Home / افيئر / خورشيد قائمخاني: رولاڪ روح جي سفر جي پڄاڻي !
above article banner

خورشيد قائمخاني: رولاڪ روح جي سفر جي پڄاڻي !

شبير سومرو

                        خورشيد قائمخاني گذاري ويو، خانه بدوش روح کي قرار اچي ويو. راجسٿان جي ڀوري ناسي مٽي، سنڌ جي سنهري ڌرتي اوڍي سمهي پئي ۽ رولاڪ روح جو سفر پورو ٿي ويو. هن هڪ دفعي مون سان ڪچهري ۾ چيو هو:

“ سومرا سائين ! مون کي سنڌ ۽ پنهنجن سنڌين کان ڪا شڪايت ڪانهي، هنن جا لکين ٿورا جو مون جهڙي رولاڪ کي مٿي ڇانو ڏئي، پنهنجو ڪرڻ جي هر ڪوشش ڪيائون پر وري وري منهنجي اندر مان اهو سوال اڀري آڏو اچي بيهي ٿو: ڀلا منهنجي اباڻي شهر ۾ ڪهڙي خرابي هئي جو مون کان اهو ڇڏايو ويو ؟ وچ ۾ سرحد جي ظالم لڪير ڇو اچي بيهي رهي آهي ؟منهنجي روح جي اها ئي بيچيني آهي جيڪا مون کي هڪ هنڌ ٿائينڪو ٿي ويهڻ نه ٿي ڏئي… مان وري وري رسا ڇنائي ڀڄي نڪران ٿو ۽ سڄي دنيا جي ڌوڙ وسائي ، پاڻ جهڙن بي وطنن سان ڪچهريون ڪري موٽي اچان ٿو، مون کي خبر آهي ته مان هن ڳوٺ، هن ٽنڊي الهيار مان جڏهن جپسين وارو ٽوپلو پائي، ڳوٺ وارو ٿيلهو ڪلهي تي لڙڪائي گهمندو هان، ته ماڻهو مون کي چريو فوجي چوندا آهن پر انهن جو ڪهڙو ڏوهه ؟” هي ته تاريخ جو جبر آهي، جيڪو  اسان سهون ٿا پيا ”

                        هو پاڪستان جي فوج ۾ سينيئر ميجر هو ۽ سندس ذهانت سبب اها اميد ڪئي پئي وئي ته هو جنرل جي عهدي تائين ترقيءَ جا ڏاڪا  چڙهندو ويندو، پر جڏهن اوڀر پاڪستان جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي کي ڌارڪري بنگلاديش قائم ڪرڻ لاءِ هلچل هلائي رهيا هئا تڏهن ميجر خورشيد قائمخاني ٻين فوجين سان گڏ بيهي بنگالين تي گوليون وسائڻ کان ٺپ جواب ڏنو هو ۽ استعيفيٰ ڏئي گهر واپس ٿيڻ جي تياري ڪئي، هن ان جنرل نيازي جي طعني جي پرواهه به نه ڪئي هئي جنهن کيس چيو هو ته هينئر هن ملڪ کي تنهنجي ضرورت آ ۽ تون بزدل ٿي ميدان ڇڏي ڀڳو ٿو وڃين ! خورشيد قائمخاني فقط اهو وراڻيو هو ته پنهنجي ڀائرن تي گوليون وسائڻ کان بزدل ٿي ميدان ڇڏڻ وڌيڪ بهتر آهي .(پوءِ تاريخ ڏٺو ته ساڳي “ بهادر” جنرل نيازي انڊين جنرل آڏو ڪيئن ذلت قبوليندي هٿيار ڦٽا ڪيا !)

                        خورشيد قائمخاني جو خمير راجسٿان جي رڻ مان  کنيل هو جتي جا اصلوڪا ماڻهو سدائين رڻ جا راهي هوندا آهن. انهن ۾ گهڻائي رولاڪ جپسي قبيلن جي آهي، جيڪي ڪنهن هڪ ماڳ تي ٺڪاڻو ٺاهي نه ويهندا آهن ۽ سدائين سفر جون سختيون سرهائي سان سهندا آهن. ساڳيو رولاڪ روح خورشيد کي به نصيب ٿيو، هو ڪڏهن به ورچي نه ويٺو اباڻي ملڪيت طور جيڪي ٻه ٻارا ٻنيءَ جا حصي ۾ آيس، اُهي به پاڻ جهڙن مسڪين من وارن ڀيلن حوالي ڪري پاڻ هٿ ڇنڊي سير سفر تي نڪري پوندو هو، هن جيڪو به پيار جو پورهيو ڪيو، اهو به لاڏائو ماڻهن، ڪولهين، ڀيلن، جوڳين ۽ ٻين جپسين جي زندگي جي احوال تي ٻڌل آهي، انهن سان يورپ، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ملاقاتون ڪري، حال احوال اوري اهي سڀ ڳالهيون مضمونن ۽ تخليقي فيچرن جي شڪل ۾ اچي شيئر ڪندو هو. اهڙي احوال وارو سندس ڪتاب ، “ڀٽڪتي نسلين” جڏهن ڇپجي پڌرو ٿيو ته ماڻهن کيس وڏي مڃتا ۽ مانُ ڏنو.

                        هن جون لکڻيون، سفر نامي کان به اڳتي واري اهميت رکن ٿيون، جن کي اها مستند تاريخ چئي سگهجي ٿو، جيڪا عام انساني اک کان اوجهل آهي. خورشيد انهن جيئرن جاڳندن جپسي ڪردارن جي ڪچهرين ذريعي، روايتي تاريخ جي منهن تان ڪوڙ ڪُپت ۽ نڪ نرڄائي جو نقاب لاهي اصليت ظاهر ڪئي آهي. هن پيڙهيل طبقن جي ماڻهن سان پيار ونڊي، انهن جي ڦٽن تي محبت جي ملم  به رکي آهي انهيءَ  ڪم دوران ڪيئي ڀيرا خورشيد کي ڌڪار به ملي ۽ مار به … پر انهي سلوڪ به کيس وڻجارن واري واٽ تان وک هٽائڻ تي مجبور نه ڪيو، هن پنهنجي سڄي ڄمار سفر ۾ گذاري ۽ سنڌ کان سانتياگو تائين ڌرتي ڌڪاڻن جا درد لکندو رهيو. اهي درد ڪٿائون ڪتابي صورت اختيار ڪري “ سپنون ڪا ديس” سيپيان اورپٿر” جهڙن شاهڪارن طور سامهون آيون، هو بي وطن ٿي ٻين جي وطنن جون سرحدون اورانگهيندڙ خانه بدوشن جي سُک جا سپنا اُڻيندو هو، خوشيد قائمخاني جي اهڙي ئي هڪ سپني، سندس اندر جو احوال  اوريندڙ لکڻي کي هتي سنڌي جو ويس پهرائي پيش ڪرڻ تي دل چوي ٿي، جنهن جو عنوان به “ سپنو” آهي.

هو چوي ٿو: ڪڏهن ڪڏهن انسان جا سڀئي سپنا ساڀيان ٿي ويندا آهن. اهي سپنا به جيڪي  اصل زندگي سان ڪا مطابقت نٿا رکن. مان ننڍپڻ کان ئي سپنن جي دنيا ۾ گم رهندو آيو هان، صحرا ۾ جنم وٺندڙ انسان، ڀلا سپنا ڏسڻ کان سواءِ ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي ؟ خواب لهڻ ٿي سگهي ٿو ته فطري ڳالهه هجي، پر انهي جي ساڀيان ملڻ ضرور غير معمولي ڳالهه آهي.

                        مان ننڍپڻ ۾ هڪ راجه جي گهر ۾ مهمان ٿي رهيو آهيان هڪ بادشاهه سان جوانيءَ ۾ مليو آهيان. گهوڙي سواري، ڪوهه پيمائي، ڪيولري افسري، سياحت، صحافت ۽ هڪ ڀرپور رومانوي زندگي گذاري اٿم،ا يئن منهنجي زندگي هڪ خواب وانگر گذري آهي. ايئن 22 جولاءِ  1989ع تي نيويارڪ ۾ منهنجو هڪ ٻيو خواب به ساڀيان ٿيو ته مون کي پاڻ کان خوف محسوس ٿيڻ لڳو. انهي ڊپ اچي ورايم ته منهنجي زندگي مختصر ته نه بچي آهي. پوءِ وري پاڻ کي دلاسو ڏنم ته جيئن ڀرپور زندگي گذاري آ، تيئن جيڪڏهن اها تڪڙي پڄاڻي تي پهچي به ٿي ته پوءِ ڪهڙي خراب ڳالهه آ ؟

                        مان پاڻ ڪاليج لائيف ۾ ناميارو ايٿليٽ رهيو آهيان، انهيءَ ڪري جڏهن ورلڊ اولمپڪس دوران آمريڪا جي شيدي ايٿليٽ ڪارل ليوس سان هٿ ملائڻ جو موقعو مليم ته ايئن لڳو ڄڻ منهنجو هڪڙو سپنو ساڀيان ٿيو.

پر هڪڙو سپنو اڃا اهڙو آهي جيڪو مون ڏاڍي پاٻوهه مان ورائي ورائي ڏٺو آهي. انهي جي ساڀيان لاءِ مان بي بها ذاتي قربانيون به ڏنيون آهن پر اڃا ساڀيان نه ڏٺي اٿم . اهو خواب آهي پاڪستان ۾ حق انصاف، امن آشتيءَ، معاشي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ انقلابي جدوجهد شروع ٿيڻ ۽ ان جي ڪامياب ٿيڻ جو خواب !!

                        مان جڏهن به سنڌ جي انهن هارين کي ڏسندو هان جن جي پيرن ۾جيڪڏهن گهيتلو هوندو آ ته سندن پُٺي اُگهاڙي هوندي آهي. وري، جيڪڏهن ڦاٽل قميص پاتل هوندي اٿن ته پير اگهاڙا هوندا اٿن، انهن کي ۽ انهن جي ٻچڙن کي ويلا ڪاٽيندي ڏسي منهنجو اندر اڌ  ٿي پوندو آهي. مان پاڻ سان ڳالهائيندي چوندو هان ته ڪيتريون صديون گذري ويون آهن پر سنڌ جي زميندارن پنهنجن هارين کي انصاف نه ڏنو آ، هنن ويچارن جا ٻارٻچا هر وقت بک، خوف ۽ سخت پورهئي جي پيڙا ۾ مبتلا رهن ٿا. بيماري ۽ ٻيون بلائون هر وقت انهن جو پيڇو ڪنديون ٿيون رهن، جيڪا ڏهاڙي ڪمائين ٿا، اها ڊاڪٽرن جهڙن ڪاساين حوالي ڪري ويهن ٿا.

                        جڏهن مان سنڌ جي اڪثر آباديءَ هن چٿيل انسانيت کي زميندار، ڌاڙيلن ۽ پوليس وارن هتان ڏينهن رات لٽجندي ۽ مرندي ڏسان ٿو ته طبقاتي انقلاب اچڻ واري سپني ۾ منهنجو ايمان اڃا به پڪو ٿي وڃي ٿو.

مان ته سپنن کان نه ٿيو آهيان مايوس

ڏک جي راتين ۾ ڪيڏا ستارا آهن

سپنا جيڪي ٿيا پرزا پرزا آهن

تن کي ميڙيو ته محبت جي ماڙي جُڙي

سڀ ڪو سپنا ڏسي ”۽ متان ڪو مُڙي“

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو