Home / ويندي ويندي / طالبان لاءِ گل ۽ ٻين لاءِ ڏنڊو!
above article banner

طالبان لاءِ گل ۽ ٻين لاءِ ڏنڊو!

بلوچن الائي ڪيترا ڀيرا پهاڙن جا پنڌ ڪيا آهن. شايد 1948ع ۾ سندن رياست قلات جي اسيمبلي جي ٺهراءُ کي لتاڙيندي ملڪ جي باني جڏهن قلات تي لشڪر چڙهايو هو ته بلوچ هٿياربند ويڙهه ۾ جنبي ويا. پوءِ ايوب خان جي مارشل لا ڀيري بلوچ پهاڙن تي ويا. کين قرآن پاڪ جو واسطو وجهي جبلن تان لاهي، ٺاهه ڪرڻ بجاءِ ڦاهي ڏئي ڇڏيائون. اسي سالن جي نوروز خان جيل ۾ پنهنجي پٽن جا لاش وصول ڪيا. بنگلاديش ستر ۾ چونڊون کٽيون. اسٽيبلشمينٽ کين ڪرسي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ڀٽو به جنرل سان ٻٽ ٿي ويو. ملڪ ٽوڙايائون پر بنگلاديش سان ڳالهيون نه ڪيائون. 74ع ۾ بلوچ وري جبلن تي چڙهي ويا. چون ٿا ته 30 هزار ماڻهو ماريائون پر اسان واري سرڪار ساڻن ڳالهيون نه ڪيون. سنڌين 83ع ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ رت ڏنو. وري 86 ۾ پر مارشلا ئي سرڪار ڳالهيون نه ڪيون.

Picture1

پر طالبان ۾ الائي ڪهڙي ڪرشماتي طاقت آهي جو خيبرپختون خواهه جي اڌ تي قبضو ڪرڻ، ملڪ جي هزارين بيگناهه ٻارن، عورتن ۽ مردن جو وحشت سان ڪوس ڪرڻ کانپوءِ به اسان واري سرڪار کين ڳالهين لاءِ منٿ ميڙ ڪندي رهي. ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪو موڀي پٽ ابي امان کان رسي ويو هجي. جنهن لاءِ ماءُ ڳڻتي ۾ ڳرندي هنجون هاريندي پٽ کي چئي ته ڇا به ٿئي پر ڏنگو پٽ پرچائي، ورائي ڏي نه ته طالبان تي ضابطو ڪا به وڏي ڳالهه ڪونهي. سندن محفوظ پناهه گاهون ختم ڪرڻ لاءِ افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدن تي ڏنڊو کڻي سپاهي بيهي رهن. هتان وارن کي هتان وارا ڪُٽين ۽ افغانستان وارن کي افغاني نيٽو وارا دسين، ڏسو ته سال کن ۾ اهو نيٽو ختم. اهي ايترا مڙس ماڻهو هجن ها ته 2011 ۾ آمريڪا جي افغانستان تي حملي ڀيري ڪي چار پهر ته ڪابل جو بچاءُ ڪن ها. اوهان کي ياد هوندو ته قنڌار، ڪابل ۽ قندوزمان اهي ايئن ڀڳا جو پٽڪو به هٿ نه آين. پر پوءِ ڇا ٿيو ته مشرفي اسٽيبلشمينٽ عالمي برادري سان ڊبل گيم ڪندي کين اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ محفوظ پناهه گاهون ڏيئي ڇڏيون. مٿان سندس يارن دوستن کي ڪشمير ۾ جهاد جي آسري پالڻ تاتڻ جاري رکيو. يار ته هڪٻئي جي ٽيڪ ٿين ٿا سو اهي سڀ حميد گل چواڻي Strategic Assets هاڻ سڄي ملڪ لاءِ مصيبت بڻيل آهن پر الائي ڇو ملڪ جي ٻه چار وڏين پارٽين جو انهن لاءِ هيانو ڦاٽي ٿو عمران خان ته صفا مٿن صدقي ٿو وڃي. جماعت اسلامي ته ازلئون جهادين سان لنئون لائي ويٺي آهي. نواز شريف کي به امير المومنين ٿيڻ جو شوق آهي پر ملا عمر جون مارڪون کانئس سوايون آهن.

هاڻ هي حالت آهي ته حڪومت ڳالهين لاءِ ڪاميٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن. طالبان به نمائندا مقرر ڪيا آهن. ڳالهيون نبرنديون ڪو نه ڇو جو هي ملڪ هلي ٿو ڊالر تي ۽ طالبان به تڏهن پالي سگهبا جڏهن ڊالر ايندا رهندا. طالبان واري ايترا ڄٽ آهن جو چون ٿا ته دنيا سان ڦٽائي ملڪ هلايو. ايترا ته چريا لاهوري ۽ پوٺوهاري ناهن جو تاتيل کٿابين جي هٿ ۾ ملڪ ڏين. ها، باقي ونگار وٺڻ لاءِ سندن جيڪو لاچار آهي. تنهن جو ڪو بلو ڪري وٺندا. جهاد قائم رهڻو آهي، طالبان نٿا ٺهن ته ته ڪو ٻيو نالو ڏئي نوان Strategic Assets ٺاهبا، پر ڪم جاري رکبو- پڪ سمجهو!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو