Home / افيئر / صبيح الدين غوثي جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو  خوشحال سنڌ، بدحال ماڻهو!
above article banner

صبيح الدين غوثي جي ڪتاب جو سنڌي ترجمو  خوشحال سنڌ، بدحال ماڻهو!

ارشاد ميمڻ

نهاري سرهائي ٿي ٿئي، وقت جي تنهن موڙ تي بيٺا آهيون جتي هڪ پيراڊائيم کان ٻئي پيراڊائيم ڏانهن منتقلي، شفٽ جو عمل چٽو ڏيکاءُ ڏئي رهيو آهي. عالم جي صورتحال آهي. رنج ٿو محسوس ٿئي جڏهن اسين، سڌارو سانڍيندڙ ان مرحلي ۾ اٽڪاءُ ثابت ٿي رهيا آهيون. اونداهه طرف وڌندڙ سوجهري کي پٺي ڏيئي بيٺا آهيون. ايندڙ زماني ۾ اهڙي ناڪاري روش جي ڪهڙي ۽ ڪيتري قيمت ادا ڪنداسين، چئي نه ٿو سگهجي. ڇا قومي غلامي کي مکيه ڪارڻ طور ڳڻائجي؟ خودارادي جي حق جي اڻهوند ئي پاڻ کي اڄوڪو ڏهاڙو ڏيکاريو آهي؟ جواب ايترا سادا ۽ سولا ڪين ٿا لڳن. فقط هڪڙي ڳٽ کي لاڳيتو گهورڻ سان ڪٿ کان ٻاهر نقصان پلئه پيو اٿائون. ڪوئي آهي جو اسان کي هن رگهه کان ٻاهر ڪڍي؟ پاڻ به حقيقي ڇوٽڪاري تان ڄڻ هٿ کڻي چڪا آهيون. سمجهه ڀريو، سڄڻ، دلبر آواز ڪنن کي ڇهي ته جيڪر ڏونگر ڏاري ڇڏجن.

تنهن نوع جي ڪُوڪ ڀاڪر ۾ ڀري وٺجي. سڀ چون ايئن ٿا. ڪرڻ ٻيو معاملو آهي. مٿيان ويچار آهن جي احترام لائق سائين صبيح الدين غوثي جي مضمونن کي پڙهندي دماغ ۾ اچن ٿا. جس لهڻي پيارو همسفر گاڏهي جيڪو کيس لاڳاتار سهڻي سنڌي ۾ ترجمو ڪندو رهيو. تحريرن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ آندو اٿائين. “افيئر” رسالو هينئر ايترو وڏو ٿي ويو آهي جو سندس پيٽ مان بياض جنم وٺي رهيا آهن.

“خوشحال سنڌ، بدحال ماڻهو”- ٽن ڏهاڪن ۾ ڇپيل اهم دستاويز آهي، ساربو ته مانواري جي ايم مهڪري جي “ساروز آف سنڌ” ۽ ٻين تحريرن بعد غوثي صاحب اسان جي اتهاس جو اهو سرٻاٽ هئو جيڪو احساس ڏيارڻ جي ڪوششن ۾ لڳو رهيو ته رڳو مٽي ماٿي لائڻ سان ڪم نه ٿيندو. پوليٽيڪل ايڪانامي ۽ سماجيات جا ٻيا باب به آهن، نه وسارڻ کپي ته مٿيان ٻه ئي ڏاها سنڌي هئا. سنڌيت جي خمار ورتل ڪيترن مجهولن کان الاهي گهڻو سيتا ۽ موچارا. معاشري تي تبصرو ڪرڻ گهڙي ذاتي مطلبن ۽ کنڊائپ کان پاڪ. ايماندار ۽ معصوم مهانڊا. سچي ۽ کري ڳالهه چوڻ وارا. قوم، قوم جو راڳ آلاپيندڙن کي دڳ ٻڌائيندڙ ته آجپي ۽ ترقي ڪاڻ ڪهڙا اپائڻ وٺڻ کپن. سوسائٽي ۾ لڙ ايترو آهي جو سندن دانهن ورلي ڪو سڻندو هجي.

باريڪي سان نهاربو ته ارنيسٽ ٽرمپ جو پورهيو اچرج ڏيکاريندڙ آهي. ساڳي تپسيا مهڪري ۽ صبيح الدين غوثي جي نظر ايندي. ٽرمپ، شاهه لطيف جي ڪلام کي محفوظ ڪري، اسان جي ثقافتي بنيادن کي پختو ڪيو. جي ايم مهڪري سماجي قائدن هيٺ سنڌ جي سياسي بيهڪ جي تشريح ڪئي. پهريون دفعو ياد ڏياريو ته ٽيڪس پياريندڙ سنڌي ماڻهن جا به ڪي حق آهن، رياستي ڍانچو جن کان مسلسل انڪاري رهيو آهي. غوثي صاحب معاشي انگ اکر گڏ ڪري، هتي جاري ڦرلٽ کي دستاويزي شڪل ڏئي ٿو. ايئن سنڌ جو ڪيس ٺوس انداز ۾ دنيا آڏو اچي ٿو. نه رڳو ايترو پر هو بنگالين ۽ بلوچن ڪاڻ به ساڳئي جذبي سان جهيڙيندي ملي ٿو. سالن تائين وفاقي ۽ صوبائي بجيٽن ۾ حسابي حرفتن کي وائکو ڪندو رهيو.

“خوشحال سنڌ، بدحال ماڻهو” ۾ شامل لکڻيون “افيئر” ميگزين جي ڪور اسٽوري طور پڙهندرن جي ذهني تربيت ڪنديون رهيون. فوج جي ڪاروباري نيتن کان وٺي اٽي جي ملهه تائين وٽس اڻکٽ موضوع آهن. ايئن جيئن سماج ۾ انيڪ مسئلا آهن.

اين ايف سي ايوارڊ واري ٽڪساٽ کي هن وانگر ڪنهن وائکو نه ڪيو آهي. اسٽيبلشمينٽ، بينظير ڀٽو کي ڪڌن ارادن جي راهه ۾ رڪاوٽ ڪيئن ٿي ڄاتو، غوثي ئي ٻڌائي سگهي ٿو. پڪي ڄاڻ جي بنياد تي مختلف واقعن جو ڇيد، نهايت اثرائتي نموني جو هي ڪتاب پڙهي پورو ڪندڙ وٽ دليلن جي کاڻ هوندي. ڊائلاگ جي ميز تي بي هٿيار نه هوندو. طالبان جون مهربانيون هجن يا ڪراچي تي قبضي جي جنگ، قاري وڏي اعتماد سان بحث ڪرڻ جوڳو هوندو. تمام گهٽ مهربان ڏاها ايتري دليري سان موضوعن کي ڦلهوريندي ڏسبا آهن. مصلحتن جو دق هر ڪوئي وڪوڙيل هوندو آهي. غوثي صاحب بهرحال تنهن سلهه کان محفوظ رهيو. سندس آواز ڪڏهن به ڏڪڻي جو شڪار نه ٿيو. هڪ سورهيه انسان جو موت مري، گهڻن کي اتساهه بخشي ويو. ڪيئي زمانا پاڻ ان يار جا سلامي رهنداسين.

“ڊان” اخبار جا پيلا پنا، اسان سنڌي جن کي هارون خاندان پاران موڪليل دستر خوان ڪوٺيندا رهياسين. معاشيات سان واسطو رکندڙ خبرن ۽ تجزين ڀريل انهن صفحن تي نيرن کان رات تائين ماني رکي کاڌي سين. نه ڄاڻيندي ته تن ڪاڳرن ۾ صبيح الدين غوثي نالي شخص ڀرپور انداز ۾ اسان جو ئي ڪيس وڙهندو رهيو. تان جو “افيئر” رسالي جي پياري همسفر گاڏهي همت ڪري، کيس پنهنجي ميگزين لاءِ لکرائڻ شروع ڪيو. انگريزي ۾ تحرير ڪيل مضمونن کي ترجمو ڪندو، ڇاپيندو ويو. ٻي صورت ۾ پاڻ شايد غوثي صاحب جهڙي محسن کان ايترو واقف نه رهون ها. سائين جويو صاحب جيڪڏهن جي ايم مهڪري جي لکڻين کي سنڌي ويس نه ڍڪائي ها ته اسين ان وڏي ماڻهو کان پڻ بي خبر رهجي وڃئون. سچ به، گذريل چئن ڏهاڪن ۾ ايترا نعرا هنيا اٿئون جو هاڻ دماغ مائوف ٿي چڪو آهي. موڳو انسان عقل واري ڳالهه سڻندو آهي ڇا؟

سنڌ جي معاشي ۽ سماجي اسٽڊي لاءِ قائم ادارا معذورن جي پيٽ پالڻ جو ڪم ڪنداهجن. سياست وارا ٺٺ ٺانگر خاطر ڌرتي کپائڻ ڪاڻ آتا هجن. ڏاهپ ٺوٺي ٿي وئي هجين. جاهلن جي لوڌ آجپو آجپو ٻاڪاريندي رهي. وٿي ملڻ تي هر طرح جي مڇلائپ جو مظاهرو ڪرڻ جي شوقين ڏسجي. تڏهن هٿين خالي، بلڪل اڪيلا ماڻهو سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهن. سگهارين ڌرين سان اکيون اکين ۾ ملائي بيهن. مظلومن جي صفن ۾ موجود واٺن کي به اگهاڙو ڪن. اڳتي وڌڻ جي واٽ ڳولهي ڪڍن. جي ايم مهڪري ۽ غوثي صاحب اهڙا انسان ٿي گذريا. هنن پنهنجي جيئڻ جو حق ادا ڪيو. اسين ته کين ڪا موٽ ڏيڻ جي حيثيت ۾ ئي نه آهيون. هائو، هڪڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي. پاڻ جيڪي ڪجهه چوندا رهيا سو هنيئن سان هنڊايون. سندن تحريرن کي وري وري پڙهندا ۽ ويچاريندا رهون. جياپي جي ويڙهاند ۾ اڳڀرا ٿي ڏيکاريون. هنن جي آتمائن کي تنهن ريت ئي سرخرو ڪري سگهجي ٿو.

دنيا ايندڙ چاليهه پنجاهه سالن ۾ ايئن نه هوندي جيئن اڄ نظر اچي ٿي. سنڌي سماج استادن کان منٿليون وٺندو رهيو. ڦوڪن تي گذارو رهيس. اڻ پڙهيل ليبر فورس ڄڻيندو رهيو. مليريا ۽ آنڊي جي تپ ۾ پاهه ٿيندو رهيو. پوءِ شايد، صبيح الدين غوثي جهڙا حڪيم ڪجهه نه ڪري سگهن. بيمار ۾ جيئڻ جي ڪا تمنا هوندي ته طبيب جو وس به هلندو. چڱو ٿيندو جو سوير ئي اک پٽجي. صلاح اها ته غوثي صاحب جي هن ڪتاب ۾ شامل لکڻين کي وري وري پڙهجي. سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته اسان سان انياءُ ڪيئن ۽ ڪهڙي سطح تي ٿي رهيو آهي. غيرن سان مهاڏي ۾ هونئن ئي آهيون. جن کي پنهنجو ٿا ڄاڻون تن جي ڪٽڻپي تي به ترار اُڀي رکئون. وڏن ماڻهن کي مان ايئن ئي ڏنو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو