Home / افيئر / رومن امپائر جو زوال ۽ خاتمو!
above article banner

رومن امپائر جو زوال ۽ خاتمو!

حميد سبزوئي

انساني تهذيب، تمدن ۽ تاريخ مٿان پنهنجو دائمي اثر ۽ نقش ڇڏيندڙ رومن امپائر جو مطالعو ان ڪري به ضروري آهي، جو ان کانپوءِ  ئي انساني ذهن، همت ۽ بهادري جي سبب حاصل ڪيل  ورثي، ڪاميابين ۽ ناڪامين جو ڇيد ڪري سگهيو.

753ق-م کي رومن امپائر جي بنياد طور ڳڻيو وڃي ٿو. ويلز چواڻي اهو سال عظيم فونيسثن شهر ڪارٽيج جي تعمير کان اڌ صدي ۽ پهرين اولمپڪ راندين جي شروعات کان ٽيهه سال پوءِ وجود ۾ آيو هو. ڪنهن ڄاتو ٿي ته پنهنجي شروعاتي سالن ۾ صرف ويهه ڪلو ميٽرن جي ايراضي تي مشتمل ننڍڙي حڪومت ايتري طاقتور ٿي ته شهنشاهت ۾ تبديل ٿيندي، جو لڳ ڀڳ سڄي يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جي ڪجهه حصن کي پنهنجي سرحدن ۽ اختيار ۾ ڳڻائي ويندي ۽ دنيا کي جمهوريت، ادار، قانون ۽ دستور جو اهڙو دستاويز ٺاهي ڏيندي جو سموري انسان ذات هزارين سالن تائين ان جي احسان مندر رهندي.

جن عظيم تاريخدانن پنهنجي تحقيق تحرير ۽ نتيجن جي اعتبار کان غير معمولي ۽ هميشه ياد رهندڙ ڪم ڪيو آهي، انهن ۾ ابن خلدون، ٽوائن بي، اسپيگلر ۽ ايڊورڊگبن  ۽ ايڇ جي ويلز اچي وڃن ٿا. خاص طور ايڊورڊ گبن پنجن جلدن ۾ جيڪا رومن امپائر جي تاريخ لکي آهي. انتهائي، معياري ۽ ڪلاسڪ جو درجو رکي ٿي. جنهن جو ترجمو تقريبن هر سڌريل ٻوليءَ ۾ ٿي چڪو آهي.

18 صديءَ ۾ اڄ کان لڳ ڀڳ سوا ٻه صديون اڳ لکيل ان ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو وڃي ايڪويهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ ٿيو آهي. توڙي جو سنڌي الف، بي کي جڙئي پڪيون پوڻيون ٻه صديون ٿيون آهن. پر پوءِ به هي ڪتاب سنڌ جي نامور اديب، شاعر ۽ نقاد عنايت بلوچ جي اوسيئڙي ۾ هو ته هو هن عظيم شاهڪار جو سنڌي ترجمي وارو شرف حاصل ڪري، پنهنجي پياري ٻوليءَ جي جهولي ان ڪلاسڪ جي ترجمي سان شاهوڪار بڻائي سگهي.

تيرهن صدين جي عرصي ۽ غير معمولي پکيڙ تي مشتمل رومن ايمپائر جي تاريخ گبن جيڪا پنج جلدن ۾ لکي هئي ۽ پوءِ پاڻ ئي ان جو هڪ جدي اختصار ڪيو هو، جنهن جو ترجمو عنايت بلوچ صاحب ڪيو آهي. جيڪو حيرت انگيز حد تائين سولو ۽ روان آهي، ٻي خاص ڳالهه ته اڍائي صديون اڳ واري وڪٽورين دور جي انگريزي ۽ گبن جهڙي مشڪل لکاري جو پوري مفهوم سان ترجمو ڪنهن وڏي ڪشالي ڪڍڻ جي برابر آهي. پر عنايت صاحب نور نچوئي وڏي صبر، محنت ۽ اورچائي سان ڪم کي پڄاڻي تي پهچائي ويو آهي.

تاريخ جي شاگردن لاءِ اها ڳالهه به اچرج ۾ وجهندڙ آهي ته ساڳي دور ۽ زماني ۾ ڌرتي جي گولي تي ٻه امپائر موجود هيون، هڪ رومن امپائر ۽ ٻيو چين جي بادشاهت، پر ٻئي طاقتون صدين تائين موجود هوندي به هڪٻئي کان بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ هيون. جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اها ڳالهه هڪ وڏي ڀوڳ کان گهٽ ناهي.

ايڊروڊگبن لکيو آهي ته “ دنيا جي تاريخ جو اهو زمانو جنهن ۾ انسان ذات وڌ ۾ وڌ خوشحال هئي، سو ٻي صدي جو زمانو هو، رومن امپائر جي اوج واري هن زماني کي گبن نيڪي ۽ عقل جي رهبري هيٺ مڪمل طاقت جو راڄ چوي ٿو. پر سندس ان ڳالهه سان ويهين صديءَ جو تاريخدان ٽوائن بي اختلاف ڪندي ٻي صدي عيسوي کي بي وسي ۽ ماٺار جو اهڙو زمانو ڪوٺي ٿو، جنهن ۾ دنيا رومي طاقت جي گهٽ يا وڌ ڪفن ۾ ماٺيڻي ٿي پئي هئي” هڪ برطانوي سردار جي حوالي سان ٻي محقق لکيو آهي ته “اهي رومي هڪ ريگستان ٺاهن ٿا ۽ ان کي امن جو نالو ڏين ٿا”.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تاريخ ۾ پيونڪ جنگين جي نالي سان آيل رومن ۽ ڪارٿيج جي جنگ کان وٺي قلو پطرا جي مصر تي قبضي تائين رومن امپائر جي توسيع پسندي ۽ قبضي گيري واري پاليسي لکين انسانن کي اجل جو نشانو بڻايو ۽ ايترن ئي کي غلام بڻائي وڪرو ڪيو ويو ۽ انهن جي وسيلن ۽ آزادي کي صلب ڪيو ويو. يهودي توڙي نون عيسائين جو قتل عام ڪيو، پر اها به ڳالهه آهي ته ڪهڙي امپائر آهي، جيڪا انسانن جي رت سان رڱيل  ۾ انسانن جي کوپڙين تي اڏيل ناهي. امن تهذيب، مذهب ۽ رياست جي نالي ۾ انسان ذات جيڪو ڀوڳيو آهي. ان جي مڪمل تاريخ بغير ڪنهن خوف ۽ بي رياري جي ڪنهن لکي آهي؟ يا ڪير لکي سگهندو؟

بهرحال گبن جي رومن امپائر تي لکيل ڪتاب جو سنڌي ترجمو جيڪو ٻن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. اهو پڙهڻ ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو ڪم آهي. جنهن ۾ تيرهن صديون اسان کي جيئريون جاڳنديون ملن ٿيون ۽ ان دور جا آمر، شهنشاهه، عام انسان، غلام، مذهبي پيشوا،  پيغمبر ۽ مذهب جو ڦهلاءُ، سسرو جهڙا دانشور ۽ سيزر جهڙا حاڪم سڀ ملن ٿا. خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته اهڙي معجزي جهڙو ڪتاب پنهنجي ٻولي ۾ به ترجمو ٿي پڌرو ٿيو آهي.

1773ع ۾  پٽلن ۾ پيدا ٿيل ايڊروڊگبن هڪ خوشحال پر اڍنگي شخص ٽوري اسڪوائر جو پٽ هو جنهن حياتي جون 52 بهارون ماڻيون پر ڪنهن چواڻي تي ان “لادين” شخص جيڪا رومن امپائر جي تاريخ لکي آهي ان کيس امر ڪري ڇڏيو آهي. توڙي جو سندس هڪ آتم ڪهاڻي به ان جي ادبي پورهئي ۾ ڳڻڻ جهڙي آهي.

تاريخ کي عظيم انسانن جي سوانح عمري ڪوٺيندڙ جڳ مشهور اديب ڪارلائل جنهن نبي ڪريم صلعم جي سوانح عمري به لکي آهي ۽ جنهن بائيبل جي ڪتاب کي دنيا جي ادب جو عظيم ترين شاهڪار ڪوٺيو هو، اهو به گبن جي ڪم کي ساراهه جي نگاهه سان ڏسندي چوي ٿو ته “گبن هڪ اهڙي پل آهي، جيڪا قديم زماني کي موجوده دور سان ملائي ٿي، جيڪا گذريل وقت جي ظالماڻي صدين جي ڏکوئيندڙ ۽ هنگامه خيزي جي وچ ۾ شاندار طريقي سان جهومي رهي آهي”، هن سڄي عظيم ڪم تي گبن جو تبصرو به پڙهڻ سان تعلق رکي ٿو. “هن لکيو آهي ته: “ مون بربريت ۽ مذهب جي فتح کي بيان ڪيو آهي”  درست به اهو آهي ته وحشي جرمن قبيلن هٿان پڄاڻي تي پهتل رومن ايمپائر جي اڻهوند ۾ جيڪا سماج اندر فراريت ۽ مايوسي پيدا ٿي ان جي جڳهه عيسائيت ورتي ۽ آگسٽس جنهن موت جي بستري تي عيسائيت کي قبول ڪيو. ان کانپوءِ رومن امپائر جو مذهب عيسائيت ٿي پيو هو.

تيرهين صدي جي ڪهاڻي ۽ روم جي عظيم ورثي ۽ ڄاڻ جي خزاني سان ڀريل هن ٻه جلدي ڪتاب کي پڙهڻ سان ئي سڌ ملندي ته سڄي دنيا جا اڪابر ۽ ڏاها ڪتاب جي تعريف ۾ ڇو هڪ زبان ٿي ڳالهائن ۽ لکن ٿا.

آخر ۾ ڪتاب بابت ڪجهه ضروري گذارشون به رکڻ گهران ٿو ته ڪتاب جي سائيز جيڪڏهن آساني سان پڙهڻ جهڙي بڻائڻي آهي ته پوءِ ان جو ٻيو ايڊيشن ڊيمي سائيز ۾ اچڻ گهرجي پوءِ ڀلي چئن جلدن ۾ ڇو نه ڇپجي ۽ ٻيو ته مانواري عنايت بلوچ جي بيحد محنت ۽ ڌيان جي باوجود ڪتاب ۾ پروف جون غلطيون رهجي ويون آهن، اهي به درست ٿيڻ گهرجن ۽ آخري ضروري ڳالهه ته ڪتاب کي ڪنهن سٺي ايڊيٽر کان ايڊٽ به ڪرائڻ گهرجي. ڪٿي ڪٿي جملي جي ڊيگهه، خشڪ موضوعن سبب پڙهندڙن کي ٿڪائي وجهي ٿي. ان جو تدارڪ ايڊيٽنگ سان ٿي ويندو.

اها ڳالهه دل جي ڦرهي تي لکڻ جهڙي آهي ته ادب ۽ ٻولي جي روان درياهه ۾ ترجمن جو وهڪرو جيترو وڌيڪ هوندو، ايترو ان ۾ خيال ۽ فڪر  جا موتي وڌيڪ لڀندا. ايئن دنيا جي هر ٻولي جي گلن جو واس جڏهن سنڌي ٻولي ۾ ايندو ته ان جي حسن۽ ويچارن ۾ واڌ ۽ اوسر ٿيندي. ۽ وري جڏهن ڪتاب گبن جهڙي ڏاهي جو ۽ “روم جي شهنشاهيت جو زوال ۽ خاتمو” هجي ته پوءِ ان جي آجيان لاءِ اکر ۽ جملا ڪٿان، آڻجن… ڪٿي آهن اسان فقيرن جي گودڙي ۾ اهڙا هيرن جهڙا گفتا ۽ترجيحون جيڪي اهڙي پورهئي جي مان ۽ مريادا لاءِ مناسب سٽون لکي سگهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو