Home / افيئر / عرب شڪاري ۽ تلور جو باز سان شڪار !
above article banner

عرب شڪاري ۽ تلور جو باز سان شڪار !

خالد ڪنڀار

           پاڻ واري ٿر جي ڀٽن ۾ وڻ ٽڻ بـ گهڻو تـ پکي پکڻ بـ گهڻو. مٿان وري اڙيو ٿڙيو  پريان بارڊر واري تند ٽپيو جانور بـ هليا اچن. ۽ انهن جانورن جو گهڻو تڻو رهڻ ٿئي اتي ئي بارڊر جي آس پاس ۾. اڃا وري ايئن ٿئي جو هي جيڪي سيءِ جا ڏينهن آهن انهن ۾ وري ٿڌن ملڪن جا پکي بـ ڏينهن جون وهڪون ڪندا ڪندا راتين جو اچيو هتان نڪرن اهي ويچارا پکي گهڻو پنڌ راتين جو ڪن. سو گهڻا تـ پاڻ واري ملڪ جو ليڪو ئي ٽپيو وڃن.سو انهن جو هن سيءِ واري موسم ۾ اچڻ تـ ٿئي ئي ٿئي ٿو.انهن پکين ۾ گهڻو تڻو پکي جيڪو اچي ٿو اهو آهي نالي چڙهيو پکي تلور ۽ انهي تلور جو وري واپس وڃڻ لاءِ بچي تـ داڻو ئي ڪونـ ٿو ولر تـ گهوريو.تلور گهڻي تورئي تي لهي ٿي سو هڪڙي سال تـ پارڪر واري باڊر تي توريو بـ عرب سڳورن پوکرايو هو. هاڻ اوهين چوندا ٿر ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي تـ توريو ڪيئن پوکاڻو. تـ  منهنجا سائين انهي تورئي کي ٽينڪر ڀري پاڻي پياريو ويو. اهو سال شايد 2010 هو ۽ عربن کي هتي ايندي ويهارو سال ٿيا آهن ساريکا ويهارو سالن کان اچن ٿا.هاڻ انهي تلور پکي جا وري ٻـ قسم آهن. هڪڙي ڪٻري ميٽي جنهن کي هباري تلور چون.جنهن جو وزن ڏيڍ کان ٻـ ڪلو. ٻي وري انڊين تلور پنج ڪلي جي گوڙهام تلور.گوڙهام جي پير جو چنبو وڏو ٿئي .  هبارا تلور جون ٽي آڱريون هونديون آهن.ڇيڙي ۾ تري جي جڳهـ تي ٽٻڪي جو نشان هوندو آهي.ڪچري ۾ ڪونـ هلندي رڻ ۾ آزاد پوٺڻ تي پارڪر کي وري رڻ لڳي ٿو سو اتي گهڻي ٿي لهي. تلور هوندي بـ ٽولن جي شڪل ۾. تلور پکي جي هڪڙي پڪي نشاني رات جو چڳندي . صبوح جو سوير چڳندي وڌ ۾ وڌ سياري جو بـ ڏه يارنهن بجي تائين پوءِ لڪي ويندي وڻن جي ڇانءِ ۾ ويهي رهندي.وري هن جي چوڳي جو ٽائيم شام جو چار پنج کان پوءِ،. تلور اڏڻ کان پهرئين تتر وانگر ڊوڙ ڪڍندي آهي. تلور گهڻو سفر رات جو ڪندي آهي . ڏينهن جو باز هن کي ماري ٿو. ٻي وڏي ڳالهـ اها ته  باز بـ هتان هن سان گڏ اچن ٿا. هي پاڻ وارا باز تلور کي رسڻ کان رهيا. باز کانسواءِ تلور جو ٻيو جهنگ ۾ وڏو ويري آهي لومڙ پر لومڙ ستي تلور جي مٿان ويساهي حملو ڪندو آهي . تلور ستي پئي هجي . هن جي پٺ وٺي اچي ٺاءِ ڪندي ٻي ڏينهن شڪارين کي رڳو تلور جا پر اتي پيل نظر ايندا. شڪاري سمجهيو وڃن . هائو ٻيلي لومڙ ڪک سائي ڪري ويو.

           هونئن تـ پاڻ واري جهنگلي جيوت کاتي پاران ملندڙ شڪار جي لائنس تي لکيل هوندو آهي. تـ تلور جو شڪار ممنوع آهي. هاڻ ڳالهـ سمجهه ۾ آئي تـ اهو ممنوع ڇو آهي. انهي ڪري جو انهي شڪار  جي اجازت صرف عرب سڳورن کي آهي يا ايئن کڻي چئون تـ انهن جي رک خد حڪومت جو قانون ڪري ٿو. تلور هتي نڪو ٻچا ڏي نڪو بيضا،اهو مفروضوآهي تـ هتي ڪو تلور بيضا ڏيندي آهي. هو ٿڌن ملڪن مان اڏامندي ئي تڏهن آهي. جڏهن هن جا ٻچا اڏرڻ جهڙا ٿيندا آهن. ٻـ چار هي ڳالهيون بـ پنهنجي پنهنجي ڪن ۾ هڻي ڇڏيو.هڪڙي اها تـ تلور جي گجي عرب مئو مارايو ڪنهن کي ڪونـ ڏيندو. ڇو انهي جي خبر اڃا تائين پاڻ واري ٿر واري جهنگ جي ماڻهن کي ناهي پئجي سگهي. انهي تلور جي گجي ۾ الاهي ڇا آهي. پر ٿر واري جهنگ جا ماڻهو چون ٿا تـ  تلور کائيندي . ڪاري ننڍڙيون ننڍڙيون گينگهيون کائيندي آهي اڇن ڦلن واري ٻوٽي.سنهو سنهو رائو کائيندي آهي. مڱ بـ کائيندي آهي. باقي هڪڙي ڳالهـ تـ آهي تلور پاڻ واري ٿر جي هرڻ وانگر پاڻي ناهي پيئندي پوءِشايد انهي ڪري گن جي گجي جي ڪا اهميت هجي.چون ٿا انهي گجي جي پردي ۾ هيرو هوندو آهي.چون ٿا تلور رڇ سان بـ جيئري جهلي سگهجي ٿي. تلور عرب بـ جهليندا آهن.پوءِ اهي گڏ کڻي وڃي اتي دوستن ۽ مائٽن کي تحفي طور بـ ڏيندا آهن.

            هاڻ تلور جي شڪار جي اجازت ئي عربن کي آهي  ته اهي عرب ئي انهن جي هر داڻي جا ڌڻي آهن. پاڻ وٽ عربن جو وڏيون ڪيمپون هونديون آهن. هڪڙي پارڪر ۾ ننگر شهر جي پاسي ۾ ۽ٻي ڏيپلي تعلقي ۾ جت ترائي جي پاسي ۾ نائين مهيني کان وٺي ٻارنهن مهيني جي پندرنهن تاريخ تائين هتي رهندڙ هنن جا پگهاردار  تلور پکي جي سروي ڪندا آهن. هاڻ ٿر ۾ ٻي ڪنهن جهنگلي جانور يا پکي پکڻ جي سروي ڪونـ ٿي ٿئي. صرف هن پکي جي سروي ٿئي ٿي . اهو بـ چار مهينا ٿيندي رهي ٿي . ڇو جو تلور جي اچڻ جا ڏينهن ئي اهي آهن ٻارنهن مهيني کانپوءِ تلور واپس رواني ٿيڻ شروع ٿيندي.آهي. اهي پگهاردار عربن جون گاڏيون ئي سروي ۾ استعمال ڪندا آهن. انهي سروي ۾ اهي پگهادار  باقائدي نقشو ٺاهيندي آهن . انهي نقشي ۾ هو لڪيرون ڪڍي سمجهائيندا آهن تـ عربن جي ڪئمپ ايئن کان ڪيتري مفاصلي تي ڪيترا تلور جا داڻا آهن.انهي نقشي ۾ طرف ويجهي ڳوٺ جو نالو ۽ تلورن جو  انگ ڏيکاريل آهي. ايئن پارڪر ۾ جيترا بـ تلور پکي جا داڻا ايندا آهن. انهن جو انگ انهن وٽ پهچي ويندوآهي. پوءِ جڏهن اهي عرب سڳورا ايندا آهن تـ انهي انگ مان هڪڙو بـ تلور جوپکي گهٽ هوندو آهي. تـ انهي جو باقائدي پڇاڻو ٿيندو آهي. تـ اهو پکي گهٽ ڇو آهي.اهو تلورن جو انگ پير ڏسي رپوٽ عربن کي ناهي ڪيو ويندو پر اکين ڏٺي تلور رپوٽ ڪئي ويندي آهي. تلور بـ تتر وانگر پنهنجي جوءِ ناهي ڇڏيندي. هو جنهن جوءِ ۾ لهندي آهي چار ئي مهينا انهي جوءِ ۾ رهندي آهي. اتي رهندڙ عرب انهي ڳالهـ تي به سوچيندا آهن تـ جڏهن هر سال تلور جو هڪ بـ داڻو واپس ثابت نٿو وڃي تـ. تـ پوءِ هر سال تلور انهي ئي جو3 ۾ ڪئين ٿي لهي.انهي جي هڪڙي ورندي ٿي سگهي ٿي تـ تلور جي کاڌ ۽ رهڻ لاءِ  پسنديده جڳهـ اها ئي آهي.خير عرب سڳورا اهو سمورو شڪار صرف هڪ هفتي ۾ ڪندا آهن .پندرنهن ڊسمبر تي عرب سڳورا ايندا آهن ۽ هفتي ۾ سمورا تلور پکي ماري هليا ويندا آهن. هنن جو شڪار ڪرڻ جو عجيب طريقو آهي. عرب سمورو شڪار باز جي مدد سان ڪندا آهن. انهي باز ۾ هڪڙو تـ کوپا لڳل هوندا آهن ٻيو انهي ۾ ڪا مشين لڳل هوندي آهي انهي مشين مان اها خبر پوندي آهي تـ باز ڪٿي آهي. اهو شڪار گهڻو ڪري صبوح سوير ٿيندو آهي.

               صبوح سوير عربن جو گاڏيون نڪري وينديون آهن . عرب شهزادو ستل هوندو آهي. گاڏيون جيئن ئي ڪنهن تلور ڏسنديون آهن . هر گاڏي ۾ وائرليس لڳل هوندو آهي. انهي وائرليس جي معرفت هو شهزادي جي مئنيجر کي اطلاع ڪندا آهن. اهو شهزادي کي ٻڌائيندو آهي. پوءِ جيستائين شهزادو نٿو اچي.اوستائين تلور جو شڪار ڪير نٿو ڪري سگهي. پوءِ شهزادي جي گاڏي ايندي . سڀ کان پهرئين شهزادو تلور لاءِ پنهنجو باز ڇڏيندو. اهو شهزادي جو باز جڏهن شڪار ڪري ٿڪبو آهي. تڏهن ٻين عربن کي شڪار ڪرڻ جي اجازت ملندي آهي. تيستائين ڪير بـ تلور پٺيان پنهنجو باز نٿو ڇڏي سگهي. پر جيئن باز تلور کي جهٽيندو آهي جلدي تلور باز کان ڇڏرائي ويندي آهي. ڇو جو جيستائين باز بکيو هوندو تـ شڪار ڪندو نـ تـ ٺهيو. سو عرب باز کي پنهنجو ڪيل شڪار بـ کائڻ ناهن ڏيندا . باز جو ڪم شڪار ڪرڻ آهي کائڻ نـ ڪڏهن ڪڏهن باز شڪار ڪري گم بـ ٿي ويندا آهن پر بازن ۾ لڳل مشين سان اهو گاڏي ۾ ويٺي ويٺي ئي خبر پئجي ويندي آهي تـ باز ڪيتري مفاصلي تي ۽ ڪٿي آهي. عربن وٽ قيمتي ۾ قيمتي شئي آهي ئي باز جيڪو چاليهـ کان پنجاهه لک جو هوندو آهي. هڪڙي سال ايئن بـ ٿيو جو باز شڪار ڪندو اڏامندو سرحد پار ويندو رهيو. پوءِ خيرن سان عرب  بـ ويا باز پٺيان سرحد ٽپي. پوءِ تـ وڏي ڳالهـ ٿي وئي. سرڪار سڳوري سرحد پار جي سرڪار سان ڳالهايو ۽ اهو باز وٺي وڃڻ لاءِ عربن کي موڪل ملي نـ تـ اسان ٿرين جو مال ڀٽارو ويو سو ويو. پر جي ڀلا ڪو اڙيو ٿڙيو مال جي پٺيان ڪو ڌنار ٽپي ويو تـ سمجهه ويو ، اتان جي آرمي جي ٻوهي ۾ جي هنن ڇڏي ڏنو تـ هتي جا ڍول سپاهي را جو ايجنٽ سمجهي ٻکي ويا تـ مائٽن کي مٽي بـ نصيب ڪونـ ٿيندي.خير انهن عربن سان هڪڙي ٻي گاڏي بـ هوندي آهي . جنهن ۾ انهي سموري شڪاري جي وڊيو رڪارڊنگ ٿيندي آهي . هر شڪار ٿيندڙ شڪار جو رڪارڊ عربن وٽ هوندو ئي هوندو آهي.

                         جي ڀلا عربن وارو باز ٻـ ڏينهن بـ جهنگ ۾ رهيو تـ شڪار جا سيکاريل سمورا انگ وساري ڇڏيندو آهي. پوءِ اهو باز شڪار جي ڪم جو ناهي رهندو. عربن وٽ ڪم ڪرڻ وارن مزورن جو چوڻ آهي تـ عربن جي شڪار ٿيندڙ هڪڙي تلور تي گهٽ ۾ گهٽ پنجاه هزار کان مٿي خرچ ٿئي ٿو.عرب هتي موجود پنهنجي ملازمن کي ٻارنهن مهينا پگهار ڏيندا آهن. باقي چار مهينا تـ هنن کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ عربن جون سرڪاري گاڏيون بـ هونديون آهن.انهي کانسوءِ پنج وائيلڊ لائيف وارا بـ هنن سان گڏ هوندا آهن. انهن کي پنج هزار رپيا پگهار ڏيندا آهن .چوڻ ۾اهي انهي لاءِ هوندا آهن تـ عربن ۽ سندس پگهاردارن  کي ٻي ڪنهن شئي جو شڪار نـ ڪرڻ ڏين ۽ عربن وٽ ٻـ سئو کان مٿي تلور شڪار ڪرڻ جي پرميشن ناهي هوندي، اهي انهي کان مٿي شڪار نـ ڪن پراهي هوندا اڻ سڌي طرح عربن جا ملازم آهن. اهي انهن لاءِ ئي ڪم ڪندا آهن.انهن جهنگلي جيوت کاتي وارن کانسواءِ پنجويهـ ٽيهـ عرب هوندا آهن. 150 کان ٻـ سئو گاڏيون هونديون آهن.. چار سئو کان مٿي هتان جا لوڪل ملازم  هوندا آهن. انهن ۾ پکين جا پيري بـ هوندا آهن ته انهن ۾ وڏا شڪاري بـ. ٽيون سال  شيخن روجهـ بـ ماري هئي.رينجرز وارن کي بـ انهي جي خبر هئي. پوءِ تـ سرڪار سڳوري وائيلڊ لائيف جا عملدار سڀ عربن کي بچائڻ جي هڻ وٺ ۾ لڳي ويا هئا. پر ڪجهـ ملازمن جي ضد جي ڪري ايف آءِ آر بـ ٿي پر انهي ۾ شيخ جو نالو ڪونـ آيو. هن جي ڪجهـ ملازمن جا نالا آيا هئا. عرب سڳورن جي آمد ۾ هڪڙو تـ اهي چار سئو ملازم خوش آهن ڪجهـ مهينن لاءِ ئي سهي هنن کي روزگار ملي ٿو. انهي کان بـ وڏي خوشي جهنگلي جيوت وارن کي ٿئي ٿي . اهي انهن عربن جي وڌيڪ خوشامد ڪن ٿا۽ وڏو پئسو ڪمائن ٿا. انهي کان بـ وڏو فائدو وٺن ٿا. اهي سياسي حمايت بـه وٺن ٿا. ڪجهـ عربن جا دادلا اقتدار جا مزا وٺن ٿا. سو اهو عربن جي آمد مان خوش آهن.

khalid_jogee@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو