Home / افيئر / سنڌي ۽ سرائڪي جي ھڪ ٿي پون !
above article banner

سنڌي ۽ سرائڪي جي ھڪ ٿي پون !

ليکڪ : نصير اعجاز

سڄي پاڪستان مان اقتدار وڃائي سنڌ تائين محدود ٿي ويل پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداريءَ ھاڻي “مرويسون مرويسون، سنڌ نه ڏيسون” جو نعرو ھنيو آھي. ان نعري پٺيان ڪھڙي سياست آھي، مان انھيءَ تي ڪو تبصرو نٿو ڪرڻ چاھيان پر سرائڪي ٻوليءَ ۾ ھنيل ان تاريخي نعري مون کي بھاولپور ۾ گذريل سال ڪجھه سرائڪي نوجوانن سان ٿيل ڪچھريءَ جي ياد ڏياري ڇڏي جنھن ۾ سنڌين بابت سندن ڪجھه غلط فھمين کي ختم ڪرڻ لاءِ کين ٻڌائڻو پيو ھو ته 1843 ۾ مياڻيءَ جي جنگ ۾ انگريزن سان وڙھندي سنڌ جي سپھه سالار ھوش محمد شيديءَ اھو نعرو ھنيو ھو ۽ اڄ به اھو اسان جو قومي ۽ جنگي نعرو آھي. 

ان ڏينھن بھاولپور جي اسلاميا يونيورسٽيءَ مان سرائڪي ٻوليءَ ۾ ايم فِل ڪندڙ ڪجھه شاگردن مون کان سوال ڪيو ھو ته سنڌ ۾ سرائڪي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪو ادارو ڇو نٿو ٺاھيو وڃي. سندن خيال ھو ته سنڌ ۾ سرائڪي ٻوليءَ کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو ۽ اھا ٻولي ڳالھائيندڙن کي ٻئي درجي جو شھري سمجھيو وڃي ٿو. انھن شاگردن سان منھنجي ملاقات 30 مارچ 2013 تي اسلاميا يونيورسٽيءَ جي سرائڪي ڊپارٽمينٽ جي سربراھه ڊاڪٽر جاويد چانڊئي جي آفيس ۾ ٿي ھئي. سندن سوال ته جائز ھو پر باقي سوچ غلطفھمين تي ٻڌل محسوس ٿي. منھنجو اندازو ھو ته سندن اھا سوچ ڪنھن منظم پرچار جو نتيجو ھئي جنھن جو مقصد سواءِ ان جي ٻيو ڪو به ڪونه ٿو ٿي سگھي ته سنڌين ۽ سرائڪي عوام وچ ۾ ڦوٽ وڌي وڃي. سندن ڳالھين مان اھو به ظاھر ٿيو ته ھو ڪڏھن به سنڌ نه گھميا آھن ۽ سنڌين سان رابطا نه ھجڻ ڪري منفي پرچار سندن ذھنن کي متاثر ڪيو آھي. “سنڌ جي ماڻھن کي خوشي ٿيندي جيڪڏھن سرائڪي ٻوليءَ جي حوالي سان صوبائي حڪومت ڪو ادارو ٺاھيندي، ڇو ته اھا به اسان جي پنھنجي ٻولي آھي.اھا سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻھن جي مادري ٻولي آھي. جيڪڏھن سنڌ ۾ ان ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ادارو ٺاھڻ جو مطالبو حڪومت کان ڪيو ويندو ته اسان سنڌي ان جي ڀرپور حمايت ڪنداسين. پر توھان جي اھا سوچ بنھه غلط آھي ته سنڌ ۾ سرائڪي ٻوليءَ کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو يا اھا ٻولي ڳالھائيندڙن کي ٻئي درجي جو شھري سمجھيو وڃي ٿو”، مون کين وراڻيو ھو. منھنجي اندازي کي ھٿي ڊاڪٽر جاويد چانڊئي به ڏني جنھن پنھنجي شاگردن کي چئي ڏنو ته سندن ذھن پنجابين جي پرچار جي اثر ھيٺ آھن. “توھان جي سوچ بلڪل غلط آھي. مان سنڌ جي شھر اُٻاوڙي جو آھيان. منھنجا ماءُ پيءُ اُتي رھن ٿا. سنڌ منھنجي جنم ڀُومي آھي. مون زندگيءَ جو وڏو حصو سنڌ ۾ گذاريو آھي، پر ڪڏھن به سنڌي سرائڪيءَ جو فرق محسوس نه ڪيو آھي،” ھن کين ٻڌايو. 

ڊاڪٽر جاويد چانڊيو ڪراچيءَ جي اردو اخبارن ۾ صحافت ڪندو ھو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندو به ھو. سندس والد به جھونو صحافي ھو. 1989 ۾ جڏھن محترما بينظير ڀٽو جي پھرين حڪومت ۾ سندس حڪم تي اسلاميا يونيورسٽيءَ ۾ سرائڪي ٻوليءَ جو شعبو قائم ڪيو ويو ته ھو سنڌ ڇڏي سرائڪيءَ ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ بھاولپور ھليو ويو. ماسٽرس ڪرڻ بعد ھو اُتي ئي ليڪچرار ٿيو ۽ گڏوگڏ ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي به ڪري ورتائين. ان حساب سان ھو سرائڪيءَ ۾ اتان پي ايڇ ڊي ڪندڙ پھريون شخص آھي. ھاڻ ھو نه رُڳو سرائڪي شعبي جو سربراھه پر يونيورسٽي ٽيچرس ائسوسيئيشن جو صدر به آھي. بھاولپور ۾ صحافين کي سکيا ڏيڻ لاءِ منھنجو وڃڻ ٿيو ته ساڻس ملاقات لازمي ھئي. اسان جو ملڻ 23 سالن کانپوءِ ٿيو ھو. 

جاويد چانڊئي جو چوڻ ھو ته انھن 23 سالن ۾ اتي رھڻ دوران ھن محسوس ڪيو ته پنجاب جون مخصوص ذھن رکندڙ لابيون سرائڪي عوام جي ذھنن ۾ ڄاڻي واڻي غلط سوچ پيدا ڪن ٿيون ته سنڌ ۾ سرائڪين سان ناحق آھي. 

مون سرائڪي شاگردن کان، جيڪي پاڻ سرڪاري ڪاليجن ۾ ليڪچرار ھئا، سوال ڪيو ته ڇا ھنن يا ٻئي ڪنھن سرائڪي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪو ادارو ٺاھڻ جو مطالبو پنجاب حڪومت کان ڪيو آھي؟ ھنن ڪنڌ ڌُوڻي نھڪر ڪئي. “جڏھن توھان پنھنجي صوبي ۾ پنھنجي ٻوليءَ لاءِ سرڪار تي ڪو دٻاءُ نه ٿا وجھو ته سنڌين کي ڏوراپا به نه ڏيو جيڪي پاڻ ڏچي ۾ آھن”، مون کين چيو ۽ سندن ذھنن تي چڙھيل دز لاھڻ لاءِ ٻڌايو ته سنڌ ۾ رھندڙ سرائڪي سنڌي سماج جو اڻٽُٽ حصو آھن. ھو ڀلي سرائڪي ڳالھائيندا ھجن پر ذھني ۽ روحاني طور سنڌي آھن ۽ سنڌ جي عظيم تر مفاد ۾ ئي سوچين ٿا. 

مون ۽ ڊاڪٽر جاويد کين ڪيترن ئي سنڌي اديبن، صحافين، محققن ۽ دانشورن جا حوالا ڏنا جن جي مادري ٻولي ته سرائڪي آھي پر ھو سنڌي قوم جو حصو آھن. ھو ته اھو ٻڌي به حيران ٿيا ته سچل سرمست کان سواءِ به سنڌ جي ٻين شاعرن سرائڪي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪئي آھي. ڊاڪٽر جاويد کين ٻڌايو ته سنڌ جو وڏو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به سرائڪي ھو. مون کين ٻڌايو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جي باني عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي مادري ٻولي سنڌي آھي. ان کانسواءِ سنڌ جا فنڪار جڏھن به ڳائن ٿا ته شروعات سرائڪي ڏوھيڙن سان ڪن ٿا. سنڌين جھڙا ساداسرائڪي ماڻھو ان وقت اچرج ۾ پئجي ويا جڏھن ڊاڪٽر جاويد کين تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو: “مياڻيءَ جي ميدان ۾ انگريزن سان ويڙھه وقت سنڌين جي سپھه سالار ھوش محمد شيديءَ به سرائڪيءَ ۾ نعرو ھنيو ھو ته: “مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.” اسان ٻنھي کي اُميد ھئي ته ھاڻ ھنن يارن کي غلط پرچار جي اثر ۽ لاعلميءَ جي گھاٽي اُونداھي جھنگ مان نڪرڻ جي واٽ ملي وئي ھوندي پر تڏھن به ڊاڪٽر جاويد ضروري سمجھيو ته کين سرائڪي لفظ جي بڻ بنياد کان آگاھه ڪري. “سنڌ جي ڏاکڻي علائقي کي لاڙ، وچ واري حصي کي وچولو ۽ اُتر واري حصي کي سرو سڏيو وڃي ٿو ۽ سرائڪي لفظ به ان سري مان جُڙيو آھي جنھن جو مطلب آھي سري وارو يا سري ۾ رھندڙ ۽ ايئن سندن ٻولي به سرائڪي سڏجي ٿي.” 

ممڪن آھي ته ھنن يارن کي سرائڪي لفظ جي بڻ بنياد واري ان نقطي سان اتفاق نه ھجي جو سرائڪي ٻوليءَ تي تحقيق ڪندڙ به اڄ تائين ڪنھن ھڪ ڳالھه تي متفق نه ٿيا آھن. مثال طور آئرش اسڪالر جارج ابراھام گريسن (1851 کان 1941 )، جنھن ھندستان جي ٻولين جي سروي ڪري 364 ٻولين ۽ لھجن (ڊائليڪٽ) تي رپورٽ ٺاھي، به اھا ئي ڳالھه ڪري ٿو جيڪا جاويد چانڊئي ڪئي پريونيورسٽي آف لنڊن جو ايشيائي ٻولين جو رٽائرڊ پروفيسر ڪرسٽوفر شيڪل ان ڳالھه کي رد ڪري ٿو. سندس خيال موجب سرائڪي لفظ اصل ۾ “سراءِ” لفظ مان نڪتل آھي. ڪي محقق وري سرائڪي لفظ کي سنسڪرت جي لفظ ساوِيرا سان ڳنڍين ٿاجيڪو قديم ھندستان جي ھڪ بادشاھت جو نالو ھو. ڪجھه محقق سرائڪي ٻوليءَ کي اردو ٻوليءَ جي ابتدائي شڪل سڏين ٿا جيڪا ان وقت جُڙي جڏھن ملتان تي پھريون ڀيرو ڪنھن مسلمان بادشاھه راڄ ڪيو. يعني ته اردو ٻولي سرائڪي ٻوليءَ مان جنم ورتو. ھو ان کي ھندڪو ٻوليءَ سان به ڳنڍين ٿا جو سرائڪي ۽ ھندڪو ٻولين ۾ ڪيترائي لفظ ھڪ جھڙا آھن. پنجاب وارا سرائڪيءَ کي پنجابي ٻوليءَ جو لھجو (ڊائليڪٽ) ۽ سنڌ وارا ان کي سنڌي ٻوليءَ جو لھجو سمجھن ٿا. ڪي سک محقق ۽ ھڪ رُوسي اسڪالر به ان ڳالھه سان سھمت آھن ته سرائڪي ٻولي پنجابيءَ جو ڊائليڪٽ آھي. سنڌ ۽ پنجاب ۾ سرائڪي لفظ جو اُچار به مختلف آھي. اسان وٽ ان کي زير ڏئي سِرائڪي چيو وڃي ٿو ۽ پنجاب ۾ زبر ڏئي سَرائڪي اُچاريو وڃي ٿو. پنجاب ۾ اھو اُچار 1962ع ڌاري ان وقت مروج ڪيو ويو جڏھن حسن الحيدريءَ ملتان ۾ سرائڪي اڪيڊمي ٺاھي ۽ سَرائڪي اُچار کي قبول ڪيو ويو. بھرحال ڊاڪٽر جاويد چانڊئي جي دليلن ۾ وڌيڪ وزن آھي جيڪو سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جي الف ب ۾ ست منفرد ۽ ھڪ جھڙن آوازن وارن حرفن ڃ، ڻ، ڳ، ڏ، ڱ، ٻ ۽ ڄ جي آڌار چوي ٿو ته ٻئي ٻوليون ھڪ آھن ۽ اھو سراسر غلط آھي ته سرائڪي ٻولي پنجابيءَ جو ڊائليڪٽ آھي ڇو ته ان ۾ رڳو ھڪ حرف ڻ مشترڪ آھي. ھو ٻڌائي ٿو ته سرائڪي ٻوليءَ جي الف ب ۾ به سنڌيءَ جيترا حرف آھن ۽ فرق رڳو اھو آھي ته سرائڪي نستعليق رسم الخط ۾ لکي وڃي ٿي. اڳي ھيءَ ٻولي گُرمُکي ۽ ديوناگري ۾ به لکي ويندي ھئي جيڪي ھندو ۽ سکن ۾ مروج ھيون بلڪل ايئن جيئن سنڌي ٻولي. 

سنڌ جي ماھرِ لسانيات ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو ته چوڻ آھي ته صدين کان سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير جا رھاڪو ھڪٻئي سان گھڻو لھه وچڙ ۾ آيا آھن ۽ خود ڪشمير وارو پاسو، پنجاب سميت، ڪيترو وقت سنڌ جي حڪومت ھيٺ رھيو آھي، تنھنڪري سنڌيءَ جو انھن ٻولين سان جھجھو ناتو ٿيو آھي. “اڄ به ڏسو ته سنڌي ٻولي سنڌ جي اُتر ڏي اُٻاوڙي طرف سرائڪي يا اُڀي جي ٻولي جو نمونو اختيار ڪندي بھاولپور ڏي به اُھو ئي بيکه ڌاريندي ملتاني ٻوليءَ سان وڃي گڏي آھي؛ ۽ ملتاني ٻولي لاھور ۽ امرتسر طرف اڻلکي طرح ڦرندي وڃي پنجابيءَ سان گڏي آھي، جنھنڪري ايئن چئي سگھجي ٿو ته سرائڪي ٻولي ڄڻ ته وچون ڏاڪو يا وچ واري ڪڙي آھي جا سنڌيءَ کي پنجابيءَ سان گڏي ٿي ۽ پنجابي ٻولي اتر ڏي ڪشمير سان وڃي ملي آھي ۽ اھڙيءَ ريت سنڌ کان وٺي ڪشمير تائين ٻولين جو پاڻ ۾ ڪڙو ڪڙي سان ڳنڍيو پيو آھي”، ڀيرومل پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو. ھو ته اھو به چوي ٿو ته سنڌيءَ م ڄ، ڃ، ٻ، ڏ، ڻ، ڳ ۽ ڱ سرائڪيءَ مان ورتا ويا جو اھي منفرد حرف سنسڪرت ۾ به ڪونھن. مان پاڻ به انھيءَ خيال جو رھيو آھيان ته سنڌو ماٿريءَ جون ٻوليون تاريخي لاڳاپن آڌار پاڻ ۾ ڳنڍيون پيون آھن ۽ مشترڪ حرف ۽ لفظ ان جو وڏو ثبوت آھن. مثال طور پنجابي، سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ “سُٿڻ” لفظ مشترڪ آھي جڏھن ته ھندڪو ۾ “ڳڀو” لفظ بلڪل ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ وارو لفظ آھي. اھڙا کوڙ ٻيا لفظ عام آھن. 

ڊاڪٽر جاويد چانڊئي سان ڪچھريءَ ۾ معلوم ٿيو ته ڏکڻ پنجاب جي ڪاليجن ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر توڙي بي اي ۾ سرائڪي پڙھائي وڃي ٿي جڏھن ته نائين ۽ ڏھين درجي ۾ سرائڪي سبجيڪٽ پڙھائڻ جي منظوري مليل آھي پر درسي ڪتاب مھيا نه ھجڻ سبب اڃان ان تي عمل نه ٿي سگھيو آھي. ھوڏانھن آزاد ڪشمير جي شھر ڀِمڀر ۾ الخير يونيورسٽيءَ به سرائڪيءَ ۾ ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي شروع ڪرائي ڇڏي آھي. 2006 ۾ بھاءُالدين ذڪريا يونيورسٽي ملتان ۾ به سرائڪي ڊپارٽمينٽ کوليو ويو ھو ۽ علاما اقبال اوپن يونيورسٽيءَ 1998 ۾ ٻولين واري شعبي ۾ سرائڪي پڙھائڻ شروع ڪئي جڏھن ته پ پ پ جي گذريل دور ۾تڏھوڪي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ ملتان ۾ سرائڪي ايريا اسٽڊي سينٽر جو افتتاح ڪيو ھو. سرائڪي ٻولي بھرحال پرائمري تعليم جو ذريعو نه بڻجي سگھي آھي. 

ان ڏينھن ڊاڪٽر جاويد چانڊئي جي ٽيبل تي ھڪ سرائڪي اخبار “جھوڪ” جي ڪاپي به پئي ھئي جيڪا ڪنھن زماني ۾ ڪراچيءَ جي ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ ڪم ڪندڙ ڪاتب ياسين فخري (ڌاريجي) نوڪري ڇڏي پنھنجي ڳوٺ وڃي الھه تلھه وڪڻي شروع ڪئي پر ڪا گھڻي جاءِ ٺاھي نه سگھي. سندس وفات کانپوءِ سندس ڀائر يا پٽ اھا اخبار اڃا به ڪڍندا رھن ٿا. مون کي ان ڳالھه تي به حيرت ھئي ته يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ سرائڪي پڙھائجڻ، ڪمپيوٽر تي به اھا ٻولي اچڻ ۽ ڏيڍ ٻه ڪروڙ سرائڪي عوام ھجڻ جي باوجود ان ٻوليءَ ۾ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ترقي ڇو نه ڪري سگھيا آھن. اھا به وڏي ڳالھه آھي ته سرائڪي ٻوليءَ ۾ ھڪ اڌ ٽي وي چينل ھلي رھيو آھي. سرائڪي ٻولي ڳالھائيندڙ نه رڳو سنڌ ۽ پنجاب ۾ پر بلوچستان، خيبر پختونخواھه، افغانستان ۽ انڊيا ۾ به آھن. ڏکڻ پنجاب سڄو سرائڪي ڳالھائيندڙ آھي (پنجابي آبادڪارن کي ڇڏي)، خيبر پختونخواھه جي ديرا اسماعيل خان، ٽانڪ ۽ ڀر وارن علائقن جا ماڻھو به سرائڪي آھن، جيڪي پختونن سان ڳنڍجڻ لاءِ تيار ڪونھن. افغانستان جي قنڌار واري علائقي ۾ به سرائڪي آھن ته انڊيا ۾ به ستر اسي ھزار سرائڪي ويٺا آھن. چين سميت سڄي دنيا جي ملڪن ۾ سرائڪي ماڻھو ڪنھن نه ڪرت سان لڳل آھن. 1998 جي آدمشماريءَ موجب پاڪستان جي ڪل آباديءَ مان ڏھه سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻھن جي مادري ٻولي سرائڪي آھي. نه رُڳو سنڌ جي اُتر وارن ڏھه ضلعن ۾ وڏو انگ سرائڪي ڳالھائيندڙن جو آھي پر ٻين ضلعن ۾ به انھن جي موجودگي آھي. گذريل ڪيترن ڏھاڪن کان پنجاب جي سرائڪي پٽي ۾ غربت سبب روزگار سانگي وڏي تعداد ۾ سرائڪي ماڻھو ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿيا آھن جن ھتان جي تعميراتي توڙي ٻين شعبن ۾ پنھنجي جاءِ ٺاھي ورتي آھي. 

مون ھنن نوجوانن کي چيو ھو ته سنڌين سدائين سرائڪين جي حقن لاءِ اُٿندڙ ھر آواز جي حمايت ڪئي آھي ۽ جيڪڏھن سنڌي ۽ سرائڪي گڏجي پون ته وڏي قوت بڻجي اُڀري سگھن ٿا. اِھي ٻئي قومون غلاميءَ جون زنجيرون ٽوڙي وڏو انقلاب آڻي سگھن ٿيون. مون ھنن سان وعدو ڪيو ھو ته سنڌ ۾ سرائڪي ٻوليءَ کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ آواز اُٿاريندس ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي تجويز ڏيندس ته نه رڳو سرائڪي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪو ادارو سنڌ ۾ ٺاھڻ جو مطالبو ڪن پر پاڻ به سرائڪي شاعري ۽ ادب لاءِ حصو مخصوص ڪن. اخبارون ۽ رسالا گھٽ ۾ گھٽ سرائڪي شاعري ڇاپڻ سان ان جي شروعات ڪري سگھن ٿا ته جيئن ٻئي ٻوليون ڳالھائيندڙ عوام ھڪٻئي جي وجھو اچي سگھن. (خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل) 

nasiraijazpk@yahoo.com 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو