Home / افيئر / سنڌ کي سوات بڻائڻ جي ڪوشش ۽ مجرماڻي ماٺ !
above article banner

سنڌ کي سوات بڻائڻ جي ڪوشش ۽ مجرماڻي ماٺ !

نصير ميمڻ

                        گذريل هفتي سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ پهريون ڀيرو مذهبي جنونيت جو هڪ اهڙو عوامي مظاهرو نظر آيو، جنهن جي سياسي اثرن جو سوچي جسم ڪانڊار جي وڃي ٿو. هڪ ته اهو فعل انتهائي غيرانساني، غير اسلامي ۽ مجرماڻو هو ٻيو ته ان واقعي سان رڳو هڪ فرد جو وحشياڻو قتل نه ٿيو آهي پر سيتا جي گهٽين ۾ ان ڏينهن سنڌ جي رواداري ۽ سيڪيولرازم تي ٻڌل تاريخي ورثي جو به بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. ان بيرحماڻي عمل جي اذيت پنهنجي جاءِ تي پر ان کان به وڌيڪ ڀوائتي ته سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ادارن جي مرداريت جهڙي  لاتعلقي ۽ خاموشي آهي. حڪومت جي ته ڇا ڳالهه ڪجي ان ته سنڌ جا ڀاڱا ڪندڙ قانون تاڙيون وڄائي ۽ هوڪرا ڪري پاس ڪرايا آهن، انهن کي سنڌي سماج جي تاريخي ورثي ۽ انساني قدرن جي لتاڙ جي ڪهڙي ڳڻتي ٿيندي.

                        سنڌ جون ترقي پسند سوچ واريون قومپرست پارٽيون ۽ سنڌ ۾ سياسي طور نئين روپ ۾  اُڀرندڙ پير پاڳاري جي جماعت، تصوف جي ڳاڻيٽي ۾ موجود سول سوسائٽي جا ادارا، ادبي تنظيمون، وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن جا فورم ذري گهٽ سمورا عملي طور ان واقعي تي پراسرار ۽ هانو کي چڪ هڻدڙ ماٺ جو شڪار آهن، ان خاموشي جو هڪ ئي مطلب آهي ته جنوني انتهاپسند قوتون بنا رنڊڪ ۽ مزاحمت جي اهڙن واقعن جو ورجاءُ باقي سنڌ ۾ ڪرڻ لاءِ سانباهينديون، سنڌ جي صوفياڻي روايتن کي رهنڊيندڙ ان سانحي کي رڳو هڪ مقامي واقعو سمجهي نظر انداز ڪرڻ عقل جي گهٽتائي ٿيندي. هي هڪ آزمائشي ڪيس آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت، سنڌ جون ترقي پسند سياسي ڌريون ۽ سول سوسائٽي ان واقعي خلاف ڪوسگهارو آواز ۽ مزاحمت نه ڏيکاري سگهيون ته انتهاپسند قوتن کي گرين سگنل ملي ويندو. هونئن ئي ڪجهه سالن کان سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي هوريان هوريان جاءِ والاري رهي آهي. مدرسن ۽ مذهبي ماڳن جو وڌندڙ انگ، فرقيواراڻي سوچ جو کلي اظهار ، مسجدن ۾ خطبن دوران طالبان جي حمايت ۾ دعائون گهرڻ، هندو برادري جي نياڻين کي زوري مسلمان ڪرڻ ۽ هندن جي اغوا ۽ قتل جا واقعا سنڌ ۾ عام ٿي رهيا آهن.

ان انتهاپسندي کي پرپکيڙڻ کان نه روڪيو ويو ته اها باهه جيان سنڌ جي گهٽين ۾ پکڙجي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن کي ان ۾  شڪ آهي ته ان کي 80 واري ڏهاڪي جي افغانستان ۽ 90ع واري ڏهاڪي کان اڳ واري سوات مان سبق سکڻ گهرجي. 80 جي ڏهاڪي تائين افغانستان ۾ انتهاپسند قوتن جي عالمي واهر جي باوجود سماجي لحاظ کان ترقي پسند ماحول هو ساڳي طرح 90ع جي ڏهاڪي کان اڳ سوات ۾ مذهبي انتهاپسندي جو نالو نشان به نه هئو، صوفي محمد جي نروار ٿيڻ کان اڳ تائين سوات۾ ڪنهن سوچيو به نه هو ته اهڙي لبرل سماج اندر مذهبي انتهاپسندي رت ۽ باروڊ جا تحفا کڻي ايندي. ان وقت جي انتهائي روشن خيال ۽ عوامي سطح تي مقبول عوامي نيشنل پارٽي اڄ پختونخواهه ۾ لاش ڍوئي ڍوئي ساڻي ٿي پئي آهي. سموري رياستي مشينري ۽ عوامي مزاحمت جي باوجود مذهبي انتهاپسندي پختونخواهه جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ ڪري رهي آهي ڪنهن ٿي تصور ڪيو ته خان غفار خان ۽ ولي خان جي سرزمين تي رحمان بابا ۽ اجمل خٽڪ جي مقبرن کي بمن سان ڇيهون ڇيهون ڪيو ويندو. ساڳي طرح جيڪڏهن مذهبي تنگ نظري خلاف سنڌ ۾ اڄ ڪو به سگهارو آواز نه اٿيو ته سڀاڻي سچل، ڀٽائي، شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جي روحاني پوئلڳن لاءِ زندگيون عذاب ٿي سگهن ٿيون. رياستي ادارن جي ٿڃ تي پلجندڙ اڻ سهپ، تنگ نظري، فرقيواريت ۽ جنونيت کي جيڪڏهن منڍ ۾ نه روڪيو ويو ته ان کي مچي مواڙ ٿيڻ کان پوءِ منهن ڏيڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي پوندو . سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ لاءِ ميدان هموار ڪرڻ جون ڪوششون ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت ئي شروع ٿي چڪيون هيون . تنهن هوندي به سنڌ جي روايتي قدرن سنڌي سماج کي ان آفت کان محفوظ ٿي رکيو. ورهاڱي وقت جڏهن ننڍو کنڊ مذهبي متڀيد هٿان رتورت ٿي رهيو هو، سنڌ اهو واحد علائقو هو جتي هندستان کان پناهگيرن جي آمد کان اڳ تائين هنن خلاف رتوڇاڻ جا ڪي به وڏا واقعا نه ٿيا هئا. ان کان پوءِ جڏهن ٻه قومي نظرئي هيٺ هن ملڪ کي وجود ۾ آندو ويو ته بنگالي ۽ سنڌي ٻه قومون قومي  حقن ۽ قومي سڃاڻپ جي سوال تي ايترو ته باشعور ۽ متحد هيون جو انهن پنهنجي تاريخي ثقافتي ورثي ۽ حقن کي مذهب جي نالي تي گروي رکڻ کان ٺپ انڪار ڪيو. ان ڏوهه ۾ کين هندو ۽ هندستاني ايجنٽ هجڻ جا الزام پڻ سهڻا پيا. سنڌ اندر ون يونٽ مخالف تحريڪ درحقيقت هڪ سگهاري ثقافتي تحريڪ پڻ هئي، جنهن جي سرواڻي سنڌ ۾ ترقي پسند ۽ لبرل قوتن جي هٿن ۾ هئي. سائين جي ايم سيد، سوڀوگيانچنداڻي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، مولانا غلام محمد گرامي، ابراهيم جويو ۽ ٻيا انيڪ سنڌ پرست ۽ انسانيت پرست سياستدان، ليکڪ ۽ شاعر ان تحريڪ جا سرواڻ هئا.اڳتي هلي سائين جي ايم سيد، جيئن ڏٺو مون جهڙو شاهڪار ڪتاب لکي سنڌ ۾ مذهبي تنگ نظري کي للڪاريو، ان ڪتاب خلاف فتوائون به جاري ڪيون ويون پر جي ايم سيد جهڙي ڪردار جي اوچائي ۽ مذهب بابت سندس سائنسي بنيادن واري علم کي شڪست ڏيڻ ايترو آسان نه هو، سائين جي ايم سيد“ پيغام لطيف” لکي لطيف کي به مذهبي قوتن جي چنبي ۾ يرغمال ٿيڻ کان بچائي کيس جديد وطن پرستيءَ جو اهڃاڻ بنائي سنڌ ۾ ترقي پسند سوچ کي سگهارا بنياد مهيا ڪيا. شيخ اياز جي شاعريءَ خلاف جڏهن رجعت پسند قوتن الزامن جا تير هلايا ته مولانا گرامي جهڙي عالم ” مشرقي شاعري” جا فني قدر۽ رجحان” جهڙو بي باڪ ڪتاب لکي سندس خلاف بيان بازي ڪندڙ رجعت پسند قوتن کي خاموش ڪرايو. ان دور ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن ۽ سنڌ جي قومپرست تحريڪ مذهبي رجعت پسنديءَ خلاف مهاڏو اٽڪائي سنڌ کي روشن خيال سماج طور متعارف ڪرايو. بنگال ۾ عوامي ليگ، پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ نعپ ۽ ٻين روشن خيال قومپرست تحريڪن رجعت پسندي سان مهاڏو اٽڪايو.

انهن روشن خيال ترقي پسند طاقتن کي چيڀاٽڻ وارو ڪم هونئن ته ايوب جي دور ۾ ڪيو ويو پر ان کي صحيح معنيٰ ۾ انتها تي ذوالفقار علي ڀٽي پهچايو، جنهن مذهبي ڌرين کي خوش ڪرڻ لاءِ جمعي تي هفتيوار موڪل ڪرڻ، شراب تي بندش ۽ قاديانين کي غيرمسلم قرار ڏيڻ جهڙا قدم کڻي کين ويتر سگهارو ڪيو جو  اڳتي هلي انهن ئي مذهبي انتهاپسندن سندس حڪومت کي ڪمزو ڪرائي، مارشلائي طاقتن سان ٻٽ ٿي کيس ڦاسي جي تختي تائين پهچايو. ان کان پوءِ ضياءَ شاهي جي دور ۾ سڄي ملڪ اندر مذهبي جنونيت کي رياستي سرپرستي مهيا ڪري ملڪ کي انتهاپسندي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو.  ضياءَ جي دور ۾ مذهبي انتهاپسندي کي اغفانستان واري جنگ بين الااقوامي روس مخالف جهادي جنون اوج تي پهچايو خوش قسمتي سان سنڌ اندر ضياءَ شاهي کان نفرت ۽ جمهوريت جي بحالي واري جدوجهد سبب جنونيت ۽ انتهاپسندي کي جڳهه نه ملي سگهي. ڏنڊي جي زور تي اسلام پکيڙڻ واري ان روش کي سنڌ جي روشن خيال ماڻهن غير اسلامي عمل سمجهي نه رڳو ان کي رد ڪيو پر ان جي ڀرپور مزاحمت پڻ ڪئي. سنڌ واسين کي ان دور ۾ روس ۽ ڀارت جي ايجنٽ هجڻ جا مهڻا ڏئي جيلن ۾ اذيتون ڏنيون وينديون هيون.  سنڌ جي قومي شعور ان قوت به ڄاتو ٿي ته جنونيت ۽ انتهاپسندي کي روس سان سياسي مقابلي لاءِ اڀارڻ ۽ استعمال ڪرڻ اولهه ۽ آمريڪا جي غلطي آهي ۽ ان سان هن خطي اندر روشن  خيال ۽ انسان دوست سياسي قدرن کي هاڃو رسندو. اها الڳ ڳالهه آهي ته آمريڪا ۽ اولهه کي ان غلطي کي سمجهڻ ۾ ڏهن سالن کان وڌيڪ عرصو لڳي ويو جڏهن گهڻي دير ٿي چڪي هئي ۽ جنونيت هن ملڪ ۽ خطي جون سرحدون اورانگهي ست سمنڊ پار انهن ماڳن تي پهچي چڪي هئي جتان ان کي پيدا ڪيو ۽ پاليو ويو هو. ان سموري عرصي دوران به سنڌ پنهنجي دامن کي انتهاپسنديءَ کان آجو رکيو. انتهاپسنديءَ جي عروج واري ان دور ۾ به سنڌ اندر توهين رسالت جا ڪوڙا ڪيس مڙهي ماڻهن کي ان ايذايو ويو هو. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ هي واقعا اڄ پيپلز پارٽي جي ان حڪومت ۾ ٿي رهيا آهن جيڪا جمهوريت ،رواداري  ۽ روشن خياليءَ جي ڏينهن رات هام هڻندي رهي ٿي. ان غير انساني فعل ۾ سوين ماڻهن حصو ورتو ۽ انهي مان ڪنهن جا به ٻوٿ ٻڌل نه هئا ۽ نه وري اهي ڪنهن ٻئي ضلعي ياصوبي مان آندا ويا هئا. اها سموري درندگي انهن مقامي ماڻهن ڪئي، جنهن ضلعي کي سنڌ جو ويٽنام ڪوٺيو ويندو هو. ان ضلعي سان تعلق رکندڙ ڪو به ايم پي اي يا ايم اين اي ان واقعي کان پوءِ شهر ۾ نه پهتو ۽ نه ئي عوام اڳيان ڪنهن شرمساري جو اظهار ڪيو. سنڌ جي روشن خيال قومپرست ڌرين به هن معاملي تي مجرماڻي ماٺ اختيار ڪري انتهاپسند ڌرين کي اڻ سڌي طرح سگهه بخشي آهي. ادبي، ثقافتي ۽ سماجي تنظيمن به ساڳي طرح هن واقعي کي گهربل سنجيدگي“ سان نه ورتو آهي، جيڪڏهن هن قسم جي جنونيت کي ايئن نظرانداز ڪيو ويو ته پوءِ ان انديشي کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته سڀاڻي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انتهاپسند ڌريون ايتريون سگهاريون ٿي وڃن جو انهن سياسي اڳواڻن ۽ ورڪرن لاءِ سنڌ ۾ سياست ڪرڻ ايتري ئي اوکي بنجي وڃي. جيئن ماضي ۾ پختونخواهه تي راڄ ڪندڙ عوامي نيشنل پارٽي لاءِ اڄ پنهنجي صوبي ۾ آهي.

ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته سنڌ بچايو ڪميٽي ۾ شامل ڌريون هن انسانيت کي لڄائيندڙ واقعي تي ترت ردعمل ڪن ها ۽ ٽن ڏينهن اندر هزارين ڪارڪنن کي سيتا ۾ ڪٺو ڪري اهو پيغام ڏين ها ته سنڌ جي صوفياڻي ڌرتي تي مذهب جي آڙ ۾ درندگي لاءِ ڪابه جڳهه ناهي، جڏهن ڳالهه سنڌ بچائڻ جي ڪجي ٿي ته پوءِ اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مذهبي جنونيت کان به سنڌ کي بچائڻ ايترو ئي ضروري آهي جيترو ٻٽي مڪاني نظام ۽ ڪالاباغ ڊيم کان بچائڻ ضروري آهي. ٻٽي مڪاني نظام يا ڪالاباغ ڊيم جهڙن مسئلن تي ته سنڌي قوم کي ڪنهن به وقت متحرڪ ڪري سگهجي ٿو پر جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ کي هڪ ڀيرو نه روڪيو ويو ته پوءِ ان جي خلاف عوام کي متحرڪ ڪرڻ ايترو آسان نه ٿيندو.

سنڌ هن وقت انتهائي نازڪ درو مان گذري رهي آهي، جتي هر طرح جون ڄورون ان جورت چوسي رهيون آهن. سياسي موقعي پرست، رشوت، ميرٽ جي لتاڙ، وڏيراشاهي، بدامني، قتل وغارت، جاگرافيائي ورهاڱي جون خواهشمند طاقتون انهن انيڪ وبائن مان ڪجهه آهن جيڪي سنڌ جي اوسر ۽ وحدت لاءِ للڪار بنيل آهن . ان وايومنڊل ۾ جيڪڏهن مذهبي انتهاپسندي به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڪاهي پئي ته سنڌ جو اندروني سماجي ڍانچو هڪ اهڙي خطرناڪ ڀڃ ڊاهه جي ور چڙهي ويندو، جنهن سان سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد ايتري ڪمزور ٿي ويندي جو ممڪن آهي ته اها پنهنجي مزاحمتي سگهه به وڃائي ويهي. بلوچستان ۾ قومي حقن جي جدوجهد کي فرقيواراڻي جنونيت وسيلي ڪيئن ڌڪ رسايو ويو آهي ان مان  سبق سکڻ جي ضرورت آهي. بلوچن جي قومي حقن جي جدوجهد کي ايترو نقصان رياستي تشدد به نه پهچائي سگهيو هو، جيترو ان کي پيپلز پارٽي “ جهڙي موقعي پرست حڪومت جي موجودگي ۾ ڪنهن به اهري مفاهمت جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري  سگهجي، جنهن سان سنڌ اندر جهادي جنونيت وارين قوتن کي به سياسي ڇپر ڇانوَ ملي وڃي. ان قسم جي انتهاپسندي” کي هڪ سچي وطن دوست قومپرست هلچل يا مضبوط ثقافتي تحريڪ ۽ سول سوسائٽي وسيلي ئي روڪي سگهجي ٿو.

سنڌ جي قومپرست پارٽين، ادبي تنظيمن، ميڊيا، سول سوسائٽي ۾ اها سگهه ۽ صلاحيت موجود آهي، جنهن سان ان انتهاپسندي کي پاڙون مضبوط ڪرڻ کان روڪي سگهجي. سنڌ جي گهڻ گهرن ۽ قومي ڪارڪنن کي گهرجي ته هو ان واقعي کي انتهائي سنجيدگي سان ڏسڻ ۽ ان جي ڏور رس اثرن کي محسوس ڪن. هي وقت آهي ته سنڌي سماج اندر انتهاپسندي جي ورچڙهڻ کان روڪي سگهجي ٿو. وڏيرا شاهي جي وبا سبب سنڌي سماج اڳي ئي اندروني طور ڏڦيڙ ۽ هيڻائي جو شڪار آهي جيڪڏهن ان کي جنونيت جو موذي مرض به وڪوڙي ويو ته پوءِ سنڌ اندر مزاحمتي ۽ قومي حقن واري جدوجهد پنهنجو اثر وڃائي ويهندي.

سائين جي ايم سيد ، رسول بخش پليجي، فاضل راهو ۽ بينظير ڀٽو جي سچن پيروڪارن تي لازم آهي ته هو سنڌ اندر جهادي جنونيت جي ان آغاز کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سنڌ کي جنونيت جي ڌرتي بڻجڻ کان بچائين.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو