Home / افيئر / طالبان: دادلي ٻار کان اسٽيڪ هولڊر تائين!
above article banner

طالبان: دادلي ٻار کان اسٽيڪ هولڊر تائين!

مظهر

 پهريان ته جناب عمران خان جو مطالبو هو ته جيئن ته هو ڪو عام ليڊر ڪونهي ۽ نڪو ئي سندس پارٽي ڪا جهڙي تهڙي پارٽي يا ”پارٽين جهڙي پارٽي“ آهي تنهن ڪري جن به معاملن تي هن سان مشاورت ڪرڻي هجي، کيس خصوصي دعوت ڏيئي ٻين خصيص پارٽين ۽ ليڊرن کان الڳ ويهاري ساڻس اسپيشل اجلاس ڪيو وڃي. اسامه جي مارجڻ کان پوءِ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ڀيري به ايئن ٿيو هو جتي هي عظيم ”تبديلي“ رهنما تيسين اچڻ لاءِ راضي نه پئي ٿيو جيستائين سندس سرپرستن کيس اهو نه چيو ته سندس غير حاضريءَ سان نقصان هنن جو ٿيندو. ۽ پوءِ ان اي پي سيءَ ۾ به دنيا ڏٺو ته هو وڃي جنرل پاشا جي پاسي واري ڪرسيءَ تي ويٺو. اهوئي جنرل پاشا جنهن ڪجهه ئي عرصو اڳ کيس نويڪلائيءَ ۾ امبيسيڊر حقانيءَ جي ميمو معاملي بابت ”اعتماد ۾ ورتو“ هو.

سو هن ڀيري واري اي پي سيءَ ۾ به سڀ انتظام مڪمل هئا پر همراهه ڪو مڃي ڇا؟ چي؛ پهريان ڌار اجلاس گهرايو وڃي جنهن ۾ وزير اعظم، آرمي چيف ۽ ايجنسين جا سربراهه گڏجي ويهي هن اڪيلي اڳواڻ کي بريفنگ ڏين ۽ وٽس موجود انتهائي اهم سوالن جا جواب ڏيئي کيس مطمئن ڪن جنهن بعد هو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو ڪندو. جوڪ هليا ته خان صاحب کي فقط اڪيلائيءَ ۾ گهرايل اجلاس ۾ ئي مطمئن ڪري سگهجي ٿو.

چون ٿا ته وري به مٽن مائٽن جي چوڻ تي هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سڄي  ملڪ تي احسان ڪيو۽ ڪانفرنس ۾ شريڪ به ان لاءِ ٿيو ته جن کي هو ”اپني هي لوگ“ چوندو پيو اچي تن جي نازڪ مفادن مٿان نر پکي هڪلي.

پر ان نيڪ ڪم ۾ هو اڪيلو ڪونه هو. ٻين به ڪيترن جي ٻولي اها ئي هئي. عاليجناب ميان نواز شريف جي پارٽي به ڪو انهن کي ڌاريو يا دشمن ته ڪانه ٿي چوي. ”ديني جماعتون“ پنهنجي ٻچن تان هونئن ئي گهور ٿيڻ لاءِ تيار ويٺيون آهن، سو انهن به اهي ئي خطبا ڏنا ته ويچارن  طالبانن سان ڳالهيون ڪيون وڃن. پنهنجن ٻچن سان ڪهڙو حساب؟

پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڪجهه عرصو اڳ تحريڪ انصاف جي خيبر پختونخواه سرڪار ڊي آءِ خان جيل ٽٽڻ جي عمل جي مذمت ڪئي هئي پر جيل ٽوڙيندڙن جي مذمت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ وزير اعظم قوم کي ڪيل پنهنجي ”ڪنواري“ خطاب ۾ بجليءَ جي ٿنڀن جو ذڪر ڪندو رهيو پر ”ٻچن“ جي باري ۾ الف جي ب به ڪانه چيائين ته اهي صحيح ڌنڌي سان لڳل آهن يا نه. رڳو رحمان ملڪ واري ”سڌر جائين“ جهڙي نازيبا ڳالهه ڪري به سندن شان ۾ گستاخي نه ڪيائين. نواز ليگ جا ليڊر ۽ ويندي عام پنجابي ته هونئن ئي اهو چوندي ٻڌبا آهن ته ”طالبان اپني لوگ هين. سب سي بڙي بات يه هي ڪه الله ڪا نام ليني والي لوگ هين، ان ڪي ساٿ لڙائي نهين، بات چيت هوني چاهئي!“ سپهه سالار اڳ ئي ”بات چيت“ جي حق ۾ آهن ۽ سلامتيءَ بابت اها ڪميٽي جنهن جي اي بي سي ڊي نواز شريف ٽي دفعا تبديل ڪئي آهي، تنهن ۾ به اهڙيون ئي ڳالهيون ٿيون آهن. هونئن ان ڪميٽيءَ کان پوءِ ماڻهن چوڻ شروع ڪيو آهي ته جنهن نواز شريف جهانگير ڪرامت کي هروڀرو چور ٺاهي ڀڄائي ڪڍيو هو تنهن جي موجوده مينڊيٽ جي کوتي ته ڪرامت واري تجويز ڪيل جاءِ تي اچي ”کلوتي“ آهي. ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته نواز شريف اها ”ڪميٽي“ ڏکين وقتن لاءِ وڌي آهي. ”ڪميٽي“ پنجاب ۾ ان شيءَ کي چيو ويندو آهي جنهن جو سنڌ ۾نالو ”وي سي“ آهي.

سو ان قسم جي پسمنظر ۾ ٿي اها آل پارٽيز ڪانفرنس جنهن مان اهو ڪجهه نڪتو جو گهڻا مٿي کي هٿ ڏيو ويٺا آهن ته هاڻي اڳتي ڇا ڪجي.گهڻن کي پنهنجي اهڙن خدشن جي هاڻي پڪ ٿي وئي آهي ته هن ملڪ ۾ آل پارٽيز ڪانفرنسون رڳو ڪنهن ڪڌي ڪم کي حقي واجبي قرار ڏيڻ يا ڪنهن وڏي نااهليءَ جو داغ ڌوئڻ لاءِ ئي ڪرايون وينديون آهن.

جيئن ههڙين ڪانفرنسن ۾ اڪثر ٿيندو آهي، هن ڪانفرنس جي پهاڙ مان به ڪو چوهو نڪرڻ بدران هڪڙو ريزوليوشن نڪري آيو جنهن کي سنڌي اخبارون ”ٺهراءُ“ لکنديون آهن. هن ٺهراءُ کي پڙهڻ کان پوءِ اها ڳالهه ماڻهوءَ جي سمجهه کان ٻاهر ٿي وڃي ٿي ته ههڙي ڪانفرنس ۾ آخر سيڪيولر ۽ قومپرست جماعتن شريڪ ٿيڻ جو ڪتو ڇو کاڌو؟

هن ”قرارداد عرف ٺهراءُ“ جا سمورا هيٺ مٿي ٿيل نڪتا اڪثر پڙهندڙن جي نظر مان گذريا هوندا.سڀ کان پهريون (ضروري ناهي ته اهو سڀ کان اهم به هجي) سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا سيڪيولر، سوشلسٽ ۽ قومپرست پارٽيون انهن نڪتن سان متفق آهن جن تي اهي ”دستخظ“ ڪري آيون آهن؟ همراهن سان  جي گهڻو بحث ڪبو ته حليم بروهي چواڻي اهو سوال اٿندي ئي پاڻمرادو ويهي رهندو.

بهرحال اسان جا قومپرست هروڀرو پريشان نه ٿين جو دستخط ته ٻين صوبن جي هنن کان وڌيڪ مستند قومپرستن به ڪيا آهن ۽ سو ڪالڊ سيڪيولر ۽ لبرل سڏائيندڙ ڌريون به کٻو آڱوٺو هڻي آيون آهن.

سڀ کان پهريان ته هي ٺهراءُ ماضي ۾ اهڙن ٺهرائن جيڪو اڇو منهن ڪيو تن جي ذڪر خير سان شروع ٿئي ٿو. ان کان پوءِ هن عظيم لکيت جا ليکڪ اڳتي ايئن ”رقم طراز“ ٿين ٿا ته هن وقت تائين پوري نيڪ نيتي سان ورتل فيصلي ساز اختيارين جا سمورا اپاءُ پاڪستان ۾ امن قائم ٿيڻ، انتها پسنديءَ ۽ دهشت گرديءَ جي خاتمي جو نتيجو ان ڪري نه ڏيئي سگهيا آهن جو پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڊرون حملا، افغانستان ۾ موجود ناٽو ۽ ٻين گهڻ قومي سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون انهن ڪوششن تي پٺيان کان وار ڪنديون رهيون آهن. ڏيو منهن! هن ملڪ اندر جيڪا به مذهبي ڏاڍ مڙسي ۽ دهشت گردي ٿيندي رهي آهي تنهن جو سبب ڊرون حملا آهن! هتي عمران خان جو موقف ٺهراءُ منجهان گهونگهٽ مٿي کڻي پنهنجو چهرو نظاري لاءِ پيش ڪري رهيو آهي.

۽ اوهان کي داد ڏيڻ گهرجي ته اي پي سي جي ٺهراءُ جو نشانو ڪهڙي طرف آهي ۽ ان جي لکيت جي شروعات ڪنهن جي مخالفت سان ٿئي ٿي. ”ڪهين په نگاهين ڪهين په نشانه!“”طالبان“ پاران ڪيل دهشت گردي جيئن ته بلڪل اک ۾ ئي ڪونهي تنهنڪري انهن ”الله لوڪ ماڻهن“ جو ذڪر وڏي هٿ جي صفائيءَ سان گول ڪيو ويو آهي. حد ته اها آهي ته ٺهراءُ ۾ آمريڪا جهڙي سپر طاقت جو نالو وٺي ان جي خلاف ته سڌيءَ ريت ڳالهايو ويو آهي پر طالبان جو ڪو ذڪرئي ڪونه ڪيو ويو آهي.

۽ جنهن ڳالهه تي اوهان جي قربان وڃڻ تي دل چوندي سا اها آهي ته ٺهراءُ فرمائي ٿو ته ”ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ضرور ڪيون وڃن“ پر اهو قطعي ڪونهي ٻڌايل ته ڳالهيون تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڪيون وڃن. پوءِ ڀلا ڪنهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن. تمام خوبصورت سادگيءَ سان لکيل هن ٺهراءُ ۾ چيل آهي ته ”اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهيون ڪيون وڃن.“ هتي پهچي انڊين گانو ”اگر تم نه هوتي“ ياد اچي ٿو جنهن جي هڪ مصرعه آهي ته ”تمهين ڪيا بتائين ڪه تم ميري ڪيا هو؟ ميري زندگي ڪا، تمهي آسرا هو!“

سو ڳالهيون اسٽيڪ هولڊرز سان ٿينديون. ڊاڪٽر طارق رحمان پنهنجي تازي ڪالم ۾ لکيو آهي ته ”ان مان لڳي ٿو ته پاڪستان شيئر هولڊرز جي هڪ چارٽرڊ ڪمپني آهي. جيڪڏهن اوهان  چاليهه هزار پاڪستاني قتل ڪرڻ جي همت ڏيکاريو ته اوهان کي شيئر هولڊر مان ترقي ڏيئي ان ڪمپنيءَ جو ”اسٽيڪ هولڊر“ بنائي سگهجي ٿو.

ٺهراءُ ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي ته هدايت ڪيل آهي پر اهو ڪونهي ٻڌايل ته انهن ڳالهين جا ٽياڪڙ ڪير هوندا! ۽ ڳالهين جي نتيجي ۾ جيڪا ڏي وٺ ٿيندي تنهن ۾ سرڪار سڳوري ڇا ڏيندي ۽ طالبان ڇا پيش ڪندا. اڪثر تجزيو ڪندڙ چئي رهيا آهن ته خير سگاليءَ طور سرڪار به وزيرستان، خيبر ۽ باجوڙ وغيره جي علائقن تي  اسٽيڪ هولڊرز جو حق حڪمراني مڃي وٺندي. پر سوال آهي ته انهن علائقن تي ته اڳ ئي اسٽيڪ هولڊرز جي حڪمراني آهي ۽ ان حڪمرانيءَ جو حق مڃيل آهي.

اسٽيڪ هولڊرز حضرات آل پارٽيز ڪانفرنس کان سگهوئي پوءِ ٻه ڪم ڪيا آهن. هڪ ته انهن اعلي فوجي آفيسر ماري ان حملي جي ذميداري قبول ڪئي آهي ۽ ٻيو ته اهو مطالبو ڪيو آهي ته سندن جيل ۾پيل ساٿي آزاد ڪيا وڃن ۽ سرڪاري فوجون اسٽيڪ هولڊرز جي قبضي هيٺ آيل علائقن مان واپس هليون وڃن.

ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڳالهين کان اڳ ئي هنن اهي ٻه اهم شرط پيش ڪري ڇڏيا آهن جن سان سندن حڪمراني مستقل ۽ مستحڪم ٿي ويندي. افسوس جو ٺهراءُ ۾ ڪو هڪ به اهڙو شرط ڪونهي جيڪو اسٽيڪ هولڊرز کان پوئتي هٽڻ جو مطالبو ڪندو هجي. ڳالهيون شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هي ٺهراءُ ڪنهن نيوڪليئر رياست جي مڙني پارٽين بشمول فوج ۽ حڪومت جي منظور ڪيل ٺهراءُ بدران ڪنهن شڪست کاڌل ڌر جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري دستاويز جهڙو نظر اچي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو