Home / اسپيشل افيئر / سنڌ يونيورسٽي جي بگڙيل سوسائٽي
above article banner

سنڌ يونيورسٽي جي بگڙيل سوسائٽي

پياري پاڪستان ۾ ڪرپشن جون ڳالهيون هاڻي ڪنهن کان لڪيل ناهن رهيون. ڪرپشن ڄڻ هن ملڪ جي قومي خبرون بڻجي وئي آهي. هر ڪرپٽ ماڻهو ڪرپشن ڪري وري اهو منهن جي پڪائي سان اهڙي نموني ٻڌائيندو آهي ته ڄڻ وڏي ڪا کيپ کٽي هجيس. ڪرپشن ملڪ جي وڏي ادارن ۽ ماڻهن کان هيٺ لهي عام ماڻهو تائين هڪ ناسور جيان پکڙجي وئي آهي. پوءِ چاهي اهو ادارو سرڪاري هجي يا نجي پر ڪرپشن هر جاءِ تي عام جام هلي ٿي. ادرا ڀلي نجي هجن پر انهن کي هلائن وارا ته اهي ئي پيارا پاڪستاني آهن جن جون ضرورتون به سرڪاري ملازمن وانگر اوج تي آهن. ان ڪري هن ملڪ ۾ هاڻي ڪرپشن رڳو سرڪاري ادارن جي مٿي جو سور ناهي رهي پر نجي ادارن ۾ به ڪرپشن ڪاهي پئي آهي. نام نهاد جمهوري حڪومت جي گذريل پنجن سالن ۽ هاڻوڪين ڏينهن ۾ هر ماڻهو کي هن جمهوري لالچي ۽ لوڀي بڻائي ڇڏيو آهي. ڪرپشن جا نت نوان طريقا پڻ هنن نام نهاد جمهوريت پسند ماڻهن، عوام کي سيکاريا آهن ۽ هر ماڻهو چاهي ته هڪ ڏينهن رات ۾ امير ٿي وڃي. گاڏي هڪڙي نه پر ٻه يا ٽي هجن گهر هڪ نه پر گهٽ ۾ گهٽ وڏن شهرن ۾ ته هڪ ضرور هجن گهرجي. ان ڪري اهي ڪرپٽ ماڻهو خلق خدا جي رت جي آخري ڦڙي کي به چوسي کوکلو ڪرڻ گهرن ٿا.

اهڙي ڪرپشن جي ڪهاڻي، سنڌ يونيورسٽي امپلائيز هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو ۾ هن وقت چوٽ چڙهيل آهي.80 واري ڏهاڪي ۾ ان وقت جي مادر علمي جي انتظاميه اهو عقل وارو ڪم ڪيو جو مادر علمي ۾ ملازمت ڪندڙن کي اجهو ڏيڻ خاطر ان وقت سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جو بنياد رکيو جنهن ۾ مادر علمي سان لڳ ٽي سئو ٻه سو ايڪڙن تي فيز ون ۽ فيز ٽو ٺاهي ڪو 1300 کن پلاٽ ملازمن کي گريڊ جي حساب سان ڪڻي ذريعي ڏنا. وڏي ۾ وڏي پلاٽ جي قيمت ان وقت 3500 هزار هئي جيڪو پلاٽ هن وقت گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪروڙ کان وٺي ڏيڍ ڪروڙ جي قيميت ۾ وڪامجي ٿو. ان وقت جي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه اهو عقلمندي وارو فيصلو ڪيو نه ته اها زمين اڄ نام نهاد قبضا خورن، نالي ۾ نهال لينڊ مافيا اسڪيمن ۽ مذهب جي آڙ ۾ مدرسن جي حوالي ٿي چڪي هجي ها. ۽ تصور ڪجي ته هڪ پاسي مادر علمي ۽ ٻي پاسي اگر ڪو مدرسو هجي ها ۽ سيڪيورٽي جي نالي ۾ ڪنهن اداري کي ڏئي ڇڏجي ها ته اڄ سنڌ يونيورسٽي يا مهراڻ يونيورسٽي جي حالت ڇا هجي ها؟ ۽ مجبورن مادر علمي کي يا ته بند ڪجي ها يا وري اهڙي جاءِ تي شفٽ ڪجي ها جتي ان جي Value ٽڪي واري هجي ها ۽ ان عمل سان متحده جو ديرينه نه رڳو خواب پورو ٿئي ها پر هڪ پر زور مطالبي سان گڏ حيدرآباد ۾ هڪ ٻي يونيورستي قائم ٿئي ها جنهن سان پبلڪ اسڪول ۽ اولڊ ڪئمپس هڪ ڌڪ سان هليا وڃن ها ۽ سنڌ جي جڏي سڏي تعليم به هٿن مان هلي وڃي ها.

پر شابس هجي ان وقت جي سنڌ يونيورسٽي جي انهن ملازن کي جن سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي تصور آڻي ان کي عملي شڪل ۾ آندو. انهن ۾ سرفهرست سائين مرحوم ظفر حسين شاهه، مرحوم خليل مغل ۽ حال حيات الله وسايو راڄڙ، ڊاڪٽر احد ابڙو، غلام سرور ڪنڌر ۽ پروفيسر سعيد وڳڻ جا نالا اڳيان اڳيان آهن. انهن نه رڳو وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪيو پر ان اهم رٿا تي عمل به ڪري ڏيکايو پوءِ وڏو ڪم ان حوالي سان پروفيسر حاجي خان سومري ڪيو جنهن نه رڳو روڊ رستا، پاڻي، گٽر لائين جو ڪم نهايت ئي ايمانداري سان ڪري هڪ لائق سنڌي هجڻ جو ثبوت ڏنو.

پر اڄ ان ئي ساڳئي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي فلاح و بهبود لاءِ رکيل پلاٽ جيڪي ڪو ٻارنهن ايڪڙن تي مشمل آهن ۽ سڄي سوسائٽي جي ٻاهران چوديواري جي نالي ۾ ڪو ٻه ٻه سئو گز جا ڪي هڪ سو پلاٽ ٺاهڻ ۽ ڦٻائن لاءِ هڪ ايڪسائيز کاتي جي معمولي ڪلارڪ کي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جو غير قانوني ايڊمنسٽريٽر بڻائي هڪ پر امن ماحول ۽ سنڌي وسندي کي اجاڙڻ ۾ ”بااثر” ڌرين پاران وسان ڪين گهٽايو پيو وڃي. هڪ اندازي موجب ٻارنهن ايڪڙ ۽ غير قانوني طور ٻه ٻه سرگز جي پلاٽ ماليت ڪو ڏهه ارب ٺهي ٿي. انهن پلاٽن کي غير قانوني طور ڦٻائڻ لاءِ جون 2013ع کان وٺي هن مهل تائين ڪي ٽي ايڊمنسٽريٽر غير قانوني طور سوسائٽي تي مڙهيا ويا آهن. جن مان ٻن ايڊمسنٽريٽرن هڪ ٻئي مٿان هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪيس پڻ ڪيا آهن ۽ موجوده ايڊمنسٽريٽر ايڪسائيز کاتي جو معمولي ڪلارڪ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊ تي آهي.

حڪومت سنڌ جو ڪوآپريشن کاتو ان سڄي ڪرپشن ۾ پردي پويان برابر جو ملوث آهي جو هڪ ايڊمنسٽريٽر کي مقرر ڪري وري ان کي هٽايو ٿو وڃي ۽ ان خلاف هڪ وڏي چارچ شيٽ ٺاهي هر نئين ايندڙ ايڊمنسٽريٽر کي هٿ ۾ ڏئي ٿا ڇڏين. ايڊمنسٽريٽر جو عهدو ڪو ويهن لکين کان شروع ٿي پنجاهه لکن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي…!!

سوسائٽي جا قيمتي پلاٽ ڄامشوري جي “بااثر” جي اک ۾ اٽڪيل آهن. 2013ع جي آخر ۾ انهن قميتي پلاٽن مان 1700 سو گز پلاٽ ويهه مختلف ماڻهن کي صفا معمولي اگهه تي وڪرو ڪيا ويا آهن. رات جي پيٽ ۾ انهن تي غير قانوني طور چوديواري ڏياري قميتي پلاٽن کي قبضي هيٺ آندو ويو. نيٺ اڳتي هلي ڄامشوري جي ڊپٽي ڪمشنر عوامي دٻاءُ هيٺ غير قانوني ديوارون ڊاهي پٽ ڪيون. پر لڳ ڀڳ ٻه سو گز جي پلاٽ تي هڪ مذهبي ڌر غير قانوني قبضو ڪري اتي مسجد جي نالي ۾ اڄ به قابض آهي.

مادر عملي جي تقدس ته ان وقت به مٽي ۾ ملي ويو هيو جڏهن ڄامشوري جي “بااثر” جي ماڻهن سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي فيز ٿري جي پيڙهه جي پٿر کي لتون هڻي ڪيرايو هو ۽ ڪيترائي ڏينهن غريب ملازمن جي زمين تي قبضو جاري رکيو. نيٺ مادر علمي جي غريب ملازمن جي دانهن ۽ ڪوڪن کان پوءِ اهو “بااثر” پوئتي هٽيو.

ڪوآپريٽو سوسائٽيز جي کاتي جي هڪ آفيسر تاريخ 14 فيبروري 2014ع تي هڪ شوڪاز نوٽيس سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي هاڻوڪي ايڊمسنٽريٽر کي لکيو ويو جنهن ۾ الزام لڳايا ويا آهن ته تون معنيٰ ايڊمنسٽريٽر، سوسائٽي جا 28 پلاٽ غير قانوني طور تي نيلام ڪيا آهن جن جي ماليت ان خط ۾ 30 ڪروڙ ڄاڻائي وئي آهي ۽ اهي 30 ڪروڙ رپيا سوسائٽي جي ڪنهن به بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع نه ڪرايا ويا آهن، مطلب ته غير قانوني ايڊمسنٽريٽر جي ذاتي اڪائونٽ ۾ ويا. پيرا نمبر ٻه ۾ لکيو ويو آهي ته سوسائٽي جي غير قانوني ايڊمسنٽريٽر بجلي جون تارون پندرنهن لک روپين ۾ وڪرو ڪيون جن جو به ڪو به حساب ڪٿي نه ٿو ملي ۽ ٽي پيرا ۾ چيو ويو آهي ته سوسائٽي جو ٽريڪٽر ماهوار ساڍا ٽي لک رپيا آمدني ڏئي ٿو جنهن جو جو به ڪٿي ڪو حساب نه ٿو ملي ۽ سوسائٽي جا اڪائونٽ هن وقت خالي پيا آهن.

جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو هڪ انڪوائري ڪئي بحوالو تاريخ 15 اپريل 2014ع خط نمبر 1335/14. انڪوائري ۾ اها سفارش ڪئي وئي آهي ته غير قانوني ايڊ منسٽريٽر کي هڪ دم هٽايو وڃي. غير قانوني وڪرو ڪيل پلاٽ رد ڪيا وڃن نئون لي آئوٽ پلان پڻ رد ڪيو وڃي ۽ ايڊمنسٽريٽر جي خلاف ڪيس نه رڳو اڳتي ڪرپشن کاتي پر نيب کي موڪليا وڃن ۽ هڙپ ڪيل رقم واپس ڪرائي وڃي. جڏهن ته سنڌ يونيورستي سوسائٽي واري تڪ پي ايس 72 تان چونڊيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبر پڻ سنڌ جي وڏي وزيرکي تاريخ 14 ڊسمبر 2013ع تي هڪ خط لکي سخت ايڪشن کڻڻ جي گذارش ڪئي ۽ چيو ويو ته ملوث ماڻهن کي سوگهو ڪري جيل حوالي ڪيو وڃي. جڏهن ته نيب پاران هڪ خط غير قانوني ايڊمسنٽريٽر ۽ ان جي وڏي ڀاءُ کي تاريخ 14اپريل 2014ع تي نيب خط نمبر 1341 ۽ نيب خط نمبر 1592 تي لکي مڪمل رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو.

سنڌسرڪار جي بهتر حڪمراني جي حالت اها آهي جو سنڌ ڪوآپريشن کاتي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر تاريخ 26 جولاءِ 2013ع تي هڪ خط وسيلي ساڳي “ڪرپٽ” ايڊمنسٽريٽر کي پلاٽ وڪرو ڪرڻ جي هدايت ٿو ڏئي ۽ وري 14 فيبروري 2014ع تي ساڳيو ڪامورو ٻي خط وسيلي ايڊمنسٽريٽر کي ڪرپٽ ٿو سڏي ۽ شوڪاز نوٽيس ذريعي کيس ڪروڙن جي غبن ۾ ملوث ٿو ڄاڻائي.

“ياد رهي ته ڄاڻايل ڪامورو سنڌ جي مرحوم قومپرست اڳواڻ عرفان مهدي ميمڻ جو وڏو ڀاءُ آهي”.

ڄامشوري ضلعي جي ٻن ڊپٽي ڪمشنر، هڪ مختيار ڪار ۽ اتان جي هڪ چونڊيل MPA جي خطن باوجود به تڪراري ايڊمنسٽريٽر اڃا تائين سيٽ تي نه رڳو ويٺو آهي پر هيڏي وڏي الزام جي باوجو د به قانون کان بالاتر آهي، آخر اهي ڪير آهن “سياسي بااثر” جن جي ڪلهن تي چڙهي ايڏي وڏي پئماني تي نه رڳو بي قائدگي ڪئي وڃي ٿي پر جيڪو ان خلاف ڳالهائي ٿو ته ان کي ڌمڪين سان نوازيو وڃي ٿو. سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن سان اهو حال آهي ته باقي سنڌ سان ڇا حشر هوندو؟

سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جو پاڻي گذريل ٽن مهينن کان بند آهي ۽ ٽينڪر مافيا جا جاوا ٿي ويا آهن، آخر ڪڏهن سنڌ بهتر حڪمراني ڏسندي ۽ ڪڏهن ايماندارآفيسر سنڌ جي حصي ۾ ايندا؟ سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي وارن جو معيار ته انهن قومپرستن تي ٺهي ٿو جن اتان وڏي اڪثريت سان پولنگس کٽيون پر اڄ اهي يونيورسٽي کي نااهل ۽ لوڀي ڪامورن جي آسري تي ڇڏي چڪا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو