Home / افيئر / لاڙ ۾ سارين جي آبادگارن سان حڪومت ۽ واپارين جا ڪلور!
above article banner

لاڙ ۾ سارين جي آبادگارن سان حڪومت ۽ واپارين جا ڪلور!

الهه بچايو جمالي
لاڙ ۾ هن سال سيپٽمبر مهيني جي شروعات سان ئي سارين جي آڳاٽي فصل ۾ لابارا شروع ٿي ويا آهن معمول موجب سارين جو فصل مارڪيٽ ۾ پهچڻ شرط واپارين ۽ ڪارخانيدارن جي ٻيگهي مچي ويئي آهي. اهي پنهنجي مرضي جا اگهه مقرر ڪري مسڪين آبادگارن جي کل لاهڻ لڳا آهن. بدين ضلعي ۾ هي سٽون لکڻ تائين سارين جو اگهه 900 روپيا في مڻ کان وڌي نه سگهيو آهي. هونئن به هتي لاڙ ۾ تازين سارين جو اگهه اڪثر هڪ هزار روپيه في مڻ کان هرگز وڌي نه سگهندو آهي. جڏهن ته موٽ ۾ اهي ساڳيا آبادگار ۽ هاري جڏهن انهن ساڳن واپارين کان سندن اهي ڏنل چانور ۽ ڳاڙهن چانورن جو اٽو خريد ڪن ٿا ته کين اهو اناج ٻيڻني اگهن تي ملي ٿو. حڪومت طرفان ڪڻڪ جيئان سارين ۽ چانورن جو ڪو به اگهه مقرر نه ٿو ٿئي. جيڪڏهن ڪنهن سال سنڌ حڪومت ڀلجي سارين جو اگهه مقرر ڪري ٿي ته واپاري ۽ ڪارخانيدار حڪومت جي اهڙن اعلانن تي ڪو به عمل نٿا ڪن ۽ واپارين جي هر سال هڪ هٽي جاري رهي ٿي. ڪو به کين پڇڻ وارو ناهي. لاڙ ۾ هن وقت خاص طور تي اڇا چانور ايري 6، ڏوڪري جا ڳاڙها چانور ۽ ڪي ايس 50282 وغيره جون جنسون پوکيون وڃن ٿيون جيڪي سارين جا ٻج واپاري آبادگارن کي ڳاٽي ٽوڙ اگهن تي وڪڻن ٿا. انهن ٻجن ۾ به سنڌ ۾ نقلي ٻجن جو آزار تمام گهڻو وڌيل آهي سارين جي انهن ٻجن ۾ هڪ ڪمپني هائيبرڊ جي سارين جي ٻج جي پنج ڪلو گرام جي هڪ ٿيلهي جي قميت ٻه هزار کان 2500 سئو آهي، جڏهن ته سارين جو ٻج وڪرو ڪندڙ هڪ ٻي ڪمپني پائينر جي ٻج جي 5 ڪلو گرام واري ٿيلهي چار هزار روپين ۾ وڪرو ٿئي ٿي. سارين جي هڪ ايڪڙ جي پوکائي ۾ يوريا ڀاڻ جون چار ٻوريون ۽ ڊي اي پي جون هڪ کان ٻه ٻوريون استعمال ٿيون ٿيون. هن وقت يوريا ڀاڻ جي هڪ ٻوري جي قيمت ٻه هزار ۽ ڊي اي پي جي هڪ ٻوري جي قيمت چار هزار روپيا آهي موجوده اگهه ڏسي، کيڙي تي آيل لاڳت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هائيبرڊ ڪمپني سارين جي ٻج جي في ايڪڙ 70 کان 80 مڻ پيدوار لهڻ جي دعويٰ ڪري ٿي پر بدين ضلعي ۾ ان انتهائي مهانگي ٻج جي مجموعي اپت 50 مڻ في ايڪڙ کان هرگز وڌيڪ ناهي. ان جو هڪ سبب لاڙ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، نقلي ٻج، نقلي ڀاڻ ۽ نقلي جيت مار دوائون آهن. مهانگو ٻج وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي دعويٰ آهي ته انهن جي ٻج کي ڪو به مرض نه لڳندو، پر هن سال لاڙ ۾ سارين جي فصل کي لڳل گدر جي مرض قهر ڪري ڇڏيا. وڏي اگهه تي ورتل ڦوهاري واريون نقلي دوائون بي اثر ثابت ٿيون ۽ ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. اهڙين حالتن کي منهن ڏيئي وڏي محنت ۽ لاڳت سان ساريالي جو فصل پوکي غريب آبادگار ۽ هاري سارين جا جيڪي بچيل داڻا جڏهن دڪانن تي کڻي اچن ٿا تڏهن واپاري ساڻن ڪاسائڪي ڪار ڪن ٿا ۽ حڪومت تماشائي بڻيل آهي. ڪڍڻ شهر جو سماجي اڳواڻ ۽ آبادگار ڪفايت سنڌي جيڪو پاڻ پڻ ٻج ۽ ڀاڻ جو واپاري آهي. “ افيئر” سان ڳالهائيندي چوي ٿو ته واپاري وڏا بي رحم آهن. اهي سڄو سال آبادگارن جو رت چوسين ٿا، جنهن جو ڪارڻ حڪومت جي بدانتظامي ۽ زراعت بابت ڪا به پاليسي نه هجڻ ۽ قانون شڪني آهي.
هو چوي ٿو ته هن ملڪ ۾ ڪو به قانون هجي ته آبادگارن سان هر سال اهڙي ويڌن هرگز نه ٿئي . هن اهو پڻ ٻڌايو ته لاڙ سميت سنڌ ۾ سارين ۽ ڦٽين جا اڪثر واپاري ۽ ڪارخانيدار، سنڌ جا قديم ڀائي لوڪ واڻيا آهن. جيڪي ايڏا ته گبر واپاري آهن جو هڪ طرف اهي اٽڪل سڀني زرعي جنسن جا واپاري آهن. سنڌ ۾ اڪثر رائيس ملون ۽ فيڪٽريون به انهن جون آهن. ڪيميائي ڀاڻ جا ڊيلر به اهي ئي آهن. زرعي جنسن جا ٻج پڻ اهي ئي سنڌ ۾ وڪرو ڪن ٿا. اهي جيڪي سيٺ وڏا بااثر آهن، سنڌ جا جاگيردار وڏيرا سياستدان جيڪي سندن قرضي آهن ۽ ڪن سردارن ۽ وڏيرن کي اهي ڀتو پڻ ڏيندا آهن جنهن ڪري اهي سياستدان موٽ ۾ سندن ناجائز ڪاروبار جو تحفظ ڪن ٿا ۽ وچ ۾ سنڌ جا آبادگار پيڙجي رهيا آهن.
اهي واپاري نه فقط ساريون پنهنجي مرضي واري گهٽ اگهه تي مجبور آبادگارن کان خريد ڪن ٿا پر اوهان جو ساريون آليون آهن، مٽي ۽ ڪچرو گهڻو آهي، جهڙن من گهڙت بهانن سان سارين جي هڪ مڻ تي ڪڻتي جي ڪٽوتي پڻ ڪن ٿا. اهڙي طرح سان اهي ٻنهي هٿن سان آبادگارن کي ڦري رهيا آهن. اڳ سنڌ ۾ سارين جا کرا ڍڳن ڀٽارن سان ڳاهي بعد ۾ ان جا انبار ۽ کوڙ ٺاهيا ويندا هئا. ڪجهه آبادگار ۽ هاري پنهنجي ان جا اهي کوڙ مٽي سان راڳي ڇڏيندا هئا. بعد ۾ ضرورت آهر ان جي انهن کوڙين مان ساريون کاڌي ۽ وڪرو ڪرڻ لاءِ ڪڍي بعد ۾ وري کوڙيون ان مٿان پلال ڏيئي اهڙي ڪاريگري سان راڳي ڇڏيندا هئا جو سانوڻي جي تيز برساتن ۾ به سندس ساريون برساتي پاڻي ۾ پسڻ ۽ ضايع ٿيڻ کان بچي وينديون هيون. هاڻي ته سڄي سنڌ ۾ سارين، ڪڻڪ ۽ سورج مکي وغيره جي ڳاهڻ لاءِ ٿريشر هر هنڌ موجود آهن جن مان تمام ٿوري وقت ۾ ان صاف ٿي نڪرندو آهي، ٿريشر کانسواءِ سارين جوڳاهه کرن ۾ پيل ول مٿان ٽريڪٽر ڦيرائڻ سان ٿئي ٿو. جديد مشينري جي استعمال سان ساريون صاف نڪرن ٿيون ان جي باوجود منافعي خور واپاري سارين جي هڪ مڻ تي ٽي کان چار ڪلو گرام ناجائز ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، جيڪا آبادگارن سان وڏو نا انصافي آهي. ٻوڏن ۾ لاڙ جا ٻه ضلعا بدين ۽ ٺٽو تمام گهڻا متاثر ٿيندا آهن جنهن ۾ سندن زرعي فصل ته سئو سيڪڙو متاثر ٿيندا آهن پر سندن چوپايو مال هزارن جي تعدا ۾ مريو وڃي ۽ اهي لکن جي تعداد ۾ بي گهر ٿي دربدر ٿيڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ٻئي طرف سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ آبپاشي کاتي جي نااهلي ۽ بدعنواني سڌي طرح سان نشانو لاڙ بڻجي ٿو جتي ڀيانڪ سوڪهڙي ۾ سندن اربين روپين جي ماليت جا زرعي فيصل ناس ٿيو وڃن ۽ خريف توڻي ربيع جي مند ۾ لاڙ جي لکين ايڪڙ زمين واهن جو پاڻي نه پهچڻ ڪري غير آباد رهي ٿي. اڄ تائين لاڙ جي اٽڪل 80 سيڪڙو معيشت جو مدار فقط زاراعت تي آهي. ساڳي حالت اٽڪل سڄي ڳوٺاڻي سنڌ جي آهي. حڪومت جي آبپاشي دشمني سبب اڳوڻي زرخير سنڌ جي زراعت سڪرات ۾ اچي آهي. سنڌ جي شوگر انڊسٽري جو ڏيوالو نڪري ويو آهي. زرعي جنس جي اگهن جو اجهو اهو مٿيون حال آهي. هن ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي سياست اڄ ڏينهن تائين جاگيردار وڏيرن وٽ آهي ۽ سنڌ جو عوام شهيد ڀٽن جي پيپلز پارٽي کي پنهنجو قيمتي ووٽ هر اليڪشن ۾ ڏئي ٿو ۽ سنڌ جا اٽڪل سمورا جاگيردار وڏيرا مير ۽ پير سنڌي عوام کان ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي پ پ جي ٽڪيٽ حاصل ڪري چونڊون کٽي حڪومت حاصل ڪري وڃي اسيمبلين ۾ ننڊون ڪن ٿا. پويان هر سال سڄي سنڌ يا ته ٻوڏن ۾ ٻڏي يا سڪي تباهه ٿي وڃي پر جاگيردار وڏيرا سياستدان پنهنجي بنگلن ۾ آرامي هوندا آهن. هن ڏس ۾ اها ڳالهه به ڪيڏي نه ڌيان طلب آهي ته سنڌ ۾ زراعت جي تباهي سان انهن جاگيردارن وڏيرن کي پڻ وڏو معاشي نقصان پهچي ٿو پر ان جي باوجود اهي سنڌ جي زراعت کي بچائڻ ۽ ان کي ترقي وٺائڻ لاءِ ڪو به ڪردار ادا نٿا ڪن. ان جو ڪارڻ نااهلي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.
اڄ به لاڙ ساريالي جو پرڳڻو آهي ۽ ساريون ئي لاڙ واسين جي جياپي جو مک ذريعو آهن. بدين ۽ ٺٽي جي ٻنهي ضلعن جو مک زرعي فصل ساريالو آهي، جڏهن ته اڳوڻي قديم دور ۾ لاڙ جا چانور سڄي دنيا ۾ مشهور هئا. اهي چانور لاڙ ۾ ايڏي ته وڏي مقدار ۾ هر سال پيدا ٿيندا هئا. جيڪي سنڌ ۽ هند کانسواءِ ڏيساور ڏانهن وچ اوڀر ۽ ڏوراوڀر جي ملڪن ڏانهن پڻ ايڪسپورٽ ٿيند اهئا. جنهن مان سنڌ کي وڏو معاشي فائدو ٿيندو هو. قديم زماني ۾ خوشبو واران چانورن جون جيڪي جنسون پيدا ٿينديون هيون انهن ۾ رتڙيا، موتيا، سڳداسي، جيري شاهي، ٽمڻا، ڪنڳڻي وغيره شامل هئا. جڏهن ته ويجهي ماضي ۾ کورواهي ۽ کارائي چانورن جي سواد ۽ لذت جا پنڌ پڻ پري هئا. جيڪي مٿي ڄاڻايل چانورن جون جنسون هن وقت سنڌ ۾ ناياب آهن. قديم زماني وارين سارين جي جنسن موتيا ۽ رتڙيا لاڙ کانسواءِ ڪڇ رياست ۾ پر هر سال لکين مڻ پيدا ٿيندا هئا. ڪڇ ۾ اهي چانور قديم درياهه پراڻ جي ڪل بندر وٽان نڪرندڙ ڪوري ندي جي مٺي پاسي تي پيدا ٿيندا هئا. جنهن ڪوري ندي کي سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ جي راجا سان ڪاوڙجي 1762ع ڌاري رحمڪي بازار جي ويجهو الهه بند ٻڌائي بند ڪري ڇڏيو هو ، جنهن ڪري ڪڇ رياست ۾ ڪربلا برپا ٿي ويئي جيڪا اڃا تائين جاري آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته انهن ڳاڙهن خوشبور وارن چانورن لاءِ لاڙ جي وڏي ڄمار وارن ماڻهن سان گڏ جهونڙا ڪڇي يا ٻاواپڻ هنجون هارين ٿا. سنڌ جي موجوده جنسن وارن چانورن ۾ پڻ ايري 6 جا اڃا چانور هر سال لکين مڻ ايڪسپورٽ ٿين ٿا پر هن ملڪ جي ايڪسپورٽ وارو کاتو ايڏو ته بدعنوان ۽ ناڪاره آهي جو رائس ملن وارا پڻ هر وقت انهن جون شڪايتون ڪن ٿا.
سنڌ جا چانور هن وقت پڻ ايڪسپورٽ ٿين ٿا، هن وقت ملڪ ۾ خوشبور وارا باسمتي چانور فقط ڏاکڻي پنجاب صوبي ۾ پيدا ٿين ٿا، جن جي پرڏيهه سميت هن ملڪ ۾ وڏي مارڪيٽ آهي باسمتي چانور گهٽ مقدار ۾ پيدا ٿيڻ ڪري انهن جو وڏو انگ آهي سٺي معيار وارا پنجاب جا ڪرنل باسمتي چانور 100 روپين ۾ هڪ ڪلو گرام به نٿا ملن جنهن ڪري غريب ۽ وچولي طبقي جو ڪو به ماڻهو باسمتي چانور کائڻ لاءِ سوچي به نٿو سگهي. اهي مهانگا باسمتي چانور لاڙ ۾ پڻ وڏي مقدار ۾ پيدا ٿي سگهن ٿا پر شرط اهو آهي ته حڪومت آبادگارن کي سهولتون ۽ وسيلا فراهم ڪري ان جي سرپرستي ڪري ڇاڪاڻ ته باسمتي جهڙن خوشبو وارن چانورن تي گدر جي مرض جو هڪدم حملو ٿئي ٿو ۽ جيت مار دوائون نقلي هئڻ ڪري سمورو فصل تباهه ٿي وڃي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته باسمتي چانور لاڙ ۾ نٿا پوکيا وڃن. جڏهن ته لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ضلعن ۾ گهٽ مقدار ۾ اهي چانور پوکيا وڃن ٿا ڇو ته اهي گدر جي مرض ۾ تباهه ٿيو وڃن ۽ سنڌ حڪومت آباگارن جي ڪا به واهرنه ٿي ڪري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو