Home / پروفائيل / شڪوريو نهڙي، جيڪو بنا ويزا سرحد پار ڪاڄ ڪرائيندو هو!
above article banner

شڪوريو نهڙي، جيڪو بنا ويزا سرحد پار ڪاڄ ڪرائيندو هو!

Khalid Kunbharشڪورئي جو اصل وطن “سوندري” ۾ ڳوٺ “ڪارتلي” هو. سوندرو اهو چوڪنڊي هئي . جتي جيسلمير،جوڌپور، خيرپور ۽ ميرپور رياستن جو سرحدون اچي پاڻ ۾ ملنديون هيون. پر انهن سرحدن ملڻ واري جڳهــ تي اهو علائقو جوڌپور رياست ۾ هو. اهو علائقو مهراجا اميد سنگهـ درٻار جي وڏن جي اجازت سان آباد ڪيو. اهو ئي سوندري وارو علائقو پنجاه ڪلوميٽر اتر ڏکڻ ۽ پنجاه ڪلوميٽر اوڀر اولهــ نهڙين کي مليو.اهي نهڙي سوندري ۾ رهي چئني رياستن سان هٿ کس ڪندا رهندا هئا.هنن جو ڪم ئي ڦر ڦران هو. شڪورئي جا وڏا بــ ست پيڙهياتا اتي جا هئا.نـ تــ نهڙين جا ابتا پيرا ٺٽي ۾ کٽن ٿا، جتي مغلن ۽ ارغونن جي حملن کان ٽاه کائي ڀڳا . پوءِ ونگوپتڻ جتي اڄ بــ نهڙين جا پٽڪي ٻڌ ارباب رهن ٿا. پوءِ نيوڇوڙ ۽ آخر سوندري وارا ريٽ وسايا.جڏهن ننڍي کنڊ ۾ ليڪو نڪتو تــ اهي ئي ٽاه کائي ڀڳل نهڙيا ابتين پيرين وري واپس ٿيا. سي موجوده ڇور ڍورنارو ۽ پٿوري جي پٽن تي آباد ٿيا. شڪوريو بــ نهڙين واري واپسي جي پنڌ جو پانڌيئڙو هو. جنهن اچي پٿوري ڀرسان ڪهاڙي پکي واري ڳوٺ ۾ پکا کوڙيا.انهي ئي شڪورئي نهڙي تي گرڌر جهڙن ڀاٽين چارڻن کان گيت لکرايا جيڪي اتي جي مڱڻهار فقيرن کان وٺي پاڻ واري ٿر جي لوڪ فنڪار حيدر رند جهڙن پاون جي لهرن تي ڳايا.جسونت سنگهــ جڏهن ارباب دور ۾ ڪراچي آيو هو تــ هن سان گڏ آيل مڱڻهارن اهو گيت هتي جي نهڙي راجا جي درٻار ۾ دل کولي ڳايو هو.

ڀاٽي گرڌر گيت گڙايو نور علي سائتا ڪيتي

مولارکيو مان واه ڙي شڪور نوجوان

انهي شڪورئي نهڙي ڪي ڏينهن پٿوري اڪڙي ۾ گذريا. پر وري انهي پيرن واپس وڃي سوندري جي ريٽن تان ڀاٽين جي “سگن ” نهارڻ واري صحبت ورتي. هن جي هتان رت وارا ڇڏي واپس وڃڻ لاءِ مختلف ڳالهيون پٿوري ۽ ڪانٽئي کان وٺي مولوي نيڪڻ فقير نهڙي ۽ ڪاڪي جانو ڍاٽي جهڙا ڪن ٿا. اهي اڃا هن جي ٻاروتڻ جا ڏينهن هئا.هڪڙا چون ٿا تـ هن جو ليڪو ٽپي واپس وڃڻ مهل هن کوکڙي وٽ انهي ست اٺ سال جي عمر ۾ رينجرس جي انسپيڪٽرس سان ڦڏو ڪيو هو.ٻيا چون ٿا هن اڪڙي جي شهر ۾ ڪنهن جا اسمگل ڪري آندل ٻيڙي وارا پن کڻي آيو تــ صوبيدار سان ڦڏو ڪيو ۽ وڃي ليڪو ٽپيو.هڪڙا چونٿا چوراٽيو ۽ ٿورو ارڏو هو پوءِ جڏهن ليڪي کان هن پاسي وارو مشهور ڌاڙيل شير خان ماراڻو ڪو نهڙين جي ٻانهن جو مسئلو هو سو هن کي گهرائي ورتائون.جڏهن هو وڃي گرڌر سنگهــ ڀاٽي واري ڌاڙيلن جي ٽولي سان گڏيو تــ پورا پنج سال هن کي اٺ تي چاڙهي ڊوڙائيندا هئا.اندرنگ ڀاٽي هن کي پٽن وانگر پاليو هو.سو هن ڀاٽن وٽ سنگن نهارڻ بــ سکيو تــ ڌاڙي جا اصول به. انهن اصولن پالڻ بــ ، انهي کان پوءِ هن جي ڌاڙن وارو تر آٻو جبل، يوپي ،سي پي ۽ بهار هئا. هن آٻو جبل وٽ هڪڙي جج جي ڳوٺ ۾ ڌاڙو هنيو چون ٿا تــ جج جي ڌي هن کي پنهنجي ڪن جا والا لاهي ڏنا . انهي ڇوڪري کي اهي والا واپس ڪيائين ۽ پوءِ چون ٿا انهي جي شادي تـي بـ اڪيلو آٻو جبل ويو. اهو شڪوريو نهڙي سرحد کان هن پار جو اشتهاري ڏوهاري هو . انهن ڏينهن ۾ بــ هن تي لکين رپيا انعام رکيل هوندو هو. بارڊر وارين چوڪين تي بــ هن جو ڦوٽو لڳل هوندو هو. پر سرحد کان هن پاسي هن تي ڪابــ ايف آءِ آر نــ هئي. هن جو وطن سرحد جو ليڪو نڪرڻ کانپوءِ ڪهڙو هو اها هن کي بــ خبر ڪونـ هئي.

JUNE-15-2014   44

مڌيا پرديش واري پاسي جو هي نامي گرامي ڌاڙيل شڪوريو جيسلمير، ٻاڙمير، چهوٽڻ ،ڇاڇري ۽ امراڻي واري سوڍن جو هي وري ساڃڻ جو ماڻهو هو. ڀاٽين جا سيکاريل ۽ اصول سوڍن سان رت کان وڌيڪ رشتي جهڙا ٿيا. هن پاسي هن جو صرف ڪم هو سرحد کان هن پاسي جون ڄڃون راتو رات بارڊر وارو ليڪو ٽپائي اچي ڇاڇراٽي جي سيم ۾ رات ٽڪائيندو هو. هن پاسي جي سوڍن ، ڀاٽين ،گنگڏاسن جا ڳوٺ هن جا پنهنجا هئا . وري هن پاسي جي ويرسين، رام ڀوڄراجن، ساڏور، ڏلهن ، نٻن ۽ نرن سوڍن جي اوتارن جو اڻ ڪوٺيو مهمان ٿيندو هو.انهن ڄڃن کي راتيون ٽڪي پرڻائي وري وڃي بارڊر اڪاري ڳوٺ ڳوٺ ۾ رسائيندو هو نــ پاسپورٽ نــ ويزا بس گهوٽ هتان جا سوڍا اٺن تي چاڙهي شڪورئي جي حوالي ڪندا هئا. ۽ هن پاسي وارا وري نينگريون پرڻائي شڪورئي جي هٿ ۾ امانت طور ڏيندا هئا جيڪا امانت وڃي سرحد کان هن پار رسندي هئي. سرحد کان پار ڪيترن ڳوٺن ۾ شڪورئي جون پرڻايل نينگريون اڃا جيئريون آهن.شڪورئي جي اکيون پورڻ کان پوءِ سوڍن کي اهي نينگريون پرڻائڻ لاءِ هاڻ ويزا، پاسپورٽ ۽ وڏي خرچ جي ضرورت پوي ٿي. ڇو جو سوڍن ۾ اچن نکن وارا ٺڪر اڃا تائين سرحد کان هن پار گناتپي ڪن ٿا سڄي ڏيتي ليتي هن پاسي آهي . پاڻ واري ٿر جون هر سال سوين نينگريون اتي پرڻجن ٿيون جن جي لاءِ پنهنجي اباڻي واري ڳوٺ ۾ ڪا بــ ڄڃ نٿي اچي. هتان اڪيليون هتي وڃن ٿيون پنهنجي پيءُ سان گڏ سموريون رسمون اتي ئي ٿين ٿيون .وري سڄي عمر هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ جا وڻ ڏسڻ لاءِ به سڪنديون رهن ٿيون. شڪوريو نهڙئي هوندو هو تــ اهي نينگريون شڪورئي نهڙي سان گڏ هولي ديوالي تي بــ اچي رسنديون هيون. انهن سوڍن جي 32 نکن مان . انهن سوڍن مان گنگڏاس، رام ويرسي سرطان،ڀوڄراج، ساڏور، ڏلها،اهي جيسلمير جوڌپور ۾ پرڻائن ٿا.نرا ،نٻا ،اکا وري ڪڇ واري پاسي پرڻائن ٿا.سو انهن جي اڃا تائين اها ئي ريت آهي. شڪوريو نهڙي پاڻ سان ويهــ ويهــ ڄڃون گڏ وٺي ايندو هو. پوءِ گهوٽن کي اڳ۾ روانو ڪندو هو ۽ ڏوڪرو يامين نهڙي، جيڪو هن جو ساٿاري هو، چوي ٿو پٺيان نينگرين جا اٺ هوندا هئا ۽ پاڻ سڀني کان پٺيان آخري اٺ تي هوندوهو . وڏي حيا شرم وارو ماڻهو هو. عورت جي اڳيان ڪنڌ هيٺ هوندو هو. اها ڀاٽين جي دين هئي . تڏهن نهڙي هوندي بــ لوڙهي جو حيا ڪندو هو .انهي کان سواءِ ڏوڪرو يامين ٻڌائي ٿو تــ انهن ڏينهن ۾ ڦرڦران گهڻي هئي. ڪاٽڪو هتان اٺ ڇوڙي وڃي سرحد ٽپندا هئا. انهن ڏينهن ۾ تڏهوڪي اي سي پيرڏان سنگهــ جو اٺ هتان چوري ٿي ويو، مڱرين ڪيو. پيرڏان ارباب امير حسن وٽ دانهن کڻي ويو ڪيئن به ڪري اٺ ورائي ڏي اميرحسن تي بار پيا. اميرحسن ڏوڪري يامين کي شڪورئي وٽ موڪليو . انهن ڏينهن ۾ شڪوريو ڀاٽين جون ويهـ ڄڃون هتي پرڻائڻ لاءِ آيل هجي.ڏوڪرو انهي سڄي سفر ۾ شڪورئي سان گڏ هو جڏهن انهي سفر جو داستان ٿو ٻڌائي ڄڻ ڪنهن ناول کي وڏي سڏان ٻڌائيندو هجي. جنهن ۾ هرڪردار ۽ منظر سان هو انصاف ڪري ٿو. ويهـ ڄڃون ڇڏي جڏهن آخري ڳوٺ ۾ پوليس هنن جو گهيرو ڪري ٿي ۽ اتي شڪور جون پرڻايل 45 ڇوڪريون ايس پي کي چون ٿيون، اسان توکي سون ۾ ٿيون توريون تون ادي شڪور کي ڇڏ. پر ايس پي جي شڪور سان ذاتي دشمني هجي ٿي. گرڌر جي مائي اوڏيا سون جا ڀري ڏي ٿي. ۽ انهن ڏينهن پوليس ڳوٺ مان ڍڳين جي نڪرڻ تي بـ ڀاڳين تي پابندي هڻي ٿي ڇو جو انڊين قانون ۾ ڍڳي کي گولي ناهي هڻڻي ۽ پوءِ آخر ۾ شڪور انهي گهيري وچان ٻولائي نڪري ٿو ۽ گهوڙي کي گولي ٿي لڳي انهي داستان کي ٻڌڻ لاءِ اوهان کي ڏوڪري يامين جي اوتاري جو پنڌ ڪرڻو پوندو.

شڪورئي جو انهي کانپوءِ وڏو ڪم هو ايڪهتر واري جنگ ۾ راڄن جو راکو ٿي بيهڻ هٿيار کڻي انڊين آرمي سان هڪڙي جانباز سپاهي وانگر وڙهيون تنهن تان تڏهوڪي ڪنري جي ڊي ايس پي شڪورئي کي نياپو بــ موڪليو تــ اسان توکي هٿيار ڏيون ٿا تون اسان کي اسان جا ڦاٿل ماڻهو ڪڍي ڏي. اڪلين واري سميجن جي سموري ڳوٺ کي هن اڪيلي ماڻهو بچايو هو. چون ٿا انهن ڏينهن ۾ جنگ جي حالت ۾ جنهن کي جنهن جو مال ٿي مليو تنهن ٿي ڦريو هي اڪيلو ماڻهو هو جنهن انهي ڦر ڦران کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هلندي جنگ ۾ لڇمڻ سنگهــ کي ڌمڪي وارو خط بــ لکيو هو تــ تون مسلمانن کي مارائڻ ڇڏ نــ تــ وڏو دنگل ٿيندو. انهي خط جي ورندي بـ لڇمڻ سنگهــ ڏني تــ اهو سڀ ڪجهــ انڊين آرمي پئي ڪري منهنجو ڪجهــ ناهي.ماراڻو بــ انهي تان ڀيلن جون کوسا ٻڪريون ڦري ويا . هي انهن کوسن سان ملي ڀيلن کي اهي ٻڪريون واپس وٺرائڻ ويو کوسا بارڊر کان سڀ ڪجهــ ڇڏي فوج جي ڊپ کان ڀڳا هئا. انهن سان ڪچهري خوشي خوشي ۾ هلي پئي کوسن جي پوڙهن ڏوڪرن رڍون واپس ڪرڻ جون ڳالهيون پئي ڪيون تان سمورو لڏو وريو ستيتاليهــ ڌڪ شاهي تڙ رندن جي ڳوٺ وٽ ۽ پوءِ جڏهن جسد خاڪي ڪنري کڻي آيا چون ٿا، ٽڪ اجرڪن جي هن شخص تي پئي رڳو جنگ ۾ وڙهڻ ۽ ٺڪرن جي ڪري. جڏهن پوسٽ مارٽم ساماري ۾ ٿيو تــ هن جي اندر ٻــ دليون هيون . آخر ۾ چيل بند واري قبرستان ۾ سوندري جي مٽي پٿوري کان ٿيندي مدفون ٿي. چون ٿا جڏهن اها خبر سرحد کان هن پار پهتي تــ اندرنگ جو ڀائيٽو چريو ٿي ويو، واري جون قبرون ٺاهي انهن تي اجرڪ جون اوڍاڻيون پئي اوڍايائين.هتي جا گهڻا تڻا ٺڪر اڃا تائين انهن کوسن کي مرڻي پرڻي سڏ ناهن ڪندا پر نهڙين اهو روضو ٽوڙي ڇڏيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو