Home / افيئر / لاڙ جو درد …….!
above article banner

لاڙ جو درد …….!

رام اوڏ
اڄ لاڙ جي ڪلراٺي پڌر تي زندگي رقص جو عڪس نه ٿي سگهي آهي. سمنڊ جي تکين تيز هوائن ۾ اُداسي ڦهليل آهي، منظر ۾ بُک ۽ بدحالي آهي، اکين ۾ اُداس پاڇن جو اولڙو لاڙ جي مُک تي آهي. لاڙ گذريل ڪافي سالن کان سيلاب سٽيل رهيو آهي. ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري مال مويشي ۽ زراعت تباهه ٿي آهي، جنهن ماڻهن جي زندگي تي وڏو اثر ڇڏيو آهي ۽ وقت به وقت اهڙين آفتن جي صورت ۾ هتي جو ماڻهو غربت ۾ وڪوڙيل رهيو آهي. سو ڪهڙي ۽ ٻوڏ جي دامن ۾ لُٽندڙ لاڙ وٽ زندگي شيخ اياز جي انهن سِٽن جھڙي آهي:
لاڙي وينگس،
ڇَڄَ ڇڙي ٿي.
اَنَ- ڪَڻن تي اُڏري آيل
ڪانوَ تڙي ٿي.
هن جا ٽيئي ٻار بُکايل،
ڌيءَ رڙي ٿي!
ترقي جي نالي ۾ وڏا پراجيڪٽ ڪنهن جي کيسي ۾ کپي ويا، اِها ميار لاڙي ڪنهن کي ڏين، بس ڳالهه هي آهي ته هنن جي زندگي ۾ تِر جيتري تبديلي ناهي آئي. لاڙ جي هن ڀونءِ تي جتي ڪلر آهي، ته ڪلراٺا سياسي ذهن به آهن، جتي ترقي بس انهن سياسي پنڊتن جي ذاتي ملڪيت ٿي آهي. سمنڊ کي سيراندي جيان رکي سمهندڙ ملاح، جن جو گذر مڇي تي آهي. ماهيگيرن جي پروفيشن کي حڪومت باقائده سائنسي طريقي سان قدم نه کڻي سگھي آهي. ملاحن کي سهولتون ناهن ۽ نه ئي منظم ڪو طريقي ڪار آهي. جو هن صنعت کي هٿي وٺرائي سگھجي. مڇي جي شڪار لاءِ ڪو ادارو به جُڙي جو ، ماهيگرن کي مناسب معاوضو، ڪم ۽ حالتن کان آغا ڪري . ڀڳڙن جي مُٺِ تي وڪرو ٿيندڙ مڇي ، ماهيگيرن جي زندگي ۾ نواڻ نه آهي سگھي آهي. فشريز ڊپارٽمينٽ جا ڪي خاطر خواهه ڪم هتي نظر نٿا اچن. زندگي جي ريگزار پيچرن جو راهي هڪ خير محمد ملاح به آهي، جيڪو رات لڙي ويل سمنڊ جي سيني ۾ رَڇ کڻي ڪاهي پوي ٿو ۽ ڏينهن هفتن ۾ واپس وري ٿو. هُو چوي ٿو ته بس زندگي مان مايوس ناهيان، گذر سفر ڪرڻو آهي ۽ جيئڻو آهي. هوڙن ۽ رَڇ تي منهنجي زندگي جو جياپو منحصر آهي. هو جهونگاري ٿو:
اسين ماڻهو لاڙ جا،
دريا جي پاڇاڙ جا،
اُترڙو ٿو لڳي……….!
لاڙ ۾ سڄو سال سوڪهڙو ۽ پوءِ وري مينهوگي جي هن مند ۾ پاڻي هتي اچي ڇوڙ ڪري ٿو. ايل بي او ڊي جا ٽُٽل ۽ ڪمزور ڪنارا گھر ماڻهو ٻوڙيو ڇڏين. سامونڊي آبهوا سبب هتي خطرناڪ چمڙي جون بيماريون آهن. هڪ غربت جي انتها ۽ ٻيو بيماريون، ماڻهو جو جيئڻ جھنم آهي. آبادگارن جي اڪثريت ان راءِ جي آهي ته هتي فصل جھڙوڪ سارين، وونئڻ وغيره ۾ مرض گھڻو آهي. جي فصل بچائڻو آهي ته ان لاءِ دوائن ۽ ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال تمام ضروري آهي، ٻي صورت ۾ سڄي محنت مرض جي ور چڙهيو وڃي. اين جي اوز جي هتي هن علائقي جي غريب ماڻهو کي ڪيش ڪرائي، جيڪي ٺَٺ ڪيا آهن، جيڪي بئنڪ اڪائونٽ ڀريا آهن، تنهن جو اندازو لڳائي ماڻهو جو مٿو ڦري ويندو. وقت جا وڏا “نظرياتي’’ اڄ اين جي اوز ۾ پناهه گير آهن مال تي ڌمال هڻي رهيا آهن. تعليم ۽ صحت جي حوالي سان سڄو علائقو يتيم بڻيل آهي، پوري ساحلي پٽي ۾ اسڪول بس ڪٿي هڪ اڌ ملندو، اُتي به اُستاد نه هوندو. هن پوري علائقي ۾ اسڪول ۽ اسپتالن جو نيٽ ورڪ هجي ها، پر اِها ڪنهن به حڪومت جي ترجيح نه هُئي، ۽ نه ئي آهي. لاڙ پاڪستان ۾ وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گئس پيدا ڪندڙ علائقو آهي. هتي نه ته ڪو ڪو اهڙو ادارو جُڙي سگھيو آهي. ، جيڪو آئل ريفائن ڪري. ٻاهريون ڪمپنيون وسيلا کوٽي کڻي وڃن ٿيون. ۽ هن سڄي پيداوار جو کٽيو کائن ٿيون پر مقامي ماڻهو مڪمل طور نظرانداز آهن، هن معيشت جو لاڀ کيس نٿو ملي. لاڙ جا قدرتي معاشي وسيلا لاڙ جي ترقي لاءِ استعمال نٿا ٿين، جيڪڏهن لاڙ جي پيداوار لاڙ تي استعمال ڪجي ته ڪجهه سالن ۾ وڏي ترقي ٿي سگھي ٿي. قدرتي وسيلن مان مالا مال هي لاڙ، ننڌڻڪو ئي آهي. سمنڊ جي ڀر ۾ آباد ڳوٺ ڪُنڊڙي جو احمد ملاح جو چوڻ آهي ته اسان جي گذر جو واحد وسيلو جهينگا مارڻ ۽ ڪوئلو ٺاهي وڪڻڻ آهي. ڳوٺ جي 70 گھرن جي آبادي ۾ هڪ مئٽرڪ پاس ۽ 5 ڄڻا 5 ڪلاس پاس آهن. اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول، ڊسپنسري، بجلي وغيره جي ڪابه سهوليت ناهي. بيماري جي صورت ۾ سيراڻي، ٻهڊمي يا ڪڍڻ جا ڪشالا ڪڍڻا پون ٿا.
لاڙ جي لاهيارن ۽ لابارن ۾ اُها ماضي جي موج ناهي رهي . اڄ هتي زندگي ڏک سان ڀريل آهي مايوسي ۽ محڪومي جي رِڻ ۾ ليئا پائيندڙ اکڙيون استحصال ۽ ڦُرلٽ سامهون مزاحمتي محاذ بڻجي سراپا احتجاج نه ٿي سگھيون آهن
Oad.ram@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو