Home / افيئر / سنڌ جي قسمت صدارتي محل به نه بدلائي سگهيو!
above article banner

سنڌ جي قسمت صدارتي محل به نه بدلائي سگهيو!

مزن مصراڻي

سنڌي صحافت جا اختيار ۽ وسيلا جن فردن ۽خاندانن جي هٿ وس آهن تن جو ايمان ڏوڪڙ ڪمائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي! انهن صاحبن وٽ نه سنڌ جي جياپي ۽ خوشحالي جو خواب آهي  ۽ نه ئي سنڌي عوام جي اهنجن ۽ تڪليفن جو درد ۽ احساس. ڪيئن نه حڪومتي چند اشتهارن ۽ نوازشن خاطر سنڌي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي، ويساهه گهاتي ڪندڙ سخص کي غير ضروري اسپيس ڏئي وري سنڌ جو سورمو ۽ سڄڻ پيش ڪري، سنڌ جي عوام کص  گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

8 سيپٽمبر تي سنڌ جي تبديلي پسند اخبار طرفان صدر جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي ۽ وڃڻ جي ڏک ۾ خاص اشاعت شايع ڪري اهو چوڻ ته “ ملڪ جو ٽيون سنڌي صدر سڀاڻي کان صدر نه رهندو” ڇا سنڌ جي ماڻهن کان پ پ جي گذريل حڪومت جا ڏنڀ ۽ ڏوهه وسري سگهن ٿا؟ ڇا زرداري حڪومت سنڌ کي پنهنجي پيرن تي بيهاري کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائي ڇڏيون آهن؟ ڇا حڪومت پنجن سالن جي دور ۾ سنڌ جي قومي مفادن ۽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺي سنڌ کي مضبوط معيشت ۽ روزگار جا وسيلا مهيا ڪيا آهن؟ مٿين مڙني سوالن جو جواب نفيءَ ۾ آهي! پر مورڳو مذڪوره حڪومت جي دور ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي اجهن کان محروم ٿي روڊن ۽ رستن تي پنڻ جهڙا ٿي ويا آهن. انگن اکرن مطابق پ پ حڪومت کان پهرين سنڌ جو هرڇهون ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ جي زندگي گذاريندو هو، پر هاڻي سنڌ جو هر ٽيون ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ جي زندگي گذاري رهيو آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته پوءِ به سنڌ جي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي سنڌين کي اهو احساس ڏرياريو وڃي ٿو ته هو هاڻي هن ملڪ جي اقتدار کان محروم بڻجي ويا آهن. مان وڏي اعتماد ۽ انگن اکرن سان ٻڌائي سگهان ٿو ته مشرف جي نون سالن جي حڪومت کان به وڌيڪ زرداري صاحب جي قيادت ۾ پ پ حڪومت جي پنجن سالن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفادن کي هاڃو رسايو ويو (جيتوڻيڪ مشرف لياقت علي خان جو ٻيو جنم هيو) جنهن جو مشاهدو سنڌين جي حالت مان چڱيءَ طرح سان لڳائي سگهجي ٿو.

سنڌ ۾ لاقانونيت، خراب حڪمراني، ڪرپشن، انفراسٽرڪچر جي تباهي، ميرٽ جي لتاڙ ڪري سنڌ کي پنج سو سال پوئتي ڌڪي ۽ سنڌ جي وحدت تي وار ڪري سنڌ کي ٻوڏن ۾ رهزن  ڀوتارن جي حوالي ڪيو ويو. ڇا سنڌ جو هڪ به شهر (ڪراچي کي ڇڏي) ان قابل آهي جو اسان چئي سگهون ته اهو 21 هين صدي جي ترقي ۽ سهولتن پٽاندڙ يورپ، عرب امارات، ملائيشيا يا گهٽ ۾ گهٽ پنجاب جي ڪنهن شهر جهڙو هجي. پ پ حڪومت جنهن طرح سان سنڌ جي ماڻهن جي وسيلن، بجيٽ ۽ اقتداري اختيارن تي جيڪي ڌاڙا هنيا آهن، تنهن جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي! حڪومت جي هڪ مخصوص گروهه جنهن طريقي سان سنڌ جي زمينن ۽ قيمتي پلاٽن کي نيلام ڪري سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ ويڳاڻو ڪيو آهي ان جو مشاهدو ڪراچي جي اندر سنڌين جي حالت ۽ لاوارثي مان چڱي طرح سان لڳائي سگهجي ٿو. حد ته ڏسو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود ڪراچي شهر مان 35 لک غير قانوني آبادي کي ڪڍڻ لاءِ حڪومت ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن، جڏهن ته سنڌي پنهنجي وطن ۾ تيزي سان ٿورائي ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته پوءِ به ڪجهه ناليوارن اديبن، شاعرن ۽ سينيئر صحافين پاران حقيقتون لڪائي اهو چيو ته “سول حڪومت ۽ سول صدر پنهنجا پنج سال پورا ڪيا ۽ جمهوري طريقي سان اقتدار منتقل ٿيو آهي” منهنجي خيال ۾ انهن سينيئر دانشورن کي حقيقتون بيان ڪرڻ گهرجن ها ته پ پ جو گذريل دور سنڌ لاءِ ڪارو دور هيو ۽ ڪيئن سنڌ جا  اديب، شاعر ۽ ماڻهو پنهنجي ڌرتي ماءَ جي وحدت بچائڻ لاءِ روڊن ۽ رستن تي احتجاج ڪندا رهيا. پر سنڌ  جي قسمت جا فيصلا بابر اعواڻ ۽ رحمان ملڪ جهڙا ڌريا ئي ڌاريان ڪندا رهيا.

پ پ حڪومت جا ڪارناما ته ڏسو ته بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ۾ جيڪو شخص ڏيڍ سال وزارت اعليٰ جي منصب تي نه رهي سگهيو. اهو 88 سالن جو شخص ٻيو دفعو وزيراعليٰ طور سنڌ ۽ سنڌي عوام جي قسمت ۾ هنيو ويو آهي (ياحسين ڪربلا) ته جيئن ٻيا پنج سال به سنڌ جي بجيٽ ۽ وسيلن تي ڌاڙا هڻي عملن ڪنهن ٻئي کي ڊي فيڪٽو سنڌ جو وزيراعليٰ بڻائي، سنڌ  کي وڌيڪ ننڌڻڪو ۽ نستو ڪري ان جو ست ۽ ساهه ڪڍي غيرن جي حوالي ڪجي. سنڌ جي اشاعتي ادارن ۽ ٽي وي، اخباري مالڪن کي اها وينتي آهي ته اهي گذريل ۽ موجوده حڪومت جي ڪڌن ڪمن کي وائکو ڪن ته جيئن سنڌ جو عوام ڪنهن ڏٽي ۽ فريب کان بچي سگهي. ڇو ته پيپلز پارٽي ٺپا هڻي ۽ ڪرپشن جا ڏوڪڙ خرچ ڪري جنهن انداز سان سنڌ ۾ ٻيهر حڪومت ٺاهي آهي، ۽ جهڙي طرح سان رحمان ملڪ اڃا تائين لنڊن ياترا ڪري ايم ڪيو ايم کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ميڙون منٿون ڪري رهيو آهي ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پ پ قيادت ڪنهن به وقت وري سنڌ  جي وحدت ۽ حق حاڪميت تي سوديباري ڪري سنڌين جي پيرن هيٺان زمين ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪندي ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ جا عاشق ڪرپٽ گروهه تي پنهنجي ڪرڙي اک رکن ته جيئن وري ٻيهر ڪير به سنڌ سان ويساهه گهاتي جو سوچي به نه سگهي.

گذريل پنجن سالن جي حڪمراني تي ڪيڏو نه سٺو نظم آهي:

پورا پنج سال وڪاڻا،

سنڌڙي تنهنجا جيل ۽ ٿاڻا،

دادوءَ جا دلال وڪاڻا،

ٻيٽ وڪاڻا، ٻول وڪاڻا،

ساحل جا ها سک وڪاڻا،

سنڌ سڄي جا ڏک وڪاڻا،

ڪلاچي جا ها ڪُن وڪاڻا،

پنڌ وڪاڻا، ڪنڌ وڪاڻا،

دودي جي آ سام وڪاڻي

هر هڪ سڏڪندڙ شام وڪاڻي،

ڪانئر جا ڏس ٽهڪ ٻُرن ٿا،

۽ سنڌ راڻي جا لڙڪ وڪاڻا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو