Home / افيئر / سنڌ کي دورخ ڪير بڻائي رهيو آهي؟
above article banner

سنڌ کي دورخ ڪير بڻائي رهيو آهي؟

عاشق منگي
سنڌ جي تاريخ خاص طور تي 1936ع (ممبئي کان سنڌ جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ) هن وقت تائين سياسي ڦيريون گهيريون ڪتابن ۾ سڀ ڪجهه لکيل آهي پر اهو مواد ڏاڍو ٽڙيل پکڙيل آهي. هزارين صفحا پڙهڻ کانپوءِ به عام پڙهندڙ کي ڪو دڳ ڪونه ٿو ملي. شيخ عزيز جو ڪتاب “تقسيم کان تقسيم تائين” نظر مان گذريو آهي پر ڏاڍو مختصر آهي. پر هڪ راءِ آهي ته “ صحافت” جو ماڻهو بهتر انداز ۾ اڻ ڌريو ٿي “سنڌ جي سياسي اقتصادي ۽ سماجي تاريخ” لکي سگهي ٿو. هن جي آڏو ڪافي لڪل پاسا هوندا آهن، جيڪي وقت گذرڻ کانپوءِ عوام آڏو آڻي سگهي ٿو. ان لاءِ سچائي ۽ سنڌين لاءِ Devoted هئڻ تمام ضروري آهي.لکڻي مان ڀٽو، سائين جي ايم سيد، پليجو، ڄام ساقي“ مخالفت ۽ مواقفت جو تاثر نه اڀرڻ گهرجي. صرف سنڌيت کي اوليت ڏيڻ گهرجي.
هن قوم جو وڪيل ٿيڻ ئي فخر جهڙي ڳالهه آهي. آخر ڪجهه ته اسان ۾ آهي، جو سڀ سنڌي قوم پرست، اخبار وارا، ٽي وي سنڌي چئنل جي ٿنڪ ٽئنڪ وغيره، سنڌ يونيورسٽي، جي وي سي نذير مغل کي گهر ڀيڙو نه ڪري سگهيا سون.
ٻي ڏک جهڙي اها ڳالهه آهي ته سائين جي ايم سيد جي جيئي سنڌ تحريڪ، ٽڪر ٽڪر ٿي مختلف حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. ماڻهن جي ذاتي جاگير بڻجي چڪي آهي. قومپرستن کي ڪير سمجهائي ته جن بشير قريشي کي زهر ڏئي شهيد ڪيو آهي، انهن کان جزن جي تصديق ڪرائڻ لاءِ مطالبا ڪرڻ ڪا ڏاهپ ته ڪو نه آهي. جيڪڏهن بشير قريشي کي زهر به ڏنو ويو آهي ته اهي “پوليو ڊراپس” ته نه هئا. بشير قريشي جي چوڌاري ماڻهن تي سازش اچي دنگ ڪندي. پر اهو سڀ ڪجهه ڪير چوي ۽ ڇو چوي. جڏهن ته ڪو محفوظ ئي ڪون رهيو آهي ۽ هر هڪ مفاد حاصل ڪرڻ ۾ پورو آهي.
مستقبل ڏاڍو ڀيانڪ ٿو لڳي. بلوچستان جون حالتون، پاڪستاني ۽ پنجابي طالبان جون حرڪتون، سنڌ ۾ متحده واري شهري سياست ۾ اسين سنڌي ڀاڳيا ڪٿي آهيون. چور اسان جي مال تي وڙهن ٿا ۽ پ پ اقتدار ۾ هوندي، سنڌي ماڻهن جي ووٽن جي ڀرم رکڻ ۾ به ناڪام ٿي آهي.
اسان سڀ هليا وينداسون موت جي وادي ڏانهن سنڌ سان ٿيل راتاهن ۽ پنهنجي ڪمزورين تي آهستي آهستي ايندڙ نسل لاءِ سيريز ۾ ڪتاب اچڻ گهرجن.
مان دوستن کي چوندو آهيان ته: ماهر چون ٿا ته موهن جي دڙي کي تباهه ٿئي پنج هزار سال ٿيا آهن، پر ان جي تهذيب کي پروان چڙهڻ لاءِ به وقت لڳو هوندو. تنهن ڪري سنڌ جي (ترقي ڪرڻ) تهذيب کي ستن اٺن هزارن سالن کان مٿي سمجهن ۾ گهرجي. سڀ علم ليبارٽي جو علم ٿي پيا آهن. هاڻي آرڪيالاجي ۽ تاريخ تي گشا ۽ اندازا ڪو نه هلندا.
ون يونٽ جدوجهد، مظلوم صوبن جي تحريڪ هئي جنهن جي سنڌ ۾ نمايان حيثيت هئي. MRD تحريڪ خالص پاڪستاني جمهوريت لاءِ هلچل هئي. جيڪو ڪتاب يا ڊاڪيومينٽري آئي آهي، انهن ۾ ڪافي ڳالهين کي نظر انداز ڪيو آهي، مثال جن جنرل ضيا کي اجرڪ ٽوپيون پارائي ناظميون وٺي رعايتون ورتيون، انهن لاءِ طوطا چشمي ڪئي وئي آهي. پر پوءِ به سٺو سنوڻ آهي. ڪافي مواد کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو ويوآهي. هر هڪ جون پنهنجون مجبوريون به آهن. ادارن وارو ڪم جيڪي فرد ڪن ٿا انهن کي سلام آهي.
1973ع جي آئين ۾ پنجاب صوبي جي قومي اسيمبلي جي سيٽن ۾ اڪثريت آهي. بجيٽ ۾ به آئيني طور هو آبادي بنياد تي گهڻي کڻي ٿو ڇا پوءِ چئي سگهون ٿا ته موجوده آئين به ون يونٽ جو نئون نالو يا تسلسل آهي. اهو به تجزيو ڪرڻ گهرجي ته سنڌ کي گهڻو نقصان آمرن پهچايو آهي يا جمهوريتن جي نالي ۾ ڪيس ٿيا آهن.
“مڪي ۽ مديني جو ته ڪومٽ ڪونهي،
مگر سنڌ پنهنجي به ڪا گهٽ ڪونهي.
(حافظ نظاماڻي)
ياد رهي ته جڏهن يزيد جي فوجن کي جيڪي ڳالهيون حضرت امام حسين عه چيون هيون. انهن مان هڪ اها به هئي ته “ مون کي سنڌ ملڪ وڃڻ ڏيو” اڄ اها سنڌ ڀوري ڀيل ۽ اسان لاءِ دوزخ بڻجي چڪي آهي.
جنت جهڙي سنڌ کي دوزخ بڻائڻ جا ذميوار ته اسان سنڌي پاڻ آهيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو