Home / افيئر / سياسي پارٽيون ۽ جديد سنڌ جي اڏاوت!
above article banner

سياسي پارٽيون ۽ جديد سنڌ جي اڏاوت!

مسيح ڪالاڻي

سنڌ ۾ سماجي ۽ سياسي تبديليءَ جو سوال گهڻي وقت کان وٺي جيئن پوءِ تيئن سنڌ جي سنجيده حلقن ۾ وڏي بحث جو موضوع رهيو آهي، ڪن ساٿين جو خيال آهي ته سوويت يونين جي زوال کانپوءِ سڄي دنيا ۾ انقلابي ۽ سياسي هلچل ۾ لاٿ آئي آهي، ان ڪري سنڌ به ان جو شڪار بڻي آهي ۽ اڪثر ڪامريڊن ڳاڙها ڪتاب ڦٽا ڪري مئخانن ۽ درگاهن جو رخ ڪيو ته ڪن وري سڻڀن ٽڪرن جي تلاش ڪندي اين.جي.اوز جي دنيا ۾ ئي پنھنجي ۽ قوم جي قسمت جو ڀلو ڄاڻي، نئين سفر جو آغاز ڪيو ته ڪن ڪامريڊ مائو ڪيپ ڦٽو ڪري جناح ڪيپ کي تبديلي ۽ انقلاب جو آخري حل قرار ڏنو. ڪجهه ساٿين جو خيال آهي ته سنڌ جي تبديلي جي هوا جو رخ موڙڻ جو مک سبب هتان جي سماجي حالتن ۽ رياستي مشينري جو انقلابيت کي ٽوڙڻ آهي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته سنڌي ماڻهو انقلابي تنظيم ٺاهڻ جي فن کان ناآشنا هجڻ ڪري به تبديليءَ ۽ انقلاب جو خواب، خواب ئي آهي. بھرحال سنڌ واقعي به تاريخ جي اهڙي دڳ تي بيٺي آهي، جتي موضوعي ۽ معروضي حالتن جي جائزي وٺڻ جي اشد ضرورت آهي.

عالمي صورتحال کان سنڌ کي الڳ ته نه ٿو ڪري سگهجي پر تنھن باوجود به هتان جون مادي حالتون ئي انقلاب جو تعين ڪنديون، ڇو ته اسان جي نظرين ۽ جدوجھد جو تعين اسان جون سماجي حالتون ئي متعين ڪن ٿيون.

* نظريي ۽ عمل ۾ تفاوت :

نظريو هميشه حالتن جو عڪاس هوندو آهي. غلامداري سماج ۾ نظريو الڳ نموني عڪاسي ڪندو ته جاگيرداري سماج ۾ مختلف ته سرمائيداري سماج ۾ ان جي هيئت ۽ بيھڪ الڳ هوندي آهي. سنڌ ۾ جن به ڌرين هاري مزدور انقلاب جي ڳالهه ڪئي ۽ انھن کي انقلاب جا خواب ڏيکاريا پر عملي طور تي انھن جي تحريڪن ۾ هاري ۽ مزدور غائب رهيا آهن. جن قوتن قومي انقلاب جي ڳالهه ڪئي انھن وٽ قوم جا سڀئي پرتوو هجڻ باوجود به مخصوص قوتون گڏ هيون ۽ انھن وٽ طبقاتي سوال جي خوف سبب هاري ۽ مزدور کي تحريڪن ۾ متحرڪ ڪرڻ لاءِ غير سنجيده رويو اختيار ڪيو ويو. جن قوتن وري جمھوريت جو سوال اڳيان رکي جدوجھد ڪئي اهي پنھنجي پارٽين جي اندر ئي جمھوريت  برقرار رکي نه سگهيا ۽ ڪنھن قدر اهي آمريتن جي ڇانوَ ۾ ئي رهيا. نتيجي طور تي نظريي ۽ عمل ۾ واضع فرق رهيو. جنھن ڪري نظرياتي سوال عمل جي اڳيان ميرانجهڙو بڻجي ويو. عمل نظريي جي وڏي کان وڏي پرک آهي، جتي نظريو يا ته وڌيڪ چٽو ٿيندو آهي يا وڌيڪ گمنام بڻبو آهي. سنڌ ۾ به نظرين سان لڳ ڀڳ اهڙو ئي ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي.

* پارٽي اندر جدوجهد جو فقدان :

انقلابي پارٽي صرف عوام لاءِ جدوجھد ناهي ڪندي پر پارٽي اندر به جدوجھد ڪندي آهي. پارٽي جيستائين پنھنجي جوهر ۽ ڏيک ۾ انقلابي نه ٿي بڻجي ۽ ان جو مزاج هر رخ سان انقلابي نه ٿو بڻجي تيستائين نتيجا ئي نٿا ملي سگهن. دنيا جي انقلاب جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته انقلاب کان اڳ ۽ انقلاب دوران به پارٽي اندر جدوجھد  ڇنڊڇاڻ جو سلسلو هلندو رهندو آهي پر سنڌ ۾ گهڻي عرصي کان پارٽي اندر جدوجھد کي نظرانداز ڪري صرف سياسي جدوجھد تي ڌيان ڏنو ويو آهي. جنھن ڪري پارٽي سان عارضي وقت لاءِ عوام ڳنڍجي ته سهي ٿو پر پارٽي ڪيڊر نه هجڻ ۽ پارٽي جي انقلابي شڪل نه هئڻ سبب عوام گهڻي وقت تائين پارٽي سان گڏ نه ٿو بيھي ۽ نه ئي هلي ٿو ۽ جڏهن ته پارٽي اندر جدوجھد نه ٿيڻ سبب ڪارڪن غير نظرياتي، غير سنجيده ۽ لٻاڙي بڻجي ٿو وڃي.

* ڪارڪنن جي نـظـرياتي تربيت جي کوٽ:

ڪارڪن ڪنھن به پارٽيءَ جو املهه اثاثو ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته پارٽي ڪنھن ديوار جو نالو نه آهي پر گهمندڙ، ڦرندڙ ۽ سوچيندڙ فردن جو مجموعو آهي، جيڪو ڪنھن خاص مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪارڪن پنھنجي نظريي ۽ عمل ۾ انقلابي هوندو ۽ ان جي نطرياتي تربيت ٿيل هوندي ته ان جا نتيجا به ڦلدائڪ ملندا. هر پارٽي جي پرک ان جي ڪارڪن جي نظرياتي ۽ علمي بيھڪ مان لڳائي سگهجي ٿي. اسان جو ڪارڪن اڪثر غير نظرياتي موضوعن تي گفتگو ڪري ٿو. جنھن ڪري  ان ۾ ٻين جي نظرين، خيالن کي ٻڌڻ بجاءِ پنھنجي نظريي کي ڪائنات جو آخري سچ سمجهي ۽ ٻين فڪري ڌرين کي يا ته گاريون ڏيندو ٿو وتي سو به بنا ڪنھن سوچڻ سمجهڻ جي ٻين کي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. نتيجي ۾ ڪارڪنن ۾ اسھپ جا رجحان تيزيءَ سان وڌيا آهن. مطالعي لاءِ ڪارڪن وٽ وقت ئي ڪونهي. ڇاڪاڻ ته مطالعي کي هو وقت جو زيان سمجهي نظرانداز ڪري ٿو. ڪارڪن ته پنھنجي جاءِ تي پر اسان جون قيادتون به نظرياتي ۽ سياسي ادب پڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. ان ڪري جڏهن قيادت نه ٿي پڙهي ته ڪارڪن ڪيئن پڙهندو؟ منھنجي خيال ۾ هتي ته گهڻي وقت کان پڙهائي پارٽين مان جلاوطن ٿيل آهي، اهو به ڄاڻي واڻي ايئن قيادت پاڻ ڪيو آهي. ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا.

1). جيڪڏهن ڪارڪن پڙهندو ته سمجهندو به ۽ سمجهندو ته قيادت کان پڇاڻو به ڪندو ۽ نتيجي طور نظرياتي ڪارڪن قيادت لاءِ وڏو مٿي جو سور بڻجي وڃي ٿو. جنھن ڪري قيادت نظرياتي ڪارڪن کي هڪ ته تيار نه ڪندي جيڪڏهن ڪو خودرو پڙهندو ته ان تي مختلف الزام تراشيون ڪري ڀڄائڻ جي ڀرپور شعوري ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.

2).  ٻيو ته نظرياتي ڪارڪن جڙتو قيادت جو سستو کاڄ نه ٿو ٿئي. ان ڪري ڪارڪن جيترو جاهل هوندو، اوترو ان کي استعمال ڪرڻ آسان هوندو. اهو ئي سبب آهي جو نظرياتي ڪارڪن پارٽيءَ ۾ هلي نه ٿو سگهي يا ان کي هلائڻ ڏکيو ٿي پوي.اهي ئي سبب آهن جو پارٽيون افرادي قوت کي وڌائڻ جي چڪر ۾ غير نظرياتي ڪارڪن کي غير اهم سمجهن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ عوام جي تربيت ڪندڙ خود جڳاڙي انداز ۾ هلڻ ئي بھتر سمجهي ٿو.

* پارٽي ۾ جاگيرداراڻا ڪلچر :

جاگيرداري صرف هڪ نظام جو نالو آهي پر هڪ ڪلچر جو به نالو آهي، ڇاڪاڻ ته جاگيرداري دؤر ۾ نه صرف پيداواري وسيلن تي جاگيردار حاوي رهي ٿو پر وسيع ترين عوام جو نمائندو به جاگيردار بڻجي ٿو. يقيناً جنھن قوت وٽ پيداواري وسيلا هوندا، سياسي طاقت به ان قوت وٽ ئي هوندي. سنڌ نيم جاگيرداري ۽ نيم سرمائيداري دؤر ۾ بيٺي آهي. سنڌ جو اصل وارث سرمائيداري ۾ اڃان داخل ئي نه ٿيو آهي. ان ڪري سنڌ جي صنعتن تي اڃان ڌارين جو ڌاڪو آهي، جنھن سبب سنڌ اڃان تائين جاگيرداري ۾ ڦاٿي پئي آهي. ان ڪري سماج جو رويو به جاگيردار سوچ سان مماثلت رکي ٿو. اسان جون پارٽيون به جاگيرداراڻا  مزاج کان پاڻي کي بچائي نه سگهيون آهن. سنڌ ۾ اڪثريت اهڙي قيادت اڳواڻي ڪري رهي آهي، جيڪا هڪ دفعو اقتدار تي اچڻ کان پوءِ قيادت ٻئي ڪنھن کي اڳواڻ ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، جنھن ڪري هو پارٽي کي پنھنجي موروثي جاگير سمجهي هلائي ٿو ۽ هيٺ سطح تائين به انھن اڪثر ڪري پنھنجا ڪارندا مقرر ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ بڻجي ويٺا آهن ۽ هر ايندڙ نسل لاءِ رستا بند ڪري ڇڏين، نتيجي ۾ نئون نسل يا ته انھن جي اثر ۾ هلي، سھي يا غلط فيصلن ۽ عملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي وڃي يا پارٽيءَ مان مايوس ٿي گهر ويھي رهي ۽ پنھنجا ڌنڌا خفا ڪندو وتي. توهان کي حيرت ٿيندي جڏهن پارٽي ۾ ويٺل ڪنھن به اهم ڪردار جي پٺيان هلڻ کان جڏهن انڪار ڪندو تڏهن پارٽيءَ ٻوڙي ڀرتي ڪري توهان کي هارايو ويندو جنھن جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙا کوڙ مثال مختلف  پارٽين مان پيش ڪري سگهجن ٿا. هي رويا ۽ رجحان سنڌ ۾ پارٽين کي اڏوهي جيان کائي رهيا آهن.

* ڪارڪنن جي وچ ۾ علمي ۽ عملي تضاد :

فلسفو سمجهائي ٿو ته عمل ئي علم جي سڀ کان وڏي تارازي آهي. ان ڪري علم ۽ عمل جو جيستائين ڳانڍاپو نه جڙندو تيستائين نتيجاً معنى خيز نه ملندا. هتي ڇا ٿو ٿئي جو جيڪو ڪارڪن پنج اکر پڙهي ٿو اهو سمجهي ٿو ته عقل ڪل مان آهيان ۽ ڏاهپ مون کان شروع ٿي مون تي ختم ٿئي ٿي تنھن ڪري باقي پارٽيءَ جا ننڍا وڏا ڪم ڪرڻ منھنجي ذميواري نه آهي ۽ باقي ڪارڪنن کي جاهل يا گهٽ پڙهيل هجڻ جو طعنو ڏئي ٻه هتان جا حوالا ٻه هُتان جا حوالا ڏئي پاڻ کي آجو سمجهي ٿو ۽ جيڪو ڪارڪن صرف عمل ڪري ٿو اهو به علم کي، ڪتاب کي هٿ لائڻ وقت جو زيان سمجهي ٿو. چوي ٿو ته اسان عملي ماڻهو آهيون، هي عمل جو دؤر آهي، ڄڻ ته علم، نظريو سڀ ڪجهه عمل کان الڳ ٿلڳ بيٺل کان مخلوق آهي جنھن کي ڏسي، ٻڌي ۽ سمجهي نه ٿو سگهجي. اسان کي تجربو ٻڌائي ٿو ته هاڻي ته اڪثر ڪري پارٽين ۾ سڀ کان وڏو تضاد اهو ئي رهيو آهي. نظرياتي ڪارڪن کي ڪتابي ڪيڙو سمجهي اڪثر ڪري پارٽين مان بيدخل ڪيو وڃي ٿو. ان لاءِ ماحول اهڙو ٺاهيو وڃي ٿو ته جيئن هو خودرو پارٽي ڇڏي وڃي، ٻي صورت ۾ هن کي خوار خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ئي نه ڇڏبي ۽ جيڪي عملي سياست ڪندڙ هئا. اهي اڪثر ڪري غير نظرياتي هجڻ سبب جذباتي، اٻھرائپ جو شڪار بڻجن ٿا. نتيجي ۾ عوام تائين پارٽي پروگرام ۽ نظريي جي پھچ صحيح انداز ۾ نه ٿي ٿئي. جڏهن ته عملي ۽ نظرياتي ڪارڪن جو سنگم پڻ نه ٿو جڙي جيڪو پڻ ڪنھن نه ڪنھن فساد ۽ انتشار جو سبب بڻجي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪو ڪارڪن عملي آهي، اهو علم تي به ڌيان ڏئي ۽ جيڪو ڪارڪن علم سان آراسته آهي، اهو پنھنجي علم کي عمل سان ڳنڍي. پر هتي پارٽين ۾  معاملو ئي ڪجهه اوور نظر اچي ٿو.

* عوام ۽ پارٽيءَ جي وچ ۾ وڇوٽيون:

سياست عوام کان سواءِ ايئن آهي جيئن ساهه کان سواءِ جسم. سياست جنھن ۾ عوام نه آهي، اها سياست ڪڏهن به پايئه تڪميل تي نه ٿي پھچي سگهي. اڳ جڏهن به پارٽي ڪو ڳنڀير مسئلو يا خطرو محسوس ڪندي  هئي ته اها پنھنجي جدوجھد ۾ وڌ کان وڌ عوام کي ساڻ کڻي هلڻ لاءِ رابطا مھم هلائينديون هيون. ڪارڪن ڏينھن رات عوام کي باخبر رکڻ لاءِ پيرين پنڌ نڪري پوندا هئا. هاڻي جڏهن ميڊيا جو اثر وڌيو آهي ته پارٽيون عوام ڏي وڃڻ بجاءِ ميڊيا سان رجوع ڪن ٿيون.  ڪوبه مسئلو ٿئي ته وڌ کان وڌ ڪوشش ڪبي ته اخبار ۾ بيان ۽ چئنل تي خبر نه به سهي پر پَٽي ضرورر هلي. . ان تمنا جي چڪر ۾ عوامي رابطا مهم، عوام کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ وارو مرحلو ئي گم ٿي ويو آهي، جيڪو رابطو پارٽيءَ جو عوام سان ڳنڍڻ کپي، اهو هاڻي ميڊيا جي معرفت يا ته عوام تائين پھچي نه ٿو، جيڪڏهن پھچي ٿو ته اڌورو ۽ اڻپورو پھچي ٿو ۽ رياست ته ميڊيا جي معرفت وسيع ترين عوام کي گمراهه ڪرڻ بي خبر رکڻ ۽ منجهائڻ لاءِ ميڊيا کي پنھنجو بھترين هٿيار طور تي استعمال ڪري ٿي. جنھن ڪري انقلابي پارٽي جو پيغام عوام تائين پھچندي پھچندي ڌنڌلو بڻجي ٿو ۽ اڻپورو پھچي ٿو. نتيجي طور تي عوام جو سياسي شعور ڪيترن ئي ڄارن ۾ منجهي بيھي رهي ٿو ۽ نتيجا خيز نه ٿو بڻجي.پارٽي قيادت سمجهي ٿي ته ميڊيا عوام کي سجاڳ ڪيو آهي، هاڻي وڌيڪ عوام کي ڇا ٻڌائجي يا عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي. ان فوبيا به پارٽين ۽ عوام جي وچ ۾ دوريون پيدا ڪيون آهن، جڪيو به وڏو نقصان ٿي رهيو آهي.

* پارٽي ۾ ڪرپشن جا عنصر :

پارٽين جي هر وقت ڇنڊڇاڻ ٿيڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ جيڪي غلاظتون بار بار چنبڙن ٿيون، اهي پارٽي جي واڌ ويجهه ۾ وڏي رڪاوٽ پيدا ڪن ٿيون. پارٽي اندر جدوجھد کي نظرانداز ڪرڻ واري عمل سبب پارٽين ۾ ڏوهاري ۽ ڪرپٽ ماڻهو وڏو اثر رسوخ رکن ٿا، جيڪي پارٽيءَ کي پنھنجي جياپي جو اهم ذريعو سمجهن ٿا. پارٽيون جيڪي ڪارڪن جي فنڊ ۽ فين تي هلنديون هيون، جڏهن انھن مان ڪارڪن جي فين ڏيڻ وارو سلسلو رد ڪيو ويو ۽ ختم ڪيو ويو نتيجي طور تي ڀتي ۽ ڪرپٽ ماڻهن جي پئسن تي پارٽين سفر ڪيو ته ڀتاخور ۽ ڪرپٽ ماڻهو پارٽين جي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ لڳا، جيڪو پارٽي کي سھي يا غلط پئسا ڏئي پارٽي کي هلائي ۽ قيادت جا کيسا گرم ڪندو رهي ته يقيناً پارٽين جو انقلابي ڪلچر متاثر ٿيندو ئي ٿيندو  ۽ اڄ سڄي سنڌ ۾ پارٽين جو وڏو تعداد اهڙن ڪرپٽ ماڻهن جي ور چڙهيل آهي، جيڪي انقلابي ۽ سياسي ڪلچر کان ناواقف آهن. نتيجي طور جيڪو پارٽي اندر سنجيده ۽ متحرڪ ڪارڪن آهن اهي اهڙن ڪرپٽ ماڻهن جي ور چڙهي وڃن ٿا يا جيڪڏهن انھن جي دائري ۾ داخل نه ٿيو ته ان خلاف سمورا وسيلا استعمال ڪري ان کي اڪيلو ڪري پارٽيءَ ۾ خارج ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.ڪرپشن به پارٽين کي ڪاٺ ۾ لڳل سُري وانگر کائي رهي آهي.

* انتشار تبديليءَ جي علامت:

سماج ۾ جڏهن انتشار ۽ ڀڃ ڊاهه جو سلسلو وڌي وڃي ته ان جو مطلب ته سماج تبديليءَ لاءِ ڪَرَ موڙي رهيو آهي. جيڪڏهن ان تبديليءَ جي عمل کي مناسب ۽ گهربل رستو نه ڏبو ته سماج ۾ انتشار جي شڪل اختيار ڪري ويندو. سنڌي سماج جنھن وڏي عرصي کان تبديليءَ جو سج اڀرندو ناهي ڏٺو ته ان ۾ هاڻ تبديليءَ لاءِ بيقراري پيدا ٿي آهي. جنھن کي ڪا نه ڪا مثبت واٽ ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي. تبديليءَ يا انقلاب جو سوال ڪنھن به انقلابي نظريي کان سواءِ ممڪن نه آهي. جيڪڏهن انقلابي نظريي جي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ انقلابي پارٽي نه هوندي ته اهو نظريو به وقت جي دز ۾ لٽجي ويندو. ان ڪري سنڌ هڪ اهڙي انقلابي پارٽي طرف واجهائي رهي آهي جيڪا سنڌ ۾ معياري تبديلي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. ان ڪري سنڌ ۾ جيڪي به پارٽيون انقلاب ۽ تبديليءَ جي ڳالهه ڪن ٿيون. انھن کي پنھنجن ادارن ڏانھن واپس وڃي نئين سر حالتن ۽ پارٽيءَ صورتحال جو جائزو وٺي عملي ڪم ڪرڻ جي نئين صف بندي ڪن. سنڌ ۾ پارٽين کي پنھنجو خود تنقيدي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ان جائزي ۾ نظرياتي، فڪري توڙي عمل جا ڪھڙا ماڻ، ماپا، طور طريقا ۽ واٽون هجن انھن تي زبردست بحث مباحثي جي ضرورت آهي.

خود سنڌ ۾ پارٽين جي اندر انتشار ثابت ڪري ٿو ته پارٽين جي اندر تبديليءَ لاءِ بيچيني آهي. پارٽي اندر صحتمند رجحان پيدا ڪرڻ، ڪارڪنن جي نئين سر ڇنڊڇاڻ، ڪرپٽ ۽ ڏوهاري ماڻھن جي رستا روڪ ڪرڻ، جاگيرداراڻه ڪلچر خلاف ويڙهاند ڪرڻ، نظرياتي تربيت لاءِ ادارا قائم ڪرڻ کان وٺي عالمي ۽ علائقائي حالتن جي مد نظر جديد سائنسي  بنياد تي پارٽي کي بيھارڻ ۽ جدوجھد ڪرڻ کانسواءِ ٻيوڪو رستو نه آهي. جيڪڏهن هنن حالتن م اسان انقلابي پارٽيءَ جي تشڪيل ڪئي سين ته يقيناً سنڌ جي اندر پيدا ٿيل انتشار کي انقلاب جي شڪل ڏئي جديد سنڌ اڏي سگهون ٿا.

**

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو