Home / افيئر / شڪارپور: انتهاپسند برگيڊ خلاف بغاوت!
above article banner

شڪارپور: انتهاپسند برگيڊ خلاف بغاوت!

نسيم بخاري

ڀڳت ڪنور رام جي ڀونءِ شڪار پور اڄ جنهن برگيڊ کان باغي آهي اُها اِها ڏنڊا برادر برگيڊ آهي جيڪا هن شهر ۾ ڳچ عرصي کان نه رڳو هتان جي ثقافتي ۽ تفريحي سرگرمين جي مخالف رهي آهي ، پر ان ڏنڊي جي زور تي انتظاميه جي ڍال سبب ايترو اڳڀري به ٿي چڪي آهي جو جنهن به وقت اها چاهي ته ڪو به موسيقي جو جو پروگرام ڦٽائي سگهي ٿي ڪنهن به مينار بازار ۾ ٽاڪوڙو وجهي سگهي ٿي ٻيو ته ڇڏيو پر اها ٽين جنس جي منعقد ٿيندڙ ڪنهن خوشي ۽ تفريح واري پروگرام ۾ به ڦيٽاڙو وجهي سگهي ٿي. هنن جي ان عمل جي اڄ ڏينهن تائين شڪارپور ۾ نه سياسي، نه سماجي، نه وري ڪنهن انتظامي سطح تي ڪا مزاحمت ٿي آهي، نه اهي ڪڏهن ڪنهن وٺ پڪڙ ۾ آيا آهن، نه وري ڪنهن ڪيس سان منهن ڏنو اٿائون.

ان جو مطلب اهو ناهي ته هنن جي انهي هَٺَ ۽ هوڏ سان هرڪو متفق آهي، پر ڳالهه اها آهي ته هنن وٽ جيڪا سوين ماڻهن کي روڊن رستن تي ڪڍي اچڻ جي سگهه آهي تنهن کان سڀ ڪو لنوائي ٿو. ان ڪري نه چاهيندي به ڇرڪڻو پوي ٿو. شهيد الهه بخش جو شهر ڏسندي ئي ڏسندي هاڻ انتهاپسندي جي اهڙن شعلن جو شڪار ٿيڻ لڳو آهي جو ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي تي ٿيل ٻن خودڪشن حملن کان حاجن شاهه ماڙي واري تي ڪيل بم حملي تائين وارداتن ۾ ملوث ڪو به ماڻهو قانون جي پڪر ۾ نه آيو آهي، ايم اين اي ته مسلسل اتفاقي طور بچندو رهيو آهي پر حاجن شاهه پنهنجي چئن مريدن سميت حياتي جي قرباني ڏني آهي.

اهڙي ماحول ۾ شڪارپور ۾ پهريون ڀيرو 31 آگسٽ واري صوفياڻي راڳ رنگ واري تقريب  مشهور شاعر سامي چين راءِ جي پاڙي هاٿيدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عورتن جي شرڪت به ٿي آهي، جيڪا تمام وڏي ڳالهه آهي ۽ ان کي جيترو همٿائجي اوتري سٺي ڳالهه آهي.

شڪارپور ۾ ان طرح جو پروگرام 14 آڪٽوبر 2012ع تي به ٿيو هو  پر جنهن سطح جي سرگرمي هن ڀيري سامهون آئي اهڙي ڪڏهن به نه ٿي آهي. سچل سرمست، بابا فريد، بلهي شاهه، رکيل شاهه، چيزل شاهه، ڀڳت ڪنور، ڀڳت ڪبير جا ڪلام ماڻهن کي ايترو ته مست ڪري ڇڏين ٿا جو اهي جهومي پون ٿا.

هن پروگرام ۾ قومپرست اڳواڻ دودو مهري هڪ زبردست ڳالهه ڪئي ۽ سوال اٿاريو ته آخر ڇا سبب آهي جو سنڌ جي بزرگن ٽن هزارن سالن جي تاريخ ۾ سواءِ ٻن رتو ڇاڻ جي نائو مل ۽ مسجد منزل گاهه وارن واقعن کانسواءِ  ڪو به گوڙ ۽ جهيڙو يا ڪو فريب نه انتهاپسندي ٿي ملي پر پاڪستان جي 66 ساله تاريخ ۾ رڳو خونريزيون ئي خوبريزيون آهن. دهشتگرديون ۽ خودڪش بم حملا آهن.

دودو مهيري تصوف جي تاريخ ۽ تعليم تي ڳالهائيندي اهو به چيو ته صوفي بزرگ جز کي ڪل ۾ تبديل ڪرڻ جي ترغيب ڏين ٿا شڪارپور ۾ شدت پسندي وارن ٽولن کي نگاهه ۾ رکندي هن صوفي ڪلچر ۽ راڳ رنگ توڙي سندن پيغام کي پکيڙڻ تي زور ڏنو.

هن پروگرام ۾ غلام مصطفيٰ بلوچ به دل ۾ گهر ڪري ڇڏيندڙ سنجيده ڳالهيون ۽ نشاندهيون ڪيون ۽ سندس چوڻ هو ته تصوف کان دوري سماج جا ترا ڪڍيا آهن، تاريخ ۾ ڪڏهن به سنڌي انساني اسمگلنگ، منشيات، هٿيارن جي واپار ۽ خودڪش حملن ۾ شامل ناهن رهيا ۽ اهو سڀ صوفي بزرگن جي فڪر جو نتيجو آهي سنڌي مذهبي مت ڀيد، فرقيواريت ۽ ظلم ذيادتي کان به ماضي ۾ بلڪل پري رهيا آهن. تاريخ ۾ سنڌين ڪڏهن به عبادتگاهن تي حملا ناهن ڪيا.

پروگرام آرگنائيزر پرويز ابڙو ٻڌائي ٿو ته هو شڪارپور ۾ 1993ع واري مثبت تبديلي کي يقيني  بڻائڻ لاءِ متحرڪ آهن ۽ صوفي راڳ ذريعي هنن ڪوشش ڪئي آهي ته ماڻهو نسلي، مذهبي ۽ تنگ نظري کان ٻاهر نڪرن ۽ باطل قتون کي به خبر پوي ته انهن کي ڪو للڪارڻ وارو آهي. تقريب ڳالهائڻ کانسواءِ هن پروگرام جي جڏهن پيدائشي خبر چار وٺڻ واسطي “افيئر” ڪوشش ڪئي ته معلوم ٿيو ته ان جي انعقاد لاءِ هتان جي انتظاميه اجازت وٺڻ جي اڙي ڪئي. ڇو ته انتظاميه نه ٿي چاهيو ته ڪو ڦڏو ٿئي ۽ ڦيٽهاڙو نه پوي ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان رمضان مهيني ۾ شڪارپور ۾ عيد تي رليز ٿيندڙ هڪ ٻن فنڪارن جي سي ڊي وارو پروگرام ڦيٽهاڙي جو شڪار ٿي چڪو هو.

هنن هڪ لحاظ کان اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته جيڪڏهن ڪو ڦيٽهارو ٿئي ته ان جو مقابلو ڪبو پوءِ ڀل نتيجو ڪهڙو به نڪري ۽ جيڪڏهن ڪنهن امڪاني خطري جي رد عمل ۾ ڪو جهيڙو جهگڙو ٿيو ته اهو ئي انتهاپسند قوتن سان عملي ويڙهه جي ابتدا ٿيندو.

هن پروگرام جي شڪارپور ۽ رات ڀرپاسي جيڪا عوامي سطح تي پذيرائي ٿي تنهن جو لفظن ۾ بيان ڏکيو آهي پر شهر جي ماڻهن کي ان ڳالهه تي وڏي حيرانگي ٿي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي موجودگي باوجود شهر ۾ ٿيندڙ هڪ مثبت سرگرمي جي اٽي ۾ لوڻ جيتري به ڪوريج نه ٿي.

اهو پروگرام هڪ بلڊنگ مٿان چوديواري ۾ کليل آسمان هيٺان ٿيو پر شڪاپور جي ماڻهن جون دليون تڏهن ٿڌيون ٿينديون، اکيون ان وقت ٺرنديون جڏهن ان طرح جا پروگرام شاهي باغ، گئس باغ، جماڻي هال يا سبزه زار هال توڙي هاءِ اسڪول ون، هاءِ اسڪول ٽو ۽ سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ ٿيڻ لڳندا.

پر الميو اهو آهي ته ان احساس کي جنهن جذبي سان اجاگر ڪرڻ جي ضرورت  آهي ان اهميت کي اوترو ئي پوئتي ڌڪيو ويو آهي شڪارپور جي ايم پي ايز، ايم اين ايز سياسي پارٽين ۽ ضلعي انتظاميه  غلفت جي ننڊ ۾ آهي.

هتي ثقافتي ۽ تفريحي سرگرميون ڄڻ ته گناهه تصور ڪيون پيون وڃن ڪو به اهڙي پاپ کان ايئن ٿو لنوائي ڄڻ ان کانپوءِ ان جي لاءِ ڌرتي ٽامو ٿي ويندي.

حقيقت اها آهي ته چونڊيل نمائدا ۽ ضلعي انتظاميه جيڪڏهن ان حوالي سان متحرڪ ٿي ۽ ايمانداري سان اک پٽي ته نه رڳو شڪارپور ۾ وڌندڙ انتهاپسندي جو دٻاءُ ۽ خوف ۽ حراس گهٽجي سگهي ٿو پر هن شهر جي ماڻهن جي مزاج ۾ به خوشگوار تبديليون اچي سگهن ٿيون جيڪي هاڻ هڪ خواب ٿيون لڳن ۽

شڪارپور ادب ۽ علم ادب جو گهوارو آهي پر بدقسمتي اها آهي ته جن ماڻهن ۾ شهر کي بهتر ڪرڻ جو هنر آهي جيڪي هتان جي ادب، ثقافت ۽ آرٽ کي اڏام بخشي سگهن ٿا تن وٽ وسيلن جي کوٽ آهي ان ڪري اهم ٽيم هئڻ باوجود ڪوٽاڪوڙو  اثر  نه ٿا مچائي سگهن.

شڪاپور سوشل فورم شهر جي بهتري جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي خواهش رکڻ باوجود اڪيلو آهي ان کي جنهن اتساهه ۽ ساهس جي ضرورت آهي اهو هر سطح تي ۽ هر حوالي سان اڻ لڀ آهي.

ان جي باوجود شڪارپور جي شاعرن، اديبن ۽ ڪالمنگارن پاران شهر ۾ ترقي پسندي ۽ تعمير وارو قافلو روان دوان آهي هنن جي لکڻين ۽ لفظن ۾ جيڪا رڙ آهي، جيڪا دانهن ڪُوڪ آهي ۽ جيڪو درد آهي اهو سياسي، سماجي ۽ اتنظامي سطح تي جنهن داد درسي جو طلبگار آهي اهو ڌيان اڃا تائين ميسر نه ٿيو آهي ايئن ناهي ته مٿيون لاپرواهيون لاشعوري آهن پر سچ اهو آهي ته اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي روڪي  رکيو پيو وڃي ڇو ته جن جي هٿ وس حالتن سڌارڻ جو ذمو آهي اهي ئي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان حالتن جي بدتري جا ذميوار آهن.

اهي مثبت تبديلين جو ساهه ٻوساٽن ٿا ۽ ڪنهن به چڱي عمل کي اک جو سمجهن ٿا. هو ئي سبب آهي ته جو ڪا همت افزائي نه ٿي ٿئي ڪا دلجاءِ ئي ۽ دلداري نه ٿي ٿي.

ان جي نتيجي ۾ هڪ حد تائين مايوسي پکڙي آهي جنهن جو ازالو وقت جي ضرورقت آهي پر ان پڪار کي ڪوئي ورنائي نه ٿو؟ جي ها ته ان جو اثر ۽ رد عمل ڪٿي آهي؟ جي نه ته ڇو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو