Home / اسپيشل افيئر / خرگوش جي هڏڙن مان جوڙيل ڪلالو
above article banner

خرگوش جي هڏڙن مان جوڙيل ڪلالو

ارشاد ميمڻ

اڄ رات راوي عزازيل جي سنگت، چنبي ۾ آهي. سرسامي حال ۾. وڦلڻ، جلان فلان ڳالهائڻ جي معافي، ذاتي، سماجي، سياسي- هڙئي معاملا دماغ ۾ گهمندڙ. شيطاني ۽ بيزار ڪندڙ خبرن جي ڳوٿري کليل. تسلسل جي اڻهوند ڏسو ته درگذر کان ڪم وٺجو. مداين سبب ڪنارو نه ڪجو. ابليس سان ياراڻي پراڻي اٿم. اڄوڪي سانجهيءَ مهماني کائڻ آيو آهي. ممڪن آهي ته رياست، پرڳڻو ۽ ڌرم پڻ بحث هيٺ اچن. ٿي سگهي ٿو ته سهي جي گوشت واپرائڻ ڪارڻ آرٽ، ادب تي به گفتگو ٿئي. عظيم باغي جي روبرو هجڻ جو مطلب آهي ڏڪڻي جو شڪار ٿيڻ. سيءَ تپ ۾ وڪوڙجڻ. ڏند کڙڪائيندي چئي وڃان جيڪر- مان تنهنجي پاڙي ۾ جنم وٺڻ تي لڄي آهيان. ته ناراض نه ٿجانءِ ڪوڙ ناهي. الهيار جي ٽنڊي ۾ ڄمڻ، مون لاءِ شرمندگي جي ڳالهه آهي. ادا، ڀائو! تون ميهڙ واسي هجين يا گهوٽڪي جو مهر، چوندس ايئن ئي. تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي سا سموري سنڌ ۾ پکڙيل آهي. چڙ زمين کان نه آهيم، بدبودار تنهنجي وجود ڪري ڪاوڙ ۾ آهيان.
ٻولي سگهين ٿو ته آءُ شيطان جي قبيلي جو حصو ٿي ويو آهيان. اهو بهتان نه آهي. مان سندس ذات ۾ پيهي چڪو آهيان. پر، تڏهن پڻ تنهنجي پوتر هجڻ جو ڪو جواز ناهي بچيو، ساهه منجهائيندڙ ڍونڍ تو واري بوتي جو واس ڏيندڙ آهي. چڱو اٿئي ته پاڻ کي اتي جوا تي پورو ڪر، پر لوڪ هليو وڃ. فنش ٿي مون کي آجو ڪر. آءُ تنهنجا ڳڻ ڳائيندس.Picture3

ترس ڀلا. خرگوش جي هڏڙن مان تيار ڪيل مَڌ جا ٻه ڍڪ پي وٺان. آسماني وسندي مان ڪهي آيل مهمان ڪاڻ آندو اٿم. ازل جي مانجهاندي مان واري عزازيل آخر به ڪهڙو مڌ چکي ڇوٽڪاري جو اهاءُ اندر ۾ محسوس ڪيو- کانئس پڇڻو اٿم. الهام جي جبر کان آزادي جي واٽ معلوم ڪرڻي آهيم. تو، اي عظيم سنڌي! منهنجي پيرن ۾ هي سنگهر ڇا لاءِ وڌا آهن؟ آءُ تنهنجي گهر ڀرسان ڄمڻ تي لڄي آهيان. بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي کليو ٿو چوانءِ. سهي جي ران واري هڏي مان ٺاهيل شراب جي وٽي مون مٿان پنهنجي اصليت کولي رهي آهي ته تنهنجي پڻ. رنجش مٽي سان ناهي. درد تنهنجي بي حسي جو آهي، شهپريل سائين! هورڙيان هورڙيان آجپي جي ڀاڪر ۾ وڃي رهيو آهيان. نڙي مٿان رکيل تنهنجو ننهن هٽندي محسوس ٿو ڪريان. جنهن اڱڻ تي ابليس جي مهماني جهلي اٿم، ڏينهن جو اتي ابهم ٻارڙا ڪڏندا آهن. سندن مستقبل کي تاراج ڪرڻ وارو تون ئي آهين. اتهاس جي مهانتا جا ڪوڙا ڳيچ ڳائي ٻيائي، مڇلائپ جي پاتال ۾ ٽٻي هنئي اٿئي. تنهن جي پاڙي ۾ پيدا ٿيڻ شرم جوڳي ڳالهه ناهي ته ٻيو ڇا؟ چوندي شيطان جي سنگت ۽ شراب جي نشي ۾ وڦلي رهيو آهيان. مون واري مهمان ازل جي نٽهن اس ۾ پرميشور آڏو تنهن دليري کان ڪم ورتو هئو. آءُ، اڄوڪي سانجهي تو کي آئينو ڏيکاري رهيو آهيان.
مون ڪاڻ عزازيل حق ۽ سچ جو اهڃاڻ آهي. همت ۽ مٿيرائپ جي علامت. نايڪ. ناياب باغي. آءُ پاڻ؟ تيز کرن واري هڪ هزار خراساني کودن مان ٻه سئو ارڙهون نمبر، غصي نه ٿيندا. پورا هڪ هزار گڏهه آهن جيڪي سنڌ جي قومي تحريڪ ڄڻيا آهن. تڪڙ نه ڪندا. اوڻيهه سئو سٺ ڌاري اسين سنڌي ماڻهو ون يونٽ خلاف جوٽي بيٺل هئاسين. تنهن زماني ۾ نيلسن منڊيلا جي اڳوڻي ۾ ڏکڻ آفريڪا منجهه نسلي مت ڀيد خلاف جدوجهد اڀار ۾ هئي. ايندڙ ٽيهن ورهين ۾ سا جاکوڙ پنهنجا منطقي نتيجا ڏئي انجام تي پهتي، ارڙهن سالن اندر بنگالين جي هلچل مقصد ماڻيو، ٻنهي ملڪن ۾ تاريخ سندي پٽڙي تي اڀرندڙ سج ڏانهن گامزن آهي. پاڻ ستيتاليهه کان مهاڏي ۾ ٿا سڻجئون. ساڍا ڇهه ڏهاڪا گذري چڪا آهن. اسان جي قومي تحريڪ ٻيو ته ڪو لاڀ نه ڏنو. قومي سرواڻن ۽ ڪارڪنن جي نالي ۾ تيز کرن وارا هڪ هزار کودا ضرور پيدا ڪيا اٿس. خلق جي سيني تي جيڪي زور سان لتون وهائي رهيا آهن. مفت خور ۽ ٻين جي رت تي پلجندڙ سياسي چ‍ؤنرون ايڏي انگ ۾ باقي ڪنهن هنڌ مشڪل لڀن. بحث کي اڳتي وڌائڻ کان پهريائين عرض ڪندو هلان ته آءُ پڻ سندن منجهان آهيان. سهي جي هڏڙن مان جوڙيل مڌ استعمال ڪرڻ ڪنهن کي سٺو نه لڳي ته ڇا. ابليس جو گهاٽو يار آهيان. خرگوش جهڙي معصوم جانور کي ڪهي نشي پتي جو سامان پيو گڏ ڪريان- چڱو لڇڻ بلڪل به نه چئبو. ڏوهاري عزازيل ڪونهي، آءُ خود آهيان.
ڪنهن نه ڪنهن سطح تي بغاءُ ۾ آهيان ڌرتي، مٽي سان صفا نه. چوڌاري جاري ٽڪساٽ سان ٽڪراءُ ۾ چئي سگهو ٿا. مٿو ڳورو ڀانيان ٿو. مڌ جون ٻه دکيون اوتي چڪو آهيان. دل گهريوَ ته موالي جي بڪواس ڏانهن ڌيان ئي نه ڏيو. شرابي انسان جي وڦل هونئن به ايتري غور لائق ٿورو ئي هوندي آهي. منهنجو مهمان، مون سامهون ويٺو آهي. ايشور جي ڪروڌ جا ڪڪر ڪکائين گهر مٿان گجگوڙ ڪندي پيو نهاريان. ٻچڙا ڪوٺي اندر محفوظ آهن. تڏهن پڻ، الک جي ڪاوڙ جي انتهائي حد ڄاڻان ٿو. جبر هٿان نقصان جو ڇيهه اوهان کي معلوم هجي، ته پوءِ توهان جبار روبرو مڪمل آزادي سان ٽڪي بيهندا.
هڪڙو دفعو اوهان کي خبر پئجي وڃي ته پرميشور ڪري به ڇا ڪندو، توهان عزازيل جيترو ست پنهنجي لڱن ۾ ڀائيندا. ڪانئرتا جو طوق لاهي ڦٽو ڪندا. ايشور جي اجائي آٽن کي پورو ڪرڻ کان انڪاري هوندا. ازل جي مانجهاندي سو ئي ٿيو هئو. ابليس تا ابد ڇوٽڪاري جي لطف ۾ هوندو. آءُ خراساني کودو تنهن سرور کي ڇاپروڙيندس؟
ٽين دکي به پوري ڪري چڪس. تون مون کي قوم، قوم جي رينگٽ ۾ ستر سال محو رکيو. تون ڀڀ ڀريندو رهئين، مان بنهه ڀورو ماڻهو وطن دوستي جو امل چٻاڙيندو رهيس. جنهن رياستي پنجوڙ ۾ تو مون کي وڪوڙيو تنهن مان ڇوٽڪاري جا تنهنجا ڏنل خواب ڏسندو رهيس. اسٽيٽ سان تضاد ۾ رهيس. پنهنجي دوست عزازيل وانگر، ٻچارڪهايم، پاڻ ڪهايم. تون هم جنس پرستي جو لفو وٺندو رهئين. منهنجا پٽ رياستي ڪوٽوال آڏو محفوظ ڪين هئا ته توساڻ به نه. تون مون کي مرضي جي قوم ٺاهڻ ۾ مصروف رهئين. سنڌي گهڻ نسلي ۽ گهڻ لساني قوم آهن- تو چيو. ٺيڪ. ستيتاليهه کان رياست اندر پڻ ساڳي طرح جي قوم جڙي رهي هئي، مون کي ان کان ڏور ڇو رکيئي؟ گهڻ نسلي ۽ گهڻ لساني قوم ٿيڻو هئم نه، ٻين کان الڳ ڌار واڙي ۾ بند ڇا لاءِ ڪيئي؟ هڪ پاسي اهو قهر ڪندو رهئين، ٻئي طرف تون رياست جو پانڊي ٿي ساهه نپوڙيندڙ ڀڳت جو حصو رهئين- ڇو ڀلا؟ تو واري سياست سنڌ اندر ڌارين جي آباد ڪاري به روڪي ڪين سگهي، مون کي ٿو چئين ته بڪ بڪ بند ڪر. آءُ مڌ پياڪ آهيان، شيطان جو يار آهيان ۽ تون وري پاڪ پوتر، نيڪ دل رهبر آهين. راهزني جي الزام سامهون بيهي سگهندين؟ منهنجا پير ته نشي ۾ لڏي رهيا آهن. ۽ شايد، ڪاوڙ ۾ به. تون ڪنهن چور مثل ڇو ڏڪي رهيو آهين؟ منهنجو ماس کائڻ وارا هڪ ڏيهاڙي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ هوندين. تاريخ تو سان واقعي به انصاف ڪندي، پڪ اٿم.
عظيم پاٺڪ! نشا برابر الوٽ اٿم. ڀرسان مهمان به ويٺو آهيم. ناراضگي معاف. ڇاتي ڦاڙي ڳالهائڻ تي دل ٿي چويم. آءُ ويساهه گهاتين ماريل قومي ڪارڪن آهيان. ننڍيون وڏيون چار خرابيون مون ۾ ضرور آهن. هڪ هزار خراساني کودن جي فهرست ٺاهيم ته پاڻ کي ٻه سئو ارڙهين نمبر تي ڏٺم. تيز کرن وارا اهي جانور آهن جيڪي گذريل ستن ڏهاڪن ۾ اسان جي قومي تحريڪ ڄڻي سگهي آهي. سنڌ جي تاريخ بند گهٽيءَ ڦاٿل آهي. صفا اصل نراسائي واري حال ۾ شيطان کان مدد وٺڻ واسطي، سندس مهماني جهلي اٿم، پرميشور جو اسان ۾ ڪم اڃا ناهي ڦاٿو. ڏسون ته عزازيل جو سنڌ جي قومي مسئلي تي موقف ڪهڙو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو