Home / افيئر / قادري شو، موچي جا گهڙيا موچئ جي مُنهن ۾!!
above article banner

قادري شو، موچي جا گهڙيا موچئ جي مُنهن ۾!!

 رزاق کٽي

سال کن اڳ ۾ ” سياست نه رياست بچايو“ جي نالي سان شروع ٿيل فلم جي 23 ڊسمبر 2102ع تي لاهور ۾ ڪامياب نمائش بعد لانگ مارچ ذريعي تبديلي جي نالي تي انهي فلم جي نمائش اسلام آباد ۾ به ڪئي وئي، هن فلم جو مُک هيرو شيخ الاسلام ڊاڪٽر طاهرالقادري ۽ ولين رحمان ملڪ هئا، جڏهن ته انهي فلم جي مصنف ۽ هدايتڪار بابت اڃاتائين خبر نه پئجي سگهي آهي، سياسي فلمن جي ناظرين جو خيال آهي ته هن فلم جا هدايتڪار به اهي ئي آهن ،جن آءِ جي آءِ پروڊيوس ڪئي هئي. پر هن دفعي فلم ۾ نئون هيرو متعارف ڪرايو ويو هو، هدايت ڪار پنهنجي پراڻي تجربي جي آڌار تي هن دفعي پنهنجي انهي نئين فلم ۾ ماڊرن اسلام کي متعارف ڪرايو هو، جنهن جو مکُ سبب اهو هو ته انهي فلم کي عالمي سطح تي به قبوليت ڏياري سگهجي، ان ڪري عورتن جو به وڏو انگ ان ۾ شامل هو. هن دفعي بوٽن وارا ولين هن فلم ۾ سڌي ريت شامل نه هئا،  فلم ميڪرن انهن جو ۽ ساهمي وارن جو نالو کڻي  اسلام آباد جي سينيما ۾” 900“ ڏينهن واري ڪامياب نمائش ٿي چاهي، پر اتفاق اهو آهي ته اها فلم ٽن ڏينهن اندر ڪامياب نمائش جي باوجود باڪس آفيس تي پِٽجي وئي آهي، جنهن جي ڪري سياسي فلمي حلقن ۾ انهي فلم ۽ فلم جي هدايتڪارن بابت نوان بحث ڇڙي پيا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ ڇاٿيڻو آهي، ان تي بعد ۾ پهرين اچو ته ان فلم جي ڪاميابي ۽ ناڪامي بابت ڪجھ حال احوال ڪريون

ڊاڪٽر طاهرالقادري جو هي لانگ مارچي ڌرڻو اسلام آباد جي جناح ايونيو، ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ڊي چوڪ تي سڄي ملڪ لاءِ ان ڪري به پريشاني جو سبب بڻيو  هو جو اهو گادي واري شهر ۾ ڪيو ويو هو، هن لانگ مارچ ۾ مولانا جي معتقدن جو ئي وڏو انگ هو، جيڪي مٿس گهورجڻ لاءِ ته تيار هئا، پر سياسي صلاح ڏيڻ جي هنن ۾ قوت نه هئي، ان ڪري هنن هٿن ۾ ڏنڊا کڻي اسلام آباد ۾ لال مسجد جي نياڻين واري سنت ٿي پاري،( توڻي جو لال مسجد واري فلم به انهي ڪري ٺاهي وئي هئي ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته هتي شدت پسندي وڌي وئي آهي ان ڪري اسان کي پئسا ڏيو ته اها ختم ڪريون،) لاڳيتو 3 ڏينهن بليو ايريا ۾ انهي ڌرڻي سبب سڄي شهر جي زندگي مفلوج هئي، اسلام آباد جا ماڻهو گهرن ۾ خوف وچان قيد ٿيل هئا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو ماڻهن جو ميڙ ڪنهن به ريت مڇرجي ڪيڏانهن به منهن ڪري  ها ته ان کي ڪير منهن ڏيندو، ان ڪري شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند هئا، پر مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي ان ڪري به پرواھ نه هئي ته مارچ جي ميزبانن کائڻ پيئڻ لاءِ ڪنٽينر ڀرائي آندا ٿي، هڪ اندازي موجب 30 کان 40 هزار ماڻهو هڪ ئي وقت موجود هجڻ سبب ڊاڪٽر قادري جو اهو لانگ مارچ ان ڪري ڪامياب ويو جو انهي ۾ ڪابه اهڙي صورتحال پيدا نه ٿي جيڪا انتظاميا ۽ مقامي ماڻهن لاءِ پريشاني جو سبب ٿئي

ڊاڪٽر قادري جي پهرين ڏينهن واري تقرير ان ڪري به اهميت اختيار ڪري وئي ته ان ڏينهن ”حُسن اتفاق“ سان سپريم ڪورٽ رينٽل پاور ڪيس ۾ شريڪ سمورن جوابدارن جن ۾ وزيراعظم به شامل هو جي گرفتاري جو حڪم ڏنو، انهي حڪم جي نتيجي ۾ جيتوڻيڪ مولانا قادري اهو چئي پنهنجي تقرير ختم ڪئ ته اڌ ڪم اڄ ٿي ويو آهي، ۽ اڌ  سڀاڻي ٿي ويندو، جنهن مهل مولانا پنهنجي تقرير جا آخري لفظ چئي رهيو هو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ملڪ جا چند وڏا سيڙپ ڪار ،ننڍن سيڙپ ڪارن جا 131 ارب رپيا پنهنجن اڪائونٽن ۾ منتقل ڪري رهيا هئا، هي اها گيم هئي جنهن کي ميڊيا ۾ صرف ايتري ڪوريج ملي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ويهي رهي آهي، بس، ان کان وڌيڪ ان تي ڪوبه بحث نه ٿيو،

 مولانا پنهنجي پهريئن ۽ ٻئي ڏينهن واري تقرير ۾ هزارين ماڻهن جي ميڙ جي طاقت پنهنجي مُٺ ۾هجڻ جي دعوا ڪري رهيو هو، هن اها به ڌمڪي ڏني هئي ته هو جيڪڏهن چاهي ته اهو ميڙ پارليامينٽ ۽ ايوانن مٿان قبضو ڪري سگهي ٿو، ٻئي ڏينهن هن پنهنجي تقرير ساڍا ٽي ڪلاڪ جاري رکي ، مولانا سميت سڀن کي انتظار هو ته اڄ به ڪا خبر ايندي، پر نه آئي، ان بعد مولانا 3 ڏينهن 3 ڀيرا ڊيڊ لائينون ڏنيون، ان کان هڪ رات اڳ ۾ گهرو وزير رحمان ملڪ ڌرڻي مٿان ٽارگيٽيڊ آپريشن جي ڳالھ ڪري چڪو هو ،جنهن ڪري ڌرڻي سميت سڄو اسلام آباد پريشان هو، اها پريشاني ان ڪري به جائز هئي ته جيڪڏهن ان دوران انهي ڌرڻي ۾ ڪا دهشتگردي ٿئي ٿي ته ان ۾ تمام گهڻو جاني نقصان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هڪ وڏو انگ عورتن ۽ ٻارڙن جو انهي مارچ ۾ شامل هو، ٻي ڳالھ اها ته جيڪڏهن ڪنهن به آپريشن جي صورت ۾ انهي مارچ ۾ شامل ماڻهن جو رخ ادارن ۽ گهرن ڏانهن به ٿي ٿي سگهيو، ان ڪري فوري طور تي سياسي  ۽ حڪومتي اتحادي ڌرين جو رد عمل سامهون آيو، جنهن ڪري صدر زرداري  کي پاڻ ان معاملي ۾ مداخلت ڪرڻي پئي، هن دفعي ڪا پريس رليز جاري ڪرڻ بدارن صدر صاحب پاڻ ملڪ جي ناليواري صحافي نجم سيٺي کي سندس هلندڙ پروگرام دوران فون ڪري انهي آپريشن جي ترديد ڪئي، ۽ چون ٿا ته رحمان ملڪ کي شٽ اپ ڪال به ڏني وئي،

 هاڻي 3يون ڏينهن هن ڌرڻي جو آخري ڏينهن هو، ان ڳالھ جو اظهار قادري پاڻ به صبح ساڻ ڪري چڪو هو، پر خدا خدا ڪري شام جو وزيراعظم پاران جوڙيل ٽيم جنهن جي سربراهي مسلم ليگ(ق) جو سربراھ چوڌري شجاعت حسين ڪري رهيو هو، وفاقي وزيرن مخدوم امين فهيم، سيد خورشيد شاھ، قمر زمان ڪائره، فاروق ايڇ نائيڪ، فارق ستار، بابر غوري، مشاهد حسين سيد، افراسياب خٽڪ ۽  عباس خان پهتا ،جن لاءِ پلاسٽڪ جون اضافي ڪرسيون مولانا جي بم پروف ڪنٽينر ۾ رکرايون ويون، جنهن ۾ ساڍا پنج ڪلاڪ ڳالھيون هليون،  وزير اعظم جي معاهدي مٿان صحيح بعد انهي جواعلان ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت 17 جنوري جي رات جي آخري ڪلاڪن ۾ انهي مارچ جي خاتمي جي اعلان ڪيو ويو ،

هن مارچ جي خاتمي لاءِ 4 شرطن تي صحيحون ڪيون ويون هيون ،جن ۾ 16 مارچ کان اڳ ۾ قومي اسيمبلي جي تحليل، اليڪشن ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ، عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي هڪ مهنيو اضافي ڇنڊ ڇاڻ ، سپريم ڪورٽ  پاران چونڊ سڌارن بابت ڏنل فيصلن تي ان جي روح موجب عمل ڪرڻ۽ نگران وزيراعظم جي نالي تي مولانا سان اتفاقِ راءِ جا اهم شرط هئا،

هتي سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته مولانا قادري جيڪو لاهور کان نڪتو هو ان پهرين ڏينهن ٻه ڳالھيون ڪيون هيون جن ۾ هڪ ته نگران سيٽ اپ ۾ فوج ۽ عدليه کي بحيثيت ڌر طور قبول ڪرڻ ۽ ٻيو هن جو اهم نقطو هو صدر، وزيراعظم سميت سمورن وزيرن کي يزيدي لشڪر ۽ سابق قرار ڏيڻ ۽ پاڻ کي ۽ لانگ مارچ ۾ شريڪ مردن توڙي عورتن کي امام حسين، بي بي زينب جو غلام قرار ڏيڻ ۽ ان بنيادي نقطي تي سمورن ماڻهن کي هڪ هنڌ موجود رهڻ جي شامل هئا، جنهن مهل مولانا يزيدي لشڪر سان ڳالھيون ڪري رهيو هو(هن ڳالھين دوران سانجهي نماز ۾ يزيدي لشڪر جي امامت به ڪئي) ته ان جي ڪاميابي بعد هن آخري شرط اهو رکيو ته جيستائين اهو زيراعظم جنهن کي هو 2 ڏينهن اڳ ۾ سابق قرار ڏئي چڪو هو، اهو انهي معاهدي مٿان صحيح نٿو ڪري تيستائين هو پاڻ  به هن مٿان صحيح نه ڪندو، نيٺ 3 رڪني وفد سيد خورشيد شاھ ،جي اڳواڻي ۾ وزيراعظم کان صحيح ڪرائڻ لاءِ پي ايم هائوس پهتو، جتي انهي معاهدي بابت وزيراعظم صدر زرداري کي آگاهي ڏني جنهن بعد انهي معاهدي تي صحيح ڪئي وئي، اهي وزير ٻيهر ڊي چوڪ پهتا، جتي اڳ ۾ ئي ٻيا وزير انتظار ۾ هئا، بهرحال  معاهدي جو اعلان ٿيو ۽ مارچ ختم ٿيو

هاڻي سوال اهو آهي ته انهي سڄي مارچ ۾ ڪنهن کٽيو ۽ ڪنهن هارايو؟ مولانا قادري جي مارچ سبب هن ملڪ جون سموريون سياسي ڌريون ميان نواز شريف جي اڳواڻي ۾  لاهور ۾ سندس رهائش گاھ تي گڏ ٿيون، جتي هنن مولانا جي لانگ مارچ جي واضح مخالفت جو اعلان ڪيو، ۽ چيو ته ڪنهن به غير جمهوري قدم جي مزاحمت ڪئي ويندي، اهو فيصلو جتي حڪومت لاءِ ڪاميابي هئي، اتي هن ملڪ جي جمهوري سياسي قوتن جي بالغ نظري جو به ثبوت هو، ميڊيا ۾ اڳ ۾ تنقيد جي زد ۾ آيل مولانا قادري وڌيڪ اڪيلو ٿي ويو، ۽ هن جي آخري اميد عمران خان به هن مان انهي ئي ڏينهن هٿ ڪڍي ويو، جنهن ڏينهن راءِ ونڊ ۾ ميان نواز شريف مخالف ڌر جي اڳواڻن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي هئي، مولانا جو معاهدو ان ڪري به ناڪام چئي سگهجي ٿو ته هن نگران سيٽ اپ ۾ فوج ۽ عدليه کي شامل ڪرڻ  جي جيڪا ڳالھ ڪئي هئي اها پهرين ڌڪ سان اڏامي وئي، جڏهن ته باقي مطالبن جو جيڪڏهن آئيني طور تي جازئزو وٺجي ته ان ۾ ڪو گهڻو وزن ناهي، ڇاڪاڻ ته 23 ڊسمبر کان مولانا قادري لاهور ۾ جيڪو ڪامياب جلسو ڪيو هو، ان بعد ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين ان سازش کي سمجهي ورتو هو ته پاڪستان ۾ جڏهن سڌي ريت فوج  جي اچڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن ته هاڻي نگرانن جي بهاني ڊگهي مدت وارو سيٽ اپ آڻڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، انهي سيٽ اپ ۾ فوج ۽ عدليه کي شامل ڪرڻ واري ڳالھ ان کان اڳ به ڪئي پئي وئي،جڏهن مولانا واضح اها ايجنڊا کڻي آيو ته سڀن کي پڪ ٿي ته ايجنڊا سامهون اچي چڪي آهي، هن دفعي ميڊيا، سول سوسائٽي ،مخالف ڌر ۽ حڪومت انهي ايجنڊا خلاف واضح اسٽينڊ ورتو، جنهن ڪري جن ڌرين مولانا کي تيار ڪري موڪليو هو اهي پاڻ به پريشان هيون، ان ڪري قادري وٽ جيڪو وفد ڳالھين لاءِ آيو هو ان ملڪ جي موجوده آئين جي اندر ويهي هن سان ڳالھيون ڪيون، جنهن ڪري مولانا پاڻ پريشان به ٿي ويو ته هو جنهن تبديلي جي ڳالھ کڻي هتي پهتو آهي اها ته آئين جي حدن ۾ مڪمن ناهي، ان ڪري جيڪي مولانا جا مطالبا مڃيا ويا آهن نهن جي آئيني پوزيشن جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته اهي هيئن آهن

آئين تحت موجوده اسميبلي جو مدو 16 مارچ تي ختم ٿئي ٿو، جيڪڏهن انهي تاريخ تي اسمبلي کي ختم ڪيو وڃي ته نگران حڪومت کي 60 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻيون آهن، جيڪڏهن 16 مارچ کان اڳ ۾ اسيمبلي ختم ٿئي ته پوءِ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿينديون، ان ڪري معاهدي جي پهريون نقطو ته اتي ئي ختم ٿي ٿو وڃي، ان ڪري اهو مطالبو ته فوري طور تي اسميبليون ختم ڪيون وڃن اهو ته پورو نه ٿيو، پر ڳالھين دوران مولانا جڏهن اهو مطالبو ڪيو هو ته کيس ياد ڏياريو ويو ته جيڪڏهن اسيمبليون ئي ٽوڙي ڇڏبيون ته ڳالھ ٻولھ ڪنهن سان ڪندين؟ جنهن تي مولانا ماٺ ڪئي،۽ مجبوري واري حالت ۾ اهو نقطو شامل ڪرايو، جنهن جو حڪومت کي فائدو ٿيو، ٻئي نقطي موجب نگران وزير اعظم لاءِ 2 نالا اتفاقِ راءِ سان طئه ٿيندا، ان لاءِ آئيني پوزيشن اها آهي، ته اسيمبلي جي آئيني مدي تحت پهرين مارچ تي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ نگران وزير اعظم جي نالن تي ڳالھيون شروع ٿينديون آهن. جيڪڏهن 15 ڏينهن ۾ اتفاق نٿو ٿئي ته قومي اسيمبلي پاڻمرادو ختم ٿي ويندي، ۽ ان دوران مخالف ڌر ۽ حڪومتي پارٽي جي هڪ گڏيل ڪميٽي ۾ نگران وزير اعظم جي تجويز ڪيل نالن تي غور ٿيندو، 48 ڪلاڪن ۾  جيڪڏهن  اها ڪميٽي نالن تي  اتفاق نٿي ڪري ته پوءِ اهي نالا اليڪشن ڪميشن ۾ هليا ويندا، ۽ اليڪشن ڪميشن انهن نالن مان ڪنهن به هڪ نالي جي چونڊ ڪري نگران وزير اعظم جو نالو اعلان ڪندي،  ۽ نگران وزيراعظم 48 ڪلاڪن اندر عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندو،ان ڪري اها ڳالھ هاڻي واضح ٿي وئي آهي ته حڪومت اڳ ۾ ئي اسمبيليون ٽوڙڻ جي موڊ ۾ هئي، نگران وزير اعظم جي نالي تي هو چند ڏينهن ۾ مشاورت ڪري انهن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏيندي، ان ڪري حتمي نالا  27 جنوري تي قادري وٽ ويندا ته ان وقت اهي 10 ئي اتحادي جماعتن جا اڳواڻ موجود هوندا، جيڪي کيس قائل ڪري وٺندا، 3يون نقطو اليڪشن ڪميشن جي نئين سر تشڪيل جو آهي، اهو مڪمل طور تي آئيني معاملو آهي، ان ۾ ڪجھ به نه ٿيندو ،جن قانون دانن جا نالا معاهدي ۾ کنيا ويا آهن،انهن جي راءِ اچڻ بعد قادري وٽ ان جو به ڪو جواز نه رهندو، ۽ انهن جي اها ئي راءِ اچڻي آهي جيڪا آئين ۾ موجود آهي. چوٿون نقطو آئين جي شق 62۽ 63 جو آهي،جيڪو اميدوار جي اهليت بابت آهي، اهو ڪم حڪومت کي نه پر اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، ان جي آئيني وضاحت اڳ ۾ ٿيل آهي، ان تي عمل ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، رهيو مسئلو چونڊ سڌارن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جو ته ان تي اڳ ۾ ئي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي  خاص ڪميٽي پنهنجيون سفارشون مڪمل ڪري چڪي آهي، اهي سفارشون اليڪشن ڪميشن وٽ ويل آهن، جن کي حتمي صورت ڏئي اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي پيش ڪندي، اهي سفارشون سپريم ڪورٽ جي چونڊ سڌارن بابت ڏنل فيصلي جي روشني ۾ تيار ڪيون ويون آهن، ، قادري پاران اسيمبلي ٽوڙڻ جي مطالبي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسيمبلي ٽوڙڻ جو جواز سرڪار اڳ ۾ ئي ان ڪري ختم ڪري ڇڏيو هو .آئين موجب جڏهن اسميبلين جا اجلاس هلندڙ هجن، يا سڏايا ويا هجن ته ان وقت اسيمبلي نٿي ٽوڙي سگهجي،

هن دفعي به سموري ڪاميابي صدر زرداري جي کاتي ۾ وئي آهي ته هن انتهائي اطمينان سان انهي سازش کي منهن ڏنو، جن ڌرين جمهوري نظام جي استحڪام لاءِ سازش ڪري جنهن ماڻهو کي لانگ مارچ جي صورت ۾ تيار ڪري اسلام آباد موڪليو هو، اهو پنهنجي ڪنهن به اهم مطالبي ۾ ڪامياب نه ويو ،خاص ڪري فوج ۽ عدليه جي نگران سيٽ اپ ۾ شموليت واري نقطي تي، ان ڪري موچي جا گهڙيا ته رڳو موچي جي مُنهن ۾ لڳا پر هڪ دفعو سموريون سياسي ڌريون هڪ پوائنٽ ايجنڊا تي گڏ ٿي ويون، اصل ۾ ان ۾ ڪمال حالتن جو به آهي ته هاڻي سوشل  ۽ ٻي ميڊيا ايتري طاقتور ٿي وئي آهي جو هڪ ته سازش کي پڌرو ٿيڻ ۾ دير نٿي لڳي ته ٻئي طرف جمهوريت مخالف ڌرين لاءِ پاڪستان ۾ جاءِ به سوڙهي ٿيندي ٿي وڃي

ٻيو فائدو هن کي اهو ٿيو آهي ته قادري ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجي پارٽي جي بحالي جو واضح اعلان ڪندو، ڇاڪاڻ ته حڪومت سان ٿيل معاهدي ۾ طاهرالقادري چيئرمين پاڪستان عوامي تحريڪ جي حيثيت ۾ صحيح ڪئي آهي، ان ڪري هو ايندڙ ڏينهن ۾ پنجاب ۾ نون ليگ لاءِ مٿي جو سور بڻجي اڀرندو، جڏهن ته عمران خان جي صورت ۾ اڳ ۾ هڪ هچا پنجاب ۾ نون ليگ جي ڪنڌ ۾ آهي،  ان ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ پنجاب اندر مسلم ليگ(ن) لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيندي نظر اچن ٿا

Email:razak.khatti.@mail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو