Home / افيئر / سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سرائيڪي وسيب جو ڳانڍاپو
above article banner

سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ سرائيڪي وسيب جو ڳانڍاپو

نصير ميمڻ

سرائيڪي وسيب ۾ سفر ڪندي يا اتي جي سياسي ورڪرن، ليکڪن ۽ شاعرن سان ملندي مون کي يونيورسٽي جي دور واري سنڌ جي قومي تحريڪ جي ياد ايندي آهي. جيتوڻيڪ ان دور ۾ به سنڌ جي قومي تحريڪ اڄوڪي سرائيڪي تحريڪ کان گهڻي اڳڀري هئي پر ان جا خدوخال لڳ ڀڳ ساڳيا هئا. سنڌ جي قومي تحريڪ به پنجاب جي ڪيل ڦرلٽ مان پيدا ٿيل احساس محرومي جو نتيجو هئي ۽ اسان جو مٿيون طبقو به اسٽيبلشمينٽ جو ساڳي طرح ٻانهن ٻيلي هو جيڪا صورتحال سرائڪي وسيب ۾ اسان کان شدت سان موجود آهي. البته ٻنهي علائقن جي قومپرستي ۽ قومي حقن جي جدوجهد ۾ ڪجهه چٽا فرق نظر اچن ٿا.

سنڌ جي قومي تحريڪ پٺيان هڪ مضبوط ثقافتي تحريڪ موجود هئي، جيڪا سرائيڪي وسيب ۾ ڪمزور نظر اچي ٿي. اسڪولن ۾ سرائيڪي ٻولي نه ٿي پڙهائي وڃي. سرائيڪي شاعري نصاب جو حصو ناهي. سرائيڪي ادب ۾ تمام گهڻي حساسيت ۽ مظلوميت شامل آهي پر ان ۾ مزاحمت جو عنصر نسبتن گهٽ نظر اچي ٿو. ان جي ابتڙ سنڌ ۾ ثقافتي تحريڪ نه رڳو اهو ته تمام مضبوط رهي آهي بلڪه قومي حقن جي هلچل لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪم ڏئي ٿي. جهڙي طرح سائين جي ايم سيد ۽ سندس هم خيال ساٿين توڙي ٻين سياسي اڳواڻن سنڌي ثقافت ۽ ٻولي کي قومي تحريڪ جو حصو بڻايو، اها سگهه سرائيڪي قومي تحريڪ ۾ نظر نه ٿي اچي. سرائيڪي ٻولي ۾ هلندڙ چينلز ۾ سرائيڪي قومي تحريڪ کي جوڳي اهميت نه ٿي ملي. ساڳي طرح سرائيڪي ۾ رڳو هڪ اخبار “جهوڪ” نڪري ٿي. جيڪا هڪ درويش صفت ڀڳت ظهور ڌاريجو الهه تلهه وڪڻي هلائي رهيو آهي. پر ان جي کپت نه هجڻ جي برابر آهي. سرائيڪي ۾ چڱا مورچا ڪتاب ڇپجن ٿا پر انهن جي کپت به محدود آهي. سرڪار طرفان انهن اڳڀراين جي ڪا به سرپرستي نه ٿي ٿئي. مجموعي طور ڪمزور ثقافتي تحريڪ. هڪ مضبوط قومي تحريڪ جي اوسر ۾ وڏي رنڊڪ آهي.

سنڌ جي قومي تحريڪ جي هڪ ٻي اهم سگهه شاگردن تحريڪ هئي. يونيورسٽي جا شاگردن سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. شاگرد تحريڪ جي مجموعي رويي تي بحث ڪري سگهجي ٿو. پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ جي شاگرد قومي جدوجهد، توڻي حقن جي هلچل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان جي ابتڙ سرائيڪي قومي حقن جي تحريڪ ۾ اهڙو دستو موجود نه آهي. نوجوانن جي ڀرپور شرڪت ۽ هن مرحلي تي اڳواڻي کانسواءِ سرائيڪي قومي تحريڪ اڌوري نظر اچي ٿي.

سرائيڪي تحريڪ کي گهڻي اڳڀرائي پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت دورن سرائيڪي صوبي واري ڪوشش کانپوءِ ملي. اڪثر سرائڪي قومپرست محسوس ڪن ٿا ته کين الڳ صوبو ملي ويو ته سندن ڪيئي مسئلا حل ٿي ويندا. ساڳي وقت ڪجهه سرائيڪي قومپرست اهو به محسوس ڪن ٿا ته پيپلز پارٽي سرائيڪي ڪارڊ استعمال ڪري ٿي. ساڳي طرح کين اهو به احساس آهي ته ايم ڪيو ايم پاران سرائيڪي صوبي جي حمايت به هڪ ڊارمو آهي. جنهن وسيلي اها پنهنجي خواهشن جي پورائي جو بنياد رکڻ گهري ٿي. سرائيڪي اهو به سمجهن ٿا ته ايم ڪيو ايم پاران حمايت ڪرڻ سبب سنڌي ان مطالبي جي حمايت کان پٺتي هٽي ويا آهن، جنهن جو کين نقصان پهتو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سرائيڪي قومپرست ايم ڪيم ايم مان خوش ناهن. پيپلز پارٽي پاران سرائيڪي صوبي لاءِ ڪيل اڳڀرائپ سبب ان کي سرائيڪين وٽ ڪافي مڃتا ملي آهي ۽ يوسف رضا گيلاني قومپرست حلقن ۾ ڪافي مقبول آهي. سرائيڪي سمجهن ٿا ته يوسف رضا گيلاني ان نعري سبب وزيراعظم جي عهدي جي قرباني ڏني آهي ۽ ڪن جو خيال آهي ته سندس پٽ به کيس سبق سيکارڻ لاءِ اغوا ڪيو ويو آهي.

ساڳي وقت ڪجهه سرائيڪي قومپرست محسوس ڪن ٿا ته صوبي ٺهڻ سان سندن مسئلا حل نه ٿيندا. ان ڏس ۾ هو اهو دليل به ڏين ٿا صوبو ته سنڌين ۽ بلوچن وٽ به اهو پر کين ڪهڙا حق مليا آهن. هو اهو محسوس ڪن ٿا ته سرائيڪي قومپرستي درحقيقت قومي سوال سان سلهاڙجڻ گهرجي، ۽ ان کي انتظامي مسئلو نه سمجهيو وڃي.

سرائيڪين جو آسودو طبقو گهڻو ڪري سرائيڪي ثقافت ۽ قومي تحريڪ کان پاسيرو آهي، سرائيڪي قومپرست سمجهن ٿا ته سندن ڀيٽ ۾ سنڌ جو مٿيون طبقو اهو ڀلي ڪيترو به ڪرپٽ ۽ موقعي پرست هجي پر اهو سنڌي ثقافت کان لاتعلق ناهي بلڪه ان جي اوسر ۾ سرگرم رهي ٿو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سرائيڪي سرمائيدار جهانگير ترين هڪ سرائيڪي چينل کوليو پر ان جي به ملتان آفيس بند ٿي چڪي آهي. سرائيڪي جي اڪيلي اخبار جهوڪ جو ڪو به سرائيڪي سرمائيدار يا ڪامورو سرپرستي يا واهر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ملتان مان نڪرندڙ اردو اخبارن جا ايڊيشن به سرائيڪي حقن جي تحريڪ جي کليل حمايت نه ٿا ڪن ڇو ته انهن جا مالڪ غير مقامي آهن.

شوڪت مغل جهڙا وطن پرست ڏينهن رات سرائيڪي ثقافتي ورثي کي سانڍڻ لاءِ جاکوڙين ٿا پر انهن کي جيڪو مان ۽ مڃتا ملڻ گهرجي اها نه ٿي نظر اچي. هڪ ٻيو سرائيڪي وطن پرست عاشق بوزدار آهي، جيڪو هر سال پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ مصري والا (ضلعو راڄڻپور) ۾ سرائيڪي ثقافتي ميلو ڪرائي ٿو. هن سال مان ان ميلي ۾ شريڪ ٿيس، جيڪو 28 هون ميلو هيو. چيو وڃي ٿو ته عاشق بوزدار

چڱو موچارو زميندار هئو ۽ وطن پرستي جي ان جدوجهد ۾ پنهنجا سمورا اثاثا وڪڻي چڪو آهي. هن ميلي ۾ وسيب جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين سرائيڪي ڪٺا ٿين ٿا ۽ ان مقوعي تي سرائيڪي ثقافت ۽ قومعي تحريڪ کي اڀاريو وڃي ٿو.

هن وقت سرائيڪي وسيب کي ٻه اهم خطرا آهن هڪ ته سينٽرل پنجاب مان وڏي انگ ۾ آبادي انهن علائقن ۾ منتقل ٿي چڪي آهي، جنهن سان سندن اڪثر وڏا ۽ وچولا شهر پنجابي سيِڙپڪارن جي ڪنٽرول ۾ نظر اچن ٿا. ساڳي وقت روهي، ٺل ۽ چولستان جي علائقن ۾ هزارين ايڪڙ زمينون پنجابي آبادگارن کي ڪوڙين عيوض ملي چڪي آهي. روينيو جو مرڪز لاهور ۾ آهي، جتي اهي فيصلا ٿين ٿا، زمينون ۽ مارڪيٽ سرائيڪين جي قبضي مان ساڳي طرح نڪري رهيا آهن، جيئن سنڌ ۾ ڪيو ويو هو. خوشقسمتي سان سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ انهن کي وائکو ڪندي رهي ۽ سنڌ جي وچولي طبقي جي اوسر شهرن ۾ مارڪيٽ اندر ڪجهه پير سنڀالي ورتا آهن. پر سرائڪين جي صورتحال ان ڏس ۾ گهڻي ڪمزور آهي. ان پسمنظر ۾ کين هاڻي اهو به احساس آهي ته ماضي ۾ سندن جن اڳواڻن ٿل ڪينال ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ٿي ڪئي انهن نه رڳو سرائڪي ڌرتي کي ڪالونائيز ڪرڻ وارن قدمن جي سادگي ۾ حمايت ٿي ڪئي بلڪه ايئن ڪري هنن سنڌ جي قومي تحريڪ سان پنهنجا رشتا به ڪمزو ڪيا، جنهن جو سرائيڪي قومپرست جدوجهد کي نقصان پهتو.

سرائيڪي ثقافت ۽ قومي تحريڪ کي هڪ ٻيو خطرو وسيب ۾ وڌندڙ مذهبي رجعت پسندي آهي. سرائيڪي بنيادي طور تي امن پسند ۽ تفرقي کان پري رهندڙ محبت ڪندڙ ماڻهو آهن، جيڪي عقيدي جي بنياد تي ورهاست جا ڪڏهن به قائل نه رهيا آهن، هن وقت خطي اندر بنياد پرستي جي مدرسن ۽ سکيا مرڪزن جو هڪ ڄار وڇايل آهي، جنهن بابت سرائيڪي قومپرستن جو خيال آهي ته پنجاب جي چالاڪ اسٽيبلشمينٽ ان ڄار کي پنهنجي علائقن ۾ وڇائڻ بدران سرائيڪي علائقن کي استعمال ڪري رهي آهي. سرائيڪي قومپرستن کي ان خطرناڪ زهريلي سازش تي سخت ڳڻتي آهي پر ڪنهن گڏيل مضبوط قومي تحريڪ نه هجڻ سبب اتي انتهاپسندي جي واقعن جي اهڙي طرح مزاحمت نه ٿي ڪئي وڃي، جيئن سنڌ ۾ ڀوري ڀيل جي واقعي تي نظر آئي.

مجموعي طور ڏسجي ته سرائيڪي وسيب اندر قومپرستي جو هڪ وڌندڙ احساس ۽ اڀارپختو ٿي رهيو آهي، ان کي هڪ وطن پرست قيادت جي ضرورت آهي، جيڪا سرائيڪي قومپرست هلچل ۾ شامل مختلف ڌرين کي سلهاڙي گڏ هلائي سگهي.

nmemon2004@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو