Home / افيئر / قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ 65 سالن کان جاري مٿڀيد ڪڏهن ختم ٿيندو؟
above article banner

قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ 65 سالن کان جاري مٿڀيد ڪڏهن ختم ٿيندو؟

عامر عباس سومرو

پاڪستان جي وجود کي 65 سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي. اسلام جهڙي روادار ۽ امن پسند مذهب جي نعري هيٺ ورتل هن ملڪ ۾ جناح جهڙي سيڪيولر سياستدان جي وفات کانپوءِ مذهب جو ويس پائي جيڪي هيڻين قومن سان ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن ان مان هڪ وڏي ويساهه گهاتي راندين جي مختلف ٽيمن ۾ لسانيت جي بنياد تي رانديگرن جي ڀرتي آهي. جنهن ۾ خاص ڪري ڪرڪيٽ نمايان آهي. 

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪراچي جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌي رانديگر شامل هئا. جن ۾ ذڪر جي قابل ڪراچي واسي جي ايس رامچند هو. سنڌي ڳالهائيندڙ گلاب راءِ سپاهي ملاڻي رام چند سنڌ طرفان ممبئي جي خلاف ميچن ۾ بهرو ورتو ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي، ورهاڱي کانپوءِ هو هتان لڏي ڀارت هليو ويو ته کيس انڊيا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڪئپٽن بڻايو ويو، هو پهريون ڪئپٽن هو جنهن جي اڳواڻي ۾ انڊيا جي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا کي ان جي پنهنجي ڌرتي تي پهرين شڪست ڏني. سنڌ جي گهٽي گهٽي ۽ هر اسڪول ۾ ڪرڪيٽ راند کيڏي وڃي ٿي، هزارين سنڌي رانديگرن ۾ ڪيئي بهترين رانديگر به آهن پر قومي سليڪٽرن کي بوري والا، پشاور، چار سده ۾ ته رانديگر نظر اچن ٿا پر سنڌ ۾ شايد انهن جي ديد جواب ٿي ڏئي وڃي. ڇو جو 65 سالن کان پاتل متڀيد جي عينڪ کي لاهڻ جي ڪوئي زحمت ئي نه ٿو ڪري. سنڌين سان جاري اهڙو متڀيد ۽ نفرت پرست رويو نيلسن منڊيلا جي ملڪ ڏکڻ آفريڪا جي ياد ٿو ڏياري جتي 80 جي ڏهاڪي تائين اتي حڪومت ڪندڙ اڇي رنگ وارن انگريزن تعصب، نفرت ۽ ظلم جو اظهار ڪندي اتان جي ڪاري چمڙي وارن تي قومي راندين ۾ شموليت تي پابندي هڻي ڇڏي هئي.

تڏهن سموري ڪرڪيٽ ٽيم ۾ فقط گورا انگريز هئا. تڏهن انساني حقن جي تنظيم ان نسلي متڀيد جو نوٽس ورتو ۽ سڄي دنيا مان ان ظلم خلاف صدائون بلند ٿيون. ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم کي احتجاجي خط لکيا ويا. قراردادون پاس ڪيون ويون ته وري ڪن ملڪن ڏکڻ آفريڪا جي قومي ٽيم جو بائيڪاٽ ڪيو. نتيجي طور ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم نسلي بنياد تي ٺهيل ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم جي کيڏڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. اڄ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ۾ هر نسل جا رانديگر آهن ۽ ان جو دنيا ۾ تمام سٺو مقام آهي.

پاڪستان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن ٻين ملڪن جي ٽيمن جي رانديگرن جو جائزو ورتو وڃي ته انهن ۾ مختلف نسلن جا رانديگر نظر ايندا. ڪيئي ملڪن ۾ ته پاڪستان ڄاوا اهڙا رانديگر آهن جن جا پيءُ ۽ ماءُ پاڪستان ۾ ڄاوا هوندا.

65 سالن کان سنڌ جو ٽيلينٽ ڏاڍي بي دردي سان ضايع پيو ٿئي جنهن کي سنڌي تمام بي وسي سان ڏسي رهيا آهن پر ان نا انصافي تي نه ڪو سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ نه ئي ڪنهن انسان دوست اڳواڻ آواز بلند ڪيو آهي ٻيو ته ٺهيو هتي ڪم ڪندڙ اڻ ڳڻين انساني حقن جي تنظيمن به ڪڏهن آواز ناهي اٿاريو ڇو جو انهن تنظيمن جي قول ۽ فعل ۾ زمين آسمان جيترو فرق آهي. جتي فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب جهڙن بنگالين ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ناانصافين تي پنهنجو قلم نه کنيو اتي انهن تنظيمن کان ڪهڙي اميد رکجي جن جا عهديدار پگهار دار ۽ اسٽيبلشمينٽ جا هم خيال آهن.

سنڌي ڳالهائيندڙ پير آفتاب شاهه جيلاني ۽ اعجاز جکراڻي راندين جا وزير بڻيا تڏهن ڪجهه اميد ٿي ته گهڻا نه پر شايد هڪ ٻه ٽيلينٽيڊ سنڌي ڳالهائيندڙ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ جاءِ والاريندا پر اهو به هڪ خواب ئي رهيو. ڪرڪيٽ ٽيم ۾ 17 يا 18 گريڊ جي نوڪري اها به پڪي نوڪري هجي ها جيڪا رٽائر مينٽ تائين هلندي آهي ته پو ءِ پڪ سان هو پنهنجي ڪنهن مائٽ کي ڀرتي ڪن ها ۽ ڪجهه سنڌي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو بڻجن ها پر جيئن ته هتي ڪو اهڙو مامرو نه هو تنهن ڪري هنن ٻنهي ان ڳالهه ۾ دلچسپي وٺڻ جي زحمت ئي نه ڪئي ۽ اهڙي طرح ٻه شاندار موقعا هٿ مان نڪري ويا.

اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ان مسئلي تي پاڪستان ۾ ڪوئي به آواز نه اٿاريندو ڇو ته آواز اهو اٿاريندو آهي جنهن سان ناانصافي ٿيندي آهي ۽ جيستائين ناانصافي جو شڪار چپ رهندا تيستائين ساڻن اها ناانصافي ٿيندي رهندي. تنهن ڪري ڪنهن معجزي يا غيبي امداد جو آسرو رکڻ بجاءِ سنڌين کي پاڻ منظم ۽ هڪ آواز ٿي تحرڪ وٺڻو پوندو ۽ دنيا کي پاڻ سان ٿيل ان ڏاڍ بابت آگاهي ڏيڻ سان گڏ ڪرڪيٽ جي عالمي تنظيم کي ثبوتن سان ٻڌائي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻو پوندو ته پاڪستان جي ٽيم ۾ سالن کان نسلي متڀيد جي نظرئي تحت سنڌي، سرائڪي ۽ بلوچن لاءِ بلڪل به جڳهه ناهي. کين اهو ٻڌائڻو پوندو ته جوا، بال ٽيمپرنگ ڪندڙ ٽيم ان کان به وڏو ڏوهه ڪري ٿي جنهن جو نالو نسلي متڀيد آهي. مسلسل هڪ آواز ٿي ۽ اڻٿڪ جدوجهد سان سنڌي پڪ سان دنيا جو ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا ۽ اهو وقت ضرور ايندو جڏهن ڪرڪيٽ جا ڪرتا ڌرتا پنهنجي ان مڪروهه فعل کان توبهه تائب ٿي دنيا آڏو هار مڃيندي نيٺ گوڏا کوڙيندا ۽ سالن کان هلندڙ اهو منفي رويو آخر ڪار هميشه لاءِ ختم ٿيندو. 

سنڌي ڳالهائيندڙ تعليم يافته دانشورن، اديبن ۽ نوجوانن کي ان لاءِ اڳتي اچڻو پوندو، انفرادي ۽ مجموعي طور انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل کي خط ۽ اي ميلن ذريعي ايڊريسن تي رابطو ڪري کين آگاهي ڏني وڃي.

International Criket Council 

Street 69, Dubai Sports City

Shaikh Muhammad Bin Zayaed Road Dubai, UAE

Email. enquiry@icc-cricket.com

ان قومي ڪم ۾ هر سنڌي کي حصو وٺي پنهنجو قومي فرض ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن وڌ ۾ وڌ احتجاجي اي ميل ۽ خط آءِ سي سي کي پهچي سگهن. اميد ڪجي ته ساڃاهه وند سنڌي لکن جي تعداد ۾ اهڙيون اي ميلز لاڳاپيل عالمي فورم کي موڪيلندا؟

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو