Home / افيئر / خيرپور ناٿن شاهه، جيئن مون ڏٺو!
above article banner

خيرپور ناٿن شاهه، جيئن مون ڏٺو!

همسفر گاڏهي

خيرپور ناٿن شاهه جنهن لاءِ ايم آر ڊي تحريڪ جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ بهادري جا قصا مشهور آهن ۽ اهو سچ به آهي ته دادو جيڪڏهن جمهوريت جي بحالي‎ءَ جي تحريڪ ۾ ويٽنام سڏيو ويو ته ان جو ڪارڻ به ناٿن شاهه شهر ئي هيو. ڇو ته ايم آر ڊي تحريڪ دوران هتي جي ڳڀروئن رت جو ريج ڏئي جمهوريت جي سلي جو بنياد وڌو جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيو. ان زماني ۾ اسان خيرپور ناٿن شاهه کان ڪجهه ڪلو ميٽرن تي ڏور پنهنجي اباڻي ڳوٺ بيد ۾ هوندا هئاسين، جنهن کي شرافت جي شوق ۾ ورتل منهنجا ڳوٺاڻي “بيد شريف” به چوندا هئا پر مون کي شريف ڪڏهن به نه آئڙيو، بيد واقعي بيد هيو، آهي ۽ رهندو. ان ڳوٺ جي مٽيءَ ۾ عجيب مهڪ ۽ ڇڪ آهي. جڏهن به ناٿن شاهه وڃبو آهي ته پنهنجو ڳوٺ، پراڻا پڊ، اهو پرائمري اسڪول جنهن ۾ ميٽ مليل ڦرهي کڻي پڙهڻ وڃبو هو، ڏاڍو ياد ايندا آهن. جيتوڻيڪ هاڻي اهو پرائمري اسڪول ته ڊهي چڪو آهي جيڪو اسان جي مانواري استاد سائين امان الله قريشي (مرحوم) جي ملڪيت هو، جنهن ۾ بجلي نه هجڻ سبب جهليون لڳل هونديون هيون ۽ اسان شاگرد جهلن جون رسيون ڇڪي پيا استادن کي هوا پهچائيندا هئاسين. ايئن وڻن مان کؤنر پٽي اچڻ به محبوب مشغلو هو. ڀلو ٿئي تنهن دور جي استادن جو جيڪي اسان تي سختيون ڪري به پڙهائيندا هئا. حالانڪه شرارتي ٻارهجڻ سبب اسڪول مان گسائي به ويندا هئاسين ۽ پوءِ سائين امان الله قريشي، امام بخش سيال، حسن لغاري ۽ شير محمد سومرو وڏن ٻارڙن کان ٽنگو ٽالي ڪرائي به اسڪول ۾ حاضري يقيني بڻائيندا هئا. اڄ جڏهن زندگي جا لاها چاڙها ڏسڻ کانپوءِ پوئتي نهارجي ٿو ته معزز استادن جي اها مار، سنوار ٿي محسوس ٿئي. اهي ڏينهن واقعي ٻيا هئا، اڄ استادن جي مار تي والدين دوڏا ڦوٽارين ٿا ۽ استادن مان به اهو لحاظ ۽ تعليم دوستي وارو جذبو گهٽجي ويو آهي.

جنهن وقت ناٿن شاهه ۾ ڳڀروئن تي گوليون پئي هليون، نوجوانن جا سينا آمر ضيا جي پگهاردارن پروڻ پئي ڪيا تنهن وقت آءُ پنهنجي ڳوٺڙي ۾ موجود هئس ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ تڏهن ڪميونڪيشن جو ٻيو ذريعو نه هو ان ڪري ناٿن شاهه مان موٽندڙ بگي وارن ماڻهن سان احوال پئي اوريا ته ‎: “اڄ ڪاڻي ضيا قهر ڪري ڇڏيو، امڙين جا لال رت ۾ لت پت آهن، لاش ڏسندا پيا اچون” اهڙي گفتگو ۾ ڪٿي به ڪانئرتا نه هئي. افسوس ۽ ڏک ضرور هو پر هر ماڻهو ڀٽائي جي ان سٽ جو مظهر پئي لڳو؛

“اڳيان اڏين وٽ، پوئين سر سنڀاريا”

آءُ جڏهن گوزي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيس ٿي تڏهن به خيرپور ناٿن شاهه اچڻ وڃڻ اڪثر رهندو هو، پرننڍا هئاسين ان ڪري بابا يا وڏي ڀاءُ بشير احمد سان وڃبو هو. گوزي هاءِ اسڪول ۾ مانوارن استادن سائين عثمان ڪلهوڙو، جان محمد سولنگي، شاهه محمد گاڏهي ۽ عزيز الله ڪوريجي جي نگراني ۾ پڙهائي وارا سال نهايت ڀلا گذريا. سال ۾ هڪ ڀيرو سياري ۾ جڙيل شاهه جو ميلو لڳندو هو/آهي، جنهن ۾ ضد ڪري به شريڪ ٿيندا هئاسين. ان مند ۾ سارين جو فصل به لهندو آهي. ان ڪري تر ۾ خوشحالي هوندي آهي، هر ڪو ميلو گهمڻ ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو ٻهراڙين ۾ ڪا تفريح نه هجڻ سبب سڄي تر لاءِ هي ميلو هڪ وڏي تفريح آهي. بابا جي آڱر پڪڙي ڪڏڻ واهه ٽپي هي ميلو ڏسڻ ويندا هئاسين. موت جا کوهه به ڏٺا، ته ملاکڙا، راڳ رنگ ، باهه جي گولي مان ٽپندڙ شينهن ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه. اڄ به اهو ميلو ساڳي رنگ سان رچندو اچي. ان جي منتظمين ، خاص طور درگاهه ڌڻي سائين پروفيسر علي اڪبر شاهه کي شاباس هجي جيڪو محبتين کي ميڙي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ وارو وڏڙن جو بار اڃا سوڌو نڀائيندو اچي. 

هونئن ته خيرپور ناٿن شاهه سان يادون ته گهڻيون آهن پر ڪاليج وارو زمانو ڏاڍو سٺو گذريو. تڏهن آءُ جساف (جيئي سنڌ شاگرد اسٽوڊنٽس فيڊريشن) ۾ هوندو هئس. احتجاج به ٿيندا هئا، ته ڪڏهن ڳوڙها گئس به هلندي هئي. پاڻ بچائيندا به هئاسين ته گولا جهپي واپس پوليس وارن ڏانهن به اڇلاياسين. تن ڏينهن ۾ قومي فڪر جي حوالي سان پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. جس هجي منهنجي دلبر دوست غلام مصطفيٰ چني کي جنهن ڪتابن کان روشناس ڪرايو. هن اسان جي سياسي تربيت ۾ بنيادي ڪردارادا ڪيو. جيڪڏهن ڪتاب نه پڙهون ها ته اڄ شايد جيڪي ڪجهه آهيون، اهو نه هجون ها.

تن ڏينهن ۾ ناٿن شاهه ۾ منهنجا بنيادي دوست ٻه ئي هئا، هڪڙو غلام مصطفيٰ چنا ۽ ٻيو سائين بخت حسين ٻرڙو، جن سان مين روڊ تي سندن گهرن ويجهو لڳل بئنچ تي ويهي چانهه پبندا هئاسين يا ڪڏهن ماني به کائيندا هئاسين. اهي منهنجا سنگتي ماضي به منهنجي لاءِ گهران ماني کڻي ايندا هئا. اڄ به سندن ساڳيو قرب آهي. جڏهن به ڪراچي کان ڪي اين شاهه ويندو آهيان ته هو پنهنجو گهر ڀاتي سمجهي ساڳيو قرب ڪندا آهن، ايئن آءُ اتان يادون تازيون ڪري ۽ اتساهه وٺي موٽندو آهيان.

خيرپور ناٿن شاهه ۾ پوءِ ته گهڻا دوست ٺهيا. عبدالقادر ٻگهيو، قربان ٻگهيو، شير گاڏهي، مختيار چانڊيو، اصغر شاهه ۽ ٻيا. رئيس علي حسن گاڏهي جيتوڻيڪ اسان جي برادري جو چڱو مڙس هو پر منهنجو نهايت سٺو دوست هو. برادري جي فيصلن ۾ به منهنجي ڳالهه کي مان ڏيندو هو. مرحوم وڏي وڙ وارو ۽ دلبر ماڻهو هو. لياقت جتوئي جي دور ۾ جڏهن وڏي وزير جو صلاحڪار ٿيو ته پرائمري ٽيچر جا کيس تمام گهڻا آرڊ مليا جيڪي هن روايتي وڏيرن وانگر کپائڻ، ڏوڪڙ ڪمائڻ بدران ست راڄي جي مسڪين نوجوانن کي ڏنا. ڪير به ايئن نه چوندو ته هن رڳو پنهنجي برادري کي نوازيو بلڪه هن وٽ جيڪو آيو سو اگهيو. ڪمال جو ماڻهو هو، الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. هاڻ سندس ڀاڻيجن مشهود خان گاڏهي ۽ ٻيڙو خان گاڏهي سندس مسند سنڀالي آهي، هو به مون کي ذاتي طور پنهنجي مامي واري عزت ۽ مان ڏيندا آهن. شال ثابت قدم رهن ۽ ماڻهن کي ڏک سک ۾ ڪم اچن.

ناٿن شاهه سان ساروڻيون ته تمام گهڻيون آهن، اهي جيڪڏهن ويهي لکجن ته ڪتاب ٺهي وڃي، بس مختصر لفظن ۾ اهو ته هي شهر به سنڌ جي ٻين شهرن وانگر پرينءَ جو پاڇو آهي، هن سان روح جون ڳنڍيون آهن، هتان گهڻو ڪجهه پرايوسين، علم به ته عزت به، شال سڄي سنڌ جيان هتان جا مارو لوڪ سدا سلامت رهن.

hamsafargadehi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو