Home / اسپيشل افيئر / سرڪاري ليٽر جي سائنس!
above article banner

سرڪاري ليٽر جي سائنس!

دل جي حڪم تي مونو لاگ ڪرڻ ويٺو آهيان. سرڪاري نوڪر ۽ سو به ڪلارڪ ماڻهو هن طرح جي عياشي لائق بلڪل نه چئجي. ٻڌو اٿم ته آءُ سومار آهيان. جنهن آسامي تي ڪم ڪريان ٿو تنهن جي آڏو ۽ پڻ پويان ڪُور ڪُور موتي جي ذات آهي. هوريان هوريان مان ان شبيهه ۾ گم ٿي ويو آهيان.

ڪهڙي ذات ڪهڙي پات

ڪمي جو پٽ ڪلارڪ

ڪاف جو ڪامل آ

جيون آيا وبال آ

سمجهان ٿو ته شاعري ڪري ويندم. جنهن عورت مٿان اڪن ڇڪن آهيان سا ڪلف ۾ بند آهي. مڙسهنس ڪوري هاشم اسان جي ئي آفيس ۾ پٽيوالو مقرر. اڪائوننٽنٽ ۽ صاحب. چار ڄڻا آهيون ۽ بدبودار ٻه ڪمرا. چوڻ ڏيوم ته خبيثن جو ٽولو. هيڊ آفيس وڃبو ته خبيثن جو لشڪر. موتي ئي موتي. معشوق ئي معشوق. ڳاڙها ئي ڳاڙها. ڏهه سال اڳ منهنجي ٽيبل تي سائو ڪپڙو وڇايو ويو. کاٻي پاسي فائيل رکانس ته سرمائي رنگ جي پٽي ٺهي. وچ ته وڏڦ ڀريل ٿالهي نهاريان. چنڊ ۽ تارو. سمجهي سگهو ٿا ته رياست مون روبرو. سائو لٽو مٿي کڻان ته منگهڻ ئي منگهڻ. پنجين اسڪيل ۾ لڳس ۽ ڇڪي ڇڪي ستين ۾ رٽائرمينٽ وٺندس. ڪنو، جنهر ٽائپ رائيٽر ۽ مان. ڪوڙا ليٽر. ٺڳي جو ڌنڌو. مولا کي گهڻو ٻاڏايم. عبادتون کوڙ ڪيم. سڌارو نه ڏسي ان خفي مان هٿ کڻي ڪڍيم. وڻيو ته آخري رسمون ادا ڪجو ۽ جي نه پسند اچيو، ايئن کڻي پورجو. ڪلارڪ صاحب تي ڪو اثر ڪو نه پوندو. اسان وارو آفيسر پڻ ساڳئي خيال جو آهي. سائي ڪپڙي سان گڏ مفلر آندائين. هيل سو ڏهون سيارو پيو ڪڍي. مفلر به سائو. سائين به سائو. رياست به سائي.

اوهان ڪڏهن ملير ۾ ملازمت ڪئي آهي؟ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيا آهيو؟ ڳاڙها، نيرا، سانورا شاعر ۽ مهان قومي ڪارڪن ڏٺا اٿو؟ خيال اٿم ته نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندا. سڄي ڄمار آجپو آجپو اچاريندڙ هاڻ ان فڪر ۾ آهن ته شهري پير صاحب ملڪ پيو ڊاهي، ان کي بچائجي. سنڌ ٽُو پيو جوڙي، کيس ڪيئن روڪجي. سنڌ ٿِري مان آهيان. مون کي اوهان ملير ندي جي ڌپياري پاڻي ۾ ٽٻيون ڏياري، غوطا کارائي ڪارو ڪٺ ڪري ڇڏيو آهي. تنهن حساب ۾ هيٺيون بيت عرض ٿو ڪريان.

سنڌ جا مشتاق گٽر ۾ ٻڏل

ڀڀ ڀريل ڀائو اگهور ستل

قوم سڄي کي ڏوراپو ڪهڙو

پاڻ هڙئي هون ڪارتوس ڇٽل

کڏ تي ڪپڙا ڌوئيندي سومار چئي

ڇا لاءِ ڪجي يار اٿل پٿل

مونو لاگ ٻڌندڙ مهربان! سرڪاري نوڪر آهين ته حقيقت کان واقف ضرور هوندين. ٽائپسٽ آهين ته قسم کڻي چوندين. صاحب آهين ته انڊر لائين ڪندين. هرهڪ سرڪاري ليٽر جي پئرا ٿري ۾اها سٽ ڳولهي ڪڍندين. ٻاهر بئنچ تي ويٺل درخواست گذار کي سمجهائڻ لاءِ کرو ٿيڻو پوندو. .سرڪاري ليٽر جي پئرا ٿِري ۾هڪڙي لائين اهڙي هوندي آهي جيڪا سچ تي ٻڌل هوندي آهي. هاشم ڪوري مون مٿان دانهين ٿيو. ڀرسان سرڪاري ڪوارٽر ۾ رهندو آهي. بنا اولاد جي زال کي ڪلف هڻي ڊيوٽي تي ايندو آهي. شڪايت ڪيائين ته مون، سومار فقير سندس گهرجي ڀت ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي. درخواست مٿي وئي. انڪوائري ڪاڻ ٽيم پهتي. جانچ جونچ بعد رپورٽ ٺهي. مون کي وارننگ جو ليٽر مليو. ڀت ٽپڻ جي ڪوشش جي شاهدي نه ملين.چٺي جي پئرا ٿري ۾ هڪ سٽ هئي، جا سچي هئي. انڪوائري لاءِ آيل اڇن ڪپڙن وارا مون سان سوال جواب ڪرڻ کانپوءِ جنهن نتيجي تي پهتا سو اهو ته آءُ ڪمزور ڪردار جو شخص آهيان. ڪوڙ ناهي. مان واقعي به ايئن ئي آهيان. اوهان کي کولي ٻڌايان. هيڊ آفيس مان وارننگ ليٽر آيو. سمورو مواد بي جان ڇسو هئو. سواءِ ان لائين جي ته سومار ڪلارڪ ! تون اخلاقي زوال جو شڪار انسان ٿو لڳين. تنهن سبب پٽيوالي هاشم ڪوري جي شڪايت کي بي بنياد چئي رد نه ٿو ڪري سگهجي. وارننگ واري ڪا ڳر ۾ باقي ڇاٽائپ ٿيل هوندو، سڀ ڄاڻين ٿا.

Picture15

ساهي پٽي واپس آيو آهيان. توهان ٽيڪنيڪل معاملن ۾ نه وڃو. مونو لاگ ڳالهائبو آهي، لکبو يا ڏسبو آهي. هينئر رڳو پڙهو. پئرا ون جڳاڙ. پئرا ٽو ڪوڙ. پئرا ٿري ۾ هڪ سٽ سچ. سرڪاري ليٽر جي سائنس آهي. ايئن جيئن سنڌ ون، سنڌ ٽو، سنڌ ٿري. معاف ڪندا. سنڌ ٿري ۾ فقط هڪ لائين نسورو سچ آهي. اها هي آهي ته آءُ، سومار ڪلارڪ، اوباش ماڻهو آهيان. هاشم ڪوري جي دانهن حق تي آهي. انڪوائري ڪندڙ چاهين ها ته پٽيوالي جي نڪاح ٻڌي کان بيان وٺڻ لاءِ سرڪاري ڪواٽر جي چانئٺ ٽپي وڃن ها. مائي ڇا چوي ها؟

سنڌن ۾ سور اٿم، دروازي تي ٺڪ ٺڪ جو آواز ٻڌي، ايندڙ ماڻهو کي ورندي ڏيڻ ڪاڻ اٿي ڪا نه ٿي سگهان. مڙس کي پاڻ چيو اٿم ته ٻاهران ڪلف ڏئي ويندو ڪر. سومار ڪلاڪ کي ٿڌو پاڻي کپندو آهي سو ڀت جي ڀرسان بيهي گهرندو آهي. ٻي ڪا ڳالهه ڪانهي. ليٽر جي نه ته، ڪارروائي جي اها چوٿين پئرا آهي. سنڌ فور.

رپورٽ ۾ ڪجهه مونجهارو پڻ آهي. آفيس ٽيبل تي وڇايل سائو ڪپڙو. کاٻي ڪناري سجايل فائيل ۽ اڇا ڪاغذ. وچ تي پيل ٿالهي ۽ منجهس پکڙيل وڏڦ جا داڻا. هاشم ڪوري پاڻي پياريندي هڪ ڀيرو ان نظاري کي چوڏهين آگسٽ سان ڳنڍيو هئو. آءُ ملير جي شاعر برادري ۽ قومي ڪارڪنن جي گڏجاڻين ۾ اٿڻ ويهڻ وارو مڙس. جوش ۾ اچي تنهن ڏيک جي ترتيب بدلائڻ لڳس. سائو لٽو مٿي ڪرڻ جي همت نه ساريم. پوش جي هيٺان گهمندڙ منگهڻن کي منهن ڏيڻ جي طاقت نه ڀانيم. اڇو پٽو ٻئي طرف ڪيم. سئونفن کي پليٽ ۾ ڍيري ڪري چنڊ ۽ ستاري جو منظر ختم ڪري ڇڏيم. پٽيوالي منهنجي ان ڪرت کان انڪوائري ٽيم کي جانڪاري ڏني. هڪ ڪلارڪ خلاف مقرر جانچ آفيسرن هاشم ڪوري جي واتان لفظ پٽو ٻڌو ۽ کلندا رهيا. منهنجي اندر ۾ ڪور ڪور ڪندڙ موتي بي آرامي محسوس ڪئي. انڪوائري ٽيم مون کي ڇوٽڪاري پسندن سان سلهاڙي ڪائي سزا ڏيڻ جي سفارش ڪري، ان کان اڳ هڪ واقعو پيش آيو. پٽيوالي جي ڇاتي منجهه لڪل ٻلو ميائون ميائون ڪندو، ٽپ ڏئي ٻاهر نڪتو. سندسن مختصر تقرير هيءَ هئي. صاحبو! آءُ هن شخص، سومار ڪلارڪ سان گڏ گذريل ٻاويهه سالن کان نوڪري ڪندڙ آهيان. ڏهاڪو ورهيه ٿيا آهن جو ڪمري ۾ رکيل ٽيبل جو رنگ ڦٽل نظرآيو اسان مٿس سائو ڪپڙو وڇايو. ڪلارڪ کي پوش هيٺان گهمندڙ منگهڻن مٿان طنز ڪندي ٻڌم. جيتن متحد ٿي موومينٽ جوڙي. سندس پيٽ تي گهمڻ ۽ رت چوسڻ لڳا. مون کيس پر ماتما ياد ڏياري. ڪلارڪ ناستڪ ٿي ويو. سائي ڪپڙي کان بڇان کي رياست کان بيزاري سمجهيو وڃي. خبردار ڪيو مانس ته منگهڻن پاران سنڌ جو کاڄ بچائڻ وارا هاڻ رياست جي بقا بابت ڳڻتي ڏيکاريندڙ پلي ڪارڊ کڻي اڀا آهن. آءُ پٽيوالو آهيان. ايترو علم ڪو نه اٿم. اخبار کڻي وٽس آيس. ملير ۾ چڪر هڻندڙ سومار جا ساٿي رياست کي چنبڙيل آهن. رياست کي ڍيري ٿيڻ کان بچائڻ ۾ غرض اٿن. خيال اٿن ته سنڌ ون، سنڌ ٽو جي سازش تي ٻڌل سرڪاري ليٽر جو ان ريت ٽوڙ ڪڍي ٿا سگهن. هي ڪوجهو انسان منهنجي گهر جي ڀت ٽپڻ جي ڪوشش سان گڏ رياست جي عزيز سائي رنگ جي ڪپڙي خلاف ناپاڪ ارادا رکڻ جو ڏوهي پڻ آهي. مون وٽ وس هجي ته وچ بازار سزا ڏيانس.

سنڌ ٿري هنن جو موضوع نه هئو. انڪوائري ٽيم هاشم ڪوري جي بيان ڏانهن گهڻو ڌيان نه ڏنو. مقرر ٿيل ڪارندا هليا ويا. هيڊ آفيس مان رڳو وارننگ ليٽر آيو. انڪوائري رپورٽ ۾ رياست مخالف سوچ تي پاڻ خلاف شامل ڪيل ريمارڪس جي ڪاپي هٿ ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهيان. ترت اوهان آڏو پيش ڪندس.

اخبار ۾ ڇپيل تصوير منجهه ملير جا ئي دوست هئا جن جي هٿن ۾ سائي ڪپڙي واري رياست خلاف، متحده منگهڻ تنظيم جي پير صاحب جي ڀاشڻ جي نندا ڪندڙ پلي ڪارڊز هئا. سنڌ ون، سنڌ ٽو ٺاهڻ سندي بڪواس جي به ته. شاباس ڏيانس جي ڪوئي ٻڌائي سگهي ته سرڪاري ليٽر ۾ پئرا فور ٽائپ ٿيل هجي. ان جو مقصد ڇا هوندو آهي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو