Home / افيئر / سنڌ، ن ليگ جي ايجنڊا تي ناهي!
above article banner

سنڌ، ن ليگ جي ايجنڊا تي ناهي!

A Reporter

چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي رٽائرمينٽ کانپوءِ جتي سپريم ڪورٽ جي بيٽ ڪندڙ صحافين سُک جو ساھ کنيو آهي ته ٻئي طرف ٽي وي اينڪرن جي اڪثريت به اڳوڻي چيف جسٽس پويان ڪاهي پئي آهي، ڪالهه تائين اهي ساڳيا ٽي وي چينل جيڪي کيس فرشتو ثابت ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائيندا هئا اڄ انهن ئي ٽي وي چينلز جا اينڪر کيس دنيا جو خراب ترين ماڻهو ثابت ڪرڻ لاءِ فيصل عابدي ۽ بابر اعواڻ جي ڪلهن تي چڙهي پنهنجون ڪثرون ڪڍي رهيا آهن، افتخار محمد چوڌري جي رٽائرمينٽ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جون ڳاڙهيون پٽيون هاڻي ٽي وي چينلز تان گم ٿي ويون آهن، پٽي ڪلچر جو ڄڻ خاتمو ٿي ويو آهي .هاڻي ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ججن پاران ڏنل رمارڪس به سپريم ڪورٽ جي کاتي چاڙهي انهن پٽين ۾ نٿا هلن، چون ٿا ته افتخار محمد چوڌري سان گڏ جڊيشل ايڪٽوازم به پڄاڻي کي پهتو آهي، جسٽس تصدق حسين جيلاني جي چيف جسٽس ٿيڻ بعد چيف اليڪشن ڪمشنر جو ڇٽ جسٽس ناصرالمڪ جي مٿي تي پارايو ويو آهي، جيڪو هاڻي سپريم ڪورٽ جي سامهون واري اي سي پي جي عمارت ۾ سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختون خواھ جون مڪاني چونڊون ڪرائيندو، جسٽس ناصر جي اچڻ ساڻ ئي نادرا چيئرمين جو معاملو به گرم ٿي ويو آهي، ان معاملي کي گرم گهرو وفاقي وزير چوڌري نثار ڪيو آهي، چوڌري نثار وفاقي ڪابينا جو اهڙو وزير آهي، جنهن جو شمار ميان کانپوءِ ٽاپ لسٽ ۾ ٿئي ٿو، اهي ٻئي ميان صاحبان جيڪي وزيراعظم، وزير خارجا ۽ سڀ ڪجھ پاڻ ئي آهن، پر چوڌري چوڌري آهي، هن جي جتي ۾ ڪنهن جو پير نٿو پوي. هي صاحب ن ليگ جو آءِ جي آهي، جيڪو ن ليگ وارن سان گڏ ٻين پارٽين جي ايم اين ايز ۽ سينيٽرز کي به داٻا ڏيندو وتندو آهي. ڪجهه هفتا اڳ ۾ سينيٽ ۾ ميان رِضا رباني سان جهيڙو ڪري مخالف ڌر کي مجبور ڪيو ويو ته هو پارليامينٽ جي گيٽ نمبر هڪ جي سامهون  احتجاجي اجلاس ڪن، نتيجي ۾ سينيٽ ۾ گڏيل مخالف ڌر ايوان جي ٻاهران اهو اجلاس ڪيو ، جيڪو 3 ڏينهن جاري رهيو، پر مخالف ڌر جو اهو مطالبو هو ته چوڌري نثار پنهنجا لفظ واپس وٺي، جيڪي هن سينيٽ جي اجلاس ۾ ميان رضارباني کي چيا هئا، پر چوڌري به پنهنجي ڳالھ جو پڪو نڪتو ، هن پنهنجا لفظ واپس نه ورتا، ان دوران حڪومت جا وزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ پرويز رشيد مخالف ڌر سان ڳالھائيندا رهيا، مصالحتي ڪميٽي به ٺهي پر نتيجا ٻڙي نڪتا. نيٺ وزيراعظم اهو فيصلو ڪيو ته سينيٽ ۾ چوڌري نثار سوالن جا جواب ڏيڻ نه ويندو ۽ ان جي جاءِ تي مملڪتي وزير بليغ الرحمان کي اها چارج ڏني وئي، جنهن کانپوءِ اهي ٻئي وزير مخالف ڌر جي گيٽ آڏو ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس ۾ لنگهي آيا ۽ مخالف ڌر کي پرچائي وٺي ويا،

هاڻي انهي چوڌري وري قومي اسيمبلي ۾ ،مخالف ڌر کي ناراض ڪري وڌو آهي، هن دفعي هن مخالف ڌر تي اهو الزام هنيو آهي ته هو تماشو ڪري ٿي، جنهن تي مخالف ڌر کي اعتراض آهي ته تماشو غير پارلياماني لفظ آهي. ان ڪري جيستائين چوڌري نثار اهي لفظ واپس نٿو وٺي تيستائين مخالف ڌر ايوان مان بائيڪاٽ جاري رکندي، هن وقت مخالف ڌر جو بائيڪاٽ جاري آهي، ڏسون ٿا ته هاڻي مخالف ڌر کي پرچائڻ لاءِ حڪومت پاران ڇا ٿو ڪيو وڃي،

گذريل ڇهن مهينن دوران چوڌري نثار جو رويو رڳو اسيمبلي يا سينيٽ ۾ اهڙو نه پر ڪابينا جي وزيرن سان به اهڙو ئي آهي، جنهن ڏينهن سينيٽ ۾ هن مخالف ڌر کي ڇڙٻون ڏنيون هيون ۽ مخالف ڌر بائيڪاٽ ڪيو ته ڪجهه وزيرن آڱر آسمان ڏانهن اڀي ڪري چيو ته “ الله بي نياز آهي”. انهي فرياد ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته چوڌري جيترو بڇڙو ٿئي اهو بهتر!!

انتهائي اهم عهدي تي ويٺل هي شخص جنهن جي اها دعويٰ آهي ته هو ئي هن  ملڪ ۾ اهڙُو ماڻهو آهي جيڪو نه رڳو قانون تي يقين رکي ٿو پر  هو هڪ اهڙُو بي عيب شخص آهي جنهن جو مثال پاڪستان ۾ نٿو ملي، ان ڪري هو پنهنجي “پرهيزگاري” جي ڪري ڪنهن کي گاھ ئي نه وجهندو آهي، جسٽس چوڌري جي رٽائرمينٽ ته طئه هئي پر هن چوڌري جي رٽائرمينٽ جي في الحال ڪا ويجهي تاريخ ناهي، ان ڪري سموري ڪابينا هن مان بيزار آهي.، پاڪستان جي تاريخ جو هي اهڙُو نرالو وزير آهي جيڪو اسپيڪر کي مخاطب ٿي چوي ٿو ته جيڪو به وزير ايوان ۾ سوالن جا جواب ڏيڻ نٿو اچي ان خلاف ڪارروائي ڪريو، جيڪي وزير ايوان ۾ نٿا اچن اهي پنهنجي سيٽ خالي ڪن، اسپيڪر کي “ هدايت” ڪرڻ بعد هن ان ئي ڏينهن ڪابينا جي وزيرن جو اجلاس به پارليامينٽ هائوس ۾ سڏايو جنهن ۾ به هن حڪم جاري ڪيا،

ڏٺو وڃي ته چوڌري نثار جنهن جي اها دعويٰ آهي ته هن پنهنجي وزارت ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيو آهي، رشوت جو به سندس وزارت ۾ انت اچي چڪو آهي، تنهن نادرا چيئرمين کي بنا ڪو نوٽيس ڏيڻ جي برطرف ڪري ڇڏيو آهي، نادرا چيئرمين  اليڪشن ٽربيونل جي هدايت  تي آڱوٺن جي تصديق جو ڪم لاهور ۾ شروع ڪرڻ وارو هو ته  رات جو ٻين وڳي نادرا چيئرمين جي گهر واري کي ننڍ مان اٿاري سندس مڙس جي  برطرفي جو آرڊر پهچايو ويو، جنهن بعد ٻئي ڏينهن هاءِ ڪورٽ به ڌرين کي نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ هڪ ڏينهن اندر  نادرا چيئرمين جي وڪيل جي درخواست تي گهرو وزارت پاران برطرفي جو حڪم معطل ڪيو، اهڙي ريت معاملو وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو ، اطلاعن موجب نادرا چيئرمين لاهور جي چئن تڪن تي آڱوٺن جي تصديق جو ڪم شروع ڪرڻ وارو هو، جنهن ڪري سندس برطرفي عمل ۾ آئي. 11 مئي واريون عام چونڊون ڪيتريون شفاف ٿيون آهن، ان تي پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ اي اين پي ڀلي اعتراض ڪن، پر اها ڳالهه ته واضح آهي ته سمورين اهم ڌرين کي سندن اڪثريت وارا علائقا ورهائي ڏنا ويا، اي اين پي جي بدترين شڪست طالبان حامي پي ٽي آءِ کي خيبر پختون خواھ ۾ ۾ اقتدار ڏيارڻ هو، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن اهو انڪشاف ڪيو هو ته اين اي 139 قصور تي جڏهن ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو حڪم حاصل ڪيو ويو ته حيران ڪُن طور تي بيلٽ پيپرن جي ڪٽن مان ردي نڪتي ۽ نتيجن تي آر او جون صحيحون هيون، پر پرزائيڊنگ آفيسرن جون صحيحون نه هيون، اهو ئي سبب آهي جو جيڪڏهن آڱوٺن جي تصديق ٿي ته پوءِ ڪيترائي ڪامياب اميدوار لُڙهي ويندا، چون ٿا ته 25 سيڪڙو چونڊ نتيجا اچڻ بعد جڏهن 11 مئي تي رات جو 11 هين وڳي ڌاري ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪيو ته ان بعد هڪدم نتيجا تبديل ڪيا ويا، هاڻي نادرا چيئرمين جو معاملو تڪراري بڻجي چڪو آهي، ان ڪري اهو چيئرمين هاڻي پنهنجي عهدي تي نه رهي سگهندو، جڏهن ته گهرو وزير پاران آڱوٺن جي تصديق وارو ڪم اليڪشن ڪميشن کي ڏيڻ ۽ اليڪشن ڪميشن پاران اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ ٻڌائي ٿو ته چوڌري نثار حڪومت لاءِ اهڙا مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي ،جنهن ڪري حڪومت وڌيڪ بحرانن ۾ ڦاسي پوندي،

 وزيراعظم پاران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نه اچڻ تي به پارليامينٽ جا ميمبر ڪاوڙيل آهن، رهيو مسئلو سنڌ جي ليگين جو ته انهن جو حال گهڻو خراب آهي، هن وقت پير صدرالدين شاھ راشدي ۽ مرتضى جتوئي وفاقي وزير آهن، جن مان پير صاحب وٽ اوورسيز پاڪستاني ۽ جتوئي صاحب وٽ صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت آهي، پير صاحب پنهنجي آفيس ئي نه ايندو آهي، جڏهن ته مرتضى جتوئي آفيس ايندو آهي پر ان جي چوڻ ۾ سندس کاتي جو سيڪريٽري به ناهي. شفقت نغمي اڃا تائين سيڪريٽري آهي، جتوئي صاحب جي چوڻ تي يوٽيلٽي اسٽور ڪارپوريشن جو ايم ڊي به مقررنٿو ٿئي، اهو ڪم به سيڪريٽري ۽ ٻيا مٿان ئي مٿان پئسا وٺي آرڊر ڪري رهيا آهن، ٽيون مملڪتي وزير حڪيم بلوچ آهي، جنهن جو سياسي پسمنظر نه وڏيرڪو آهي ۽ نه پيري مريدي وارو آهي، سڄي سنڌ جي ماڻهن کي اها سهولت آهي ته هو حڪيم بلوچ سان رابطو ڪري سگهن ٿا، پر  هن  کي به ديوار سان لڳايو ويو آهي، ريلوي واري وزارت هجڻ جي باوجود ريلوي جو وفاقي وزير خواجا سعد رفيق سنڌ جي ٽريڪ جي حوالي سان به مشورو ڪرڻ مناسب نٿو سمجهي، ان ڪري هي ن ليگ جو سنڌ مان چونڊيل اڪيلو عوامي وزير به سخت پريشان آهي، سنڌ جا ليگي جڏهن اسلام آباد ۾ ڪم لاءِ اچن ٿا ته سندن ڪا به واھ ناهي، ممتاز علي ڀٽو جو فرزند امير بخش ڀٽو به ڪڏهن ڪڏهن سينيٽ جي اجلاس ۾ نظر اچي ٿو پر ان سان به حال ٻين وزيرن جهڙو ئي آهي. ن ليگ جا اهم ماڻهو ذاتي ڪچهرين ۾ ٻڌائين ٿا ته سنڌ ن ليگ جي ايجنڊا تي ناهي، ان ڪري ن ليگ کي جيڪو ڪم ڪرڻ جو موقعو هن ڀيري سنڌ ۾ مليو هو اهو به هن وڃائي ڇڏيو آهي،

منڊيلا ۽ ملان قادر!!

سڄي دنيا ۾ بنا ڪنهن متڀيد جي خاتمي جي جدوجهد جي علبردار ۽ مظلومن لاءِ اتساھ جي علامت بڻيل نيلسن منڊيلا جي وفات بعد قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس سوڳ ۾ ملتوي ڪيا ويا هئا، سينيٽ ۾ کيس زبردست خراج عقيدت به پيش ڪيو ويو، ۽ ان سلسلي ۾ اتفاقِ راءِ سان تعزيتي قراردادون به منظور ڪيون ويون، 16 ڊسمبر جنهن ڏينهن اولهه پاڪستان هن ملڪ کان ڌار ٿيو هو ان ئي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي بنگلا ديش جي اڳواڻ ملان عبدالقادر کي اتان جي حڪومت پاران ڦاهي ڏيڻ تي قومي اسيمبلي ۾ قرارداد اڪثريتي راءِ سان منظور ڪئي وئي، پي پي پي ، اين اين پي، ايم ڪيو ايم هن قرارداد جي مخالفت ڪئي، چوڌري نثار انهي قرارداد پاس ٿيڻ کان اڳ ۾ ملان عبدالقادر جي ڦاهي تي افسوس جو اظهار ڪيو، پاڪستان ۾ ن ليگ ساڄي ڌر جي نقطه نظر ۽ سيٺين جي نمائنده جماعت طور شمار ٿئي ٿي، انڪري ڪيترن ئي حوالن سان هو جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف سان گڏ بيٺل نظر اچي ٿي، هن دفعي به ائين ٿيو، بنگالين کي ڏنڀ ڏئي پاڻ کان جدا ڪندڙ پنجاب، جيڪو سدائين اسلام اسلام ڪندي نه ٿڪجندو آهي، ان جي نمائنده جماعت کي بنگالين کان معافي وٺڻ گهرجي ها، پر هن دفعي جڏهن بنگالي دانشورن جي قتلام ۾ ملوث ملان قادر جي ڦاهي تي قومي اسيمبلي جي قرارداد تي بنگلاديش جي حڪومت جو ردعمل فطري هو، پاڪستان اڄ به نه حالتن ۽ نه تاريخ مان سبق سکڻ لاءِ تيار آهي، پاڪستان جي رياست جنهن افغانستان کي پنجون صوبو سمجهندي هئي اهو هاڻي هن جي ڳچي ۾ پئجي ويو آهي، جڏهن ته بنگالين کي هٿ سان ڌار ڪري هاڻي جڏهن هو ڌار ملڪ بڻجي ويا آهن تڏهن به اسان انهن جي پانچن مان هٿ نٿا ڪڍون، ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته ملان قادر کي 40 سالن بعد جنگي ڏوھن ۾ سزا ڏيڻ مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته اتان جي حڪومت جماعت اسلامي خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي ڪئي آهي ۽ اهو عمل ايندڙ ڏينهن ۾ جماعت اسلامي کي سياسي فائدو به ڏيندو، پر اسان ڪير ٿيندا آهيون جيڪي حب الوطني ۽ غدارين جا سرٽيفڪيٽ ٺاهي قومن ۽ سياسي پارٽين جي چهرن تي چنبڙائيندا وتون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو