Home / افيئر / شام جي صورتحال: رابرٽ فسڪ ڇا ٿو سوچي؟
above article banner

شام جي صورتحال: رابرٽ فسڪ ڇا ٿو سوچي؟

ٽي مهينا اڳ دنيا ششدر ٿي ڪنهن وير شام ڏانهن ٿي نهاريو ته ڪڏهن آمريڪي وحشت تي ڏڪڻي ٿي ورتس. عراق، افغانستان  کانپوءِ جنگ جو هڪ ٻيو محاذ کلي رهيو هئو. روسي ڪاريگر وچ ۾ پيا ۽ ڌرتي، تباهي جي نئين پوک کان بچي وئي. بنهه ننڍي سطح تي ڪارروائي ڪيئن جنم ورتو تنهن کي سمجهڻ لاءِ ليکڪ، رابرٽ فسڪ جو 24 سيپٽمبر وارو ڪالم سنڀالي رکيو. اميد ته سنڌي پڙهندڙ ان ۾ دلچسپي وٺندا.

“ستين سيپٽمبر جي رات جو شامي وفد دمشق کان ماسڪو لاءِ روانو ٿيو. ڳالهه ٻولهه کان وڌيڪ ملڪ جي چڱي نصيب جي ڳولها ۾. آمريڪا جو اوباما ۽ روسي صدر پيوٽن اهڙي ڪا واهه ڪڍڻ ۾ رڌل هئا. جنهن سان آمريڪي ميزائيل ڪتب آڻڻ کي ٽاري سگهجي. چالاڪ شامي پرڏيهي وزير وليد معلم اچرج ۾ هئو ته ان طرح جو ڪو رستو ڪيئن ممڪن هجي سگهيو ٿي. ڳوڙهي نموني سوچيل سمجهيل رٿن جو ڀنڊار وٽس هئو. تڏهن پڻ ڄاڻڻ ٿي گهريائين ته جنگ کان بچي نڪرڻ جي واٽ ڪٿان شروع ٿي سگهي ٿي. شايد روسي پرڏيهي وزير سر گئي لاوروف وٽ ڪائي معلومات هجي. شرط اهو ته هو واقعي به خبروار هجي.

“صورتحال پراسرار هئي. 21 آگسٽ جي آڌيءَ دمشق ۾ ڪيميائي هٿيار، سارن گيس جي حملي بعد شام آمريڪي ميزائلن کان بچڻ ٿي گهريو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ چٽو ڏسڻ ۾ ٿي آيو ته ڪروز ميزائيلن جو نشانو شامي حڪومت هئي پر فيصلا روس ٿي ڪيا. معلم ۽ سندس ساٿين کي عرب توڻي عجم جا ماڻهو چڱي ريت سڃاڻين. لنڊن، واشنگٽن ۽ پيرس وارا به کانئن واقف آهن. همراهه 9 سيپٽمبر تي ٿڪيل، بدحال ماسڪو جي شرميتيوو ايئرپورٽ  تي لهي برزنيف جي زماني جي غارنما ۽ ڦٽل “پريزيڊنٽ” هوٽل پهتا. جيڪا ماسڪو ندي جي ڪناري اڏيل آهي. صبح جو سندن گڏجاڻي، روسي پرڏيهي وزارت ۾ لاوروف سان طئي ٿيل هئي. ڏيڍ ڏينهن جي فلائيٽ جي ساڻائي هوندي به هنن دمشق فون ڪري مشورا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سيٽلائيٽ ٽي وي تي هلندڙ واشنگٽن وارن جا شو ڏسڻ ۾ محو ٿي ويا.

“شام جي تاريخ ۾ اها نازڪ مهل هئي. جنهن جو معلم ۽ ٻين ڄڻن کي احساس هئو. شام جي پرڏيهي پاليسي يا شايد فوجي حڪمت عملي ٻيا، غير ماڻهو فيصل ڪري رهيا هئا. ثابتي تڏهن ملي جڏهن مقرر وقت تي وليد معلم، لاوروف جي سامهون ڳالهين لاءِ ڪرسي تي ويٺو. روسي پرڏيهي وزير کيس صاف لفظن ۾ سڻايو ته اوباما سندن ملڪ تي حملي کي آخري شڪل ڏئي چڪو هئو. وٽن بچاءَ جي ڪا وٿي ڪا نه بچي هئي. شامي وفد ڪاڻ اها ساهه سڪائيندڙ خبر هئي. ٻئي ڪنهن شخص نه پر لاوروف جي واتان ٻڌي رهيا هئا ته جنگ اوس ٿيندي. معلم ڳيتون ڏيندي کيس چيو  جيڪڏهن حملي جو ڪارڻ ڪيميائي هٿيار آهن ته پوءِ انهن تي ڇو نه ڳالهائجي. سچ اهو، شامي ماڻهو لاوروف سان پيار ڪندا آهن. هنن جي خيال۾، موصوف واندڪائي وقت شاعري لکندو آهي. عرب جا درويش شهري جيڪي لکڻ پڙهڻ جي سکيا وٺڻ وٺڻ کان اڳ نظم ياد ڪندا هجن، تن لاءِ روسي وزير جي ڄاڻايل حقيقت يا ڪوڙ تي مبني خوبي، ڏانهنس ڇڪ جو سبب  چئي سگهجي ٿي. هو کيس سچو دوست ڪوٺين ٿا. موٽ ۾ لاوروف شامين جو ڪيترو سڄڻ آهي، فيصلو پڙهندڙن تي ٿو ڇڏجي.

“ شام  ۽ روس جي ڊگهي سفارتي ۽ فوجي تعلق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ ايئن آهي ڄڻ اوهان ڪنهن اونهي غار جي اونداهي پيچرن تي پيرين اگهاڙا هلي رهيا هجو. ڪو غلط موڙ ڪاٽڻ تي سچائي جي سوجهري کان سدائين لاءِ پري ٿي سگهو ٿا. تڏهن پڻ، هي اسٽوري توهان کي اندازو ڪرڻ ۾ مدد واسطي لکجي ٿي ته ايندڙ زماني ۾ شامي رياست ڪهڙو روپ وٺي بيهندي. معلم سان گفتگو ڪندي. لاوروف اوچتو کيس ٻڌايو ته هن کي ڪجهه وقت ڪاڻ ڪريملن ۾ موجود صدر پيوٽن ڏانهن وڃڻو پوندو. جلد موٽي اچڻ جو چئي، اٿڻ لڳو. معلم ايلاز ڪندي، جنگ کي روڪڻ لاءِ سفارتي وسيلا پوري ريت ڪتب آڻڻ تي زور ڏيندو رهيو. پاڻ ڄاڻي پيو ته ڊپلوميسي جي ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ سندس جهاز کي واپس دمشق موٽڻ خاطر ايئرپورٽ جي سهولت نه هوندي. ڪروز ميزائل تباهي آڻي ڇڏيندا.

“شامي وفد مانجهاندو ڪرڻ، انڌيري وڪوڙيل پريزيڊنٽ هوٽل آيو. ٽيليويزن ڏٺائون. واشنگٽن ۾ جان ڪيري وات ڀري ڦوڪون ٿي ڏنيون. شام وارا هڪ هفتي اندر مڙئي ڪيميائي هٿيار ظاهر ڪن. نه ته!! شام جو 5 وڳي لاوروف، معلم کي فون ڪري ڪلاڪ اندر ملڻ جو چيو. کين گڏجي پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي. جنگ جي ڳالهه شروع ٿيڻ شرط معلم ڪافي هنڌن تي چوندو رهيو هئو ته شام کي ڪيميڪل هٿيارن مٿان بندش جي ٺاهه تي صحيح ڪرڻ تي ڪو اعتراض ڪونهي. روسي ۽ ٻيا سڀ ڄاڻين پيا ته وٽن ڪيميائي هٿيارن جو ذخيرو اسرائيل سان ڪنهن موتمار ويڙهه جي صورت ۾ مکيه ۽ اڪيلو بچاءُ جو وسيلو هئو. تڏهن به، معلم کي اندازو نه هئو ته معاملو اڳتي ڪهڙو رخ اختيار ڪندو.  هو ۽ سندس ساٿي 36 ڪلاڪن کان ڪو نه ستا هئا. لاوروف کي پنهنجي ڳڻتي هئي. جيڪڏهن آمريڪين شام مٿان حملو ڪيو ته اهي بشارالاسد جي فوج کي ختم ڪري ڇڏيندا. اسلامي انتهاپسند دمشق تي قبضو ڪري ويهندا. شام ۾ موجوده روسي فوجي جهازن ۽ اڏن کي اتي رکڻ ڏکيو ٿي پوندو. ٿي سگهي ٿو ته کين پڻ جنگ ۾ ٽپو ڏيڻو پوي.

“ ۽ هاڻ، لاوروف معلم کي پيوٽن جي فيصلي بابت ٻڌايو: شام سڀ ڪيميائي هٿيار پڌرا ڪري، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ تفصيل عام ڪندو. سال اندر سمورا گودام انٽرنيشنل نگراني هيٺ ڏيندو. روسي احسانمند ٿيندا، جيڪڏهن معلم  صاحب اهڙو اعلان اڄ شام ئي پريس ڪانفرنس ۾ ڪندو. معلم دمشق فون ڪيو. ظاهر آهي، صدر بشار الاسد سان ڳالهايائين. هن هائوڪار ڪيس. منهن سڄيل ۽ ٿڪل معلم  ٽيليويزن ڪيمرائن آڏو اٺ پير ٺاهي آڻ مڃي .

“شامي حڪومت آمريڪي حملي کان بچڻ ٿي چاهيو. روسي دوستن ۾ ويساهه هئن. پريس ڪانفرنس کانپوءِ معلم، لاوروف کي ٻڌايو ته ڄاڻايل معاهدي تي شام کان سندس “نمبر پهريون” هٿيار کسي ڇڏيو “توهان جا سڀ کان بهترين هٿيار اسين آهيون”  لاوروف وراڻيس. واقعي به ايئن ٿيو. شام جو سڀ کان وڏو بچاءَ ماسڪو آهي. مٿس ڪريملن جي حڪمراني قائم ٿي وئي.“

ارشاد ميمڻ

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو