Home / افيئر / طالبان سان ڳالهين جي سجيل ميز ۽ دهشتگرديءَ جو جن!
above article banner

طالبان سان ڳالهين جي سجيل ميز ۽ دهشتگرديءَ جو جن!

دستگير ڀٽي
قائد اعظم محمد علي جناح جڏهن مسلمانن لاءِ هڪ جدا ملڪ ٺاهڻ واري تحريڪ جي قيادت ڪئي هئي تڏهن هند ۽ سنڌ ۾ ٿيل هر ڪانفرنس ۽ هر جلسي ۾ بار بار اهو وچن ورجايائين ته “پاڪستان هڪ سيڪيولر ملڪ هوندو جتي رهندڙ سمورن، مسلمانن، هندن، پارسين، سکن ۽ عيسائين کي پنهنجن پنهنجن عقيدن موجب پنهنجي حياتي گهارڻ جي پوري پوري آزادي هوندي. ڪنهن به قسم جي مذهبي انتهاپسندي واسطي نئين ملڪ اندر ڪا به جڳهه نه هوندي ۽ نه ئي ان کي برداشت ڪبو.” قائد اعظم جي وفات ٿيڻ شرط تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان قرار دار مقاصد نالي هڪ ٺهراءُ منظور ڪري پاڪستان کي اسلامي “مذهبي” رنگ ۾ رڱڻ جو بنياد وجهي، مذهبي بنياد پرستن کي ملڪ اندر نفرتون پکيڙڻ لاءِ ڇيڪ ڇڏي ڏنو. سون تي سهاڳو 1973ع واري آئين ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب هٿان هيئن ٿيو جو مولانا مودوديءَ جي جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي پارٽين جي دٻاءُ ۾ اچي ملڪ جو لوگو Logo اسلامڪ ريپبلڪ آف پاڪستان رکي ڇڏيائين جڏهن ته لبرل پارٽين جي اڪثريت کيس صلاح ڏني ته پاڪستان کي فقط ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف پاڪستان قرار ڏنو وڃي ته جيئن مختلف مذهبي عقيدو رکندڙ سمورن وطن واسين کي اطمينان ٿئي مذهبي ويڇا نه وڌن ۽ غير مسلم پاڻ کي پنهنجي ملڪ اندر ڌاريو يا اوپرو نه سمجهن. جنرل ضيا جڏهن شهيد ڀٽو جي حڪومت کي ڊاهي ملڪ مٿان مارشل لا جو اونداهو راڄ مڙهيو ته پاڻ نه رڳو بندوق جي طاقت کي استعمال ڪيائين بلڪه مذهب کي به هٿيارطور ڪتب آڻي مذهبي جنونيت جي راڪاس کي ايترو، مچائي مواڙ ڪيائين جو 1977ع کان وٺي اڄ تائين اهو راڪاس مرڻ بدران وڌيڪ سگهارو ۽ رت پياڪ بڻجي ملڪ جي شهر شهر، وستي وستي ۽ گهٽي گهٽيءَ ۾ ماڻهن کي خودڪش حملن ۽ بم ڌماڪن وسيلي ماري قبرستانن جو تعداد تيزي سان وڌائي رهيو آهي. روس کي افغانستان مان ڪڍڻ لاءِ آمريڪن پلان تي عمل ڪندي پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ سوويت يونين خلاف مذهبي ويڙهاڪ جٿا ميدان ۾ پاڻ لاٿا هئا. هاڻي ته منجهانئن اهي پاڻ به ڪَڪ ٿي پيا آهن جو هر ٽئين چوٿين ڏينهن پاڪستاني فوجن مٿان موتمار ۽ خونخوار حملا ڪري رهيا آهن پنهنجن ئي هٿن سان پاليل دهشتگردي جو راڪاس هاڻي ته وٺ ئي نٿو ڏئي. تنهن ڪري منهنجي پيا آهن ته ڪجي ته ڇا ڪجي. اهو ئي پراڻو سوال پئدا ٿيو ته What is to be done? نيٺ ملڪ جي سمورين پارٽين کي مٿا جوڙي ويهڻو پيو ته گڏجي ڪا اهڙي واٽ ڪڍجي جنهن تي اتفاق راءِ هجي. گذريل هفتي ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مسلم ليگ نون طرفان آل پاٽيز ڪانفرنس سڏائي ويئي. وزيراعظم ميان نواز شريف جي سربراهي ۾ ٿيل هن گڏجاڻي ۾ سموريون سياسي پارٽيون، خاص طور تي مذهبي جماعتون، ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر جون پارٽيون ۽ سيڪولر توڙي نان سيڪولر ڌريون شامل ٿيون، جن اتفاق راءِ سان گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ته مذهبي انتهاپسندن ۽ خاص طور تي طالبان تحريڪ وارن سان ڳالهه ٻولهه وسيلي ڪوٺاهه ڪجي ته جيئن سندن خودڪش حملن ۽ ٻين هٿياربند ڪاررواين کي ختم ڪرائي ملڪ اندر امان امان قائم ڪجي.
ڳالهه ٻولهه واري پهرين آپشن سان گڏوگڏ پڌرنامي منجهه اهو به چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن طالبان ڳالهين ذريعي امن قائم ڪرڻ تي راضي نه ٿيندا ته پوءِ حڪومت کين چٿڻ ۽ چيڀاٽڻ لاءِ مڪمل تياري سان فوجي آپريشن شروع ڪري ڇڏيندي. آرمي چيف جنرل ڪياني به بيان جاري ڪيو ته ڳالهين واري آڇ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. اڃا انهي پڌرنامي جي مس به نه سُڪي هئي ته طالبان هڪ خوفناڪ حملو ڪري پاڪستاني فوج جي ميجر جنرل ثناءُ الله، ڪرنل توصيف ۽ لانس نائڪ عبيد کي بارودي سرنگهه وسيلي نشانو بنائي شهيد ڪري ڇڏيو. انهي واقعي جي ذميواري به طالبان قبولي ورتي جنهن تي سڄي ملڪ اندر ڪاوڙ ۽ نفرت جي لهر پکڙجي وئي. آبادي جي گهڻائي اها راءِ ڏني ته جيڪي دهشتگرد رياست اندر پنهنجي ڌار رياست ۽ ان ۾ پنهنجي مخصوص شريعت وارا قانون مڙهي دفاعي ادارن خلاف جنگ جوٽي بيٺا آهن، تن سان ڳالهيون ڪرڻ مان ڪجهه به نه ورندو ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ به جيترا ڀيرا ڳالهين وسيلي کين سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ان مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. ملڪ اندر اڃا ميڊيا ذريعي اهو بحث مباحثو جاري هو ته تحريڪ طالبان جي ترجمان شاهد الله شاهد 17 سيپٽمبر تي اهو اعلان ڪري ٻرندي مٿان تيل وجهي ڇڏيو ته“اسين پاڪستاني فوج خلاف حملا جاري رکنداسين ڇاڪان ته طالبان خلاف ملڪ جي هر شهر اندر آپريشن هلي رهيو آهي. امن امان واسطي ڳالهين لاءِ به اڃا حڪومت طرفان ڪو به رابطو نه ڪيو ويو آهي.”
طالبان ترجمان جي انهيءَ ڌمڪي گاڏڙ صلح جي آڇ يا ڳالهين لاءِ تيار هجڻ واراو تاثر منهنجي راءِ ۾ تيسين بي مقصد ۽ بي معنيٰ آهي جيسين. هو ڳالهين کان اڳواٽ پنهنجا شرط مڃائڻ واري هٺ تان نه لهندا، انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت پاران ڏنل اهو بيان به خوش آئند آهي ته طالبان جيڪڏهن مشروط ڳالهيون چاهن ٿا ته ان لاءِ سرڪار تيار ناهي. هئڻ به ايئن گهرجي ته طالبان اڳواڻ، بنا ڪنهن شرط شروط جي ڳالهين جي ميز تي اچي ويهن ۽ رياست اندر قائم ڪيل پنهنجا رياست جو وجود ختم ڪري، سمورا هٿيار پنوهار سرينڊر ڪن ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانون جو احترام ڪرڻ بابت وچن ڏين ته ان کانپوءِ ئي هن ملڪ جي هيسيل ۽ دهشتگردي جي ستايل ڪروڙين ماڻهن جي قلب کي قرار ايندو. باقي جيڪڏهن هو هٿيار به ڦٽا نه ڪن۽ پنهنجا گرفتار ٿيل ساٿي به ڇڏائي و‎ٺن ته پوءِ سڀڪو اهو سوچيندو ته سندن دهشتگرد ڪارروايون مستقبل ۾ ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون. آئون ذاتي طرح انهيءَ راءِ جو آهيان ته پهريان ٽيبل ٽاڪ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته سمورين عالمي جنگين توڙي ٻين ننڍين وڏين لڙائين ۾ لکين انسانن جي مارجڻ کانپوءِ به نيٺ لاڳاپيل ڌرين کي ڳالهه ٻولهه واسطي آمهون سامهون ٿي ويهڻو پوندو آهي ۽ اهڙين ڳالهين جي نتيجي ۾ ئي جنگ بندي ممڪن ٿي سگهندي آهي.
مون ڪجهه مهينا اڳ اها راءِ ڏني هئي ته جيڪڏهن روسي فوجون سال 1979ع ۾ افغانستان تي قبضو ڪرڻ واري هماليه جبل کان به وڏي سياسي غلطي نه ڪن ها ته نه آمريڪا کي دنيا جو واحد سپر پاور بڻجڻ جو وجهه ملي ها ۽ نه ئي سوويت يونين ايتري تيزيءَ سان ٽٽي ٽڪرا ٽڪرا ٿئي ها. نتيجي طور وچ اوڀر ۾ تيل جي ذخيرن تي قبضي وارو آمريڪي سامراج ۽ سندس يورپي ڇاڙتن جو پلان تمام ٿوري وقت اندر ايئن عمل ۾ نه اچي سگهي ها جيئن سوويت يونين جي ڪمزور ٿيڻ ۽ افغانستان مان روسي فوجن جي واپسي کانپوءِ پيدا ٿيل سياسي خال ۾ هنن جون ويهه ئي آڱريون گيهه ۾ پئجي ويون.
سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ آمريڪا پاران اعلانيل نيوورلڊ آرڊر ته نسورو ڪوڙ ۽ قبضا گيري جي سامراجي سازش هئي. اسامه بن لادن کي پناهه ڏيڻ جي بهاني افغانستان مٿان حملو ۽ موتمار ائٽمي هٿيارن WMDs جي آڙ ۾ عراق مٿان بمباري ڪري گذريل ڏهن سالن اندر لکين بي گناهه انسانن جو ڪوس ڪري، انهن ٻنهي ملڪن مٿان پڇ لٽڪائڻو حڪمران ٿاڦيا ويا. ساڳي ريت مصر مان به چونڊيل حڪومت جو فوج هٿان خاتمو ڪرائي، جمهوريت مٿان جيڪو راتاهو هنيو ويو آهي تنهن کي به آمريڪا ۽ يورپ جي پٺڀرائي ۽ سعودي عرب جي حڪمرانن جي کليل حمايت حاصل آهي.
اڄ سڄي دنيا ۽ خاص ڪري ايشيائي ملڪن مٿان سامراجي مارو مار آهي. عراق، افعانستان، لبيا ۾ لکين ماڻهن جو قتلام ڪري، هاڻي شام مٿان بمباري ڪرڻ واسطي ڀونوچ سمنڊMediterrnain Sea ۾ آمريڪي جنگي بحري ٻيڙا گهيرو ڪري بيٺا آهن، خلق مٿان ڪيميڪل گئس استعمال ڪرڻ جي آڙ ۾ شام جهڙي جيدار ملڪ کي برباد ڪرڻ جو پلان آهي جنهن تي جيڪڏهن عمل ٿي ويو ته لبنان ۾ اسرائيل دشمن طاقت حزب الله جا سمورا رستا ۽ سڄي دنيا سان لاڳاپا ڪٽجي ويندا، جنهن ڪري اسرائيلي فوجون وڏي آساني سان حزب الله جي ٺڪائن ۽ لبنان جي وڏي حصي تي چڙهائي ڪري قبضو ڪري وٺنديون. انهيءَ خطرناڪ سامراجي سازش کي روسي اڳواڻ ولاديمبير پيوتن سمجهي ورتو ۽ يڪدم سڀ کان وڏو روسي جنگي ٻيڙو آمريڪي جهازن آڏو اچي کڙو ڪيائين جنهن ڪري اهي انومان پئدا ٿي پيا ته ڪٿي ٽين عالمي جنگي نه ڇڙي پوي. ان وچ ۾ صدر بارڪ اوباما جنگي تياريون ڪرڻ سان گڏوگڏ دنيا جي طاقتور ملڪن توڙي گڏيل قومن جي حمايت حاصل ڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳو.
اوباما جي جنگي جنون خلاف باضمير انسانن جا ميڙ رستن ۽ گهٽين تي نڪري آيا . خود آمريڪا جي حڪمران پارٽي اندر شام مٿان حملو ڪرڻ واري سوال تي اختلاف پيدا ٿي ويا. نيويارڪ ٽائيمز ۽ سي اين اين جهڙن معتبر ميڊيا جي ادارن پاران ڪرايل عوامي راءِ جي گئلپ سروي ۾ سٺ سيڪڙو آمريڪي ماڻهن پنهنجي صدر اوباما جي جنگي جنون جي مخالفت ڪئي آهي. فقط 26 سيڪڙو آمريڪين سندس حق ۾ راءِ ڏني. شام جو گهيرو ٿيڻ شرط سڄي دنيا اندر احتجاجي مظاهرا شروع ٿي ويا، جنهن ڪري آمريڪي سي آءِ اي ۽ پينٽا گان کي پوئتي هٽڻو پيو. دنيا جي سمورن مظلوم انسان کي روسي قيادت طرفان سامراجي سازش سان مهاڏو اٽڪائڻ واري فيصلي تي خوشي ۽ سرهائي ٿي آهي. ڄڻ ورهين کانپوءِ ستل شينهن جاڳي اٿيو هجي. ان کان علاوه آمريڪي ۽ يورپي عوام به پاڻ ملهايو آهي ۽ حڪمرانن تي ايڏو ته سياسي ۽ اخلاقي دٻاءُ وڌو آهي جو هو بي دليءَ سان ئي سهي عراق جيان افعانستان مان به فوجون ڪڍڻ لاءِ آتا آهن. آئون اڳڪٿي ڪريان ٿو ته جيڪڏهن آمريڪي فوجن غلطيءَ وچان به شام تي حملو ڪيو ته آمريڪي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين منجهان شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٻاهر رستن تي نڪري ايندا ۽ صدر اوباما خلاف اهڙو ئي احتجاج ڪندا جهڙو ويٽنام تي آمريڪي حملن مهل ڪيو هئائون. ياد ڪريو اهو زمانو جڏهن آمريڪا اندر اڀريل عوامي پريشر تڏهوڪي صدر گيرالڊ فورڊ کي نه رڳو ويٽنام، پرگڏوگڏ ڪمبوڊيا ۽ لائوس مان پڻ آمريڪن فوجون ڪڍڻ تي مجبور ڪري وڌو هو، آمريڪي عوام ۾ اڄ به اهائي ساڳي سجاڳي‎ جي لهر ڊوڙي رهي آهي جيڪا ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻ اڳتي وڌي آمريڪي سامراج جي رستا روڪ ڪندي. روس جي صدر پاران آمريڪي باغي نوجوان ايڊروڊ اسنوڊن کي هڪ سال واسطي ماسڪو ۾ پناهه ڏيڻ وارو فيصلو پڻ دنياجي سمورن مظلومن جي دل وٽان آهي جنهن لاءِ ولاديمير پيوٽن کيرون لهڻي، جيتوڻيڪ آمريڪي حڪومت اسنوڊن کي خفيه سرڪاري دستاويز ظاهر ڪرڻ جي الزام هيٺ غداري جو ڪيس ۾ ڦاسايو آهي ته پر هن معاملي تي به يورپي يونين پاران اسنوڊن کي انساني حقن وارو ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ثابت ڪري ٿو ته آمريڪي سي آءِ اي جون پاليسيون هاڻي دنيا اندر واحد سپر پاور کي Isolate ڪري رهيون آهن. صاف ڏسجي پيو ته ڪجهه عرصي اندر آمريڪا اڪيلو سپر پاور نه رهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو