Home / افيئر / علم کي ڪک ڪک ڪري تيلي ڏيندڙ ڪير آهن؟
above article banner

علم کي ڪک ڪک ڪري تيلي ڏيندڙ ڪير آهن؟

خالد ڪنڀار
ٿر ۾ ماسترن تي ٻائيتال ٻريل آهي. اهو ٻائيتال ٻريو آهي ،151 ماسترن کي حڪومت بدلي ڪري ڪراچي طلب ڪري رپورٽ ڪرڻ جو چيو. ماسترن ته اٿندي ئي اها رڙ ڪئي ته بدليون سياسي انتقام طور ٿيون آهن. انهن اتان گهوڙا گهوڙا شروع ڪئي. پر اتي وري عام راءِ اها بــ هئي تــ سٺو ٿيو .ماستر پڙهائن ڪونـ، ڪو ڪنڊيڪٽر لڳو پيو آهي. ڪو ڊرائيوري پيو ڪري . ڪو عطائي ڊاڪٽر لڳو پيو آهي. ڪو ريزڪي دڪان پيو هلائي. ڪو سياستدانن جو ڪمدار ٿيو پيو راڄن ۾ سياست ڪري .ڪو وزيرن جا ٺيڪا پيو هلائي . چوڻ جو مقصد تــ هو پڙهائڻ کانسواءِ باقي سڀ ڪم ڪن ٿا. اها عام راءِ ايئن کڻي چئون ته بي وزن ناهي . ٿر جو ماستر ئي ٿر جي ڳوٺن ۾ پٽيلائي کان وٺي سڀ ڌنڌا ڪري ٿو. ٿر جي سياست جو گهڻو ڪار وهنوار هلائڻ وارو ماستر ئي آهي. انهي ڪري جو ٿر ۾ ڪو وڏي زمينداري تــ آهي ڪونــ جو اتي ڪو وڏيرو هجي جنهن جو راڄ هجي . ٿر جو سماجي ڍانچو باقي سموري بئراج واري سنڌ کان مختلف آهي . اتي برادري ۽ ماسترن جي چڱ مڙسي آهي . انهي سماجي ڍانچي ۾ جتي ماستر مقامي سياستدان هجي تــ پوءِ تعليم جو حال ڇا هوندو. انهن مان گهڻا پٽيل تــ ماستر ٿيڻ کانپوءِ ئي برادرين جا پٽيل ٿيا. ٿر ڪو هيستائين پرائمري ليول کان مٿي تعليمي سهوليت جي اڻ هوند ۽ پٺتي پيل هجڻ ڪري ڪي وڏا ڪامورا ۽ بيوروڪريٽ ايتري تعداد ۾ ناهي پئدا ڪري سگهيو. مٺي واري اڪيلي ڪاليج مان انٽر ڪري ۽ پوءِ اتان ئي پرائيويٽ بي اي ڪري ڊگريون جام ٿرين هٿ ڪري ورتيون. مٿان وري خيرن جي علام اقبال يونيورسٽي وارا سرٽيفڪيٽ تــ ايئن عطائي طور تي ملي ويا سو ٿريا پڙهيا لکيا ٿي ويا. انهن اڻ پڙهيل سرٽيفڪيٽي ٿرين جو پهريون نشانو ماستري هئي گهر جو گهر ۾ سرڪاري نوڪري .
سو هٿ پير هڻي جيڪو سياستدانن کان نوڪري گهريائون سو ماستري . انهي جي ڪري هنن کي سياستدانن جي صلاح سان نوان اسڪول بــ کولڻا پئجي ويا. سو ڌڙا ڌڙ اسڪول کليا هڪڙي ڳوٺ ۾ 65 اسڪول، اتي ماستر بــ کپن . انهن اسڪولن کولڻ جا ڪيترائي فائدا ٿيا بلڊنگ ملي، پٽيوالي چوڪيدار جي جڳهــ آئي. ايس ايم سي جا فنڊ مليا ايئن ٿر ۾ تعليم ڪاروبار بڻجي وئي مٿان ٻيڙي ٻڏي ورلڊ فوڊ واري گيهــ جي جنهن تحت هر اسڪول ۾ داخل ٻارڙي کي گيهــ جو پنج ڪلي وارو دٻو هر مهيني ڏيڻو هو . انهي رهي کهي ٻيڙي ٻوڙي. ساڳيا ٻار ٻن ٻن ٽن ٽن اسڪولن ۾ داخل .ٻارڙا بــ ڪاروبار، تعليم بــ ڪاروبار ماسترن جي پٽيلائي کي ورلڊ فوڊ واري گيهــ وڏي ٽيڪ ڏني. مرضي جا مالڪ جنهن جو ٻار داخل ڪن يا نــ ڪن. ٻار تنجڻن ۾ هجي پر اسڪول ۾ داخل ٿي ويو. ماسترن ڪوڙن نالن جا گيهــ وٺي مارڪيٽ ۾ اتي ئي ڳوٺ ۾ وڪرو بــ ڪيا. ايس ايم سي جا فنڊ تــ مٿان مٿان کائي ويا ڪنهن کي ڪنو ڪن خبر ئي ڪونــ پئي . ايئن ٿر جو سادو ماڻهو اهو بــ ماستر اهڙو نيت پليت ۽ ٺڳ ٿي ويو جو انهي کي ماستر چئجي يا نــ بــ چئجي . تعليم ٿر ۾ ماستر جي ڪري مڪمل ڪاروبار بڻجي وئي. اهڙو ڪاروبار جنهن مان رڳو ماستر نٿي ڪمايو پر والدين بــ پن تي محمد خان جوڻيجي جا هيرايل الله کيس جنت نصيب ڪري پر ٿرين ۾ اهڙي پن جي ۽ اٽڪل بازي جي عادت وجهي ويو جنهن مان ٿريا پنهنجو پاند اڃا آجو ناهن ڪرائي سگهيا. ڳالهــ تــ اها بــ هلي پئي تــ ڪوڙا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ واري ناري پٽ جي مولوي صاحب جي فيڪٽري جنهن کي عالم پلي ڪاليج ٿا چون ٿرين لاءِ هر سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو در هئي /آهي . ايئن ڪوڙن سرٽيفڪيٽن تي بــ ماستر نوڪري وٺي ويا صفا آڳوٺي ڇاپ بــ ماستر ٿيا. انهي صورت حال ٿر جي سموري تعليمي ڪلچر جو سڄو ٻيڙو ئي ٻوڙي ڇڏيو . سو ٿر ۾ تعليم تباه ٿيڻ جا پيرا کڻنداسين تــ پوءِ گهڻو اڳتي ڪونــ وڃڻو پوندو پر وڏا بنگلا ۽ گاڏيون انهي بنياد وجهندڙن ۾ هونديون .
هڪڙو تــ ٻيڙي ايئن ٻڏي ٻيو وري اليڪشن ۾ رڳو ماسترن جو ڊيوٽيون لڳڻ ڪري سياستدانن پنهنجي ويجهن ويجهن پٽيلن کي هٿ وٺي ماستر ڪيو جيئن اليڪشن ۾ ووٽر لسٽن ٺاهڻ ۾ هنن کي مڪمل سپورٽ ڪري سگهن. هي سڀ سياسي فائدي حاصل ڪرڻ لاءِـ هٿ وٺي ڪيو ويو. اتان انهن ڪن پٽيو اها صورتحال جڙي تــ جيڪڏهن ڪنهن ماستر پڙهايو پئي انهي بــ پڙهائڻ ڇڏي ڏنو . هو مڪمل طور نڪمو ٿي ويهي رهيو يا مايوس ٿيو . انهي جڙيل ڪلچر جي ۽ ٿيل ڀرتين جي ڪري ٿرين ۾ پڙهائڻ وارو شوق بــ آهستي آهستي مرندو ويو . تعليم جي اهميت گهٽجي وئي جڏهن ڇڪڙي جو ڪنڊيڪٽر ماستر ٿي ويو. جڏهن ڊرائيور ماستر ٿي ويو. پوءِ پڙهائڻ واري مائٽ جي ذهن ۾ تعليم جي اهميت ڇا بيهندي . مٿان وري ماسترن جو يونينون ٺهيون . پ ٽ الف، فلاڻيون فلاڻيون .
يونين هڻي ماسترن جو ستيا ناس ڪري ڇڏيو . تعليم انهن کان بــ وسري وئي انهن يونينن ماستر کي ماستر مان ڦيرائي مڪمل سياستدان اهو بــ مظاهرا ڪرڻ وارو سياستدان بڻائي ڇڏيو . ماستر جو ڪير نالو وٺي تــ ڇلگري روڊ جو وچ جهليو ويهيو رهي . ماستر نــ پڙهائي يا اسڪول نــ وڃي انهي سان استاد ليڊر جو واسطو ڪونهي. اخبار ۾ خبر لڳي ڦوٽو سان واه واه ٿي وڃي روڊ بلڪ مظاهرو ماسترن سان مسئلو بليڪ ميلنگ اهو بــ اسان جي ٻارن جي مسقبل سان ظلم جي بــ انتها پر صفا ڇيڙو ٿي ويو. اها تنظيم جيڪا ماسترن جي پنج سئو رپيا چندي تي ماسترن جي پنجويهــ هزار پگهار گهر ويٺي کڻي ڏيڻ جو حق ڏي ٿي .اها تنظيم بــ چاهي تــ تعليم کي سڌو ڪري سگهي پئي .انهي ۾ اسان جي ميڊيا بــ گهٽ نـ ڪيو ٻي ڏينهن مظاهري جي پنج ڪالمي خبر فرنٽ پيج تي . ايئن ڪک ڪک ڪري سڀني ڪتابن کي تيلي ڏني آهي . هر ڪنهن پنهنجي حصي جا ڪک وڌا آهن گهٽ ڪنهن بــ ناهي ڪيو . سياستدانن ، ماسترن ،مائٽن سڀني خوب معصوم ٻارن جا ڪتاب جلائڻ ۾ نڀايو آهي. ڳوٺاڻا صفا لاتعلق ههڙي سڃ ههڙي جهالت پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل تي بــ خاموشي ڪنهن وڃي اسڪول ۾ نهاريو ڪونــ تــ ماستر اچي ٿو يا ٻار پڙهن ٿا يا نــ سماجي واسطا ڪونــ خراب ڪبا . ڪنهن سان ڦٽائبو ڪو باقي ديرو ناس ٿئي تــ ٿيڻ ڏيو. گونگا ڄٽ ڪورا ڄٽ اڻ سڌريل، ڊڄڻا .
هاڻ اچون ٿا اصل ذميوارن تي سياست کانپوءِ ڪنهن ٻيڙي ٻوڙي آهي . ڪنهن بــ اداري کي هلائڻ لاءِ چوندا آهن آپريشن کان وڌيڪ ايڊمنسٽريشن جي ضرورت هوندي آهي يا ايئن کڻي چئون تــ ڪنهن اداري جي ڪاميابي اداري جي ايڊمنسٽريشن جي کاتي ۾ وڃي ٿي . پر هتي جيڪڏهن ٿورو پاڻ واري ٿر جي ايڊمنسٽريشن جي صورتحال ڪهڙي سڄي ٻيڙي ٻڏل آهي جيترا وڌيڪ ماستر ڊيوٽي نٿا ڪن اوترو هن جي ايڊمنسٽريشن کي فائدو آهي. سياسي طور تي ڪوشش ڪري سپروائيزر ٿيڻ انهي ۾ ماستر جي اسڪول نــ وڃڻو، امتحان نــ وٺڻو، بابا پڙهايو نـ پڙهايو رزلٽ شيٽ تي صحيح جا پئسا مقرر آهن. بس في اسڪول جي رزلٽ شيٽ پئسن کانسواءِ پئسن جي صحيح نــ ٿيندي . منٿلي خرچ لاءِ وزٽ تي اچي ويا ڀلي ماستر ويٺو بــ هجي بابا ڀلي وٺن ٿا. تيل جا پئسا ڏي . ظلم آهي جتي ماستر پنهنجي آفيسر کي منٿلي ڏيندو هجي. اهو ڇا پڙهائيندو . اهي سپروائيزر هزار روپيا وٺن ٿا . اهي سپروائيزر سڀ ماستر آهن هاڻ هو پڙهائڻ وارو ڪم ڪندڙ ماڻهو ايڊمنسٽريشن جو ڪم ڪري ٿو جڏهن تــ هن جو ايڊمنسٽريشن سان ڪو واسطو ئي ڪونهي. اها وڏي غلطي ٿيل آهي . هاڻ اي ڊي او بــ ماستر، بابا هي ضلعي ليول جي ايڊمنسٽريشن جي پوزيشن آهي انهي تي هڪڙي ماستر کي اوهان ڪيئن رکيو بس سياسي بنيادن تي ماستر ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريٽر ٿي ويو . حقيقت ۾ ڪميشن پاس ڪو ايڊمنسٽريشن جو ماڻهو ٿئي تــ بهتر آهي. گهڻو ڪري وري اي ڊي او بــ ڪاليج مان ڪوڙيون ڊگريون بي اي، ايم اي جون وٺي ٿيل آهن جيڪي پرائيويٽ ايم اي ، بي اي ڪن ٿا .
هاڻ اهي ماڻهو جيڪي ٿر جي ڳوٺن مان مٺي ڪاليج مان پڙهي ڪهڙا ايڊمنسٽريٽر ٿيندا . سو ايئن پيو گاڏو هلي. مٿان وري ڪنهن سٺي استاد کي پڙهائڻ تي ڪا حوصلا افزائي بــ ناهي. سرڪار سڳوري سالياني انڪريمينٽ سينارٽي جي بنياد تي لڳائي ٿي ۽ سڀني جي هڪ جيتري پگهار وڌي ٿي جيڪو حقيقت ۾ اتان جو هيڊ ماستر هر هڪ استاد جو ساليانو رويو ڪري هن جي شاگردن جي ڪوالٽي جي بنياد تي سفارش ڪري ۽ انهي بنياد تي انڪريمينٽ لڳي تڏهن بــ سهي پر هتي سڀ رڍون ڪار ٻوٿيون. ڪنڊيڪٽر ماستر جي بـ اوتري انڪريمينٽ تــ پڙهائڻ واري جي بــ اوتري جيڪڏهن ٻيو نــ تــ سالياني امتحان جي بنياد تي رزلٽ شيٽ کي سامهون رکي ڏسن تـ هن جا ڪيترا ٻار ڪهڙي گريڊ ۾ پاس ٿيا آهن ۽ ڪيترا فيل ٿيا آهن . پوءِ بــ سهي پر ايئن ٿئي نٿو. نــ وري ماسترن جي ڪا پروموشن ڪوالٽي بنياد تي سڀ لڏو ايئن پيو هلي . سينارٽي تي بي ايڊ جو علام اقبال جو سرٽيفڪيٽ وٺي انڪريمينٽ لڳرائجي ظلم آهي. گهڻا ماستر وري اديب آهن جيڪي نه ڪاليج وڃن نه اسڪول اهي تــ سماج جا ذميوارآهن پر سندن روش عالمن جي ابن واري آهي. بس وڏو موضوع آهي ڊيگهــ ٿي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو