Home / افيئر / سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا فڪرِ سيد- سياست ۽ حڪمت !
above article banner

سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا فڪرِ سيد- سياست ۽ حڪمت !

آصف بالادي
ننڍي کنڊ جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي پسمنظر ۾ سائين جي ايم سيد تمام گهڻن سياسي تجربن ۽ مشاهدن کان پوءِ غور۽ فڪر وسيلي ڪجهه پڪن پختن نتيجن تي پهچي چڪو هو، خود هن ملڪ اندر ٿيندڙ سياسي تجربن سندس سوچ ۽ فڪر جي بنيادي نتيجن کي عملي طرح ڄڻ ته ثابت ڪرڻ جهڙا ڪجهه مثال به قائم ڪري ڏيکاريا. جن جي بنياد تي آخرڪار سنڌ جي آزادي جو چٽو ۽ واضح پرگرام پيش ڪيو. جنهن سنڌ ي قوم جي هزارين سالن جي شاندار تهذيبي ۽ تاريخي حيثيت موجب هڪ الڳ ۽ جدا قوم طور هجڻ ۽ سنڌ وطن کي الڳ ملڪ هجڻ ڪري آزادي جو بنيادي ۽ فطري حق استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي پڻ واضح ڪئي.
سائين جي ايم سيد جي فڪري بنيادن ۽ سياسي حڪمت عملي جي حوالي سان اڄوڪي سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ جدوجهد جي صورتحال ڪيئن آهي، ملڪي، علائقائي ۽ عالمي حالتن جو رُخ ۽ رفتار ڪيئن آهن، انهن بنيادي ڳالهين کي سمجهڻ يا انهن کي نئين سير بحث مباحثي هيٺ آڻي هن نئين دور ۽ ايڪويهين صديءَ جي حالتن جي روشني ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي.
اڄوڪي سنڌ جي سياسي صورتحال ۾ سيد جي فڪر ۽ نظرئي جو اثر بلڪل نمايان ۽ چٽو نظر اچي ٿو، قومي تضاد جي تاريخي حقيقت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ واضح ۽ صاف نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته ماضي جي تاريخ ۽ تجربن مان به هي واضح ٿي چڪو آهي ته ننڍي کنڊ جو معاملو جيڪڏهن مذهبي بنيادن تي حل ڪرڻ بجاءِ قومي ۽ وطني بنيادن تي حل ڪيو وڃي ها ته اهو هڪ پائيدار حل ثابت ٿئي ها ۽ ننڍي کنڊ سان گڏوگڏ هن ڏکڻ ايشيا جي پوري خطي ۾ خوشحالي، امن ۽ ترقي جون راهون روشن ٿين ها. شايد هن خطي ۾ به يورپي يونين جي طرز تي هڪ وسيع تر يونين جا امڪان پڻ نروار ٿي سگهن ها پر بد قسمتي سان ايئن نه ٿي سگهيو، توڙي جو مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي انقلابي عالم ايشيا ٽڪ فيڊريشن جو تصور پڻ بيان ڪيو هو.
سنڌ جي موجود ه سياسي صورتحال ۾ سنڌي سماج اندر هڪڙي وڏي اُٿل پٿل، سياسي تحرڪ ۽ سماجي تبديلي جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن سان شهرن کان ٻهراڙين تائين قومي شعور ۽ سياسي سجاڳي جي لهر سنڌ جي هر ماڻهو تي پنهنجا اثر ڇڏي رهي آهي. سياسي ڌريون ، اديب، دانشور، شاگرد، استاد، هاري، مزدور، قومي ڪارڪن، سول سوسائٽي، صحافي ۽ سڄاڻ ڌريون سنڌ جي وسيع تر قومي مفادن جي حوالي سان ڪافي حد تائين سجاڳ، متحرڪ ۽ پاڻ ۾ قومي بنيادن تي ٻڌي ۽ ايڪي کي اهميت ڏيندي نظر اچن ٿيون، انهن سرگرمين جي نتيجي ۾ڪافي نوان بحث مباحثا پڻ جاري آهن، جيڪا ڏاڍي اتساهيندڙ ڳالهه آهي. حالانڪه گذريل ڪجهه سالن کان سڄي سنڌ درياهه ۽ برساتي ٻوڏن ۽ تباهه ڪارين سبب هڪ معاشي بُحران ۽ ڀونچال مان نڪرڻ لاءِ پنهنجا پير کوڙڻ جي ڪشمڪش مان پڻ گذري رهي آهي. انهي بحراني ڪيفيت ۽ معاشي بدحالي ڪچي ۽ پڪي جي ماڻهن جو رُخُ شهرن ڏانهن موڙي ڇڏيو آهي. انهي. ڏکي مرحلي تي هن قوم کي هڪ قسم جو سياسي، سماجي ۽ نفسياتي ڇرڪ يا جهٽڪو ۽ حيرت جي حدتائين هي احساس پڻ جاڳيو آهي ته وڏن شهرن ۾ رهندڙ سندن مسلمان ڀائر جن کي هنن جيءَ ۾ جايون ڏنيو هيون، دل کولي سندن مهمان نوازي ڪئي هئي ۽ کين پناهه ڏيڻ لاءِ پنهنجي قومي ظرف، اعليٰ روايتن ۽ مذهبي جذبو رکندي پنهنجي وطن ۾ آباد ٿيڻ ڏنو هو سي اڄ بدلجي پيا آهن ۽ اڄ جڏهن ٻوڏن، برساتن ۽ زرعي معيشت جي ڪمزورين، بکن، ڏکن ۽ بيمارين سبب اسان پنهنجي ئي شهرن ڏانهن رخ ڪيو آهي، تڏهن اسان جا هي ڀائر اسان جي آجيان ۽ مدد ڪرڻ بجاءِ درواز بند ڪريو بيٺا آهن ۽ تريون ڏيئي واپس ڌڪي رهيا آهن. سياسي سطح تي“ ڪراچي اور سنڌ” جهڙا دل آزاريندڙ اصطلاح استعمال ڪري سنڌ وطن جي قومي ۽ جاگرافيائي وحدت جي نفي ڪري رهيا آهن. هن قوم ۽ سماج کي ٻيو جهٽڪو يا ڇرڪ هي به آيو آهي ته سندن ئي ووٽن تي چونڊيل ڀوتارن ته سندن هر طرح جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. سندن ووٽ جي امانت سان خيانت ڪندي، هڪ ئي سنڌ اندر ٻٽي مڪاني نظام جو ڪارو قانون به سنڌ اسيمبلي ذريعي مٿن مڙهيو ويو آهي. اهڙا ڪڌا ڪم ۽ ڪرتوت ڏسي هر عام ۽ خاص کان دانهن نڪري وئي آهي ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ان حوالي سان سنڌ جي هر طبقي جي ماڻهو ۾ هڪ قسم جي بيچيني ۽ ڪاوڙ واري ڪيفيت پيدا ٿي آهي. تنهن ڪري عوامي سطح ۽ خاص طور تي سنڌ جي سڄاڻ ۽ ٿوري گهڻي سياسي سمجهه رکندڙ ماڻهن کي سائين جي ايم سيد جون ڪيل ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون آهن. سنڌ جي دانش کي به سيد ۽ ڀٽي جي سياسي رخن ۽ واٽن جو فرق سمجهه ۾ اچڻ لڳو آهي. ساڳي وقت سنڌ کي هميشه اقتداري مفادن جي اڏي تي قربان ڪندڙ پيپلز پارٽي جا به ٺڪاءٌ نڪتا آهن ته جنهن خلق خدا کي هو رڳو رڍن ۽ ٻڪرين جو ڌڻ سمجهي هڪليندا ۽ تڙيندا رهيا آهن انهن جا تيور بدلجي رهيا آهن. بهرحال سنڌ هڪڙي ئي وقت تي سياسي، معاشي، سماجي، توڙي نفسياتي طرح تي هڪ فيصلائتي عبوري دور مان گذري رهي آهي. سياڻن واقعي به سچ چيو آهي ته تاريخ ۽ فطرت ايئن ئي قومن کي مهميز ڏينديون آهن ته جيئن قومون پنهنجي تقدير کي پاڻ بدلائڻ لاءِ وري نئين سر نئين تدبير جوڙي پنهنجو پاڻ کي بلڪل حالتن ۽ تاريخي تقاضائن موجب انهن حالتن تي پوريون لهن. جُهد البقا جي فطري قانون کي سمجهن ۽ پاڻ کي تبديل ڪن يا پنهنجي قومي وجود ۽ هستي کي وڃائي ويهن.
هونئن به ڪنهن تاريخي تضاد جي صداقت ۽ حقيقت پرکڻ ۽ پروڙڻ جو اهو ئي معيار آهي، ته ان تضاد ڪنهن به قوم ۽ سماج جي سمورن حصن ۾ ڪيترو اثر ڇڏيو آهي يا متاثر ڪيو آهي. هاڻي هن سج جهڙي سچ تي ڪير به کارو رکي نٿو سگهي ته سنڌ جو بنيادي سوال قومي آهي ۽ آهن ملڪ اندر قومي تضاد ئي بنيادي تضاد آهي. باقي ٻيا فروعي تضاد، نعرا ۽ ڳالهيون فرقيواريت، لسانيت ۽ نسل پرستي وغيره سڀ ٿانوي حو ۽ مصنوعي آهن.
هاڻي هن مرحلي تي نڌي ۾ قومپرسنڌي جي نعري ۽ بينر هيٺ سرگرم سمورين ڌرين کي مجموعي طور تي عام فهم اصطلاح موجب قومپرست سڏيو وڃي ٿو، توڙي جو انهن سڀني ڌرين ، پارٽين، تنظيمن ۽ گروهن جا نالا، نعرا بينر ۽ حڪمت عمليون جداجدا آهن ۽ سندن “ قومپرستي” جي تشريح ۽ وضاحت پڻ الڳ الڳ آهي. هڪر طرف “ قومپرستي” جي تشريح ۽ تقصيل سائين جي ايم سيد جي نظرئي ۽ فڪر جي روشني ۾ هي آهي ته:
• تاريخي طور سنڌ ي هڪ الڳ قوم آهن.
• سنڌ هڪ الڳ تشخص رکندڙ وطن ۽ ملڪ آهي.
• آزادي اسان جو بنيادي، انساني، فطري حق آهي.
• آزادي ممڪن بلڪ اڻٽر آهي.
ٻئي طرف هي تشريح ۽ تفصيل بيان ٿي رهي آهي ته : سنڌي واقعي به هڪ الڳ قوم آهن، پر سندن حقن جي حاصلات هن ملڪ جي اندر ئي سنڌ جي حق حڪمراني ۽ اقتدار اعليٰ جي حاصلات ۾ ئي سمايل آهي، تنهنڪري آزادي واري منزل کان اڳ۾ هن مرحلي تي سنڌ جي مستقل تاريخي مفادن، قومي جاگرافيائي وحدت ۽ سنڌ جي پيداوري وسيلن تي مالڪيءَ جو حق حاصل ڪرڻ وڌيڪ اهم آهي.
مٿي بيان ڪيل ٻنهي تشريحن ۾ تضاد ۽ اختلاف واضح آهي پر انهن ۾ هڪ نُڪتو مشترڪ ۽ ساڳيو آهي ته ڪيئن به ڪريو، حڪمت عملي جي طور ئي صحيح في الحال هن مرحلي تي پنهنجي پنهنجي نظرياتي ۽ سياسي بنيادن تي رهندي به عملي طرح سنڌ کي درپيش موجوده خطرن ۽ فوري نوعيت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ئي قومي ڌارا ٺاهي پاڻ ۾ قومي ٻڌي، ۽ طاقت پيدا ڪري هڪ اهڙي قومي پليٽ فارم تي گڏ ٿجي جنهن وسيلي سنڌ جي بنيادي تاريخي، قومي ۽ جاگرافيائي وحدت ۽ اقتصادي مفادن يعني پيداواري وسيلن تي مالڪي جو اختيار حاصل ڪجي ته جيئن سنڌ سگهاري ٿي سگهي. مطلب ته هاڻي هڪ طرف آزادي پسند قومپرستي جا فڪري نظرياتي بنيادي اصول آهن ته ٻئي طرف سنڌ کي قومي جاگرافيائي وحدت، سنڌ جي اقتدار عليٰ ۽ حق حاڪميت ۽ سنڌ جي پيداواري وسيلن جي مالڪي جهڙا چئيلنيج ۽ فوري نوعيت جا خطرا سامهون آهن. بهرحال اهڙن موقعن تي درست سياسي فيصلا ڪرڻ ۽ قدم کڻڻ لاءِ تمام گهڻي سياسي بصيرت، فهم، فراست ۽ تدبر جي ضرورت هوندي آهي. تاريخي تقاضا، اوليت ۽ ترجيح طئي ڪرڻ پنهنجو حق حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمت جي ضرورت هوندي آهي.
سنڌ کي پنهنجي تقديربدلائڻ لاءِ هڪ اهڙي تدبير جي ضرورت آهي جنهن سان هڪ طرف گڏيل قومي اتحاد ۽ ٻڌي وسيلي سنڌ کي درپيش فوري نوعيت جي خطرن جهڙوڪ سنڌ جي قومي جاگرافيائي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن کي منهن ڏئي سگهجي ۽ ٻئي طرف فڪر سيد جي نظرياتي پروگرام ۽ تاريخي مشن جي حاصلات واري واٽ تي پڻ ثابت قدم ۽ مستقل مزاجي سان آزادي پسند قومپرستي جو قومي جهنڊو ۽ بينر به پنهنجي شان مان سان اوچو رهي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا فڪر سيد سان لاڳاپيل يا ان جي دعويداري ڪندڙ ڌيون، پارٽيون، تنظيمون، مختلف ڌڙا ۽ گروهه واقعي به سيد جي فڪري معيارن، اُصولن ۽ تقاضائن موجب ايتري هڪ طرف صلاحيت، سنجيدگي ۽ سگهه رکن ٿا جو هو وسيح تر قومي مفادن خاطر گڏيل طور تي اتحادي پيليٽ تي پنهنجي حڪمت عملي سان قومي اتحادي سياست جون تقاضائون به پوريون ڪري سگهن ۽ بئي طرف پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري معيارن موجب پنهنجي آزادي پسند قومپرستي واري انفراديت ۽ سڃاڻپ به قائم رکي سگهن.هي سوال تمام گهڻو اهم ۽ پيچيده آهي ڇا ان لاءِ “ گڏيل قومي اتحاد ” وارو پليٽ فارم ئي سنڌ جي قومي وحد ت۽ سلامتي، سنڌ جي اقتدار اعليٰ حق حاڪميت ۽ پيداواري وسيلن تي مالڪي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد وسيلي اقتداري حاصلات ۽ ٻيهر قتداري سياست ڪندڙ قومپرست ڌرين کان اليڪشن کان اڳ۾ ئي ڪو اهڙو شرط مڃائي سگهجن ٿا ته هو اقتدار جي حاصلات کانپوءِ به سنڌ جي مستقل قومي ۽ تاريخي توڙي وطن مفادن تي ڪا به سوديبازي نه ڪندا ۽ اهڙي واضح اقرار نامي کي پنهنجي چونڊ مهم لاءِ واضح ۽ چٽي نموني سان پنهنجي منشور جي بنيادي اُصولن وانگر اختيار ڪندا ؟ ته جيئن هڪ ڀيرو ٻيهر هن محڪوم ۽ مظلوم سنڌ جي عوام جي ووٽ جي امانت سان ڪابه خيانت نه ٿي سگهي، ان سان گڏوگڏ اقتداري سياست ڪندڙ قومپرست ڌرين کي ان ڳالهه تي سنجيده ڪرڻو آهي ته هاڻي سنڌ وطن جا دائمي مستقل قومي مفاد ئي دوستي ۽ دشمني جا بنيادي معيار آهن، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ ڪابه شيءَ غير مشروط ناهي،
بهر حال هي سڄو سفر اڙانگو ۽ ڏکيو آهي پر ممڪن آهي تنهن ڪري ان جا ، اصول ۽ تفصيل” طئي ٿيڻ گهرجن ۽ ڪنهن به سطح تي کڄندڙ قدم ذميواري سان هجي، ان لاءِ فڪر سيد جي نالي، وابستگي ۽ دعويداري سان قومي جاکوڙ ڪندڙن جي پنهنجي پاڻ کي، پنهنجي قومي ڪارڪن کي پوري ايمانداري سان اها اون ۽ ڳڻتي رکڻ گهرجي ته واقعي به اسان فڪر سيد جي نظرياتي معيار ۽ اصول موجب پنهنجو قومي ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ۽ ڏينهون ڏينهن پاڻ کي وڌيڪ دُرست ۽ مضبوط ڪري رهيا آهيون يا نه ؟ ڇاڪاڻ ته هيئنر سنڌ کي سيد جي ڏنگن ٻارن کان وڌيڪ سيد جي باڪردار، صالح ۽ نظرياتي طور پڪن پختن ڪارڪنن جي ضرورت آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو