Home / افيئر / شڪارپور: اسپورٽس فنڊ جا 50 لک هڙپ، رانديگر دربدر!
above article banner

شڪارپور: اسپورٽس فنڊ جا 50 لک هڙپ، رانديگر دربدر!

نسيم بخاري

هندستان جي نامياري ۽ دنيا جي جڳ مشهور ليکڪ خشونت سنگهه جي عمر 99 سال آهي، هن 80 ڪتاب لکيا آهن ۽ اڃا تائين صحتمند آهي. هن جو ڪجهه سال اڳ هڪ ڪتاب Lessons of My life “ منهنجي زندگي جا سبق” ڇپجي پڌرو ٿيو هو. هن ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ هو صحتمند رهڻ ۽ وڏي ڄمار واري زندگي جي حوالي سان جيڪي نڪتا ڏسي ٿو تن ۾ رانديون ۽ ورزش به آهن.

راند روند هڪ طرح جي وندر وارو هنر ته آهي ئي آهي، پر انساني جسم جي سلامتي ۽ صحت جو اهم اهڃاڻ به آهي ۽ ان سان ماڻهو جو روح، ضمير ۽ من به مطمئن رهي ٿو. اها مصروفيت اسان کي ڪيترن ئي حوالن سان فائدا پهچائي ٿي جنهن جو خود ماڻهو کي نه ته احساس هوندو آهي نه وري اهڙي ڪنهن ڄاڻ کان هو باخبر هوندو آهي.

منهنجي هٿ ۾ هڪ هينڊ بل آهي اهو هڪ پمفليٽ ناهي هڪ سڏ آهي ۽ هڪ للڪار آهي حقيقت اها آهي ته اها انسان جي ضمير کي ڇهندڙ آهي. جنهن ۾ شڪارپور جي نوجوانن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ حصي وٺڻ جي اپيل آهي. هڪ ميڙ منٿ ۽ هڪڙو مطالبو آهي، جنهن ۾ اها گهر ڪئي وئي آهي ته اسپورٽس فيسٽيول 2010ع جي رانديگرن کي طئي ڪيل انعام ڏنا وڃن گذريل سالن ۾ان حوالي سان رکيل بجيٽ جي هڙپ ۽ هضم ٿي وڃڻ جو حساب ڪتاب ڏنو وڃي.

وڌيڪ چيل آهي ته ذهني ۽ جسماني واڌ ويجهه وارا پروگرام ڪرايا وڃن. علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي هٿي وٺرائي وڃي ته جيئن نئين ٽهي منشيات ۽ ڏوهي دنيا جي ڌٻڻ طرف نه وڌي ۽ منفي عمل هنن جو مستقبل تباهه نه ڪن.

اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ان سلسلي ۾ لاڳاپيل انتظاميه ۽آفيسرن سان بار بار رابطو ڪيو ويو آهي. پر انهن جي مٿي تي ڪا جون ءِ نه چري آهي ۽ ان ڏس ۾ انهن هيل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.

ڊسٽرڪٽ اسپورٽس ڪو آرڊينيشن ڪميٽي پاران ورهايل اهو پمفليٽ فقط هڪ خيال جنم ڏيندڙ خبر نه آهي پر ان جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي خبرون جڙيون آهن ۽ سڏ پڙاڏا ٿي موٽيا آهن. پر پوءِ به پاڻ وٽ ڪاريءَ وارا ڪک آهن. تيراڪي، فٽ بال، باڪسنگ، ڪرڪيٽ، هاڪي، باڊي بلڊنگ، ويٽ لفٽنگ، اٿليٽڪ، ڪوڏي ڪوڏي، ملهه، ونجهه وٽي، والي بال، ڪراٽي، ٽيبل ٽينس، اسڪواش، سائڪلنگ، پاور آف باڊي ۽ ٻيو ڪيتريون اهڙيون رانديون آهن جن سان ماڻهو ذهني، روحاني ۽ جسماني توانائي ماڻي ٿو ۽ اهڙين سرگرمين سان سلهاڙيل هئڻ ڪري هن جي زندگي ۾ هر وقت چٽا ڀيٽي واراو احساس رهي ٿو ۽ اهو ڪجهه نه ڪجهه ٿي ڏيکارڻ واري جستجو سان جڙيل هجي ٿو. پر جتي صورتحال ان جي ابتڙ هجي جتي نوجوانن لاءِ ڪو به انهن جي دانهن کي داد ڏيڻ وارو نه هجي. ڪو فرياد ٻڌڻ لاءِ تيار نه هجي ۽ ڪٿي آٿت جو ڪو احساس ميسر نه هجي ته ان الميي جو ڪهڙن لفظن ۾ اظهار ڪجي؟

ان حوالي سان 3 نومبر 2013ع آچر واري ڏينهن نوجوان رانديگرن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين سان گڏجي هڪ جلوس ڪڍيو هو ۽ ان ريلي شهر جي مختلف چوڪن ۽ چوواثن کان ٿيندي شهر جي دل لکي در تي اچي پنهنجون سموريون ڊگريون ساڙيون هيون انهن علامتي طور تي اهي سڀ عمل ڪري انتطاميه جون اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪئي جن سان انسان جو آئيندو تباهه ٿيندو آهي. هنن پنهنجي وات تي پٽيون ٻڌي خاموش احتجاج ڪيو هو. هنن صحتمندي وارا ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل سڀني جي سامهون تيلي ڏئي رک ڪيا هئا. هنن جي هٿن ۾ ڏنڊا، ڪونڊا ۽ سلفيون هيون کين ملڪي ۽ صوبائي صلح تي جيڪي انعام، سندون ۽ شيلڊن توڙي ڪپ مليا هئا اهي هنن ڪاوڙ جي رد عمل ۾ پسم ٿي چڪا هئا. هنن جي هٿن ۾ چرس سان ڀريل سگريٽ دنيا کي اهو سنيهو ڏئي رهيا هئا ته سندن وکون مستقبل ۾ ڪهڙي طرف وڌي رهيو آهن. 

ان احتجاج کي خطاب ڪندي سڄاڻ ڌرين نوجوانن جو مستقبل بچائڻ جي حوالي سان انتظاميه کي ترت ۽ اثرائتن اپائن وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي پر اهو عرض اڃا تائين اگهامجي نه سگهيو آهي.

گذريل ٽن سالن کان ضلعي حڪومت پاران بجيٽ ۾ رکيل اڌ ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ پيسا ڪنهن جي اڪائونٽ يا پيٽ ۾ ويا ڪو رڪارڊ نه آهي نه وري ان حوالي سان ڪو ڏس پتو آهي. شڪارپور ۾ راندين جي تربيت جي حوالي سان گهربل سطح تي نتيجا ڏيندڙ ڪو به اثرائتو ادارو ناهي.

ڪڙي نواب خان ۾ اسپورٽس ڪامپليڪس قبضي هيٺ آهي اسپورٽس گرائونڊ تباهه حال آهي جيڪو ڪنهن تلاءُ جو ڏيک ٿي رهيو آهي. هتي جانور ۽ انهن جو گند ڪچرو ڦٽو ڪيو ويندو آهي. شاهي باغ جو ڪرڪيٽ گرائونڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي حوالي هئڻ ڪري مقامي رانديگرن لاءِ ڪم جو نه آهي ڇو ته اتي اهي کيڏي نه ٿا سگهن پر پي سي بي ان گرائونڊ کي وساري ڇڏيو آهي. ان گرائونڊ ۽ اتي ٺهيل اسٽيج جي حالت به رحم جوڳي ٿي وئي آهي.

شڪارپور ۾ رانديگرن جي لاءِ ڪا هاسٽل به ناهي، شڪارپور ۾ راندين جي حوالي سان “مسٽر شڪارپور” جو اعزاز حاصل ڪندڙ افتخار مهر هڪ شاعر جي اغوا، جنسي ڏاڍ ۽ ان جي قتل ڪيس ۾ جيل حوالي آهي ۽ ڪيترائي نوجوان ڏوهن جي دنيا جا “دادا” ٿي رهيا آهن.

جڏهن ته اها به المناڪ ۽ افسوسناڪ ڳالهه آهي ته سنڌ سطح تي گولڊ ميڊل رکندڙ ۽ “مسٽر سنڌ” جو اعزاز ماڻيندڙ بلاول احمد آرائين گهر جي چلهه ٻارڻ لاءِ گڏهه گاڏو هلائي ٿو، محنت مزدوري ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو پيٽ پالڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي پر جنهن ۾ جيڪي صلاحيتون هجن ان کي اهڙو صلو نه ملڻ به نه ناحق آهي.

شڪارپور ۾ ان حوالي سان ٻن چئن ماڻهن پنهنجي طور تي نوجوانن جي حوصلا افزائي لاءِ وقت بو وقت ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر سوال اهو آهي ته سميع بلالي ۽ عبدالوهاب ڪاغذي سميت اهڙن ڪردارن کي پاڻ وٽ “ آڪسيجن ” ڪهڙي ملندي رهي آهي؟

سنڌ جو مشهور جسماني ڪرتب ڏيکاريندڙ پهلوان سراج پٺاڻ اڄ دربدري واري زندگي گذاري رهيو آهي. بيماري ۽ معاشي تنگي هن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. هن کي پنهنجو گهر ڪونهي، ڪو سهارو ساٿ ڪونهي وقت جي ستم ظريقي اڄ هن کي محتاجي تي مجبور ڪيو آهي ۽ هن وٽ ٻين جي آڏو هٿ ٽنگڻ کانسواءِ ڪو چارو نه بچيو آهي. ڪو ئي هن کان پڇڻ وارو ناهي زندگي هن لاءِ ڏينهون ڏينهن تنگ ٿي رهي آهي.

مون جڏهن هن کان پڇيو ته ڪيئن ٿو لڳي تو کي ٻين آڏو هٿ ٽنگيندي؟ هن ڏاڍي معصوميت ۽ تلخ سچائي سان مون کي کري کري ڳالهه ٻڌائي هئي.

چيو ته هئائين ادا بک ماڻهو کان خودداري کسي ڇڏيندي آهي. زندگي جي ذلتن اهو ڀلائي ڇڏيو آهي ته مون ۾ ڪهڙا جوهر آهن. وقت ۽ حالتن پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو سياستدان يا مخير ماڻهو قدر داني طور نه پر خيرات طور هڪ اڌ نوٽ ڏئي ڇڏين ٿا.

سراج پٺاڻ پينو فقيرن ناهي هڪ حساس ۽ باصلاحيت انسان آهي پر تاريخ جي تلخ ترين زندگي کيس جيڪي زندگي جون ذليل گهٽيون ڏيکاري رهي آهي هڪ حساس ماڻهو اهڙي زندگي کان موت ۾ پنهنجو ڀلو ڀائيندو.

شڪارپور ۾ سون جي تعداد ۾ اهڙا ڪردار آهن جن جو پنهنجي قابليت ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان قد تمام وڏو آهي پر هنن کي ڪائي قدر شناس اک به ته ڏسڻ واري هجي؟ هنن تي ڪو ڪهل کائڻ وارو به ته هجي ڪير هنن کي ان معراج تائين پهچائي جنهن جو هو مستحق آهن.

ميڊيا هنن جو آواز بڻجي سگهي ٿي پر ميڊيا ۾ اهڙا انسان اٽي ۾ لوڻ برابر آهن جيڪي بنا ڪنهن غرض جي اهڙن عام ڀلائي وارن ڪمن ۾ بهرو وٺندا آهن ۽ پنهنجي منفرد ڪارنامن جي ڪري خود پنهنجي ئي برادري جي هٿان تعصب ۽ تنگ نظري جو جو شڪار ٿي ويندا آهن. سو سوال آهي ته ڪجي ته آخر ڇا ڪجي؟

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو