Home / ويندي ويندي / سردار خيربخش مري
above article banner

سردار خيربخش مري

سردار خيربخش مري به هي فاني جهان ڇڏي ويو. تا حياتي آزاد وطن جا خواب ڏسندڙ اکيون آزادي جي اوسيئڙي ۾ اڌ کليل ئي رهجي ويون. منزل تي رسڻ لاءِ ڏک ۽ ڏونجهڙن جا، جلاوطني ۽ جيل ريل جا، پنڌ ڪندڙ پير ساڻا ٿي ڪومائجي ويا. اهو دل جيڪو ڳيري جيان معصوم ۽ سادو هيو ۽ اهو دماغ جيڪو دشمن جي حر حرفت ڄاڻيندو هيو سو ڪشادي سيني ۽ قدآور هستي جي اندر ٺري ويو. کيس ڪوئيٽا ڀرسان نيو ڪاهان جي قبرستان ۾ جڏهن يارن دوستن ۽ مٽن مائٽن ڀرسان مٽي ۾ لاٿو ٿي ويو ته ڇا خبر هن جي سدا بي چين روح، وقت هٿان هارايل پنهنجي جسم کي ڪهڙي ميار ڏني هوندي؟

خيربخش مري ملڪ جي انهن چند سياستدانن مان هيو جن کي راولپنڊي جي سياسي فيڪٽري، ڪنهن به آمر جي سياسي انڪيوبيٽر پيدا ڪيو يا گهڙيو نه هيو. ان ڪري ئي اسٽيبلشمينٽ لاءِ اڻ وڻندڙ هيو. ائين ، جيئن باچا خان، سائين جي ايم سيد، عبدالصمد اچڪزئي، غوث بخش بزنجو، عطاالله مينگل ۽ اهڙا اڪابر سياستدان “ميڊ اِن راولپنڊي” نه هجڻ سبب ملڪي سياست جي حمام ۾ ڪڏهن به قابل قبول نه رهيا. بلڪه کين سياسي اڇوت ڪوٺيو ويو. مٿن سختيون آنديون ويون. کين فتوا باز فيڪٽري مان غدار جا لقب ڏياريا ويا.

ان جي ڀيٽ ۾ “ميڊ اِن راولپنڊي” سياستدانن کي مرضي آهر استعمال ڪيو ويو ۽ استعمال ڪري ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو. ڀٽو ستر ايڪهتر ۾، نوازشريف اسي، نوي ۾ ۽ عمران اينڊ ڪو اڄڪلهه.

خيربخش مري سان اسان جي هڪ ئي ملاقات ٿي. حالانڪه سندس ڀرپور انٽرويو ڪرڻ جي ّواهش رهي پر ٻڌوسين ته انٽرويو ڏيڻ کان پاسو ٿو ڪري، سو سندس باوجود ڪراچي م۾ هجڻ جي ملاقات نه ڪري سگهياسين. “افيئر” سندس هڪ اڌ انٽرويو ڇاپيا جيڪي مختلف اخبارن تان ٿورائتا کنيا ويا هيا.

JUNE-15-2014   58

گهڻا سال اڳ جڏهن هو افغانستان مان جلاوطني ختم ڪري موٽي آيو هو ۽ ڪوئيٽا جي سرياب روڊ تي هڪ، هجري جهڙي ڪمري ۾ ماڻهن سان ملندو جلندو هيو تڏهن اسان سندس انٽرويو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هي اهي ڏينهن هيا جڏهن سردار عطاالله مينگل جي پٽ اختر مينگل جي حڪومت بلوچستان ۾ چاغي جي ايٽمي ڌماڪي جي ڪم لٿي کان پوءِ ختم ڪري کيس گهر موڪليو ويو هيو. بلوچستان نيشنل پارٽي اختر مينگل جي پارٽي جو نالو هيو.

سردار خيربخش انٽرويو ڏيڻ بجاءِ ڪچهري ڪئي. هر لفظ سگهڙ، سوناري جيان، توري ۽ تڪي ڳالهائي پيو. ڄڻ ڪا مشين ڳالهائيندي هجي. احساس ۽ جذبات سندس لهجي جي رکائي ۾ گم ٿي ٿي ويا. موجوده حالتن مان نه مطمئن هيو نه بلوچن جي موجوده قيادت کان پر اميد. (اها ڪو پنڌرهن سال اڳ جي ڳالهه آ). ها، ايندڙ وقت جي تياري ڪري رهيو هو.

چيائين ته اختر جي پارٽي جو نالو ئي منڌل آهي. سندس پارٽي بلوچستان ۾ ڪنهن جي نمائندگي ڪري رهي آهي؟ جي بلوچن جي ته پوءِ سنئون سڌو بلوچ نيشنل پارٽي ڇو نه؟ هن ٻڌايو ته هو اڄڪلهه عملي سياست کان ڪنڊائتو ۽ ڪارڪنن جي سياسي تربيت ڪري رهيو آهي. ٻڌايائين ته ڪو سياسي آرگن ڪـڍي رهيو آهي. اسٽڊي سرڪل به هلائي ٿو. کانئس جڏهن ڊگهي جلاوطني مان پرايل سبق بابت پڇا ڪئي ته ٻڌايائين ته ملڪ ملڪ رلياسين هر ڪو ايجنٽ ڪرڻ لاءِ ته تيار هيو پر دوست ٿيڻ لاءِ ڪوئي به تيار ڪون هيو.

لنڊن گروپ ستر جي ڏهاڪي ۾ بلوچ ويڙهاڪن سان گڏجي ويڙهه ڪندڙ کاٻي ڌر جي تڏهوڪي انقلابين( نجم سيٺي، راشد رحمان، عزيزرحمان، وغيره) جي موجوده رابطن بابت پڇا ڪرڻ ته ٻڌايائين ته سندس سياسي مخالف هزارخان بجاراڻي(سنڌ وارو مير هزار خان نه) ۽ ٻين سان سنگتون اٿن، شرارتون به ڪن ٿا. سندس خيال ۾ کين مٿان جي به ٽيڪ اٿن.

کيس اسان جي ڪچهري کان ڪجهه مهينا پوءِ سندس مخالف، جسٽس نواز مري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪري جيل وڌو ويو. ڪيس تهمت هئي. کيس نيٺ آزاد ڪرڻو پيو. پر هو جيڪا باه اندر ۾ سانڍي ويٺو هيو سا جيل مان نڪرڻ کانپوءِ الا ڏيئي اڀامي.

اڄ بلوچستان ٻرڻ جي شڪايت ڪندڙ لئوڻو هڻي ڏسندا ته کين تڪبر ۽ معتبري ۾ بلوچستان بابت ڪيل پنهنجي غلط فيصلن جا وڏا ڍير ملندا .

ڏسون تڪبر کٽي ٿو يا هٺ ۽ انڪار.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو