Home / افيئر / طالبان سان ڳالهيون – ڳجهي سوديبازي جو نتيجو!
above article banner

طالبان سان ڳالهيون – ڳجهي سوديبازي جو نتيجو!

A Reporter

ميان نواز شريف جي حڪومت پاران 9 سيپٽيمبر تي ٿيل اي پي سي  ۾ طالبان سان ڳالھيون شروع ڪرڻ وارو فيصلو ،اصل ۾ ن ليگ، جي يو آءِ ، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ ڪجهه ٻين سياسي ڌرين جي چونڊ منشور جو ئي حصو هو، انهي منشور کان اڳ ۾ به هلندڙ سال اي اين پي ۽ جي يو آءِ پاران فيبروي ۾ جيڪي ٻه اي پي سيز ٿيون هيون ان جي پڌرنامن جو تت به اهو ئي هو،

 ڳالهه رڳو طالبان جو سڌو نالو کڻڻ بدران مختلف نالن جي چوطرف گهمندي رهي، ڪڏهن ” عسڪريت پسند“ ته ڪڏهن انهن کي ” اسٽيڪ هولڊر قرار ڏنو وڃي ٿو،  ملڪ ۾ جاري دهشتگردي جي حوالي سان گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه ته رياستي سطح تي طئه ٿي چڪي آهي ته طالبان هڪ اهڙي غير رياستي قوت طور قبوليت حاصل ڪري چڪا آهن جن خلاف سرڪار ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. ان جو مُک سبب اهو آهي ته پاڪستان جون اهم ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پاپولر سياسي ڌريون انهن غير رياستي قوتن جي پويان بيٺل آهن، هنن جي، طالبان جي پويان بيهڻ جو سبب به واضح آهي ته هنن جا پنهنجا به سياسي مفاد انهن سان سلهاڙيل آهن، جنهن ڪري پاڪستان مان دهشتگردي جو خاتمو ممڪن نظر نٿو اچي، هن دفعي جيڪو سڀ کان وڏو ظلم ٿيو آهي اهو هي آهي ته پهريون ڀيرو طالبان کي اسٽيڪ هولڊر جو درجو ڏئي انهن سان ڳالھين جي شروعات جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ انهن اسٽيڪ هولڊرن جو ملڪ جي سياسي منظر نامي ۾ سڌو ڪردار به هوندو.

نائين اليون کانپوءِ افغانستان ۾ آيل آمريڪا هاڻي 2014ع ۾  جزوي طور واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي، پر سچ اهو آهي ته افغانستان مان آمريڪا مڪمل طور تي  واپس نه ويندو،۽ 20 هزار کان وڌيڪ سندس فوجي افغانستان ۾ موجود هوندا. نائين اليون وارو واقعو جنهن جو ذميوار القائده کي قرار ڏنو ويو هو، ان جي بنياد تي آمريڪا کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ بنا ڪنهن عذر جي داخل ٿيڻ جي ڄڻ ڇوٽ ملي وئي آهي . (اسامه جي موت وارو ڊرامو به آمريڪا افغانستان مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ رچايو هو) تنهن آمريڪا جا هن وقت اسلام آباد، ڪابل ۽ بغداد ۾ دنيا جا وڏا سفارت خانا تعمير ٿي رهيا آهن، جيڪي ڌريون ان خام خيالي ۾ آهن ته آمريڪا افغانستان مان نڪري ويندو انهن کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي، ۽ القائده ۽ ان جون حامي دهشتگرد قوتون  ان جي ايجنڊا تي اڻ سڌي ريت ڪم ڪري رهيون آهن.

 جن جو اهو خيال آهي ته آمريڪا انهي افغان جنگ ۾ نقصان کاڌو آهي انهن لاءِ اهو عرض آهي ته جن ڏينهن ۾ افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت هئي انهن ڏينهن ۾ افغانستان ۾ ڏوڏي جي پوک 7 سيڪڙو ٿيندي هئي، طالبان حڪومت انهي فصل تي پابندي هڻي ڇڏي هئي ، ڇاڪاڻ ته ڏوڏي مان ئي هيروئن، ۽ ٻيون نشي آور شيون تيار ٿين ٿيون، طالبانن ان کي غير شرعي قرار ڏنو هو.  نائين اليون بعد جڏهن آمريڪا افغانستان ۾ داخل ٿيو ته هاڻي اها پوک سراسري طور تي 54 سيڪڙو ٿي وئي آهي.  هڪ اندازي موجب آمريڪن سي آءِ اي ساليانو 400 ارب ڊالر انهي پوک مان ڪمائي ٿي، جنهن مان 100 ارب ڊالر افغانستان ۾ موجود فوجين ۽ ٻي جنگي صورتحال تي خرچ ٿين ٿا، باقي 300 ارب ڊالر آمريڪي سي آءِ اي کي بچت ٿئي ٿي.

هاڻي جڏهن اتحادي فوجون ايندڙ سال افغانستان مان واپس وڃي رهيون آهن ته اهي ايئن روانيون نه ٿي رهيو آهن ، حيران ڪنڙ ڳالهه اها آهي ته انهن فوجن سان گڏ 35 ارب ڊالر( پاڪستاني رقم ۾ ذري گهٽ ساڍا 35 کرب رپين) جو سامان به پاڪستان جي مختلف رستن تان ٿيندو ڪراچي پهچڻو آهي، جتان اهو سامان سامونڊي جهازن ۾ وجهي روانو ڪيو ويندو، جڏهن ته 35 ارب ڊالرن جي هن سامان ۾ ساڍا 7 لک اسم آهن ، جن ۾ ٽئنڪن کان ويندي عام استعمال جون شيون شامل آهن. اوهان ٿورو غور ڪريو ته ساڍا ست لک اسمن ۾ ڇاڇا شامل هوندو؟ ان ڪري انهي سڄي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکي پوءِ سياسي منظر نامي تي غور ڪريو ته خبر پئجي ويندي ته ڪير ڪنهن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي،

شام جي حڪومت خلاف جيڪي باغي وڙهي رهيا آهن، اهي ماضي ۾ آمريڪا پاران دهشتگرد قرار ڏنل آهن، پر القائده سميت سموريون دهشتگرد تنظيمون هن وقت آمريڪا سان گڏ شام ۾ اسد حڪومت خلاف جنگ ڪري رهيون آهن. آمريڪي صدر اوبامه کي روس جي مخالفت سبب گڏيل قومن مان شام تي چڙهائي جي اجازت نه ملي ، جنهن ڪري هو ڪانگريس ۾ ويو ، پر اتان به آسرو نه ملڻ سبب هن فلحال پنهنجو ارادو ملتوي ڪيو آهي، ان باوجود هو شام ۾ اسد حڪومت مخالف وڙهندڙ باغين کي هٿيار فراهم ڪري رهيو آهي. ڳالهه پڌري پٽ اها آهي ته شام جو حڪمران بشارالاسد سعودي عرب جي ڪئمپ کان ٻاهر ۽ ان جو مخالف آهي، ان ڪري جهادي گروپ سڀ اسد جي خلاف آهن، ٻئي طرف سعودي عرب ايران سان پاڪستان جي ميدان تي وڙهي رهيوآهي، پاڪستان جي عوام جي  اڪثريت جهادي نقطه نظر سان اختلاف ڪري ٿي پر بندوق جي طاقت ان ڪري حاوي ٿي وئي آهي ته رياست پاڻ انهن جي آڏو ڪمزوري جو مظاهرو ڪيو آهي، ۽ اها ڪمزوري ان ڪري پيدا ٿي آهي ته هڪ طرف سياسي ڌريون انهن جون حامي آهن ته ٻئي طرف جيڪي پس پرده قوتون آهن اهي اڃا انهن جي وجود کي برقرار رکڻ چاهين ٿيون.

هاڻي سوال هي آهي ته حڪومت پاران ڪوٺايل اي پي سي جنهن ۾ طالبان سان ڳالھيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ، ان بابت ڪيترائي اهڙا سوال آهن جيڪي اڻ جوابيل آهن، جن ۾ پهريون سوال اهو آهي ته انهن ڌرين سان ڳالھيون ڪير ڪندو ۽ انهن ۾ ڪير ڪير شامل هوندو. ٻي ڳالهه اها ته اهي ڳالھيون ڪيتري وقت ۾ مڪمل ڪيون وينديون، جيڪڏهن اهي ڳالھيون ڪامياب نٿيون ٿين ته پوءِ سياسي ڌرين جي ڪهڙي حڪمت عملي هوندي، ان لاءِ سرڪار جو اهو موقف آهي ته ڪجهه ڳالھيون اهڙيون آهن جيڪي پبلڪ نه ڪيون ويون آهن، ممڪن آهي ته سرڪار ان حوالي سان ڪا تياري به ڪئي هجي، ڇاڪاڻ ته فيبروري ۾ ٿيل اي اين پي ۽ جي يو آءِ جي اي پي سيز ۾ آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جا سربراھ موجود نه هئا، هن دفعي سرڪار جي ميزباني ۾ ٿيل انهي اي پي سي ۾ اهي ٻئي اهم اڳواڻ شريڪ ٿيا آهن، جن اي پي سي ۾ شامل سياسي اڳواڻن کي نه رڳو بريفنگ ڏني آهي پر انهن جي سوالن جا جواب به ڏنا آهن. جيئن ئي اها اي پي سي ختم ٿي آهي ته ڪجهه ڪلاڪن بعد طالبان انهي جي پڌرنامي جي آجيان ڪئي آهي.

اي پي سي جي حوالي سان گهڻو هوم ورڪ ڪندڙ چوڌري نثار بنا نالو کڻڻ جي اها ڳالهه ڪئي آهي ته ڪي ڌريون  حڪومت ۽ طالبان جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالھين کي ناڪام ڪرڻ چاهين ٿيون، جڏهن ته وزيرستان مان طالبان پاڻ هڪ خبر هلرائي بعد ۾ ان جي ترديد به ڪئي آهي، انهي خبر ۾ طالبان حڪومت آڏو جيڪي مطالبا  رکندا انهن ۾ جنرل مشرف کي سندن حوالي ڪرڻ ، پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير جي قاتل ممتاز قادري کي آزاد ڪرڻ ۽ پاڪستان جي جيلن ۾ قيد ساڍا چار هزار کان وڌيڪ دهشتگرد آزاد ڪرڻ جا شرط شامل آهن، جيڪڏهن انهن مان اڌ به مطالبا طالبانن، حڪومت جي ڪميٽي جي آڏو رکيا ته انهن جو پورائو ممڪن نه هوندو. ڇاڪاڻ ته مشرف عدالتي تحويل ۾ آهي، ممتاز قادري کي سزا اچي چڪي آهي ۽ اهو جيل ۾ آهي، دهشتگردي ۾ ملوث ۽ ماسٽر مائينڊ جيڪي ساڍا چار هزار کان وڌيڪ ويڙهاڪ آهن انهن مٿان به ڪيس هلي رهيا آهن ، اهي ڪئين ٿا آزاد ڪري سگهجن؟ پاڪستان ۾ بادشاهي نظام ته ناهي جو ظل الاهي ميان نواز شريف هڪ آرڊر سان انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ، ان ڪري اهي مطالبا ته ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿيندا، ها ائين ضرور ٿيندو ته جيئن ڳالھيون شروع ٿينديون ته ٻنهي طرفن کان سيز فائر ٿيندو، طالبان پنهنجيون پرتشدد ڪارروايون بند ڪندا، ۽ سرڪار انهن خلاف ڪارروايون بند ڪندي، ان جي نتيجي ۾ هڪ فائدو ڳالھيون ڪرائڻ وارن کي ٿيندو ۽ ٻيو فائدو طالبان کي ٿيندو. ڳالھيون ڪرائڻ وارن کي اهو فائدو ٿيندو ته اهو عمل ذري گهٽ هڪ سال ڪڍي ويندا، ۽ ان دوران 35 ارب ڊالرن جو سامان حفاظت سان افغانستان مان نڪري طورخم کان ٿيندو پشاور جي ڀرسان نڪري وڃي ڪراچي پهچندو، انهي واپار ۾ ڪنهن کي ڪيترو حصو ملندو ان بابت ڳالھيون اڃا ٻاهر نه نڪتيون آهن، پر سوديبازي ضرور ٿيندي، طالبان کي اهو فائدو پهچندو ته انهن کي هڪ پرامن ماحول ملندو جنهن ۾ هو پنهنجيون فڪري ڪارروايون شروع ڪندا، پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ مدرسن ۽ مبلغن جو ڄار وڇايو ويندو، هنن وٽ دولت جي ته اڳي ئي کوٽ ناهي جيڪڏهن هنن کي رياست جاءِ ڏيندي ته پاڪستان ۾ هنن جون پاڙون ايتريون مضبوط ٿي وينديون جو ايندڙ ڪيترن سالن تائين انهن کي ڪير ٺونٺ هڻڻ وارو به نه هوندو. آمريڪا پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ويهي جيڪا ڊگهي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي، ان ۾ اها ڳالهه ته گهٽ ۾ گهٽ واضح آهي ته 2014ع کانپوءِ پاڪستان جو عوام نه پر آمريڪا کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو ڪهڙو پاڪستان چاهي ٿو، ان ڪري هر مهري جو پنهنجو پنهنجو ڪردار آهي ، هر مهرو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ اڳتي نڪرندو ويندو.

ڪراچي آپريشن کي به انهي پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي جي صورتحال هڪ طرف اتان جي عام ماڻهن لاءِ ذهني عذاب جو شڪار بڻيل آهي ته ٻئي طرف واپاري سرگرميون به سخت متاثر ٿي رهيون آهن، ميان نواز شريف جي معاشي ايجنڊا امن کانسواءِ ممڪن ناهي، پر ڪراچي جي بدامني ۽ اتي موجود مختلف گروپ به اتحادي فوجن جي سامان جي منتقلي ۾ ڏڦيڙ وجهي سگهن ٿا، انڪري ڪراچي ۾ ٿوري گهڻي صفائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم هاڻي رڙيون ان ڪري رهي آهي ته ڳالهه سندس ڳچي ۾ پئجي وئي آهي، هن ته اڃا فوج جو مطالبو ٿي ڪيو، پر رينجرس رڳو ٿورو تحرڪ ورتو آهي ته همراھ ڌار صوبي جي مطالبي تي لهي آيا آهن، ايم ڪيو ايم هن گيم ۾ پنهنجي لاءِ به حصو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي، پر هن جي سياسي محاذن تي گهڻي ناڪامي ۽ سياسي اڪيلائي جو سبب اهو آهي ته اڄ به هڪ مڪمل سياسي پارٽي ٿيڻ بدران مافيائن وانگر هٿيار جي طاقت تي وڌيڪ ايمان رکي ٿي.

  هن وقت آمريڪا کي سعودي عرب جي معرفت مذهبي ويڙهاڪن جي شديد ضرورت آهي جيئن هو وچ اوڀر ۽ ٻين مسلمان ملڪن ۾ پنهنجي ايجنڊا جي تڪميل ڪري، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سياسي ڌرين جي خصيص مفادن جي ڪري سڄو ملڪ داءَ تي لڳل آهي، جڏهن ته شدت پسندي مخالف سياسي ڌريون پاڪستان ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهن

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو