Home / افيئر / سنڌ ۾ چنگچي رڪشا۽ مو بائل فون ترقي، يا تباهي ؟
above article banner

سنڌ ۾ چنگچي رڪشا۽ مو بائل فون ترقي، يا تباهي ؟

الهبچايو جمالي

                        سال 2000 ع کان اڳ هن ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ڪوماڻهو تصور به نٿي ڪري سگهيو ته تڪڙو ايندڙ ڪجهه سالن ۾ موبائل فون اهڙي ته عام ٿيندي جو هڪ غريب هاري، مزدور، ڌنار کان ويندي هر ٻار ٻڍي ۽ عورت جي هٿ ۾ هر وقت موبائل فون نظر ايندي. ساڳي طرح سنڌ جي غريب لڏي  سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي اهو گمان ۾ ئي نه هو ته ڪولهي ڀيل هاري، ماهيگير ملاح ۽ ڪو مظلوم ٿري ماروئڙو به ڪنهن ڏينهن هڪ موٽر سائيڪل جو مالڪ ٿيندو. ان موٽر سائيڪل تي چڙهي هو شهرن جون بازارون گهمندو ۽ پنهنجي هارياڻي زال ۽ ٻارن کي بروقت ڪنهن شهر جي سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن مان علاج ڪرائي انهن جي حياتي بچائيندو. هن ملڪ ۽ سنڌ ۾ آيل موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل جي ڀرمار جو انقلاب اصل ۾ ته اها سائنسي ايجاد آهي پر اها ڪا نئين سائنسي ايجاد ناهي، ان انقلاب جا پيرا کڻبا ته ان جو حقيقي اعزاز عوامي جمهوريه چين جي کي حاصل آهي. جنهن موبائل فون ۽ موٽر سائيڪلن کان وٺي سُئي ڌاڳي تائين ضروريات زندگي جي هر متبادل شيءَ ايجاد ڪري تمام سستي اگهه تي سڄي دنيا ۾ فراهم ڪري رهيو آهي. چين جي سستي مصنوعات هڪر طرف جتي سڄي دنيا جي اربين غريب ماڻهن لاءِ وڏا سک ڪري ڇڏيا آهن جيڪي شيون خريد ڪرڻ جو اهي سوچي به نٿي سگهيا. ٻئي طرف موبائل فونن ۽ موٽرسائيڪلن  سميت انتهائي سستين چيني مصنوعات سڄي دنيا جي آمريڪا ۽ يورپ جي اميرترين مارڪيٽن جا ڏيوالا ڪڍي دنيا ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي.

5 هزار روپين کان گهٽ اگهه تي ڪو سيٽ ملي نٿي سگهيو. پر اوچتو جڏهن چانئا جا موبائل سيٽ مارڪيٽ ۾ اچي ڪڙڪيا ته هاڻ ان جو نئين وچولي سيٽ جو ملهه فقط 15 سون کان ٻه هزار روپيا ۽ سيڪنڊ هينڊ سيٽ فقط 500 روپين ۾  آساني سان ملي سگهي ٿو، جنهن ۾ فوٽو ڪئميرا، وڊيو ڪئميرا، آڊيو سان گڏ ڪيترائي سسٽم شامل آهن. نين سائنسي ايجادن ۾ ترقي ٿيڻ ڪري ڪيتريون ئي پراڻيون شيون گم ٿي مدي خارج ٿينديون پيون وڃن. ڪوزمانو هو ته ريڊيو، سنڌ ۾ ابلاغ ۽ وندر جو مک ذريعو هو، بعد ۾ ٽيپ رڪارڊر ۽ ٽي وي عام ٿيڻ ڪري ريڊئي جو دور ختم ٿي ويو. وسيي سي آر سنڌ ۾ عام ٿي ته ايتري ۾ ڊي وي ڊي اچي وئي ڊي وي ڊي پليئر تي سي ڊي جو ڌمچر عام هو ته مٿان اچي چائنا موبائل اهڙا ته واڄٽ اوڄايا جو هاڻ ڪٿي به ڊي وي ڊي ۽ سي ڊي نظر نٿي اچي. چائنا موبائيل هڪ ئي ڌڪ سان سي ڊي ۽ ڊي وي ڊي جو اٽڪل سڄي ملڪ ۾ صفايو ڪري ڇڏيو. چائنا موبائيل سان گڏ سنگيت وغيره ٻڌڻ لاءِ ايم پي وغيره سان گڏ چائنا جون ڪيتريون ئي نيون شيون مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن، جيڪي فقط چند سون روپين ۾ ملن ٿيون . نوجوان ۽ ٻار ڪنن ۾ ايئر فون لڳائي هر هنڌ پنهنجي پسند جا گانا ٻڌي رهيا آهن. چائنا جي سستي موبائيل فون سان گڏ سنڌ ۾ چائنا جي سستي موٽرسائيڪل ۾ پڻ بي پناهه واڌ آئي آهي. اڳ ۾ فقط وچولي طبقي جا ماڻهو ۽ شهري بابو موٽرسائيڪلن جا مالڪ هئا. هيٺئين پورهيت طبقي جا غريب ماڻهو. ڏاند گاڏي، گڏهه گاڏي ، ٽانگن، اٺ ۽ گڏهن تي سفر ڪندا هئا. پڪن روڊن تي پهرين 70 واري ڏهاڪي کان بسون ، پڪ اپ، ڊاٽسنون ۽ بعد ۾ ويگن / وينون ۽ سوزوڪيون مسافري جو ذريعو هيون. هن وقت چائنا موٽر سائيڪل ۽ موٽرسائيڪل سان ئي سلهاڙيل نئين ايجاد چنگچي رڪشا رستن تي ڊوڙندي ۽ ڏورانهن ڳوٺن ۾ نظر اچن ٿا. جيڪا ڳالهه سنڌ ۾ ڪنهن ۽ انقلاب کان گهٽ ناهي. ان جو مک سبب اهو آهي ته هن وقت هتي اسان وٽ چائنا جو نئون سٺو موٽرسائيڪل فقط 40 هزار روپين ۽ سيڪنڊ هينڊ 20 کان 30 هزار روپين ۾ آساني سان هر هنڌ سولائي سان ملي سگهي ٿو. اهو ان وقت جڏهن لاڙ ۾ هن وقت چانهن جو هڪ ڪوپ 20 روپيا ۽ کير جي هڪ ڪلو جو ملهه 60 روپيا آهي. هڪ سٺي مينهن 2 لک روپين ۾ نٿي ملي ۽ هڪ سٺو ڍڳو هڪ لک ۾ به هرگز ملي نٿو سگهي. وڌندڙ سائنسي طريقي جتي هن ملڪ ۽ غريب عوام کي تمام گهڻا فائدا پهچايا آهن اتي هن ڪل جڳ ۾ ناقابل تلافي نقصان پڻ ٿيا آهن. ٽريڪٽر جي اچڻ ڪري سنڌ مان ڏاندن جو نسل تيزي سان ختم ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪنهن سانحي کان گهٽ ناهي. سنڌ ۾ ڏاند ڀٽاري جي اهميت کان سفيد پوش ۽ شهري بابو ايترا واقف نه هوندا پر سنڌ جا هر هاري ۽ جهونڙا پنهنجي اڱڻ اڳيان سونهارن ڏاندن کي نه ڏسي هنجون هارين ٿا. پڪ اپ چائنا سوزوڪي ۽ چنگچي رڪشا جي اچڻ ڪري سنڌ ۾ ٽانگا ۽ ڀلا گهوڙا ختم ٿي ويا آهن.

 ڀٽارن ڏاندن جيئان سنڌ مان ڀلن گهوڙن ۽ ٿرمان اٺن جو نسل ختم ٿيڻ وارو واقعو پڻ ڪنهن سانحي کان گهٽ ناهي. ترقي جي نالي ۾ تباهي وار ن اسان واري ڳالهه جي مقصد کي پيرائتو سمجهڻ لاءِ فلمن جي عظيم تخليقڪار ۽ فلمي ڊائريڪٽر محبوب جي شاهڪار فلم ڏٺي وڃي جنهن  ۾ دليپ ڪمار جو ٽانگو هڪ بس کان ڊوڙ جو مقابلو کٽي ٿو وڃي. سنڌ ۾ موبائل فون ۽ موٽر سائيڪلن جي ڀرمار مان اهو هرگز نه سمجهيو وڃي ته سنڌ ۾ ڪا وڏي ترقي ٿي آهي  ٿر، ڪاڇي، لاڙ ۽ ڪوهستان جا ماڻهو ڪي تمام گهڻا خوشحال ٿي ويا آهن جو هر ڪنهن هاري، مزدور ۽ ڌنار جي هٿ ۾ موبائل فون اچي وئي آهي  ۽ اهي لکين ماڻهو موٽرسائيڪلن تي چڙهيو وتن. جيئن اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف ملڪ جي غريب عوام جو مذاق اڏائيندي چيو هو ته هن وقت ملڪ ۾ 5 ڪروڙ ماڻهن جي هٿ ۾ موبائل فون اچي وئي آهي پر ان جي ابتڙ اسانجي خيال ۾ سنڌ ۾ موبائل فون ۽ موٽر سائيڪلن جي گهڻي واڌ جي ڪري جتي غريب عوام کي تمام گهڻا فائدا پهتا آهن اتي نقصان پڻ  تمام گهڻو ٿيو آهي. جنهن ۾ موبائل فون، موٽرسائيڪل کان وڌيڪ غريڪ عوام کي نقصان ڏنو آهي. جنهن سان سنڌ ۾ غربت جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي. جيئن ته هر سٺي شئي جو غلط استعمال هاڃيڪار هوندو آهي. تيئن “ افيئر” طرفان لاڙ ۾ ڪيل هڪ سروي موجب هتي شهرن توڙي ڳوٺڻ ۾ موبائل فون، 90 سيڪڙو غلط استعمال ٿئي ٿي،جنهن سان غربت جي شرح ۽ ڏوهن ۾ تمام گهڻي واڌ اچي وئي آهي، ڪيل سروي موجب هڪ هاري، مزدور ۽ ڌنار جنهن وٽ موبائل فون آهي اهو ڏهاڙي مجموعي طور 100 روپين جو ايزي لوڊ استعمال ڪري ٿو، ساڳي حالت شاگردن ۽ ٻارن جي آهي، هڪ ڪٽنب ۾ اڪثر سڀني  مردن وٽ موبائل فون آهي جن سڀني کي ڏهاڙي100 روپين جو بيلنس گهرجي ٿو ۽ ٻهراڙي توڙي ننڍن شهرن جا اڪثر ماڻهو بي مقصد فونون ڪري ڪچهريون ڪندا آهن. فون جو مٿيون خرچ نه هئڻ ڪري غريب ماڻهو پنهنجا ڍور ڍڳا وڪڻيو ڇڏين ۽ نوجوان چورين سميت ٻيا ڏوهه ڪرڻ لڳن ٿا. موبائل فونن جي ڪثرت ۽ انجي غلط استعمال سبب سنڌ ۾ اخلاقيات جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. عريانت ۽ فحاشي وڌي وئي آهي نوجوان ڇوڪريون موبائل تي چاهيندڙ سان پنهنجا گهر ڇڏي فرار ٿين ٿيون، جن جوڙن جو انجام سنڌي طبقي تي جاگيرداراڻي سماج ۾ انتهائي ڀيانڪ ٿئي ٿو. برادرين ۽ قبيلن ۾ خونريزي جهيڙن جون وارداتون وڌي ويون آهن.

                        ڪجهه وقت اڳ بدين ضلعي جي شهر کوسڪي لڳ مس ڪال ڪرڻ تان کوسن ۾ هڪ خونريز ٿيل جهيڙي جي نتيجي ۾ اٽڪل 5 ماڻهو قتل ٿي ويا، اهي سمورا قاتل ۽ مقتول پاڻ ۾ ويجها مائٽ هئا. موبائل فون جي چائنا جو سيٽ ته سهانگو آهي پر هڪ غريب  ماڻهو لاءِ ڏهاڙي 100 روپيا خرچ جو ڳاٽي ڀڳو ناڻو ان جي پهچ کان گهڻو وڌيڪ آهي.موبائل فون جتي سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي کي بگاڙي انتشار پيدا ڪيو آهي. اتي دهشتگردن ڊرگ مافيا. اغوا خورن ۽ ملڪ جي ڏوهارين ان جديد ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدا حاصل ڪري سڄي ملڪ ۾ اهڙي ته بدامني پيدا ڪئي آهي جو هن وقت ملڪ ۾ ڄڻ ته جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي ۽ دهشتگردن جي آپگهاتي حملن کي روڪڻ لاءِ حڪومت هاڻ خاص ڏينهن تي ڪراچي سميت ملڪ جي اهم وڏن شهرن ۾ موبائل نيٽ ورڪ بند ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. هن ڏس ۾اهو به نه وسارڻ گهرجي ته موبائل نيٽ ورڪ مپنيون پڻ هتي وڏي ڦرلٽ ڪري رهيون آهن، مختلف پيڪيجن جي نالي ۾ ٺڳي وسيلي اٻوجهه عوام کان ڏهاڙي لکين روپيا ڦريا وڃن ٿا ۽ ان سان گڏ هزارين صارفين جون اهي شڪايتون عام آهن ته مختلف موبائل فون نيٽ ورڪ ڪمپنيون بنا ڪال ڪرڻ جي مختلف طريقن سان سندن بيلنس جي رقم چوري ڪريو وڃن. سنڌ ۾جيئن ته خواندگي جي حقيقي شرح 20 سيڪڙو به مشڪل سان آهي. لاڙ ۾ ته اها اڃا وڌيڪ گهٽ آهي. سنڌ ۾ انگريزي ٻولي ۾ لکي پرهي سگهندڙ ماڻهن جي شرح 10 سيڪڙو کان به گهٽ آهي، انڪري موبائيل فون ڪمپنين جا جاوا آهن.

                        موبائل فون عام ٿيڻ سان سنڌ جي غريب عوام جو ڪيترو معاشي نقصان ٿي رهيو آهي ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته بدين ضلعي جي هڪ ننڍڙي شهر ڪڍڻ ۾ موبائل ايزي لوڊ وڪڻڻ جا اٽڪل 40 کن ننڍا وڏا دڪان ۽ مرڪز آهن. سروي موجب ڪڍڻ شهر ۾ ڏهاڙي انهن دڪانن تان 4 کان 5 لک روپين جو بيلنس وڪامي ٿو. جڏهن ته ٻهراڙي جي وڏن ڳوٺن ۽ مورين وارن ناڪن تي ڏهاڙي لکين روپين جو  وڪرو ٿيندڙ بيلنس ان کان الڳ آهي، اهڙي طرح سڄي بدين ضلعي ۾ هڪ اندازي موجب ڏهاڙي چار کان 5 ڪروڙ روپين جو موبائل فون بيلنس وڪرو ٿئي ٿو. بدين ضلعي جا غريب ماڻهو ڏهاڙي 4 کان 5 ڪروڙ روپيا موبائل فون تي دُڦ ڪن ٿا ته هڪ سال ۾ اهي انهن فونن تي ڪيترو خرچ ڪنداهوندا. اهو ضرب جو حساب اوهين پاڻ ڪري درست جواب حاصل ڪريو، جيئن ته اسين مٿي اهو ٻڌائي آيا آهيون ته سنڌ ۾ موبائل فون کان چائنا چنگچي موٽرسائيڪل عام عوام کي وڌيڪ فائدو پهچايو آهي. پر ان چائنا موٽر سائيڪل به سنڌ ۾ فائدي سان گڏ عوام کي گهڻو نقصان پهچايو آهي. هڪ ته گهڻن موٽرسائيڪلن جي ڪري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ رش ايتري قدر وڌي ويئي آهي جو راهگير ۽ شهري رستن تان گذري نٿا سگهن. شهر جا رستا ڪلاڪن تائين جام ٿيو وڃن. ٽريفڪ سگنل جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.

هڪ سروي موجب ڳوٺاڻي سنڌ جو هرهڪ موٽرسائيڪل مالڪ پوءِ اهو پرائمري استاد هجي يا هاري مزدور، اهو ڏهاڙي پنهنجي موٽرسائيڪل ۾ مجموعي طور تي 100 روپين جو پيٽرول ڀرائي ٿو. ان موٽر سائيڪل مالڪ وٽ ضرور موبائيل فون پڻ هوندي انهن ٻنهي شين تي اهو ڏهاڙي 200 روپيا خرچ ڪري ٿو، جيڪو سندس اضافي خرچ آهي. معاشي نقصان سان گڏ مشاهدي ۾ اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته نئين موٽرسائيڪل جو شوقين مالڪ ڳوٺاڻو ماڻهو ڏهاڙي پنهنجا گهر ۽ ٻني ٻارن جا سڀ ڪم ڇڏي پنهنجي موٽرسائيڪل تي چڙهي ڀروارن ننڍن وڏن شهرن ۾ گهمڻ ايندو آهي. اها ڄڻ ته سندس نئين ڪرت ۽ فرض ۾ شامل ٿي ويو آهي، ايئن به ڪونهي ته ڏهاڙي شهر گهمڻ لاءِ آيل اهو ڪم ڪار لاهي واپس پنهنجي گهر پهچي اهڙا ماڻهو شام ۽ رات تائين ڀروارن ننڍن وڏن شهرن ۽ مورين جي ناڪن تي ٻاکڙي هوٽلن ۾ ويهي پنهنجو سڄو ڏينهن برباد ڪري ڇڏيندا  آهن. اها به ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته موٽرسائيڪل سوار اهي ڪم چور بڻجي ويل واندا ماڻهو موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل جي تيل ڀرائڻ تي ڏهاڙي 200 روپيا خرچ ڪرڻ کان پوءِ شهرن ۾ اچي اهي پنهنجا چپ چٽيندا وتن، انهن مان هر هڪ کي گهٽ ۾ گهٽ شهر وڃڻ جي  خرچ لاءِ 100 روپيا وڌيڪ پاڻ وٽ گهرجن. سروي دوران اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل جي عام ٿيڻ سان سنڌ جا اڪثر هيٺئين ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو اڳ کان وڌيڪ سست ڪاهل ۽ ڪم چور بڻجي ويا آهن ۽ انهن ۾ نشي آور پانن گٽڪي ۽ ٻئي منشيات جو واهپو خطرناڪ حدتائين وڌي ويو آهي. ان سان گڏ موبائل فون موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا جي بي پناهه واڌ سان سنڌ ۾ روڊ حادثا تمام گهڻا وڌي ويا آهن جنهن سان وڏو جاني نقصان ٿي رهيو  آهي.  موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جا اڪثر ڊرائيور نشائي هوندا آهن ۽ گاڏي هلندي انهن جي ڪن تي موبائل هوندي آهي، جيڪو سندن ڪڌو عمل خوني حادثن جو مک ڪارڻ آهي. موبائل فون ۽ موٽر سائيڪلن جي وبا سنڌ ۾ بنيادي ۽ اعليٰ هنري تباهه ٿيل تعليم جي وڌيڪ ستياناس ڪري ڇڏي آهي، شاگرد موبائل فون ۾ ڏينهن رات محو آهن، شاگردن جي هٿن ۾ قلم جي بجاءِ ڪنن تي موبائيل فون اچي وئي آهي سنڌ جي درسگاهن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪرڻ جي بجاءِ شاگرد موبائل معاشفا ڪري سنڌ جي نياڻين جي تعليم جا در پڻ تيزي سان بند ڪري رهيا آهن ۽ گوسڙو پرائمري استادن پنهنجن اسڪولن جا در بند ڪري ڇڏيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو