخي طرح اصل سنڌ ڪٿي هئي. موجوده سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهو ڪهڙي نسل جا هئا، اهي ڪٿان ۽ ڪيئن آيا وغيره. موجوده سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ جي اصلوڪن ماڻهن جون تاريخي ۽ تهذيبي طرح جيڪي به اهم ڌارائون آهن، انهن جو تاريخي ۽ جاگرافيائي پس منظر ڇا آهي؟. بروهي صاحب جي نقطئه نظر مطابق اڄوڪي سنڌ صوبي واري ايراضي جي اوڀرائي طرف، ڪڇ، ڪاٺيا واڙ، گجرات، مارواڙ ۽ راجستان وارين ايراضين جو اهو ثقافتي گهاڻو هو، جنهن ۾ پيهجي جيڪو اڄوڪي سنڌ صوبي ۾ داخل ٿيو سو اڄوڪي سنڌ صوبي واري ايراضي ۾ اولهندي حصي جو اصلوڪو رهاڪو هو، (بروهي، بلوچ) ۽ جيڪو انهن ٻن گهاڻن مان ڪنهن به هڪڙي گهاڻي مان پيٺل نه هئڻ ڪري اڄوڪي سنڌ صوبي واري ايراضي ۾ سڌو آسمان مان ڪريو سو اڄوڪي سنڌ صوبي واري ايراضي جي اصلوڪين ٻولين ڀيلڪي، ميگهواڙي، راجستاني، بروهي، بلوچي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي، مارواڙي، گجراتي، سرائيڪي، ٻولين مان ڪا هڪڙي ٻولي ڳالهائڻ بدران اها عربي فارسي گاڏڙ واري ٻولي ڳالهائڻ لڳو، جنهن کي ”فلاڻي جي سنڌي“ ۽ ”فلاڻي جي سنڌي“ چئي زوري سنڌي ٻولي جو نالو ڏئي اڄوڪي سنڌ صوبي واري ايراضي جي اصلوڪين ٻولين مٿان مڙهيو ويو.

حليم صاحب جون ڳالهيون صحيح آهن ۽ نه رڳو صحيح آهن پر انهن لاءِ منطق به ڏنو آهي، هڪڙو عجيب اتفاق ٿيو جو مون جهڙي بنهه وائڙي ماڻهو کي بروهي صاحب سان ڪنهن اخبار ۾ ڪجهه وقت گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، تنهن وقت بروهي صاحب تي الزامن ۽ تهمتن جي بارش ٿي رهي هئي، کيس يونيورسٽي مان تڙي ڪڍڻ جا بندوبست ٿي رهيا هئا، کيس چريو، کريو ۽ ملحد هجڻ جا شاندار لقب ملي رهيا هئا، تنهن وقت توڙي جو مون حليم صاحب کي گهڻو ڪونه پڙهيو هو پر سندس رويو زندگي ڏانهن ۽ ڪم ڏانهن مون کي تمام گهڻا وڻندا هئا ۽ مون انهن الزامن هڻندڙن لاءِ ان وقت اسين جنهن اخبار ۾ ڪم ڪندا هئاسين، ۾ لکيو هو ته “اهي الزام هڻندڙ وچٿرائي عرف بي مغزائي جا بي تاج بادشاهه آهن” ۽ محمد حنيف جيڪو اڳي نيوز لائين ۾ ڪم ڪندو هو ۽ جيڪو اڄ ڪلهه BBC سان لاڳاپيل آهي، تنهن بروهي صاحب لاءِ ڪنهن انگريزي اخبار ۾ لکيو هو تهHaleem is Shearlessly a logical person پر بدقسمتي هن سنڌ ۽ ان جي اصلوڪن ماڻهن جي ته انهن قلم، فڪر ۽ عمل ۾ اڳواڻي سدائين اهڙن mediocre ماڻهن وٽ رهي آهي، جيڪي پنهنجي پيٽ ۽ ڪرسي بچائڻ لاءِ هر قسم جي علمي ۽ عملي ٺڳي، بي ايماني، منفاقت، ڪوڙ، مڪر، ۽ فريب ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جن ۾ نه علمي گر ۽ گهرائي آهي نه عملي جرئت ۽ اخلاق، اهي ماڻهو جن سنڌ سنڌي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهت جي حوالن سان رڳو مکڻ جون ماڙيون ٺاهيون آهن. حليم صاحب جهڙي ننگي تلوار جي ڪاٽ رکندڙ ذهانت ۽ حساس دل رکندڙ ولي جي ڳالهه ڪيئن ٿي اپنائي سگهڻ جو خيال دل ۾ آڻي سگهيا، ڇو ته چوندا آهن ته جيڪڏهن ڪنهن ننڍي ٻار کي ننڍپڻ کان اهو يقين ڏيارجي ته هي ڪائنات برف جي ٺهيل آهي ته اهو ٻار وڏو ٿي به اها ڳالهه ڪو نه مڃيندو ته هي دنيا ڪپهه جي ٺهيل ڪانهي.

حليم صاحب مٿي ذڪر ڪيل وچٿرو ذهن رکندڙ عالم سڳورن کان شڪايتون تمام گهڻيون آهن ۽ اهي جائز به آهن، حليم صاحب چوندو آهي ته هنن ٽي وي تي ڊراما لکڻ جو منهنجو رستو روڪيو، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ جو رستو روڪيو، سنڌي ادب جي تاريخن ۾ منهنجو ذڪر خير ڪو ملندو، سنڌي عالم ۽ اديب منهنجو نالو به اديب طور کڻڻ گناهه ۽ ڪفر سمجهن ٿا.

مون کي محسوس ٿيندو آهي ته حليم صاحب پنهنجي سڄي زندگي ان عملي بديانتي ۽ بد مذاق خلاف وڙهندو رهيو آهي ۽ ان جي ويڙهه جاري آهي ۽ ان جو ثبوت اخبارن ۾ لکيل سندس ڪالم آهن، حليم صاحب هار مونونيم وڄائڻ ڄاڻي، ائسٽرولاجي جو علم رکي ٿو، ٻولي جو گهرو اڀياس اٿس، ٻولي جي لپي script ۽ ٽٻڪن جي هجڻ ۽ نه هجڻ جا نقصان ۽ فائدا ٻڌائي ٿو، تاريخ جنهن لاءِ حليم بروهي صاحب تورايخ لفظ صحيح ٿو سمجهي، جو گهرو شعور رکي ٿو، هو شاعر، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، ڪالم نويس، مزاح جي تيز ۽ ڀرپور حس رکندڙ، سنجيده مفڪر ۽ تخليقي ذهن رکندڙ آهي،حليم صاحب ننڍڙن ٻارن کي پڙهائڻ کان وٺي اسان جهڙن وائڙن نوجوانن ۽ جوانن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ وقت ڏئي سمجهائيندو رهندو آهي ته زندگي ڏانهن واقعي زنده رويو ڪيئن هئڻ گهرجي، اصل حقيقتون ڪيئن آهن، ۽ انهن کي ڪيئن بڳاڙيو ويو آهي، ڪئين هتي جي تواريخ کي ڌنڌوڙي، تواريخ نويسن ريپ ڪيو آهي، ڪئين هتي جي شاعرن، اديبن، مفڪرن، دوريشن ۽ ولين سان ناانصافي بلڪه ظلم ٿيو آهي، ڪيئن انهن جي پيغام کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي، ڪيئن ننڍي کنڊ کي اگهاڙي نفرت جي بنياد تي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو آهي ۽ ڪيئن ٺڳي جا ٺاهه ٺاهيندڙ قابل احترام سمجهيا ويا آهن. حليم صاحب چوندو آهي ته Indus valley civilization سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، انهي نالي ۾ پنجاب اسان جي ڳچي ۾ وڌو ويو آهي.

مان حليم بروهي صاحب جي چوڻ تي عمل اڃا خبر ناهي ڇو نه ڪري سگهيو آهيان، مون کي حليم صاحب چيو ته تون هارمونيم وٺ ته مان توکي موسيقي سيکاريان، ٻيو چيائين هڪڙو وڏو رجسٽر وٺ جنهن ۾ پنهنجا احساس لکندو وڃ، ٽيون لارڊ بائرن جي شاعري پڙهڻ لاءِ چيائين، آسڪر وائلڊ جي ڊرامن پڙهڻ لاءِ چيائين،اڄڪلهه مان هن کان علم نجوم جو سبق وٺڻ شروع ڪيو آهي.

مان حليم صاحب کي پنهنجو هڪ پيارو دوست، پنهنجو بزرگ ۽ مهربان سمجهندو آهيان. اها پنهنجي وڏي خوشقسمتي سمجهندو آهيان، يعني اهڙي ڏاهي، منطقي، حساس دل ماڻهو سان رشتو ۽ نياز مندي هجي ته دل کي هڪ ٽيڪو ملي ٿو. هن واهيات منافقي واري، ڪوڙي دنيا ۾ رهڻ ۽ زنده رهڻ لاءِ جتي چئوطرف وحشت، جهالت ۽ ڏوهه آهي، جتي نااهلي ۽ ٻچاپڙائي آهي، جتي سواءِ چند دوستن جي دوست نما دشمن آهن، وڇوڙا آهن، اڪيلائي آهي، اتي اهڙي exceptional wisdom (يگانو فهم) رکندڙ، زندگي ڏانهن ڀرپور رويو رکندڙ داناءُ انسان جي محبت ملڻ هڪ وڏي خوشقسمتي آهي.

مون کي ڪاخبر ناهي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن سنڌ جا ماڻهو پنهنجي اصلوڪن هيرن کي سڃاڻيندا ۽ انهن سان محبت ڪندا ۽ ڪڏهن ۽ ڪيئن اهي ڪوڙن هيرن ۽ ڪاغذي شينهن مان جند آجي ڪرائيندا، ڏوهه ۽ سياست کي ڪڏهن الڳ سمجهندا، ڏوهاري سياستدانن جو حساب ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪندا، علم، فڪر ۽ صحيح عمل ڏانهن ڪڏهن موٽندا، نفرت تعصب ۽ تشدد جي پيامبرن مان ڪڏهن تاريخ ۽ ان مان سبق ڪڏهن سکندا، بروهي، ٻروچ، سما، ميگهواڙ، ڪولهي، ڀيل ۽ سومرا ڪڏهن ۽ ڪئين سمجهندا ته اهي تواريخي سنڌ جا اصل رهاڪو آهيون. قومي غيرت، ٻڌي ڪڏهن سکندا، پنهنجا صحيح اتحادي ڪڏهن ۽ ڪئين ڳوليندا، بنا تياري، تربيت، علم ۽ فڪر جي پاڻي کان اڳ ڪپڙا لاهڻ ڪڏهن ڇڏيندا، سرائيڪي، بلوچ ۽ سنڌ ٽڪنڊو ڇا تورايخي طرح آدرشي ڪو نه ٿيندو، ان سلسلي ۾ پنهنجون ترجيحون ڪڏهن مقرر ڪندا، ڇو ته حليم صاحب چواڻي اهو وقت اچي ويو آهي. مان جڏهن حليم بروهي صاحب سان ملندو آهيان ته هڪ هندي شعر منهنجي ذهن ۾ گونجندو رهندو آهي:

مورک ڪو تم راج ديت هو،

پنڊت ڦرت ڀڪاري،

گرڌر ڪي گت نيايري

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو